اروڙ جو ڪوٽ

اروڙ جو ڪوٽ

اگھم ڪوٽ جا آثار

اگھم ڪوٽ جا آثار

امر ڪوٽ

امر ڪوٽ

برهمڻ آباد قلعو

برهمڻ آباد قلعو

بکر قلعي جو هڪ منظر

بکر قلعي جو هڪ منظر

بهم ڪوٽ. بهم جو ڀڙو

بهم ڪوٽ. بهم جو ڀڙو

ڀنڀور جو قلعو

ڀنڀور جو قلعو

پڪو قلعو حيدرآباد

پڪو قلعو حيدرآباد

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

جبو ڪوٽ

جبو ڪوٽ

جھم ڪوٽ

جھم ڪوٽ

چاڪر ڪوٽ

چاڪر ڪوٽ

چنڙو ڪوٽ

چنڙو ڪوٽ

دليل ڪوٽ، دليل ديرو

دليل ڪوٽ، دليل ديرو

ڊگھ بالا جو ڪوٽ

ڊگھ بالا جو ڪوٽ

راڻو ڪوٽ

راڻو ڪوٽ

رتو ڪوٽ

رتو ڪوٽ

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

سرڻي ڪوٽ

سرڻي ڪوٽ

سيوهڻ وارو قلعو، ڪوٽ

سيوهڻ وارو قلعو، ڪوٽ

غلام شاهه جي مقبري وارو ڪوٽ

غلام شاهه جي مقبري وارو ڪوٽ

ڪارو ڪوٽ

ڪارو ڪوٽ

ڪوٽڏيجي قلعو

ڪوٽڏيجي قلعو

کاري ڪوٽ

کاري ڪوٽ

گلا ڪوٽ، ڪلهوڙا ڪوٽ

گلا ڪوٽ، ڪلهوڙا ڪوٽ

لاهري بندر، جاڪي بندر وارو ڪوٽ (چارٽ)

لاهري بندر، جاڪي بندر وارو ڪوٽ (چارٽ)

لوڻي ڪوٽ

لوڻي ڪوٽ

لوڻي ڪوٽ ديوار

لوڻي ڪوٽ ديوار

منهوڙو ڪوٽ (چارٽ)

منهوڙو ڪوٽ (چارٽ)

نند ڪوٽ

نند ڪوٽ

نئون ڪوٽ

نئون ڪوٽ

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا 1

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا: جنگي فن، حرفت ۽ قلعبندي هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا، ان ڪري جنگي نقطہ نظر کان پراڻي دور ۾ بہ قلعبندي ۽ ڪوٽ هڪ طاقتور حڪومت لاءِ تمام ضروري سمجهيا ويندا هئا، ڇو جو ڪوٽ ئي ڪنهن حاڪم جي جاھہ و جلال ۽ طاقت جا پيمانا هوندا هئا.
سنڌ ۾ موجود اڳئين زماني جا ڪوٽ رڳو بيجان عمارتون نہ آهن، پر اهي پنھنجي دور جون زندھہ تاريخون آهن. ڪوٽن جي فوجي اهميت کانسواءِ بہ انهن ڪوٽن اندر اڏيل شھر ۽ سھڻا محل عمارتسازيءَ جا جيئرا جاڳندا شاهڪار آهن. ان ڪري ڪنهن بہ دور ۽ بادشاھہ جو عروج، زوال ۽ سندن صحيح تاريخ لکڻ لاءِ ڪوٽن جي تاريخي ۽ جاگرافيائي اهميت جاچڻ ضروري آهي. (وڌيڪ ڏسندا: ’ڪوٽ ۽ قلعا‘، ايندڙ جلد) هتي سنڌ ۾ موجود مشھور ڪوٽن ۽ قلعن جو الف ب وار جائزو پيش ڪجي ٿو:
اروڙ جو ڪوٽ: تاريخ جي مختلف دورن ۾ اروڙ کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آهي. شايد سنڌ ۾ هي واحد شھر آهي، جيڪو ايترن گهڻن نالن سان پڪاريو ويو آهي. دنيا جي مختلف محققن اروڙ کي جدا جدا نالن سان سڏيو آهي، جيئن مسعوديءَ هن کي الرور، ابن خردا ذبھ هن کي الدور، اشڪا البلاد هن کي الدور ۽ الدود، گائيلڊ ميٽر هن کي ابن حوقل جي حوالي سان رور ۽ الروز، الاطلاع هن کي الرور سڏيو آهي. ليفٽيننٽ ماڻڪ لاگن جو بيان آهي تہ هن شھر کي اروز بہ سڏيندا هئا.سنڌ جي هن پراڻي تختگاھہ جا آثار، سکر ضلعي ۾ تعلقي روهڙيءَ جي اتر آهن، جن جي بيهڪ 68.56 اوڀر ۽ 27.40 اتر آهي. هي کنڊر هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ جي اڀرندي ڇيڙي تي روهڙيءَ کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهن.
اروڙ ڪوٽ جي بناوت: هن ڪوٽ ۽ شھر جي کنڊرن کي ويتر ويران ڪرڻ ۾ مقامي ماڻهن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هي کنڊر ڏسي اروڙ جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. موجودہ کنڊرن ۾ هن وقت وڌيڪ متاثر ڪندڙ ٽٽل ڦٽل گهر، عوامي عمارتون، مسجدون، مقبرا، تحقيق طلب آهن. خاص ڪري اروڙ جو ڪوٽ، وڌيڪ ڌيان طلب آهي، ڇو جو اڄ تائين ڪنهن بہ محقق ان ڪوٽ جي جاگرافيائي، تاريخي، دفاعي ۽ رهائشي اهميت کي اجاگر نہ ڪيو آهي.
اروڙ جو ڪوٽ اڏڻ مھل ان ڳالھہ جو بہ خيال رکيو ويو هو تہ جيئن ٽڪريءَ جي ساخت کي مهارت سان ڪم آڻي سگهجي. ڪوٽ اڏيندڙ ڪاريگرن، جتان بہ ٽڪريءَ کي مناسب ۽ استعمال لائق سمجهيو آهي، ان کي ڪوٽ اندر ڪتب آندو آهي، ان ڪري ڪوٽ جي ڊزائين بہ ٽڪريءَ جي ساخت کي ڏسي مقرر ڪئي وئي آهي. رچرڊ برٽن بہ اهڙي ڳالھہ طرف اشارو ڪيو آهي ”قلعو جوڙجڪ ۾ بي ڊولو ۽ بيضوي شڪل تي آهي، جنهن جو قطر 150 وال کن ٿيندو. اوڀارين چوٽيءَ تي، قلعي جي مضبوط ڀت جا ٻہ حصا آهن: هڪ مٿي اوچو آهي، ٻيو وقت گذرڻ ڪري ڳري ختم ٿي ويو آهي. ظاهر ائين ٿو ٿئي تہ ڄڻ اهو قلعي جو مکيہ ڦاٽڪ آهي.“
اروڙ جي ڪوٽ جي ڊزائين ۽ ديوارن جي بناوت جي باري ۾ ڊاڪٽر مستور بخاري پنھنجي رپورٽ ۾ لکي ٿي تہ: ”ڪوٽ جون ديوارون اڌ گول جيان آهن، جيڪي وڏين سرن سان جڙيل آهن.“
اروڙ جي ڪوٽ ۽ ٻين جاين م ڪچين، پڪين سرن سان گڏ ڪٿي ڪٿي پٿر بہ لڳل نظر اچي ٿو. اروڙ جي کنڊرن ۾ ڪتب آندل سرون، عرب دور کان اڳ ۽ بعد جي دور جون مليون آهن، جن ۾ مقامي پٿر، اڪثر جاين جي مضبوطيءَ واسطي هنيو ويو آهي، جنهن جو ذڪر بدر ابڙي بہ ڪيو آهي تہ ”اڏاوت ۾ پٿر جا بي ڊولا بلاڪ ۽ سرون گڏيل طور استعمال ٿيل آهن، اندازو آهي تہ اهو پٿر، پاڙن ۾ استعمال ٿيو هوندو، جيئن سنڌ جي اڪثر کنڊرن ۾ ڏٺو ويو آهي.“
اروڙ ۾ موجودہ وقت ڪوٽ اندر توڙي ان جي آسپاس باقي ڪجهہ جاين جا آثار رهيا آهن، جن ۾ مسجدون، مقبرا، گودام ۽ رهائشي جايون شامل آهن، جن ۾ خاص بحث لائق محمد بن قاسم واري مسجد آهي.
اگهم ڪوٽ: قديم ۽ تاريخي شھر اگهم ڪوٽ25 13 50 اتر ۽ 68 46 20اوڀر تي واقع آهي. هن جا کنڊر يا دڙا، حيدرآباد کان
39 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر، ماتلي تعلقي ۾ چمبڙ کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، چمبڙ- ٽنڊي غلام علي روڊ کان 3 فرلانگ اولھہ طرف ديھہ اگهاماڻي ۾ آهن. هي ڪوٽ ۽ شهر، درياھہ جي ويجهو هجڻ سبب، هن جا مکيہ ۽ واپاري مرڪز سامونڊي ۽ درياهي بندر ۽ اُتان جا پتڻ هوندا هئا.
اگهم ڪوٽ تي نالو: اگهم ڪوٽ جي نالي بابت چيو وڃي ٿو ته، راجا اگهم جي نالي پويان پيو آهي، جيڪو راءِ گهراڻي جي حاڪم
راءِ سهيرس پٽ راءِ ساهسيءَ جي دور ۾ سنڌ جي ڏاکڻي حصي ’لوهاڻي پرڳڻي‘ جو حاڪم هو ۽ سندس پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آباد هو. جيئن مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس.“
اگهم ڪوٽ جا کنڊر: اگهم ڪوٽ، ديھہ اگهاماڻي ۾ واقع آهي. هاڻي اتي اگهم ڪوٽ جا ڪي آثار نہ ٿا ملن. هن جي ڀرسان هڪ قديم ڳوٺ گلاب لغاري آباد آهي. موجودہ وقت اگهم ڪوٽ کي اگهاڻو چيو وڃي ٿو. اگهم ڪوٽ جا کنڊر 200 ايڪڙن ۾ ڦهليل هئا، جن مان وڏي حصي کي شھر پناھہ ڏنل هئي. ماڻهن آهستي آهستي هن قديم شھر جي کنڊرن جي کڻت ڪري، اتي پوکي راهي شروع ڪئي آهي. ان ڪري هي قديم آثار مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويا آهن. باقي بچيل آثار 65 ايڪڙن تي پکڙيل آهن.
اگهم ڪوٽ جي آثارن ۾ هن وقت سواءِ چند ٽٽل ڦٽل عمارتن جي باقي آثار ڪچي مٽيءَ جي دڙن جا ڍير لڳا پيا آهن. دڙن جي بلندي پنجن فوٽن کان وٺي چاليهن فوٽن تائين آهن. کنڊرات ۾ وڏيون عمارتون واضح آهن، پر ننڍيون قبرون بہ گهڻيون آهن. موجودہ وقت بہ هي مقامي ماڻهن جو قبرستان آهي، ان ڪري هتي تازيون قبرون بہ گهڻيون آهن.
کنڊرن جي وچ ۾ جامع مسجد ڀرسان هڪ ڦٽل کوھہ جا نشان پڻ آهن، جن جو قطر 3.6 فوٽ ٿيندو.
اگهم ڪوٽ جي موجودہ حالت: گلاب لغاري ڳوٺ کان هڪ پڪو روڊ، ڏيڍ ڪلوميٽر اڳتي اگهم ڪوٽ جي تاريخي کنڊرن ڀرسان اچي پڄي ٿو، جنهن بعد اتي مختلف مزارون ۽ مسجدون وغيرہ ڏسي سگهجن ٿيون. جھڙوڪ: مخدوم اسماعيل جي مزار، ڪوري فقير جي قبر، پاٽولين جو اوتارو، سير فقير جي قبر، ٽن قبن واري مسجد، جامع مسجد، پير حسين شاھہ جي چوڪنڊي وغيرہ وغيرہ.
اگهم ڪوٽ جي قلعي جا آثار: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اگهم ڪوٽ جا آثار 22 مارچ 1959ع ۾ ڏٺا هئا. هو لکي ٿو تہ ”قديم شھر ۽ ڪوٽ ٻين سڀني آثارن کان ڏکڻ طرف آهي. مخدوم صاحب جي درگاھہ کان ڏکڻ ۽ پراڻي پير واھہ کان ڏکڻ، ڪوٽ جي چئن برجن جا بنياد ظاهر، ڊيگهہ ۾ اولھہ- اوڀر ۽ ويڪر ۾ اتر ڏکڻ، قلعي سان لڳ، اوڀر طرف آثار گهڻا، پر سڀ زبون آهن.“
امام ڳڙھہ: امام ڳڙھہ 69 15 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 26 31ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، ضلعي خيرپورميرس، تعلقي ناري، ديھہ جبي ۾ واقع آهي. ديھہ جبو 99 ايڪڙ جيتري وسيع رقبي ۾ ڦهليل آهي. امام ڳڙھہ خيرپور شھر کان 160 ڪلو ميٽر ڏکڻ، اوڀر ۽ سانگهڙ شھر کان 60 ڪلوميٽر اتر- اوڀر ۾، ريگستان جي وچ ۾ آهي. امام ڳڙھہ کان 15 ڪلوميٽرن تي جيروڙي تڙ آهي، جتي ڳاها ذات جا ماڻهو آباد آهن. امام ڳڙھہ ۽ خاص ڪري اڇڙي ٿر جا سڀ ڪوٽ، ڀٽن جي وچ ۾ هيٺانهين واريءَ جوڙيا ويا آهن, اهو ان ڪري جو هن علائقي جي واري تمام پوري ۽ هلڪي آهي، جيڪا طوفان ۽ هوا ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانهن اڏامندي رهي ٿي. امام ڳڙھہ وارو علائقو اڇڙو ٿر، جاگرافيائي توڙي فوجي نقط نگاھہ کان تمام اهميت وارو آهي.
امام ڳڙھہ جو ڪچو ڪوٽ: امام ڳڙھہ کي ٻن ديوارن هڪ ڪچي ديوار ۽ ٻي پڪي ديوار جو ڪڙو ڏنل آهي. نبي بخش بلوچ ان ڪچي ڪوٽ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ ”راقم 27 ڊسمبر 1988ع تي وڃي ڏٺو ۽ ماپ ڪئي تہ ٻاهريون ڪچو ڪوٽ 350 فوٽ اتر ڏکڻ ۽ 300 فوٽ اولھہ- اوڀر“. ان ڪچي ڪوٽ ۽ پڪي ڪوٽ جي وچ ۾ ڪيتريون ئي جايون اناج جا گودام ۽ بارود خانا ٺهيل آهن. ساڳي وقت ڪچي ۽ پڪي ڪوٽ جي وچ واري ايراضيءَ ۾محافظن جي رهائش لاءِ پڻ ڪمرن جا آثار آهن. اشتياق انصاريءَ جي ماپن مطابق ان هم چورس ڪچي ڪوٽ جو هر پاسو 320 فوٽ بيهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ڪچي ڪوٽ جي ديوارن جي بنيادن وٽ ويڪر 6 فوٽ آهي.
امام ڳڙھہ جو پڪو ڪوٽ: موجودہ وقت امام ڳڙھہ جون اڏاوتون، ڳاڙهين سرن جي صورت ۾ نستيون لڳيون پيون آهن. هن شاهي ڪوٽ جي زميني سطح کان بلندي 40 فوٽ آهي. هي سڄو دڙو، پڪين سرن جي اڌڙن ۽ ٽوٽن سان سٿيو پيو آهي، اتي ڪنهن بہ ثابت سر جو ملڻ محال آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ حملي آور، انتقام جي باھہ م هن قلعي کي نيست و نابود ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آهي. ويتر مڪاني ماڻهن، باقي بچيل سرن کي پنھنجي ڪم ۾ آندو آهي.
امام ڳڙھہ جي ديوار: امام ڳڙھہ کي چوڦير 40 فوٽ بلند ديوار ڏنل هئي، جنهن جون موجودہ وقت ماپون ڪجن ٿيون تہ اوڀر- اولھہ 150 فوٽ ماپ بيهي ٿي ۽ اتر- ڏکڻ ديوار جي ڊيگهہ 110 فوٽ آهي. ديوار جي اندران پهريدارن جي گشت لاءِ فصيل جا آثار پڻ ملن ٿا، جنهن جي ويڪر 10 فوٽ آهي. فصيل جي اندران ڪچي مٽيءَ جو ڀراءُ ڪيل آهي.
غلام گردش جي بوتي کي مضبوط بيهارڻ لاءِ ان ۾ ڪاٺ جا شهتير پڻ وڌا ويا آهن.
امام ڳڙھہ جا برج: اڄ بہ امام ڳڙھہ جا ڪي برج واضح بيٺا آهن، جن ۾ خاص ڪري چئن ڪنڊن وارا برج آسانيءَ سان هٿ اچي وڃن ٿا. انهن مان اولھہ - ڏکڻ ۽ اولھہ - اتر ڪنڊن وارا برج واضح ۽ سٺي حالت ۾ موجود آهن. البت اوڀر- ڏکڻ ۽ اوڀر- اتر ڪنڊن وارا برج تباھہ حالت ۾ آهن. ڪوٽ جي مک دروازي جي حفاظت ڪندڙ ٻہ وڏا برج ڀڄي ڀري پوڻ بعد هڪ ڍڳ جي صورت ۾ پيل آهن. ذڪر ڪيل اٺن برجن مان باقي ٻن برجن جو پتو لڳائڻ مشڪل آهي. امام ڪوٽ جي برجن جو قطر 20 فوٽ هو، ڪوٽ جي وچ تي بہ هڪ 40 فوٽ هم چورس ٺُلھہ جا آثار هئا.

امرڪوٽ/ عمرڪوٽ قلعو: موجودہ عمرڪوٽ کي قديم زماني ۾ امرڪوٽ سڏيو ويندو هو. امرڪوٽ جي آباد ٿيڻ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. اڪثر محققن جي راءِ موجب هي شھر يارهين صديءَ کان بہ اڳاٽو آهي. ’تاريخ ريگستان‘ ۾ رائچند هريجن، امرڪوٽ جي تاريخ بابت ’امرڪوٽ جو اتهاس‘ ۽ ’ٽاڊ راجستان‘ ڪتابن جا حوالا ڏيندي ڄاڻايو آهي تہ ”امرڪوٽ جي پراچين اتهاس جي پوري خبر ڪانهي، پر ڪن اتهاسن ۾ ٿورو احوال آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي تہ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري اتي پرمارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي يادوونسي راجا منڏم راءِ، امرڪوٽ جي پرمار راجا مسوڍ جي ڪنيا سان وهانءُ ڪيو. سن 997ع/ 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌوڻي براھہ، پرما ماروار جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون ڀائرن ۾ ڪئي. ان وقت امرڪوٽ جو گراج پرمار کي حصي ۾ مليو... جيسلمير جي اتهاس ۾ آيل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ يارهين صديءَ جي شروعات ۾ بہ امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي.“
امرڪوٽ قلعو: امرڪوٽ قلعي جي تعمير هڪ تحقيق موجب پرمار سوڍي ڪرائي هئي، جنهن تي پوءِ ڪجهہ عرصو سومرن جو ۽ 1226ع ڌاري سوڍن جو قبضو رهيو.
بيهڪ ۽ بناوٽ: هي قلعو 25022 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.47 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي عمرڪوٽ شھر ۾ واقع آهي. دفاعي لحاظ کان هي قلعو ريگستان جي ڇيڙي تي جوڌپور کان حيدرآباد ايندڙ مک شاهراھہ تي قائم آهي. عمرڪوٽ جي چوڌاري هڪ خندق جا آثار بہ ڏٺا ويا آهن. قلعي جي دروازي جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسن کان برج ٺهيل آهن. دروازي مٿان سورج مکيءَ جي گل جهڙو هڪ نشان ٺهيل آهي. ڪن محققن اهڙو نشان عمر سومري جي منڊيءَ تي بہ ڄاڻايو آهي، پر تيجسنگهہ سولنڪيءَ جو خيال آهي تہ اهو نشان ’سورج ونسي‘ راجپوتن جو ٺهرايل سمجهڻ گهرجي.
امرڪوٽ، مستطيل شڪل جو ڪوٽ آهي، جنهن کي چئني ڪنڊن کان برج ڏنل آهن. ڪوٽ جي وچ تي هڪ شاهي برج (Watch Tower) پڻ ٺهيل آهي، جنهن تي هن وقت بہ 6 توپون رکيل نظر اينديون. ڪوٽ اندر اٺن ٿنڀن تي بيٺل هڪ ڇٽيءَ هيٺان صليب جي صورت ۾ هڪ قبر موجود آهي، جيڪا انگريز ڊپٽي ڪمشنر مسٽر واٽسن جي چئي وڃي ٿي. هن ڪوٽ اندر ميوزيم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جتي مغل دور ۽ موجودہ ٿر جي ثقافت جون شيون رکيل آهن. تازو ويراواھہ-ننگرپارڪر رستي لاءِ کوٽائي ڪندي ويراواھہ مان نڪتل ٻڌ جون مورتيون بہ آڻي هن ميوزيم ۾ رکيون ويون آهن.
مشھور داستان ’عمر مارئيءَ‘ جي نسبت بہ هن ئي علائقي سان آهي، جڏهن تہ مشھور مغل بادشاھہ جلال الدين اڪبر جي پيدائش بہ امرڪوٽ ۾ ٿي هئي.
برهمڻ آباد جو قلعو: برهمڻ آباد کي منصوره ۽ دلوراءِ جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. برهمڻ آباد جا کنڊر ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز عليءَ جي ديھہ 42 جمڙائوءَ ۾25 88 2 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽68 77 7 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي کنڊر اٽڪل 45000 چورس فوٽن ۾ پکڙيل آهن. دڙي جي اوچائي وڌ ۾ وڌ 35 فوٽ ٿيندي.
تاريخ ۾ ارد شير بھمن ايرانيءَ (226-241ع) جي سنڌ فتح ڪرڻ جو ذڪر موجود آهي. چون ٿا تہ اُن هي شھر پنھنجي نالي پويان ٻڌايو هو، پوءِ اڳتي هلي چوٿين صديءَ جي شروع ۾ برهمڻ حاڪمن هن جو نالو مٽائي برهمڻ آباد رکيو. محمد بن قاسم جي پٽ عمرو، هن جو نالو منصوره رکيو. هي بارونق تجارتي شهر، لاڳيتو ٽي صديون سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. چيو وڃي ٿو تہ سلطان محمود غزنويءَ (416ھہ/ 1026ع) سومناٿ کان موٽندي منصوره تي حملو ڪيو ۽ شھر ساڙي تباھہ ڪري ڇڏيو.
قلعو: ابتدا کان آخر تائين برهمڻ آباد جو قلعو نہ رڳو سنڌ جي قبضي لاءِ پر ساڳئي وقت سڄي هند جي فتح لاءِ پڻ اهم مرڪز جي حيثيت رکندو آيو آهي. برهمڻ آباد جا کنڊر هڪ وڏي قلعي جا آهن. سڄو شھر قلعي اندر آباد هو. قلعو بہ ڪو معمولي نہ هو، بلڪ فوجي لحاظ کان ناقابل شڪست هو، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چچ، ڏاهر، محمد بن قاسم ۽ ان کانپوءِ اُميه ۽ بنو عباس جي مڙني گورنرن کي سخت پريشانيون حاصل ٿيون. چيو وڃي ٿو تہ قلعي کي اڌ اڌ فرلانگ تي مورچو آهي. قلعي جي ڀت جي ٿولھہ گهٽ ۾ گهٽ 12 فوٽ ٿيندي.
تاريخ ۾ آهي تہ هن قلعي کي چار وڏا دروازا هئا، جن جي ٻنهي پاسن کان وڏا برج ۽ مورچا هئا، جن جا نالا: جريطري، بهارند، ساتيه، بنوره ۽ سالها هئا.
قلعي جا برج: قلعي جي ڀت کي ٻاهرئين پاسي کان اڌ گول جا برج ڏنا ويا هئا، جيڪي هڪ ٻئي کان 102 فوٽ دوريءَ تي هئا، جن جو قطر ساڍا 14 فوٽ هو. اتفاق سان اهي برج تباهيءَ کان بچي ويا ۽ اڄ بہ اهي پنھنجي سموري اڏاوت سان موجود آهن. هنن برجن جون هيٺيون پاسو پڪين سرن سان، جڏهن تہ مٿيون پاسو گچ گاري سان ڪچين سرن سان ٺهيل آهي، جيڪو ويڪر ۾ 21/2 فوٽ آهي. ان کانسواءِ ڪوٽ کي ٻاهران مٽيءَ جو بند ڏئي قلعي جي بنيادن کي سگهارو ڪيو ويو آهي.
کوٽائيءَ مان اندازو ٿيو آهي تہ برهمڻ آباد جو قلعو ڪافي عرصي کان پنهنجو وجود رکندو پئي آيو. هتان کوٽائيءَ دوران معلوم ٿيو تہ قلعي جا بہ چار اڏاوتي دور آهن. قلعي جي ڀتين جي والار ۽ اڏاوتي نوادرات مان اهو بہ ثابت ٿئي ٿو تہ هي قلعو اسلامي دور کان بہ اڳ موجود هو. مسلمانن انهيءَ وسنديءَ کي ٻيهر آباد ڪيو هو. قلعي مان اسلامي دور جا بہ چار اڏاوتي دور ملن ٿا.
بکر جو قلعو: سنڌ ۾ مسلمانن جي آمد کان اڳ ئي بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا، دشمن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ اهم مورچا هئا. چيو وڃي ٿو تہ بکر جو قلعو، هندو دور ۾ موجود هو. هر دور جي حاڪمن اُن جي مرمت ۽ توسيع ڪرائي. ڇاڪاڻ تہ انهيءَ دور ۾ ’بکر‘ ۽ ’سيوهڻ‘ جا قلعا سنڌ جي ٻن مکيہ رستن جي دروازن جون ڪنجيون سڏبا هئا. اسلام جي آمد کان اڳ سکر ۽ بکر کي ’اڪر‘ ۽ ’بڪر‘ بہ سڏيو ويندو هو. جنهن تي ڪجهہ زمانو سوڍن جي صاحبي رهي هئي، ان بابت راورٽيءَ بہ لکيو آهي تہ: ”اتر سنڌ ۾ اڪر ۽ بڪر ٻہ شھر آهن.“ جنهن مان معلوم ٿيو تہ اسلام کان اڳ سکر ’اڪر‘ ۽ بکر ’بڪر‘ سڏبو هو.
بکر قلعي جي اهميت: سنڌ جا ڪجهہ شھر جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري هر دور ۾ دفاعي توڙي آمدورفت جي لحاظ کان اهميت وارا رهيا آهن. اهي شھر آبي توڙي بري رستن جي ويجهو هئڻ ڪري حملي آورن کان وٺي سوداگرن ۽ سياحن لاءِ ڪشش جو باعث بڻيا آهن. سنڌ جي اهڙن اهم شهرن مان بکر بہ هڪ آهي. بکر قلعو تاريخ ۾ فوجي توڙي اقتصادي نقطہ نگاھہ کان مکيہ جاءِ والارڻ سان گڏ، قدرتي حسن جي شيدائين لاءِ بہ هڪ تفريحي مقام رهيو آهي. بکر جي آسپاس اوليائن ۽ بزرگن جي مقدس مزارن جي ڪري روحاني فيض حاصل ڪرڻ وارن جا هت ميڙاڪا رهيا آهن. گرميءَ جي موسم ۾ پاڻيءَ جي چڙهڻ ۽ ميون پچڻ جي مند ۾ ننڍا توڙي وڏا سردار توڙي نوڪر، عورتون خواھہ مرد، باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن گذاريندا هئا.
بکر قلعي جي بيهڪ: بکر جو قلعو موجودہ سکر ضلعي ۾ 68.52 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 27.42 اتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. سنڌ جو هي منفرد قلعو درياھہ سان گڏ هڪ ٽڪر سان ڳنڍيو بيٺو آهي. بکر جو قلعو جنهن ٽڪريءَ تي آهي، اها ٽڪري روهڙيءَ جي ٽڪرين جي هڪڙي شاخ آهي. روهڙي ۽ اروڙ واريون ٽڪريون تقريباً 47 ميلن تائين پکڙيل آهن ۽ اهو سلسلو لعل مشائخ تائين هلي پورو ٿئي ٿو. هنن ٽڪرين جون چوٽيون ڪافي بلند آهن. سکر جو اڌ شھر هنن ٽڪرين جي هڪ شاخ تي اڏيل آهي، جنهن کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويندو آهي. جھڙوڪ: ڪنگس هل، آدم شاھہ جي ٽڪري وغيرہ.
بکر جو هيءُ عظيم قلعبند شهر، جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. سو روهڙي ۽ سنڌو درياھہ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي واقع آهي. سنڌو درياھہ ۾ سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ تي درياھہ جي پيٽ ۾ ٻيٽن جي هڪ لڙي آهي، جن مان بکر سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي.
بکر قلعي جي بناوٽ: بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولھہ تائين 800 گز هئي ۽ ويڪر 300 گز هئي. هي قلعو درياھہ کان 25 فوٽ بلنديءَ تي هو. قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽ تائين بلند هيون. قلعي کي ٻہ در هئا، هڪ روهڙي طرف ۽ ٻيو سکر طرف.
چانڊڪا پرڳڻي کي ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ خاص اهميت حاصل هئي. چانڊڪا پرڳڻو آدم شاھہ ڪلهوڙي کان پوءِ ميان الياس محمد ۽ ميان شاهل محمد جي خاص نظرداريءَ هيٺ رهيو، جنهن بعد ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس وزير شاھہ بھاري بہ هن علائقي جي ترقيءَ لاءِ اهم قدم کنيا. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جو حڪمران ٿيو تہ هن جو تعميرات سان شوق ڏسي، هتان جي تاريخدانن کيس مغل شهنشاھہ اڪبر وانگر ’سنڌ جو اڪبر‘ ۽ ’سنڌ جو شاھجھان‘ لکيو آهي.
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي دور ۾ سنڌ جي ٻين حصن وانگر چانڊڪا پرڳڻي ۾ بہ تعميرات تي خاص ڌيان ڏنو. لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙا دور جي جرنل شاھہ بھاري جو مقبرو، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو ئي اڏايل آهي. ان کانسواءِ ميان الياس محمد ۽ ميان شاهل محمد جا مقبرا پڻ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دور ۾ ئي تعمير ڪيا ويا. هن پرڳڻي ۾ ٻين عمارتن سان گڏ ڪوٽ غلام شاھہ بہ هن حڪمران جو اڏايل ٻڌايو وڃي ٿو.
بھم ڪوٽ/ بھم جو ڀڙو: بھم جو ڀڙو نوابشاھہ کان 35 ڪلوميٽر پري ٻانڌي روڊ تي آهي. دوڙ کان 7 ڪلوميٽرن جي اولھہ طرف ريلوي لائين پار ڪرڻ بعد آمرجي واھہ ڀرسان، عبدالرزاق جمالي ڳوٺ جي ويجهو هي ڀڙو واضح نظر اچي ٿو. هي دڙو روينيو سروي نمبر 14، 48/43، 34/42 ۽ 4، 3، 2، 1/44 ديھہ نصرت، تپو ڏاهري، تعلقي نوابشاھہ ۾ واقع آهي. سرڪاري روينيو رڪارڊ موجب هن دڙي جي ايراضي اٽڪل چاليھہ ايڪڙن ۾ آهي. هن ڀڙي جي چوڦير آباد زرعي زمين آهي. هن ڀڙي کي، اتان جا مقامي ماڻهو ’ڀڙو بھم‘ ڀڙو ڀنگو ۽ ’ڳاڙهو ڀڙو‘ وغيرہ جي نالن سان سڏين ٿا. ڳاڙهو ڀڙو شايد ان ڪري سڏجڻ ۾ اچي ٿو، جو سمورو ڀڙو، پڪين ڳاڙهين سرن جي ٽڪرن، ٽوٽن ۽ ڳاڙهي مٽيءَ جي ڍير سان سٿيو پيو آهي. ڪن محققن جو رايو آهي تہ سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي محمد بن قاسم قبضو ڪرڻ کان پوءِ 712ع ۾ راوڙ جو قلعي هٿ ڪرڻ بعد، برهمڻ آباد طرف پيش قدمي ڪئي. جتي راجا ڏاهر جو پٽ حاڪم هو، جيڪو عربن جي فوج جو مقابلو نہ ڪري سگهيو آهي. ’بهرور‘ ۽ ’دهليله‘ (دليل ديرو) جا ٻہ قلعا رستي تي هئا. ’الور‘ ڏانهن ويندي، محمد بن قاسم، انهن ٻنهي قلعن تي قبضو ڪيو هو. ممڪن آهي تہ ’بھم دڙو‘ يا بھم ڪوٽ ’بهرور‘ هجي.

بھم ڪوٽ جي اڏاوت: هن شھر جي چوڦير پڪين سرن جو هڪ ذري گهٽ هم چورس ڪوٽ ڏنل آهي. ڪوٽ جي ديوارن جي سراسري ٿولھہ 6 فوٽ آهي. ديوار جي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي پڪين سرن جي اوساري ٿيل آهي، جنهن جي وچين خال کي، ڪچي مٽيءَ سان ڀريو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪچيون سرون پڻ ڪتب آندل آهن. ان ڪري ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار ڪافي مضبوط آهي. ڪوٽ جي ديوار جي ظاهر کان ڏکڻ تائين ڊيگهہ 915 فوٽ آهي ۽ اوڀر کان اولھہ تائين ويڪر 870 فوٽ آهي. موجودہ وقت بہ ڪوٽ جون ڦٽل ديوارون ۽ اندريان کنڊر، چوڦير ڦهليل زمين کان 12 فوٽ بلند بيٺا آهن. هن مان لڳي ٿو تہ هي ڪوٽ بلند دڙي تي اڏيو ويو هو. هن ڪوٽ جي مضبوطي، پکيڙ، تعميري مهارت، قلعي بندي ۽ برجن جي ڀيٽ سنڌ ۾ ڀنڀور ۽ منصوره جي دفاعي سرشتي سان ڪري سگهجي ٿي. هن قلعي جي ديوار ۾ جيڪي پڪيون سرون استعمال ڪيل آهن، تن جي ماپ 12x9x2 انچ آهي.
بھم ڪوٽ جو دروازو: قلعي جي اڀرندي ديوار جي وچ تي، ديوار کان ٻاهر نڪتل ٻہ برج ظاهر بيٺا آهن. اهي ٻئي برج، هڪ ٻئي جو ويجهو هئڻ ڪري، اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو تہ اتي ڪوٽ جو مک دروازو هوندو. انهي ٻنهي برجن جي وچ ۾ دروازي جي ويڪر 17 فوٽ آهي. ان مکيہ لنگهہ جي حفاظت ٻہ اڌ گول جي شڪل وارا پڪين سرن جا برج ڪري رهيا آهن. آثار قديمہ جي ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ هن ڪوٽ جي تعمير ٻن دورن يا مرحلن ۾ ٿي آهي. ساڳئي وقت ڪوٽ جي آخري اڏاوتي دور ۾ ڪوٽ جي مکيہ دروازي تي هڪ وڏي باھہ لڳڻ جا آثار بہ ملن ٿا.
بھم ڪوٽ جا برج: بھم جي ڀڙي جي مک داخلي دروازي کان سواءِ ڪوٽ جي چوڦير، ديوار ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي حفاظتي برج ڏنل آهن، جن مان ڪافي برج زمين دوز ٿي چڪا آهن پر ڪن برجن جا آثار اڄ بہ ملن ٿا. بھم ڪوٽ جا برج گهڻو ڪري ديوار مان اڌ گول جي شڪل ۾ ٻاهر نڪتل آهن. انهن مان تقريباً 24 برج اڄ بہ ظاهر بيٺا آهن. ڪوٽ جي ديوار جي ٻاهران توڙي اندر، وڏي ايراضيءَ ۾ ڪيترين عمارتن جا نشان موجود آهن، جن مان اڪثر کي اتان جي ڳوٺاڻن ٽريڪٽرن ۽ هرن وسيلي کيڙي، اتي قبضو ڪري پوک شروع ڪئي آهي.
ڀنڀور جو قلعو: ڀنڀور جا کنڊر-ڪراچيءَ کان سمنڊ رستي 60 ڪلوميٽرن ۽ خشڪيءَ رستي ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ قومي شاهراھہ تي 50 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن. هي شھر تعلقي ميرپور ساڪري ۾ سنڌونديءَ جي الهندي شاخ، گهاري کاريءَ تي آهي. ڀنڀور جا کنڊر ڌاٻيجي ريلوي اسٽيشن کان 11 ڪلوميٽر ۽ گهاري شھر کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهن. هن تاريخي شھر ۽ ڪوٽ جا آثار ڪراچيءَ ويندڙ شاهراھہ جي کاٻي پاسي تي سڏ پنڌ تي آهن.
ڀنڀور جي لفظي معنيٰ ’ڳاڙهو‘ چئي وڃي ٿي. جڏهن تہ هن شھر جو اشتقاق ڀن + ڀور (سج + پر= شھر) يعني: ’سج جو شھر‘ ڄاڻايو ويو آهي. هنن آثارن جي آسپاس ڳاڙهيون ٺڪريون پکڙيون پيون هونديون آهن، جنهن ڪري هي آثار ڳاڙها نظر ايندا هئا. ان ڪري ئي شايد هن ڀيڻيءَ کي ڀنڀور سڏيو ويو. سنڌ جي قديم آثارن ۾ ڀنڀور وڏي اهميت واري ۽ تاريخي جاءِ آهي، پر هن بابت ڪو بہ پڪ وارو ثبوت اهڙو نہ مليو آهي، جنهن مان هن شھر جي اصل نالي جي خبر پئجي سگهي. آرڪيالاجي کاتي جي کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ هتان هڪ صديءَ ق.م کان تيرهين صدي عيسويءَ تائين جا نشان مليا آهن، جن جي آڌار تي ڇنڊڇاڻ بعد اهو اعلان ڪيو ويو تہ ڀنڀور جا قديم آثار سنڌ جي تاريخي شھر ديبل جا نشان آهن، پر اڃا تائين ڪيترن عالمن ۽ محققن کي ڀنڀور جي ديبل هجڻ بابت شڪ آهي. شھر جي پکيڙ، گهرن جي بناوت،
شِوَ جي مندر، قلعي جي دروازن ۽ مسجد جي عمارت بابت تحقيق ڪرڻ بعد ئي هن شھر بابت ديبل يا ٻيو شھر هجڻ جو فيصلو ڪري سگهبو.
ڀنڀور جي آبادي چڱي خاصي هئي، ان جا ٻہ حصا آهن. آباديءَ جو هڪ حصو مضبوط قلعبند آهي، جيڪو اوڀر کان اولھہ 200 فوٽ ۽ اتر کان ڏکڻ 1200 فوٽ آهي. ٻيو حصو ٻاهريون شھر آهي، جيڪو هڪ پراڻي ڍنڍ تي اتر اوڀر ۾ پکڙيل آهي، اُن حصي ۾ هڪ صنعتي علائقو ۽ ان کان ٻاهر هڪ قديم قبرستان آهي.
ڀنڀور قلعي جون ديوارون: هنن کنڊرن ۾ سڀ کان نمايان اڏاوت خود قلعي يا ان جي ديوارن جي آهي. ان جي هاڻوڪي اوچائي 19 فوٽ آهي. اها اسلامي دور جي اڏاوت آهي. ان جي ٻاهرين پاسي واري کوٽائيءَ مان پتو پوي ٿو تہ اها ديوار ٺھڻ کانپوءِ تبديل جي عمل مان چار ڀيرا گذري آهي. ديوار شروع ۾ وڏن ۽ ڳرن، گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل پٿرن سان ٺاهي وئي آهي، اهي پٿر گاري سان اوساري ڪيل هئا. مضبوطيءَ لاءِ وچ وچ ۾ وڏا برج ٺاهيا ويا هئا، جيڪي هڪ جيتري فاصلي تي هئا. ديوار کي مضبوط پشتا ڏئي پختو ڪيو ويو هو. اها ديوار سياسي، معاشي استحڪام ۽ خوشحاليءَ جي ڏينهن ۾ ٺهيل لڳي ٿي.
ڀنڀور قلعي جي ديوار جي مرمت: قلعي جي ديوار ۾ گهڻيون تبديليون ٿيل آهن، پر ان جي شڪل وغيرہ ۾ فرق نہ آيو. فصيل/ ديوار جي اندروني حصي ۾ ڀرائيءَ لاءِ جيڪي سخت پٿر استعمال ٿيا هئا، انهن جي جاءِ تي ڪچيون سرون ڀريون ويون هيون. ان کانپوءِ ڏهين صدي عيسويءَ جي آخري زماني ۾ جيڪا ديوار ٺهي، اها جيتوڻيڪ پراڻن بنيادن تي ٺهي، پر ان جي ويڪر اندرين پاسي کان گهٽائي وئي، ان ڪري اها اڳ جيتري مضبوط ۽ جٽادار نہ هئي. ان جا اندريان ۽ ٻاهريان ڪنارا ننڍي ماپ جي پٿرن ۽ گاري سان ٺاهيا ويا هئا ۽ وچون حصو مٽي، سرن يا روڙي بجريءَ سان ڀريو ويو هو. پوءِ واري زماني ۾ اها ديوار هنڌان هنڌان ٽوڙي گهٽيون ٺاهيون ويون ۽ انهن ڀر سان رهائشي گهر اڏجندا ويا. نتيجي طور قلعي جي فصيل جي دفاعي طاقت اڃا بہ گهٽجي وئي.
آخري دور جي اها فصيل فقط اوڀر واري حصي جي چوڌاري هئي ۽ ان جا ٻئي پاسا جيڪي پٿر سان ٺهيل هئا، ڪمزور هئا، ان جو وچون حصو ريتيلي يا ڀوري مٽيءَ سان ڀريو ويو هو.
ممڪن آهي تہ تيرهين صديءَ ۾ جڏهن شھر تي زوال آيو ۽ بدنظمي پکڙي، تڏهن تڙ تڪڙ ۾ اها تعمير ڪئي وئي هجي تہ جيئن فوجي نقطہ نگاھہ کان ڪم ڏيئي سگهي. درياھہ شايد ان کان اڳ پنهنجو رخ مٽائي چڪو هو.
ڀنڀور قلعي جا دروازا: کوٽائيءَ دوران هن مھل تائين قلعي جا ٽي دروازا ظاهر ٿيا آهن، هڪ اوڀر وارو دروازو، جتان سڄو ٻاهريون شھر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيو اتر اوڀر وارو دروازو جيڪو هڪ اڌ گولائي دار گهر کي تلاءَ سان ملائي ٿو. ٽيون ڏاکڻو دروازو، جتان سمنڊ نظر اچي ٿو.
سسئي پنهونءَ جو قصو بہ هن ڀنڀور شھر سان منسوب آهي.
ٽنڊي الهيار جو قلعو: هن قلعي جو بنياد مير الهيار خان، 1790ع ۾ وڌو هو، پر بدقسمتيءَ سان موجودہ وقت قلعي جو وڏو حصو مسمار ٿي چڪو آهي. ڪوٽ جي وڏي حصي تي قلعبند پنهنجو قبضو ڄمايو ويٺا آهن. البت ان تاريخي قلعي جو باقي هڪ حصو وڃي بچيو آهي. افسوس جو تاريخ ۽ تاريخ جي ورثي کان بي خبر حڪمرانن ۽ عوام ان قلعي کي ڪڏهن بہ بچائڻ جي ڪا ڪوشش نہ ورتي آهي. اڄڪلھہ هن ميراڻي دور جي يادگار جو ڪجهہ حصو برج جي روپ ۾ سلامت آهي، پر ان قلعي جي اصليت، اهميت ۽ قدامت بابت روينيو جو ڪو بہ رڪارڊ نہ ٿو ملي. روينيو رڪارڊ ۾ ٽنڊي الهيار جي سرسبز باغن، ٻنين ۽ ورهاڱي بعد ورهايل ڪِليمَن ۽ فوجي آمرن جي هن زرخيز علائقي کي ورهائڻ جا اشارا ملن ٿا. پر هن قلعي جي وارثي ۽ حدبنديءَ جو رڪارڊ ڪونهي. ٽنڊي الهيار شھر جي باني مير الهيار خان هي قلعو شھر جي حفاظت لاءِ، ان دور ۾ هن علائقي کي آباد ڪندڙ سانگري درياھہ جي ڀڪ تي اڏرايو هو. هي قلعو درياھہ جي ڪناري هئڻ ڪري سنڌ جي چند خوبصورت قلعن ۾ شمار ٿيندو هو. هن ڪوٽ جي حفاظت چار برج ڪري رهيا هئا. اهي چار برج ڪوٽ جون چار ڪنڊون سنڀاليو بيٺا هئا. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ لاءِ اولھہ پاسي تي هڪ وڏو دروازو هو، ان جي بيهڪ اوڀر ۽ ڏکڻ برج ڀرسان هئي. مير الهيار خان هي قلعو رهائش لاءِ پڻ ڪم آڻيندو هو، پر موجودہ وقت اهو اندازو نہ ٿو ڪري سگهجي تہ ڪوٽ جي ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترن ڪمرن ۽ حويلين تي مشتمل اها رهائش هئي، جيئن تہ هر قلعي ۾ قلعي واسين کي باڻي پهچائڻ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. تيئن هن ڪوٽ اندر بہ هڪ کوھہ کوٽيل هو، پر موجودہ وقت ان کوھہ جي صحيح هنڌ جي نشاندهي ٿي نہ ٿي سگهي.
1843ع ۾ سنڌ تي ميرن جي غفلت ۽ انگريزن جي غاصباڻي قبضي بعد هي ڪوٽ بہ برٽش سرڪار جي قبضي ۾ اچي ويو، جن ان ڪوٽ کي پنھنجي مصرف ۾ آندو. هن ڪوٽ اندر هڪ انگريز عملدار جي قبر پڻ هئي، جنهن جي ڪتبي تي سندس نالو ڊيوڊ ارونگ (David Arwing) لکيل هو. ان ڪتبي تي ان جي وفات جي تاريخ 1 آگسٽ 1843ع لکيل آهي، پر زماني جي گردش سبب هاڻي ان قبر جو خاص پتو نہ ٿو ملي.
انگريزن جي دور ۾ ئي جڏهن ٽنڊي الهيار کي 1854ع ۾ تعلقي جو درجو ڏنو ويو تہ ان وقت جي حڪمرانن ان قلعي جي تاريخي حيثيت جو خيال نہ ڪندي، ان ۾ مختيارڪار آفيس ۽ ٿاڻي جو لاڪپ تعمير ڪيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قلعي جون پاڙون پڪڙيو بيٺو آهي. بهرحال ڪوٽ جو باقي بچيل حصو بہ لاڳاپيل ادارن جي بي حسيءَ ۽ بي توجهيءَ ڪري ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهيو آهي، جنهن تي ترت ڌيان جي ضرورت آهي.
مير الهيار خان بابت چيو وڃي ٿو تہ سندس تصوف ڏانهن لاڙو هئڻ ڪري هت صوفي فقيرن جي وڏي مڃتا هئي ۽ راڳ رس جون محفلون قائم هونديون هيون. اوائلي دور ۾ ٽنڊو الهيار، پَٽَ (ريشم) رڱڻ جي ڪاروبار ڪري ملڪان ملڪ مشھور هو. هن شھر جا پاٽولي ڏيساور تائين نالو ڪمائي چڪا هئا. ان کانسواءِ هتان جا کتري گَنديون ۽ ٻانڌڻا رڱڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. هاڻي بہ هتان جو کتري پاڙو ان پراڻي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هت ڪاروبار ۽ واپار جي سهولت لاءِ آبي توڙي خشڪيءَ جا رستا استعمال ڪيا ويندا. پراڻي زماني ۾ هتان جا پتڻ ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتيءَ جا وڏا مرڪز هئا.
پڪو قلعو حيدرآباد: ڪلهوڙن پنھنجي دور حڪومت ۾ ٻوڏن، سياسي سببن يا درياھہ جي رخ بدلائڻ ڪري ڪيترا دفعا پنھنجي گاديءَ جا هنڌ بدلايا. هنن وقت بہ وقت ڳاڙهي، خداآباد اول، محمد آباد، مراد آباد، الھہ آباد، نوشهروفيروز، شاھہ ڳڙھہ، شاهپور اول، شاهپور ثاني، خداآباد ثاني ۽ آخر ۾ حيدرآباد کي تخت گاھہ بڻايو. سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمرانن مان غلام شاھہ ڪلهوڙي ڪافي عمارتون جوڙايون. هن پنھنجي حڪمراني دوران ڪيترا بندر، مسجدون، مقبرا ۽ ڪوٽ پڻ ٺهرايا. شاھہ لطيف جو روضو بہ سندس جوڙايل چيو وڃي ٿو.
حيدرآباد جي قلعي جي بنياد پوڻ بابت تاريخن ۾ آهي تہ: ”ميان غلام شاھہ هڪ دفعي چيو تہ سنڌ جي حڪومت پيڙهين کان اسان جي خاندان ۾ آهي، پر اڃا تائين ڪا بہ اهڙي جاءِ ڪانہ ٺهرائي وئي آهي، جيڪا اسان جي خاندان لاءِ يادگار طور قائم رهي. اهڙيءَ طرح اهو هنڌ مقرر ٿيو جتي قديم زماني ۾ نيرون ڪوٽ هو. نيرون ڪوٽ جا باقي کنڊر رهجي ويا هئا، جن جون ڀتيون زبون ٿي مٽي جو ڍير ٿي پيون هيون. غلام شاھہ ان جڳھہ کي پٽ ڪرائي، اتي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايو، جنهن جو نالو حيدرآباد رکيائين.“ (ياد رهي تہ نيرن ڪوٽ تي تاريخدانن کي اختلاف رهيا آهن، ’آئينہ قديم سنڌ‘ ۽ ٻيون تاريخون ’نيرن ڪوٽ‘، ’نئين رني ڪوٽ‘ کي چون ٿا ۽ سندن چوڻ آهي تہ حيدرآباد جو نالو نيرن ڪوٽ مفروضو آهي.)
بيهڪ ۽ بناوت: هي شاهي قلعو 25 22 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 41 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان موجود آهي. هن قلعي جو قطر هڪ ميل ۽ بلندي 80 فوٽ آهي. ڪي تاريخدان هن قلعي کي 36 ايڪڙن ۾ ڄاڻائين ٿا. لطف مالوي لکي ٿو تہ: ”شاهي قلعو هڪ پنج ڪنڊي ۽ بيضوي شڪل جو آهي، جو پڪين سرن ۽ گچ مان ٺهيل آهي.“
اشتياق انصاريءَ جي مشاهدي موجب: ”قلعي جي تعمير ۾ ٻن ٽن قسمن جون سرون استعمال ٿيل آهن، انهن مان ڪي سرون ترڪيءَ جي دور جون آهن تہ ڪي وري مغل دور جون لڳن ٿيون. قلعي جي اڏاوت جو ڪافي حصو مغلن جي طرز تعمير جهڙو آهي. قلعي جو ڊگهي ۾ ڊگهو حصو اوڀر کان اولھہ 2430 فوٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر اتر کان ڏکڻ 900 فوٽ آهي. قلعي جي اتر واري ٻانهين (ڀڳل ديوار سميت) 3100 فوٽ ۽ ڏکڻ ٻانهين 3080 فوٽ آهي.“
ڊلهوزٽيءَ جي چوڻ مطابق: ”قلعي کي چوڌاري 30 فوٽ ويڪري ۽ 20 فوٽ گهري خندق هئي. دروازي وٽ پل هئي، جنهن جي ذريعي قلعي ۾ داخل ٿبو هو.“
ڪوٽ جي دروازي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ دروازي جي ٻاهران ۽ مٿان ڀت ۾ هڪ سھڻي محراب ڏنو ويو آهي. ان محراب هيٺان وچ تي سنگ مرمر جي تختي لڳل هئي، جنهن تي لکيل هو ’رب اجهل هذا البلد آمنا‘ (اي مالڪ هن شھر کي امن وارو ڪر).
شاهي دروازو هڪ فوٽ ٿلهيءَ ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو. مٿس نقش نگاريءَ جو سھڻو ڪم ٿيل هو. دروازي جي ٻاهرين طرف لوھہ جا تمام ٿلها ۽ چهنبدار ڪِل لڳل هئا. اهڙيءَ طرح قلعي اندر داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان چئن دروازن مان لنگهڻو پوندو هو.
هن وقت قلعي جي تاريخي ورثي واري اهميت کي نظر انداز ڪري اتي ماڻهن پاران قبضا ڪري جايون اڏيون ويون آهن ۽ ان جي زبون حاليءَ جو سبب اُتي موجود آبادي آهي.
جبوڪوٽ: ٽالپرن جو اڏايل جبو ڪوٽ، خيرپور رياست جي حدن ۾ اڇڙي ٿر واري ريگستان ۾ واقع آهي. اڇڙي ٿر ۾ قائم هن قديم ڪوٽ جي آسپاس وڏيون ڀتيون ڪر کنيو بيٺيون آهن. جبي ڪوٽ ڀرسان ڊرينهن (ڊٻن) جو سلسلو بہ گذري ٿو. موجودہ وقت جبو ڪوٽ هڪ مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾ ۽ ڪرڙن ڪانڊيرن ۾ لڪو پيو آهي. جبي ڪوٽ جو اهو ڍير زمين کان اٽڪل 30 فوٽ بلند آهي. ان جي اتر پاسي ’ڪوٽ واري ڍنڍ‘ آهي.
ڪوٽ جي بناوت: هن وقت ڪوٽ ڀڄي ڀري هڪ مٽيءَ جي ڍير جي شڪل اختيار ڪري چڪوآهي، جنهن جو ڪو بہ ڪنڊ پاسو سلامت نہ آهي، پر انجنيئر اشتياق انصاريءَ، ٻين قابل ماهرن سان گڏجي، مختلف اوزارن سان ماپ ڪرڻ بعد ان کي هڪ شڪل ڏني آهي. هي هڪ ننڍڙو مڪمل چوڪور ڪوٽ آهي. ان جو هر هڪ پاسو 102 فوٽ ڊگهو آهي. ڪوٽ جي چوڦير سراسري ويڪر 15 فوٽ آهي. هن وقت جيئن تہ ڪوٽ ڪِرڻ بعد ملبي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، پر اندازو آهي تہ ڪوٽ کي ديوار سان گڏ هڪ ويڪري غلام گردش بہ ڏنل هئي.
غلام گردش کي ٻاهران ۽ اندران، سرن جا پشتا ڏئي ڪچي مٽيءَ سان ڀريو ويو هو.
جبي ڪوٽ جا برج: جوڌپور ۽ جيسلمير جي سرحد ڀرسان اڏيل هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ چار وڏا برج ان جي چئن ڪنڊن تي ٺهيل هئا. انهن ڀڳل ڀريل برجن جو قطر 30 فوٽ بيهي ٿو. ڪوٽ جي حفاظت لاءِ ٻاهرين ديوار ۽ برجن ۾ مارا پڻ ٺاهيا ويا هئا، پر موجودہ وقت ڪوٽ جي اولهائين ديوار ۾ رڳو هڪ مارو ڪجهہ قدر صحيح حالت ۾ نظر اچي ٿو. ان ماري جي سائيز 4x4.5 انچ آهي.
جبي ڪوٽ جو دروازو: هڪ محتاط اندازي مطابق ڪوٽ کي صرف هڪڙو ئي دروازو هو، جنهن جي هاڻي پڪي نشاندهي نٿي ڪري سگهجي. پر اتي مڪاني ڌراڙن ٻڌايو تہ ڪوٽ کي ڏکڻ پاسي کان هڪ لنگهہ هو، جتان هو پنهنجا ڍور ڍڳا ڪاهي ايندا هئا، پر برساتن ۽ مٽيءَ ڪِرڻ ڪري آهستي آهستي اهو لنگهہ لٽجي ويو آهي.
جهم ڪوٽ: جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ جا آثار سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ٺٽي ضلعي جي جهمپير شھر کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ پکڙيل آهن. ان ڪوٽ جا کنڊر، ڪينجهر ڍنڍ جي اولاهين ڪنڌيءَ تي 25.30 اتر ڏکڻ ۽ 68.70 اوڀر اولھہ ۾ آهن. قديم زماني ۾ هي ڪوٽ هڪ درياهي وهڪري تي آباد هو. اهو وهڪرو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي ان درياھہ جي جاءِ ڪينجهر ڍنڍ والاري بيٺي آهي. ڪوٽ جا ڀڙڀانگ کنڊر، آسپاس جي زمين توڙي ڪينجهر جي پاڻيءَ جي سطح کان چاليھہ فوٽ کن اوچائيءَ تي آهن. موجودہ وقت سمورو ڪوٽ تباھہ حالي جو شڪار آهي، تنهن هوندي بہ ان جي ديوارن جا پختا بنياد، هن درياهي ڪوٽ جي عظمت جا آئينہ دار آهن. ساڳئي وقت ڪجهہ بچيل برج، هن هنڌ جي برجستي هئڻ جي شاهدي ڏين ٿا. البت ڪوٽ جو وڏو حصو قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
جهم ڪوٽ جي اڏاوت: هي سڄو ڪوٽ، ڳاڙهي پٿر جو ٺهيل آهي. اهو اڏاوتي پٿر لڳي ٿو تہ جهمپير جي آسپاس جي ٽڪرين کي ٽُڪي ڪتب آندو ويو آهي. سارو پٿر آبهوا جي اثر ڪري ڳري سڙي ويو آهي، ڇو تہ ڪوٽ اٽڪل تيرهن سؤ سال اڳ راجا چچ دور ۾ اڏيو ويو هو. ان جي باوجود اڄ بہ ڪوٽ ۾ استعمال ٿيل پٿر جي گهڙائي، لسائي، ڪنڊون ۽ پاسا سلامت بيٺا آهن.
هن وچولي سائيز جي ڪوٽ کي چوڦير 8 فوٽ ٿلهيون ديوارون ڏنل آهن، جيڪي زماني جي ستم ظريفيءَ ڪري هاڻي ڀڄي ۽ ڀـُري رهيون آهن. تنهن هوندي بہ انهن ديوارن جا نشان، ڪوٽ جي سطح کان ڪجهہ فوٽ بلند هئڻ ڪري ڪوٽ جي بناوت ۽ ڊزائين جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جهم ڪوٽ پوڻن ٻن ايڪڙن يعني ساڍن ستن هزار اسڪوائر فوٽن ۾ پکڙيو پيو آهي. چوڦير ديوارن جي ڊيگهہ يارهن سو فوٽ بيهي ٿي. ان بي ترتيب ڪوٽ جي اترين ديوار 245 فوٽ، ڏاکڻين ديوار 275 فوٽ، اوڀارين ديوار 275 ۽ اولاهين ديوار 310 فوٽ آهي.
جهم ڪوٽ جا برج: ڪوٽ کي ڪل ست برج آهن. انهن مان صرف ٽي برج اڄ بہ واضح نظر اچن ٿا. انهن ستن برجن مان چار برج ڪوٽ جي چئن ڪنڊن جا محافظ آهن. انهن چئن برجن مان صرف اتر اولھہ ڪنڊ وارو برج ڪجهہ قدر ڀڳل ڀريل حالت ۾ بيٺو آهي، باقي ٽي ڪنڊن وارا برج زمين دوز ٿي ويا آهن. ڪوٽ جي ديوار يا برجن جو ڪو بہ مٿاهون حصو صحيح حالت ۾ نہ ٿو ملي، ان ڪري اهو چئي نہ ٿو سگهجي تہ ديوار ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙي طرز جا ڳڙکا ۽ مارا هئا. ساڳيءَ طرح ٻاهرين ديوار يا برجن مٿان ڪنگرين وغيرہ هجڻ جو بہ پتو نہ ٿو پوي.
جهم ڪوٽ ڀرسان چشما: ڪوٽ جي اترين ديوار جي ٻاهرئين طرف، بنيادن ڀرسان شفاف چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪي صدين کان وٺي مسلسل پاڻيءَ جي ڌارا وهائيندا رهن ٿا. ڪن ماڻهن جو خيال آهي تہ ان چشمي جي ڪري ئي، هن علائقي کي ’جِهم‘ سڏيو ويو آهي. عام ماڻهن جو خيال آهي تہ ان جهم چشمي جي ڀرسان بعد ۾ هڪ بزرگ جي دفن ٿيڻ ڪري ان جهم جو نالو ’جهمپير‘ پئجي ويو.
شِو جو مندر: ڪوٽ جي اندر اوڀر کان ڏکڻ ڪنڊ تي مکيہ دروازي ڀرسان، شو جو مندر آهي. ان هنڌ تي شِوَ ۽ ان جي لنگم جي پوڄا جو ذڪر ’تحفةالڪرام‘ ۽ ٻين تاريخن ۾ ملي ٿو. اهو تاريخي مندر صدين کان وٺي اڄ بہ پوڄا پاٺ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ هن وقت ان جي نئين سر مرمت ڪرائي، ان جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
چاڪر ڪوٽ/ گنڀاٽ قلعو: مير چاڪر خان پنھنجي مرشد ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي رهائش لاءِ اندازً 1740ع ڌاري ان وقت جي سهولتن مطابق ۽ دفاعي نقطہ نگاھہ کان هي مضبوط ڪوٽ ٺهرايو هو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو جڏهن هتي پهتو تہ کيس وڏي شان ۽ شوڪت سان ڪوٽ اندر جڙيل خاص رهائشگاھہ ۾ رهايو ويو. شاهپور جو پراڻو شھر بہ چاڪر ڪوٽ جي ڏکڻ اوڀر پاسي تي هو. هي ٻئي جاڙيون وستيون ڪلهوڙن جي دور ۾ 18 عيسوي صديءَ ڌاري وجود ۾ آيون هيون ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي زوال سان گڏ ئي ٻئي تاريخي وستيون تباھہ ٿي ويون. هاڻي انهن ٻنهي ڦٽل ماڳن ڀرسان، ساڳئي نالي سان شاهپور چاڪر شھر آباد ڪيو ويو آهي.
چاڪر ڪوٽ جي اڏاوت: مير چاڪر جو ڪوٽ 26.11223 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.38041 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ديھہ شاهپور ۽ تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت اوڏڪي ڪچي مٽيءَ جي آهي. ان ۾ ڪٿي پڪيون سرون ۽ ديوارن ۾ ڪاٺ يا لوھہ بہ ڪتب آندو ويو آهي. هي مستطيل شڪل جو ڪوٽ، اندازاً ساڍن ٽن چئن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ڪوٽ جو اوڀر ۽ اولھہ وارو پاسو، اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان ننڍو آهي. ڪوٽ جي اڏاوت، خاص ڪري گوني ڪنڊن جي بيهڪ ڏسي ان جي هشمت، عظمت ۽ ڪاريگرين جي مهارت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
چاڪر ڪوٽ جي ديوار: ڪوٽ جي چوڦير ڪچي مٽيءَ جي هڪ وڏي ديوار ڏنل هئي، جيڪا هيٺ بنيادن وٽ 20 فوٽ ويڪري هئي. پوءِ اها آهستي آهستي مٿي هلي 10 فوٽن جي ڪشادي فصيل ٺاهي وئي. ان فصيل کي حفاظت لاءِ 2.6 فوٽ ٿُلهي ۽ 5 فوٽ اوچي اوٽ يا ديوار ڏنل هئي. ڪوٽ جي اها فصيل ايتري تہ موڪري هئي، جو ان تي باقاعدي گهوڙي گاڏي ۽ ڏاند گاڏي هلي سگهندي هئي. مقامي ماڻهن وٽ روايت آهي تہ مير جا پهريدار باقاعدي گهوڙن تي چڙهي چوڪسي ڪندا هئا. ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي سراسري بلندي 16 فوٽ هئي.
چاڪر ڪوٽ جي اوڀر ۽ اولھہ واري ٻانهين 370 فوٽ ڊگهي هئي. اتر ۽ ڏکڻ واري ٻانهين 720 فوٽن جي ڊيگهہ ٺاهي ٿي. ڪوٽ جي چوڦير ديوارن ۽ برجن کي خوبصورتيءَ لاءِ ڪنگريون ڏنل هيون.
چاڪر ڪوٽ جا برج: چاڪرڪوٽ جي چئن ڪنڊن تي حفاظت لاءِ چار برج ٺهيل هئا. ان کان سواءِ ڪوٽ جي اترين ۽ ڏاکڻين ٻانهين ڊگهي هئڻ ڪري انهن ٻنهي ديوارن جي وچ تي ٻہ ٻہ برج هئا. ساڳيءَ طرح ڪوٽ جي اتر پاسي وچ تي هڪ برج بيٺل هو، ائين چاڪر ڪوٽ جي حفاظت نون برجن تي مشتمل هئي. انهن ۾ ڪنڊن تي چوڪيدارن جا برج ٻين برجن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ قدر وڏا هئا. ڪوٽ جي ديوارن جي وچ واري برج جو قطر 16 فوٽ بيهي ٿو. هي برج هيٺان گول هئا، جيڪي آهستي آهستي مٿي سوڙها ٿيندا پئي ويا. هي برج ايترا تہ لسا هئا، جو ماڻهو ڪيتري بہ ڪوشش ڪري ان تي چڙهي نہ سگهندو هو. البت برجن تي چڙهڻ لاءِ اندرئين پاسي کان ڪچين سرن جون ڏاڪڻيون ٺهيل هيون، جيڪي ڦيري تي مٿي چڙهنديون وينديون هيون. چاڪر ڪوٽ جا هي مورچا ديوار کان ٻاهر نڪتل هئا. ٻاهران انهن جي بلندي 16 فوٽ هئي. موجودہ وقت ان ڪوٽ جي ٻن برجن، هڪ اولھہ - اترين ڪنڊ واري ۽ ٻئي اتر واري ديوار جي وچ واري جا آثار ظاهر بيٺا آهن.
چاڪر ڪوٽ جا دروازا: چاڪر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻہ دروازا هوندا هئا، هڪ مک ۽ وڏو دروازو ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي کان وچ تي هو، جنهن جي ويڪر 30 فوٽ هئي. آخري دور ۾ ان دروازي تي ڪنهن لوهي در بہ هڻايو هو. ان کان سواءِ هڪ عام دروازو ڪوٽ جي اتر - اوڀر ڪنڊ وٽ قائم مورچي جي ڀرسان لڳل هو، جنهن مان هاڻي بہ هڪ ڪچي سڙڪ، ڪوٽ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. ڪوٽ اندر ٽالپرن پنھنجي رهائش لاءِ ڪافي جايون ٺهرايون هيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪچي مٽيءَ جون ٺهيل هيون.
چنڙو ڪوٽ: چنڙو ڪوٽ، سانگهڙ کان 110 ڪلوميٽر اتر طرف اڇڙي ٿر ۾ واقع آهي. اهو ڪوٽ سنڌ ۽ جيسلمير کي ڳنڍيندڙ رستي تي هڪ حفاظتي چوڪيءَ طور سڃاتو ويندو هو. ان قديم شاهراھہ تي ٻين ڪوٽن سان گڏ امام ڳڙھہ، کارو ڪوٽ ۽ جبوڪوٽ بہ ملن ٿا. چنڙي ڪوٽ کان 7 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڀارتي سرحد آهي، جتان رات جي وقت هندستاني شهرن جون بتيون ٻرندي نظر اچن ٿيون. اتي پاڪستان جي سرحد جي حفاظت ڪندڙ رينجرس جي هڪ چيڪ پوسٽ بہ آهي، جيڪا چنڙو چيڪ پوسٽ جي نالي سان مشھور آهي. چنڙو ڪوٽ موجودہ وقت خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي ۾ آهي. هن ڪوٽ جا آثار اڇڙي ٿر جي مشھور ديھہ جبي ۾ پويان پساھہ کڻي رهيا آهن. ٿر جا ماڻهو ان ديھہ کي ديھہ جبو ڪوٽ يا ديھہ جبو ريگستان بہ سڏين ٿا. هن ڪوٽ جي اوڀر پاسي تي چنڙو تڙ ۽ ڏکڻ پاسي کارائو تڙ آهن. هن تاريخي ميراڻي ڪوٽ جي الهندي پاسي مـُٺن وارو يا مـُٺيارو تڙ آهي ۽ اتر طرف ٻوڙائي تڙ ۽ سونهري تڙ تي ڪجهہ آبادي بہ آهي. چنڙي ڪوٽ کي چوگرد وارياسين ڀٽن جو ڪڙو چڙهيل آهي، جن کي ’ميرن جون ڀٽون‘ سڏيو وڃي ٿو. هن جي ڀرسان هڪ وڏيءَ ڊِٻ (ڊرينهن) جي بلندي پنج سؤ فوٽ ٿيندي.
ڪوٽ جي بناوت: چنڙو ڪوٽ تقريباً چوڪور جڙيل آهي. هن جو اتر ۽ ڏکڻ پاسو 184 فوٽ ڊگهو آهي، جڏهن تہ ان جي اوڀر ۽ اولھہ پاسي جي ڊيگهہ 180 فوٽ آهي. ڪوٽ جي چوڦير ديوار جي سراسري ويڪر/ ٿولھہ 10 فوٽ آهي. ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ صرف ڏکڻ پاسي کان 20 فوٽ ويڪرو دروازو ڇڏيل آهي. ڪوٽ جي سنڀال چئن ڪنڊن تي قائم حفاظتي مورچا ڪن ٿا. هن ڪوٽ جي دروازي وٽ عام ڪوٽن وانگر ڪو بہ حفاظتي اپاءُ نظر نہ ٿو اچي. ڪوٽ جي ڪنڊن واري حفاظتي برجن جو سراسري قطر 26 فوٽ آهي. موجودہ وقت ڪوٽ جي ٽن ڪنڊن تي حفاظتي برج نظر اچن ٿا. البت اتر- اولھہ ڪنڊ واري برج جا نشان نہ ٿا لڀن. چنڙو ڪوٽ هاڻي اڇاڻ مائل مٽيءَ جي ڍير جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن جي زمين جي سطح کان بلندي چاليھہ فوٽ آهي. وسيع واريءَ جي هنج ۾ هي ميراڻو ڪوٽ، پري کان نروار، پنھنجي عروج ۽ زوال جي داستان ٻڌائي رهيو آهي.
ڪوٽ ۾ ڪتب آندل مسالو: هي ريگستاني ڪوٽ، آسپاس ملندڙ مٽيءَ مان ٺهيل آهي. ان مسالي کي مڪاني ماڻهو ’سپ‘ سڏين ٿا. اها سليٽي رنگ جي سپ جڏهن سُڪي ٿي تہ اڇو رنگ اختيار ڪري ٿي. ماهر اشتياق انصاريءَ ان اڇاڻ مائل مٽيءَ کي ملڪ جي مختلف لئبارٽرين مان چيڪ ڪرايو تہ اها جپسم (Gypsum) جو هڪ قسم نڪتي.
دليل/ دهليل ڪوٽ: دليل ديرو يا دليل ڪوٽ، سڪرنڊ ڀرسان نوابشاھہ ويندڙ رستي تي 68 17 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 26 10ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دليل ڪوٽ ٻن گول اڏاوتن جو حامل آهي، جنهن ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻارنهن برج تعمير ٿيل آهن. هي ڪوٽ دراصل سج جي علامت طور ٺهيل آهي. گول ان جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ ان جا ٻارنهن برج، سج جي ٻارهن آسماني برجن (Zodiac) جي نشاندهي ڪن ٿا. قديم زماني ۾ سورج مکي، ڪنول جي گل يا ڦيٿن جون علامتون عمارتن تي چٽيون وينديون هيون، جن جي مذهبي اهميت هوندي هئي.
سنڌ جي قديم تاريخ ’چچ نامي‘ ۾ ٻين ڪوٽن سان گڏ هن ڪوٽ جو بہ ’دهليله‘ جي نالي سان هن ريت ذڪر آيل آهي: ”پوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد طرف ڪاھہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. اهو شھر آباد ۽ ملڪ ڪشادو ۽ سرسبز هو. اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻہ قلعا هئا، جن کي بهرور (ڀراڙو؟) ۽ دهليل سڏيندا هئا.“
بيهڪ: دليل/ دهليل ڪوٽ جي شڪل عجب جي حد تائين گول آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ڪنهن ماهر باقاعدي پلڪار جهڙي اوزار سان ماپي هي ڪوٽ ٺاهيو آهي. گول جي ٻاهرئين گهيڙ ۽ ٻاهرئين گهيري تي مقرر هنڌن تي برجن کي بيهاريو ويو آهي. دليل ڪوٽ کي ٻارهن برجن ۽ ٻارنهن ديوارن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪوٽ جو گهيرو 2768 فوٽ آهي ۽ ان جو قطر 640 فوٽ آهي.
هي ڪوٽ گولائيءَ تي هئڻ ڪري، ان جي ٻاهرين ديوار ڦيٿي وانگر ڦرندي نظر اچي ٿي. ديوار هيٺان کان 20 فوٽ ٿلهي آهي. فصيل جي بلنديءَ تائين ان جي ٿولھہ گهٽجي 14 فوٽ رهجي وڃي ٿي. ديوار کي ٻاهران توڙي اندران پڪين سرن جا پُشتا ڏنل آهن، جيڪي ڪٿي ڪٿي ظاهر آهن. ديوارن جي تعمير لاءِ وڏي تعداد ۾ ڪاٺ جو استعمال ڪيو ويو آهي.
هن ڪوٽ کي اندران ديوار سان گڏ ڊگهي فصيل بہ ڏنل آهي. اها 10 فوٽ موڪري فصيل چوڪيدارن جي گشت کانسواءِ قلعي جي مضبوطيءَ جو بہ ڪارڻ آهي. فصيل مٿان، ٻاهرين پاسن تي، اوٽ لاءِ ڇھہ فوٽ اُڀي ديوار بہ ڪوٽ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ڪارڻ آهي. سڄي فصيل ۾ چيڪي مٽيءَ ۽ ڪاٺ استعمال ٿيل آهي. فصيل ڪوٽ جي اندرين زميني سطح کان 22 فوٽ بلند آهي.
دليل ڪوٽ جي حفاظت ٻارهن برجن تي آڌاريل آهي. سڀ برج ذري گهٽ اڌ گول شڪل جا آهن. برج هيٺان ويڪرا ۽ مٿي سوڙها ٿي وڃن ٿا، ان ڪري موجودہ وقت ڪٿي بہ برج کي ڏسبو تہ اهي ٺڪر جي ڪپڙي/ ڪوزي وانگر لڳن ٿا. هر برج جو قطر 36 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ جي شاهي دروازي جي بناوت بہ ٻين ڪوٽن وانگر وڪڙ تي آهي، جيئن فوج تي هڪ ئي مھل وڏو حملو ٿي نہ سگهي. مکيہ دروازي کي ٻہ وڏا برج پنھنجي آغوش ۾ لڪايو بيٺا آهن. در وٽ برجن۽ ديوارن جي بلندي 30 فوٽن کان مٿي آهي. دمدمي ۾ پهچڻ بعد ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ کاٻي هٿ جي اولھہ طرف هڪ ٻيو شاهي دروازو پڻ آهي.
ڏمريو لڪ جي ديوار ۽ برج: سنڌ جي اولھہ ۾ کيرٿر جابلو سلسلو آهي. هي جابلو سلسلو سنڌ جي اولهائين پاسي باقاعدي هڪ حفاظتي ديوار جو ڪم ڏئي ٿو. ان قدرتي ديوار کي مضبوط بنائڻ لاءِ ميرن جي دور ۾ کيرٿر جي مختلف چوٽين، لڪن ۽ گذرگاهن تي نظرداريءَ لاءِ ڪيترائي مورچا ۽ ديوارون جوڙيون ويون هيون. ان کان سواءِ رهائش لاءِ ڪن ماٿرين ۾ قلعا بہ ٺاهيا ويا آهن. جيئن ڏمريي لڪ جي حفاظت لاءِ اتي ٻہ وڏا برج کڙا ڪري، ان کي هڪ 300 فوٽ ڊگهي ديوار سان ڳنڍيو ويو آهي. برجن ۽ ديوار جي وچ تي هڪ دروازو بہ آهي. فوجي نقطہ نگاھہ کان هي برج ۽ ديوار اهم هنڌ تي جوڙيا ويا آهن.
برجن جي پويان اولھہ کان جبلن جي هڪ قدرتي ديوار آهي. اولھہ کان ان لنگهہ جي حفاظت انهن چوٽين جي اوٽ ۾ لڪي ڪري سگهجي ٿي.
ڏمريي لڪ کي ڏنل دروازو: قلعي جي دروازي جي ويڪر 12 فوٽ آهي. دروازي جي ٻاهران ڏکڻ واري ٺل کي گولائيءَ ۾ مضبوط پـُشتو ڏنو ويو آهي. دروازي جون ڀتيون 13 فوٽ ٿلهيون آهن. لڳي ٿو تہ ٻنهي ڀتين ۾ ڪاٺ جو ٿلهو دروازو لڳل هو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين ۾ دروازي کي ڦاسائڻ جا سوراخ مليا آهن. دروازي مٿان ٽٽل ڪاٺ جي شهتير جا ڇيڙا اڄ بہ ڀتين ۾ اٽڪيا پيا آهن.
ديوار جي موري: در جي ڀرسان ئي ڏکڻ طرف هڪ ڍوري جي گذرگاھہ لاءِ موري ٺهيل آهي. ڍوري جو پيٽ 10 کان 15 فوٽ ويڪرو آهي. موري ڊيگهہ ۾ 13 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 9.3 فوٽ آهي. هي پاڻيءَ جو گذرگاھہ مٿي وڃي محرابي ڪنڊ ٺاهي ٿي. اتي موري جي حفاظت لاءِ، مٿان هڪ ڪوٺي جيان مورچو جڙيل آهي.
ڏاکڻيون برج: ڏاکڻيون برج/ مورچو دروازي کان 100 فوٽ بلنديءَ تي آهي، جتي پهچڻ لاءِ قلعي اندران هڪ سنهڙو پيچرو آهي. برج گولائيءَ ۾ 20.6 فوٽ قطر وارو آهي.
اُتريون برج: اُتر وارو برج بہ دروازي کان ڪافي بلنديءَ تي آهي. برج ۾ داخلا جو در پاسي کان آهي، جڏهن تہ ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ توپن لاءِ مارا ٺهيل آهن. هي برج ڏاکڻي برج کان ڪجهہ قدر وڏو آهي، ان جو قطر 27 فوٽ آهي.
ڏمريي لڪ تي ديوار: ڏکڻ ۽ اتر وارن برجن کان ڏاڪڻ وانگر ديوار آهستي آهستي هيٺ لهندي دروازي وٽ اچي پوري ٿئي ٿي. ديوار جو اُتريون پاسو 100 فوٽ ٿيندو. ساڳيءَ طرح ديوار جو ڏاکڻيون پاسو 100 فوٽ آهي. ديوار سراسري طرح 2 فوٽ ٿلهي آهي.
ڊگهہ بالا جو ڪوٽ: ڊگهہ بالا ڳوٺ (تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ) جي اولھہ پاسي، ماڻڪاڻي ميرن جو ٺهرايل ڪوٽ اڄ بہ زبون حالت ۾ موجود آهي. چيو وڃي ٿو تہ هي ڪوٽ مير الهيار پنھنجي رهائش لاءِ ٺهرايو هو. مير الهيار جي وفات 1729ع ۾ ٿي. ڪوٽ ڪافي وقت تائين ٽالپر امير ۽ سپھ سالار پنھنجي رهائش لاءِ ڪتب آڻيندا رهيا. هن چوڪور ڪوٽ جي اتر ڏکڻ ٻانهين 206 فوٽ ۽ اوڀر اولھہ ٻانهين 245 فوٽ آهي. هيءُ ڪوٽ اندازاً اڍائي ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ڪوٽ جي اندرين سطح/ فرش، ٻاهرين زميني سطح جي برابر آهي، جنهن مان لڳي ٿو تہ ڪوٽ هڪ هموار ميدان تي اڏيو ويو آهي. هي ڪوٽ، مير الهيار جي وفات کانپوءِ بہ گهڻو عرصو ٽالپرن جي هٿ هيٺ رهيو ۽ آخر ۾ مير مريد علي خان هي ڪوٽ، شادڻ وارو ڪوٽ، حجرو ۽ زمين جو ڪجهہ ٽڪرو مولوي سالار کي وڪڻي ڏنو. تڏهن کان هي ڪوٽ ظفر ڏاهريءَ جي هٿ هيٺ آهي.
ڪوٽ جون ديوارون: ڪوٽ کي چوڦير ڪچي اوڏڪي ديوار جو ڪڙو چڙهيل آهي. هن وقت بہ ڪوٽ جي ديوار 13.3 فوٽ ڪر کنيو بيٺي آهي، جيڪا هيٺان بنيادن وٽان 4 فوٽ ويڪري ۽ مٿي 2 فوٽ ٿلهي ٺهيل آهي، جڏهن تہ هاڻي ڪن هنڌن تي ديوار جي چوٽيءَ جي ويڪر 6 انچ وڃي بيٺي آهي. زماني جي ستم ظريفيءَ، مسلسل برساتن ۽ هوائن ڪوٽ جي ديوار کي وڏو نقصان ڏنو آهي. ديوارن تي هوائن ۽ برساتي پاڻيءَ جي وهڪرن گهارا وجهي ڇڏيا آهن. ديوار جي ٻاهرئين پاسي لڳي ٿو تہ ڪوٽ جي وقت بہ وقت مرمت ڪئي وئي آهي، ان ڪري ان مٿان ڪچي پلستر جا تھہ چڙهيل آهن. ڪوٽ جي سڄي ديوار ۾ ڪٿي بہ دشمن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ سوراخ يا مارا نظر نٿا اچن. هن ڪوٽ جي ديوار ۾ ڪٿي ڪنگريون پڻ نہ آهن.
ڊگهہ بالا جي ڪوٽ جا برج: موجودہ وقت ڪوٽ جا چار برج سلامت بيٺا آهن. سڀ برج ڊيگهہ، ويڪر ۽ ٿولھہ ۾ هڪ جيترا آهن. هر هڪ برج جو قطر 20 فوٽ ۽ چوڌاري ٻاهران گهيرو 54 فوٽ بيهي ٿو. برجن جي ٻاهرين گولائي حد درجي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي. برجن ۾ ڪتب آندل ڪچيون سرون ٻاهران واضح نظر اچن ٿيون. برج واضح طور ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا. انهن جو هيٺيون حصو وڌيڪ ٿلهو ۽ ٻاهر نڪتل آهي. ان حصي جي زمين کان اوچائي 5 فوٽ ٿيندي. برج ڪوٽ جي ديوار جي ڪنڊن کان ٻاهر نڪري گول ٺاهين ٿا.
ڊگهہ بالا جي ڪوٽ جو دروازو: ڪوٽ جو مکيہ داخلي دروازو اوڀر پاسي کان آهي. ڪاٺ جو هي برجستو دروازو ٻن طاقن ۾ ورهايل هو. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ مھل ساڄي هٿ وارو طاق مير الهيار جي دور جو آهي. ڪوٽ جي مرڪز ۾ هڪ چوڪور ٿلهي تي ٺهيل عمارت ٽن ڪمرن ۽ ورانڊي تي مشتمل آهي.
راڻو ڪوٽ: راڻو ڪوٽ، لاڙ جي مشھور شھر ميرپور ساڪري ويجهو 24.29 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.30 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ديھہ ڍنڍيءَ ۾ آهي. اڳي ان علائقي کي ’ڌاراجا‘ سڏيو ويندو هو. ڌاراجا جي حد ميرپور ساڪري ۽ ٻُهارن کان اولھہ تائين هئي. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين اتي نڱامڙن جي حڪمراني هئي. ڪوٽ کان اولھہ طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي سنڌ جو مشھور ڌاراجا بندر هو. اڄ بہ ان بندر جا کنڊر ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن. ڌاراجا بندر جي کنڊرن مان وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو، چيني ۽ شيشي جا برتن ملن ٿا. ان کانسواءِ اتي جنڊ جا ٽڪرا بہ وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن. ڪوٽ بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم هنڌ تي آهي. ان جي هڪ طرف سمنڊ ۽ ٻئي طرف درياهي وهڪرو آهي. ڪوٽ جي اتر ۾ هڪ پراڻي اوائلي وهڪري جا آثار موجود آهن. موجودہ وقت ان وهڪري جو ڪجهہ حصو پاڻي بيهڻ ڪري ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. جنهن کي مڪاني ماڻهو ’لاکا ڍنڍ‘ سڏين ٿا. ڪوٽ جي اولھہ طرف سنڌو ڊيلٽا ڪجهہ ڪلوميٽرن تي آهي، جنهن تي ڌاراجا بندر هو. سرزمين تي ڪوٽ جي اولھہ-ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي قبرستان آهي، جتي ڪجهہ قبرن جي پٿرن تي چوڪنڊيءَ طرف جا نقش نگار آهن. آخري ڏينهن ۾ گاديءَ جو هنڌ ڌاراجا هئڻ ڪري راڻو ارجن اُن ڪوٽ ۾ رهي رياست جو نظم و ضبط هلائيندو هو.
راڻي ڪوٽ جي ڏکڻ- اولھہ پاسي ڪجهہ فرلانگن جي پنڌ تي ڪجهہ الڳ قبرون بہ ملن ٿيون، اتي هڪ چوڪور دڪي تي ٻہ چوڪنڊي طرز جون قبرون آهن، جن مان هڪ مرد ۽ ٻي عورت جي آهي. مرد واري قبر راڻي ارجن جي پٽ عليءَ جي آهي. ان قبر تي سامهون ’علي بن رانا ارجن 1253ع‘ لکيل آهي.
سرزمين تي مڪمل چوڪور ڪوٽ جا کنڊر موجود آهن. ڪوٽ جي کنڊرن جي اوچائي زمين جي مٿاڇري کان 10 فوٽ ٿيندي. سڄي ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي اڏاوت ۾ ڳاڙهو پٿر استعمال ٿيل آهي. اڏاوت ۾ ڪتب آندل پٿر سھڻي انداز ۾ بيهاريو ويو آهي. عمارت جي اوساريءَ ۾ چُن جو گچ ڪم آندو ويو آهي. ڪوٽ مان ڌاراجا مان ملندڙ ٺڪراٺو ملي ٿو. ڪوٽ جو اتر پاسو غائب آهي.
ڪوٽ، چوڪور شڪل ۾ هئڻ ڪري ان جو هر هڪ پاسو 325 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ديوار جي سراسري موڪر 12 فوٽ آهي. ڪوٽ جي بنيادن ۾ استعمال ٿيل پٿر 1-1/2x1-1/2 فوٽن جو آهي.
راڻي ڪوٽ جي کنڊرن جي حفاظت ست برج ڪن ٿا. چار برج انهن چئن ڪنڊن جي نگهبانيءَ لاءِ بيهاريل آهن. باقي ٽي برج هر پاسي جي وچ تي آهن. ڪوٽ جا برج بيضوي نموني جا آهن. برج جي ڊيگهہ ۾ قطر 24.6 فوٽ ۽ ويڪر ۾ قطر 22.6 فوٽ آهي. ڪوٽ جي اندر اوڀر پاسي واري ديوار جي وچ تي ڪجهہ اڏاوتن جا آثار پڻ ملن ٿا.
رتوڪوٽ 1: رتوڪوٽ، مچٽ ٻيٽ تي سنڌوءَ ڪناري جي اتر- اولھہ طرف آهي. اهو ڪوٽ ڪراچيءَ کان اٽڪل 27 ڪلوميٽرن پنڌ تي آهي.
ڪوٽ جي بيهڪ: ڀنڀور ڏي ويندڙ گهاري کاريءَ تي موجود هي رتوڪوٽ ڪنهن زماني ۾ ڀڙج جي رياست ۾ هو. چون ٿا 967ھہ ۾ مرزا صالح پٽ مرزا عيسى خان جڏهن ٺٽي جو نواب هو تہ بڙجن ۽ بلوچن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو. ڪلمتي ۽ لاشاري بلوچن گڏجي رتي ڪوٽ تي حملو ڪيو. روايت آهي تہ ان رات ڪوٽ ۾ ڇھہ ويهون (هڪ سؤ ويھہ) گهوٽن جون شاديون رکيل هيون. بلوچن اوچتو حملو ڪري وڏو قتل عام ڪيو، ايتري قدر جو پينگهي ۾ ستل ٻار بہ ماريا ويا. سڄو ڪوٽ لٽي، خزانا ۽ مال ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي رکيائون. اهڙي نموني رتوڪوٽ ناس ڪري هليا ويا. باقي جيڪي ڀڙج بچيا هئا، سي لڏي اچي جوڳين وٽ رهيا.
رتي ڪوٽ جو ذڪر ان حوالي سان بہ مشھور آهي تہ ڪوٽ ۾ ڄام بجار، ڌاراجا جي راڻي ارجن کي ماريو هو. مقامي ماڻهو، ڪوٽ کي ’رتو ڪوٽ‘ يا ’رتائو ڪوٽ‘ سڏيندا آهن. ’رتائو‘ سنڌي لفظ ’رتو‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’رت جهڙو ڳاڙهو‘ آهي.
ڪوٽ: مچٽ ٻيٽ تي هي ڪوٽ پراڻي دور جي وڏي ۾ وڏي علامت آهي، جيڪا 4.38 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. هن ڪوٽ جا اهڃاڻ ٻيٽاريءَ جي مٿاڇري کان ٻارهن فوٽن جي اوچائيءَ تي آهن. ڪوٽ جي شڪل چوڪور پر ڪجهہ پاسيري آهي، ان جو اولھہ ۽ اوڀر پاسو اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان وڏو آهي. ڪوٽ جي اولھہ پاسي جي ڊيگهہ 352.3 فوٽ، اوڀر پاسي جي ڊيگهہ 357.5 فوٽ، اتر پاسي جي ڊيگهہ 319.5 فوٽ ۽ ڏکڻ پاسو 331 فوٽ ڊيگهہ وارو آهي، جڏهن تہ ڪوٽ جي ديوار جي موڪر 7.5 فوٽ آهي. ديوار سلاميءَ تي هئڻ ڪري 10 فوٽن جي بلنديءَ تي ان جي ويڪر گهٽجي 5.6 فوٽ ٿي وڃي ٿي.
ڪوٽ جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي تي پنج پنج برج آهن. صرف اولھہ طرف ڇھہ برج آهن. هر برج جي شڪل هڪ ٻئي کان ٿوري گهڻي بدليل آهي. ڪنڊن وارا برج بہ هڪجهڙي شڪل وارا نہ آهن. برجن جي ٿولھہ بہ ڪوٽ جي ديوار جيتري آهي.
برجن جي وچ ۾ ڏنل ديوار جي ڊيگهہ بہ جدا جدا آهي. ڀتين جي ڊيگهہ ننڍي هئڻ ڪري برجن جي ويڪر وڏي رکي وئي آهي.
لنگهہ وارو برج: ڪوٽ جي حدن کان ٻاهرين برجن جي اڳيان هڪ چوڪور برج آهي. جنهن جي شڪل مان لڳي ٿو تہ اهو برج، ڪوٽ جي اڏاوت کان بعد جو ٺهيل آهي.
ڪوٽ اندر اڏاوتن جا واضح نشان، ڪوٽ جي اندرين ڀتين جي ڀرسان آهن، جيڪي 33 فوٽن کان وڌيڪ اندر آهن. ڪمرا ڍڪيل گئلريءَ سان آهن. گئلري، برج ۽ ديوارن جي چوٽين مٿان ٺهيل آهي. ڪوٽ جو باقي وچيون حصو بنا ڪنهن اڏاوت جي هيٺانهون آهي.
رتو ڪوٽ 2: رتو ڪوٽ 69.30 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 25.42 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي سانگهڙ ضلعي ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جا کنڊر سانگهڙ کان 82 ڪلو ميٽر ۽ کپري کان 22 ڪلوميٽر پنڌ تي تعلقي کپري جي ديھہ کڄڻيءَ جي سروي نمبر 135 ۾ پکڙيل آهن. هي قديم ڪوٽ، مٽيءَ ۾ دفن ٿيل دڙي جي صورت ۾ نارا ڪئنال جي کاٻي ڪپر تي R.D455 تي موجود آهي.
رتي ڪوٽ جو نالو ڪيئن پيو؟: رتي ڪوٽ تي اهو نالو پوڻ جا مڪاني ماڻهن وٽ مختلف رايا آهن. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي تہ رتو اصل ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو هو، جنهن پويان ’رتو ڪوٽ‘ سڏيو ويو.
ڪوٽ تي رتو نالو پوڻ جو هڪ سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ رتي ڪوٽ جا رتاڻ مائل کنڊر، ڳاڙهسري وجود سان قائم آهن. تاريخ ريگستان ۾ سومرا دور کان وٺي، رتي ڪوٽ جي حوالي سان مختلف هنڌن تي ذڪر اچي ٿو. سما ۽ ترخان دور ۾ بہ رتي ڪوٽ جو نالو ملي ٿو. رتو ڪوٽ درياهي وهڪري تي هئڻ ڪري، صدين کان وٺي اڄ تائين ’رتوڪوٽ‘ پتڻ تي ٻيڙين جي اچ وڃ جاري آهي. اوائلي زماني کان وٺي هي رستو، خشڪي توڙي آبي گذرگاھہ رهيو آهي.
رتي ڪوٽ جي بناوت: رتي ڪوٽ جي ساخت ۽ بناوت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن کنڊرن جي چڙهي، نظر ڦيرائجي ٿي تہ محسوس ٿئي ٿو تہ ڪوٽ کي چوڪنڊو جوڙيو ويو آهي. ٿوري کوٽائي ڪرڻ سان ڀت جون اڏاوتون چوڪنڊو ٺاهيندي ملن ٿيون. وقت جي وهڪري، برساتن ۽ طوفانن هن هم چورس ڪوٽ کي ڀڃي ڀوري، گولائيءَ مائل دڙي جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي.
رتي ڪوٽ جون ديوارون/ برج/ دروازا: مٽيءَ ۾ ڍڪيل پر ڪن هنڌن تان ظاهر ٿيندڙ ديوارن کي ماپڻ ۾ ڪافي مشڪل پيش اچي ٿي. وڏي احتياط سان ڪوٽ جو خاڪو ۽ اڻ پورو نقشو جوڙي سگهجي ٿو. هن چوڪور ڪوٽ جي هر ٻانهين اٽڪل 600 کن فوٽ آهي. اٺن ديوارن جي وچ تي خاص ڪري، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن مان ڪوٽ اندر اچڻ جا دروازا معلوم ٿين ٿا. ان 600 فوٽ ڊگهي ديوار جي سراسري ٿولھہ بنيادن وٽ 12 فوٽ بيهي ٿي.
ان ڪوٽ جي ديوارن جي معائني دوران ڪافي ڪوشش بعد ڪوٽ جي پنجن برجن جا اهڃاڻ ڳوليا ويا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ انهن برجن جو انگ اڃا بہ وڌيڪ هجي. رتي ڪوٽ کي عام ڪوٽن وانگر چار برج ڪنڊن جي حفاظت ڪندي ملن ٿا، باقي هڪ وڏو برج ڪوٽ جي اتر طرف مک دروازي جي اوڀر طرف ڊٺل حالت ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح هن ڪوٽ جا ٻيا برج خاص ڪري مک دروازي وارا برج سرزمين تان غائب آهن.
موجودہ کنڊرن جو معائنو ڪجي ٿو تہ برساتي وهڪرا هن ڪوٽ جي آثارن کي ڊاهيندا رهن ٿا، انهن مان هڪ وڏو وهڪرو ڪوٽ جي اتر پاسي وچ تي مک دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي وچ تي بہ ڪوٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ جو لنگهہ نظر اچي ٿو.
رتي ڪوٽ مان ٽن قسمن ۽ ماپن جون سرون ملن ٿيون: وڏيون پڪيون سرون، ننڍيون پڪيون سرون، ۽ ڪچيون سرون.
رني ڪوٽ: سنڌ جو هي تاريخي ڪوٽ،25 53 47 ڊگريون اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 54 9ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، کيرٿر جابلو سلسلي ۾ واقع آهي. هي ڪوٽ سن شھر کان 30 ڪلوميٽر ڏکڻ- اولھہ طرف ڄامشوري ضلعي ۾ آهي. هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو چيو وڃي ٿو، جيڪو کيرٿر جي جابلو چوٽين جي لاهين چاڙهين تي32.5 ڪلوميٽرن جو گهيرو ٺاهيو بيٺو آهي. هي سڄو ڪوٽ ڳاڙهسري چن جي پٿرن جو جڙيل آهي.
رني ڪوٽ تي نالو: رني ڪوٽ جي وچ مان هڪ جابلو نئن وهي ٿي، جنهن کي ’رني‘ نئن چيو وڃي ٿو. رني معنيٰ پاڻيءَ جو قدرتي وهڪرو. عام طور حيدرآباد شھر جو نالو ’نيرن ڪوٽ‘ چيو ويندو آهي، جيڪو غلط آهي. اهو نالو ’نئين رنيڪوٽ‘ جي ڪري عام ٿيو، چچنامي ۾ بيان ڪيل سيوهڻ ۽ نيرن ڪوٽ جو مفاصلو ڏسڻ بعد حقيقت پڌري ٿي پوي ٿي، ’آئينہ قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ بہ اهو حوالو ملي ٿو.
رني ڪوٽ جا دروازا: تازي جائزي مطابق رني ڪوٽ کي 2 مک دروازا آهن. سن دروازو، جيڪو ڪوٽ جي اوڀر ۾ آهي ۽ موهن دروازو ان جي اولھہ ۾ آهي. ان کانسواءِ رني ڪوٽ جي ديوار ۾ ڪيترائي برسات جي پاڻيءَ جا لنگهہ آهن، جيڪي اڪثر خشڪ هئڻ ڪري ماڻهو اچڻ وڃڻ جي ڪم آڻن ٿا: موهن در وٽ اوڀر پل، هنج چوٽيءَ ڀرسان لنگهہ، ڏاکڻي پل، ان کان سواءِ شاھہ پير، ٻڌي موري، ننڍي ساوڙي، وڏي ساوڙي وغيرہ پاڻيءَ جا گذرگاھہ آهن، پر اڪثر خشڪ هئڻ ڪري ماڻهو ان کي دروازي طور بہ ڪم آڻن ٿا.
رني ڪوٽ جي پکيڙ: سروي مطابق رني ڪوٽ جو گهيرو 108174 فوٽ يعني تقريباً سوا ويھہ ميل آهي. انهن سوا ويهن ميلن جي گهيري مان اٽڪل پنج ميل هٿرادو پٿرن جي ديوار ڏنل آهي، باقي ڪوٽ بنا ديوار جي آهي. يعني ڪوٽ جي ڪل 15 ميلن کي ڪا بہ ديوار ڏنل نہ آهي. ان مان ائين چئي سگهجي ٿو تہ ڪوٽ جي صرف هڪ حصي کي ديوار آهي، باقي ٽي حصا قدرتي ديوار سان محفوظ آهن. قدرتي ديوارون، جبلن جي بلند چوٽين، اڀڪپرين ۽ ڇنن جون آهن، جتان اورانگهڻ تمام ڏکيو آهي.
رني ڪوٽ جا برج: ڪوٽ کي ٻاهرين ديوار ۾ ڪل 47 برج آهن. انهن مان 7 برج مستطيل يا چوڪور آهن، باقي چاليھہ برج گول يا اڌ گول جي شڪل جا آهن. ان کانسواءِ 5 برج ميري ۽ 5 برج شيرڳڙھہ جا بہ ملائجن تہ ڪوٽ ۾ ڪل 57 برج ٿيندا. هنن سڀني برجن تي مقامي طور نالا رکيا ويا آهن، جھڙوڪ: ڪانءُ- پير وغيرہ. رني ڪوٽ اندر ٻہ ننڍڙا ڪوٽ بہ آهن، هڪ ميري ڪوٽ، ٻيو شيرڳڙھہ.
ميري ڪوٽ: ميري ڪوٽ، رني ڪوٽ جي مرڪز ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي اڏيل آهي، اُن ٽڪريءَ تي ٽن طرفن کان مٿي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ميري ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ديوار جي ڊيگهہ 1434 فوٽ آهي. هي ڪوٽ شيرڳڙھہ کان ڪجهہ وڏو آهي. هن ڪوٽ کي ڪل 5 برج آهن. ميري ڪوٽ بعد جي دور جو ٺهيل محسوس ٿئي ٿو يا سندس بعد ۾ مرمت ڪري تبديلي آندي وئي آهي. ميري ڪوٽ جي ديوار هيٺان 11 فوٽ ۽ مٿان 8 فوٽ ويڪري آهي، جنهن تي صرف ٻاهرئين طرف ڪنگرا آهن. ميري ڪوٽ لاءِ ٿي سگهي ٿو تہ ڪنهن امير يا سپھہ سالار جي رهڻ جو هنڌ هو، ڇو جو اُن ۾ دفاع سان گڏ رهائشي ۽ انتظامي سهولتون پڻ آهن. اُن ۾ ڪيتريون لانڍيءَ وانگر ڪوٺيون ٺهيل آهن، جن جون موجودہ وقت ڇتيون غائب آهن. ميري ڪوٽ ۾ اندر هڪ وڏو کوھہ بہ آهي. ممڪن آهي تہ هن ڪوٽ جي مرمت ميرن جي دور ۾ ٿي هجي ۽ ان نسبت سان اُن جو بعد ۾ نالو ’ميري‘ رکجي ويو هجي.
شيرڳڙھہ: شيرڳڙھہ رني ڪوٽ جي اتر- اولھہ واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي چوٽيءَ تي بيٺو آهي. ڪوٽ تي پهچڻ لاءِ اولھہ طرف کان مٿي چڙهڻو پوي ٿو. شيرڳڙھہ جي معنيٰ شينهن جي رهڻ جو هنڌ آهي. هي سمنڊ جي سطح کان 1480 فوٽ بلند ۽ رني ڪوٽ جي سڀ کان مٿاهين هنڌ تي آهي. قلعي جي ٽن پاسن تي اڀڪپريون ٽڪريون آهن. هن ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف هڪ دروازو اولھہ-ڏکڻ کان آهي. ڪوٽ ۾ ڪل 5 برج آهن. ڪوٽ اندر گهڻين جاين تي اوائلي وسندين، ڪيترين ديوارن ۽ اڻپورين اڏاوتن جا آثار ملن ٿا. ڪوٽ تي چڙهندي وقت واٽ تي پاڻيءَ جا کوھہ ٺهيل آهن، معلوم ٿئي تہ هن ڪوٽ جي تعمير وقت انهن کوهن ۾ هيٺان پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو، جيئن ضرورت وقت اُتان پاڻي مٿي تعميرات لاءِ کڻي سگهجي.
سرڻي ڪوٽ: سرڻي ڪوٽ 26 45 56 اتر ۽ 68 02 11 اوڀر ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي موري ۾ واقع آهي. هي يونين ڪائونسل مناهيءَ جي سروي نمبر 444 ۾ زبون حالت ۾ آهي. هن ڪوٽ جا آثار سڌوجا شھر وٽان، قومي شاهراھہ کان نوان جتوئيءَ ويندڙ روڊ تي چئن ڪلو ميٽرن تي ڊوٽي شاخ (نٿر شاخ) جي ڀڪ تي واضح نظر اچن ٿا. سرڻي ڪوٽ جي لڳ اوڀر ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن.
سرڻي ڪوٽ جي اڏاوت: هن مستطيل ڪوٽ جي اتر ۽ ڏکڻ ٻانهن، ڊيگهہ ۾ وڏي ۽ اوڀر ۽ اولھہ ٻانهن ننڍي آهي. هي ڪوٽ هڪ مٿانهين دڙي تي آهي. اهو پوٺو پوکيءَ لائق زمين کان ڏاڪي بہ ڏاڪي مٿي چڙهي ٿو. اُن ڪري ان پوٺي جا چار طبقا يا ڏاڪا ٺهيل آهن، هر هڪ ڏاڪو چار فوٽ بلند هئڻ ڪري، اهو تاريخي ڪوٽ، آسپاس جي زميني سطح کان پندرهن فوٽ بلنديءَ تي ستن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي.
سرڻي ڪوٽ تي نالو: اُن ڪوٽ تي سرڻي نالي پوڻ جي پويان هڪ مقامي روايت آهي تہ سرڻي هڪ سھڻي عورت هئي، جنهن جو عشق اُن وقت جي بادشاھہ سان ٿيو. جيئن هي ڪوٽ مٿانهينءَ تي آهي، اُن ڪري سنڌيءَ ۾ اُن جي معنيٰ مٿانهون ۽ مک ٿي سگهي ٿو. سر مان سرڻي ڪوٽ، يعني مٿاهون ڪوٽ ٿيو هجي. قديم زبان سنسڪرت ۾ شرڻ لفظ جي معنيٰ ’پناھہ‘ بہ آهي. هڪ خيال موجب سرڻي، ’شرڻ‘ لفظ مان نڪتو آهي. ’نسرنِ يا نسَرڻ‘ جنهن جو مطلب ٿيو ’اوٽ‘، ’حفاظت‘، ’بچاءُ‘، اهڙيءَ طرح ’سرڻ ڪوٽ‘ سرڻي ڪوٽ جي معنيٰ ٿي حفاظت وارو ڪوٽ. ساڳئي وقت ’سرڻ‘ جي هڪ ٻي معنيٰ پناھہ جي جاءِ، دارالامان بہ آهي. عموماً اسان وٽ ’سرڻ ڀوت‘ يعني سام پوڻ ’سرڻ وٺڻ‘ پناھہ وٺڻ جا لفظ بہ مروج آهن.
سرڻي ڪوٽ جي ديوار: هن مستطيل ڪچي ڪوٽ جي اتر- ڏکڻ پاسي واري ديوار 390 فوٽ ڊگهي آهي. اوڀر- اولھہ طرف واري 270 فوٽ ڊگهي آهي. هن ڪوٽ جي ديوارن بيهارڻ کان پهريائين ديوارن جي بنيادن کي 24 فوٽن تائين ويڪرو کوٽي، ان ۾ ڪوئلو ۽ ٻيو مصالحو وجهي مضبوط بڻايو ويو آهي. جنهن جي وچ تي 10 فوٽ ويڪري ديوار جي پيڙھہ رکي وئي آهي، اها ديوار آهستي آهستي مٿي سوڙهي ٿيندي وڃي ٿي. موجودہ وقت ديوار جي مجموعي طور اوچائي 15 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ساري ديوار جي لڙھہ/ ويڪر ٻن حصن ۾ ٺهيل آهي، يعني ڪوٽ کي هڪ ٻئي پٺيان، لڳو لڳ ٻہ ڀتيون بيهاريل آهن. ديوار جي مضبوطيءَ لاءِ ڪٿي بہ ڪچي يا پڪي سر استعمال ٿيل نہ آهي، نہ ئي ڪٿي ڪاٺ وغيرہ ڪتب آندو ويو آهي. ديوار جي مٿانهينءَ تي چوڪيدارن لاءِ هڪ ويڪري فصيل بہ ٺهيل آهي، جيڪا هاڻي بہ اٺ فوٽ ويڪري آهي. ڪوٽ جي فصيل مٿان ڪا بہ اوٽ يا پلويڙو (Battlement) ڏنل نہ آهي. ظاهر آهي تہ ڪوٽ کي ابتدا ۾ اها اڏ ڏنل هوندي، پر زماني جي ستم ظريفي ۽ ڪوٽ جي پراڻي ٿي وڃڻ ڪري هاڻي ان جو وجود نہ رهيو هو.
سرڻي ڪوٽ جا برج: سرڻي ڪوٽ کي روايتي ڪوٽن وانگر صرف چئن ڪنڊن کان برج ڏنل آهن. برج قدبت ۾ شاهوڙ هئڻ ڪري اڄ بہ سلامت بيٺا آهن. اهي زمين تي اُٺ جي پير جيان تراکڙو ۽ ويڪرو گهيرو ٺاهين ٿا. بنيادن وٽ برجن جو گهيرو 70 فوٽ آهي. نقطہ نگاھہ کان برج ڪوٽ جي ديوارن کان ٻاهر نڪتل هئڻ ڪري ڪوٽ جي آسپاس حملي آور تي نظر رکي سگهجي ٿي.
سرڻي ڪوٽ جو دروازو: سرڻي ڪوٽ کي صرف هڪڙو ئي اوڀر طرف کان 12 فوٽ ويڪرو دروازو آهي. ان در جي حفاظت لاءِ باقاعدہ هڪ پختو دمدمو ٺهيل آهي. ڪوٽ جي اندر مک اڏاوت ٻڌمت جو اسٽوپا آهي. هي اسٽوپا ڪوٽ جي مرڪز کان ٿورو پاسيرو اتر اولھہ طرف آهي. ان جي ڀرسان ئي ٻين رهائشي جاين جا آثار ملن ٿا.
سيوهڻ وارو قلعو/ ڪوٽ: هي ڪوٽ بيهڪ جي لحاظ کان26 26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 50 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، سيوهڻ شھر جي اولھہ ۾ واقع آهي. هي ڪوٽ جنگي نقط نگاھہ کان پراڻي زماني کان اهم هنڌ تي، چوڌاري اڙل واھہ سان گهيريل آهي. سنڌو درياھہ، ڪوٽ جي ڀرسان گذري ٿو. سيوهڻ ڪوٽ هر دور ۾ لڪي جبلن واري لنگهہ جي نگهباني ڪندي نظر اچي ٿو. ڪوٽ جي اولھہ ۾ ڪجهہ ميلن تي ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر آهي.
سيوهڻ جي سرزمين تي موجودہ آثارن مان قلعي جي برجن جي ساخت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهي ديوار جي سِڌ کان ٻاهر نڪتل هئا. برجن جي آثارن مان انهن جي گولائي مائل هئڻ ۾ ڪو بہ شڪ نہ ٿو ڪري سگهي. برج مختلف ماپن جا آهن، خاص ڪري دروازي جي حفاظت وارا برج بلندي ۽ ٿولھہ ۾ برجستا آهن. البت سراسري طور برجن جو قطر 20 فوٽ کن ٿيندو، برج بنيادن وٽ ويڪرا مٿي سوڙها ٿيندا وڃن ٿا.
قلعي جو شاهي دروازو اتر پاسي کان آهي. دروازي تائين پهچندڙ رستو وڪڙدار آهي. اُن وڪڙدار لنگهہ ۽ دروازي تي نظر رکڻ لاءِ چار برج آهن، جن مان هڪ ٻن برجن جا آثار اڄ بہ نروار آهن. قلعي جا دروازا اڄ بہ سٺي حالت ۾ موجود آهن. انهن محرابن وارن دروازن جي بلندي وڏي آهي، جنهن مان هاٿيءَ تي سوار ماڻهو بہ آسانيءَ سان گذري سگهي ٿو. قلعي جي شاهي دروازي جي پويان هڪ ٻيو بہ وڏو دروازو محراب ٺاهيندي نظر اچي ٿو.
غلام شاھہ جي مقبري وارو ڪوٽ: هي ڪوٽ حيدرآباد سينٽرل جيل سامهون حيدرآباد ۾ موجود آهي. غلام شاھہ جي مقبري وارو ڪوٽ، چوڪور شڪل جو آهي. هن جي ڊيگهہ 252 فوٽ ۽ ويڪر 233 فوٽ آهي. ڪوٽ هڪ مقبري بجاءِ مڪمل چوڪي لڳي ٿو. پڪين سرن جي گهٽتائيءَ ڪري، برسات ۽ هوائن هن ڪوٽ کي تباھہ ڪري ڇڏيو آهي.
ڪوٽ جي ڀت لهواري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لهوارا برج ٺاهيا ويا آهن. هن ڪوٽ کي ڪل 11 برج آهن، جن مان چئنن ڪنڊن وارن گول برجن جو گهيرو ٻاهران 100 فوٽ آهي. مکيہ دروازي جي حفاظت لاءِ ان جي سامهون بہ هڪ برج آهي. ڪوٽ جي ڀت پڪين سرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان ٺاهي وئي آهي. ائين ٿو لڳي تہ ڪوٽ جي ٿلهي ڀت جي وچ کي مٽي ۽ سرن سان ڀريو ويو آهي. ڀت هيٺان بنيادن وٽ 14 فوٽ ويڪري ۽ اُن جي بلندي 25 فوٽ آهي.
ڪوٽ جي حالت بلڪل زبون ٿي وئي آهي. پڪيون سرون بہ ڳري سڙي ڪِري پيون آهن. ڪوٽ جي ديوار مٿان ڪنگريون هونديون هيون، جن مان هاڻي ڪا بہ باقي نہ رهي آهي.
ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ وارو شاهي دروازو اوڀر واري ڀت جي وچ ۾ آهي. دروازي کي ايتري تہ حرفت ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو ويو آهي، جو در تي حملو ڪرڻ وارن لاءِ اهو ڄڻ هڪ ڪوڙڪ آهي ۽ ان کي وڏي کان وڏي توپ بہ ڪو نقصان پهچائي نٿي سگهي. شاهي دروازي جي حفاظت هڪ مضبوط دمدمو ڪري رهيو آهي. محرابي شڪل جي ٻاهرئين مک در مان لنگهڻ کانپوءِ بہ هڪ ننڍڙو دروازو رڪاوٽ بڻيل آهي. دروازي جو لنگهہ سھڻي گنبذ وارو آهي، جن جي ٻنهي پاسن کان پهريدارن لاءِ جڳهون ٺهيل آهن. اندريون حصو، سهڻن گلن جي ڊزائين سان سينگاريل آهي. قلعي جي بلڪل مرڪز ۾ بلنديءَ تي هڪ ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن تي ميان غلام شاھہ جو مقبرو جوڙيل آهي.
هي ڪوٽ پڪي قلعي جي بچاءَ لاءِ ان جي اتر ۾ هڪ جابلو ٽڪريءَ تي بيٺل آهي. پڪي قلعي جي تڪميل جي چئن سالن بعد 1186ھہ ۾ ميان غلام شاھہ وفات ڪئي. کيس هن ڪوٽ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ سرفراز ڪلهوڙي مٿس روضو ٺهرايو.
ڪارو ڪوٽ
(ڪاري ڪوٽ جي بيهڪ): ڪارو ڪوٽ، کيرٿر جبل جي هنج ۾ وهندڙ نئين نري/ نليءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍڙي اُڀڪپري تي بيٺل آهي. هن ٽڪري جي ڀر ۾ ڪو بہ بلند ٽڪر يا پهاڙ ناهي. ان ٽڪري جي اولھہ ۾ ٽرڪ ڍورو وڃي ٿو ۽ اوڀر پاسي نئين نري آهي. مطلب تہ کير ٿر جون ٻہ وڏيون ۽ مشھور نئيون، هن ڪوٽ جي بنيادن کي ڇهندي گذرن ٿيون. اها ٽڪري نئن جي 100 فوٽ بلند ۽ سامونڊي سطح کان اٽڪل 1500 فوٽ مٿي آهي. ٽڪري سنئون سڌو لسو عمود ٺاهيو بيٺي آهي، ٽڪريءَ جو صرف اوڀر پاسو مٿي چڙهڻ جو دڳ ڏي ٿو. ان ڪري ان پاسي کان چڙهڻ لاءِ هڪ رستو ٺاهيو ويو آهي، جيڪو مٿي ڪوٽ اندر داخل ٿي وڃي ٿو. موجودہ وقت ان لنگهہ/ دروازي جي ويڪر 20 فوٽ آهي. ان ميدان کي غير محفوظ پاسن کان ديوارون ڏئي هڪ ڪوٽ جي شڪل ڏني وئي آهي.
هي ڪوٽ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. هن جي جاگرافيائي بيهڪ 26 38 82 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 14 70.2 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ آهي. هن ڪوٽ جي بناوٽ، ٽڪريءَ جي مٿاڇري جي شڪل ۽ ساخت جاگرافيائي نقشي نگاريءَ (Topography) مطابق ٺهيل آهي. ان ٽڪريءَ جي شڪل مطابق، ڪوٽ جون قدرتي ۽ هٿرادو حفاظتي ديوارون بيهاريون ويون آهن. ٽڪريءَ .جي شڪل ڪجهہ قدر گولائيءَ مائل هئڻ ڪري، اها پپر جي پن جهڙي شڪل ٺاهيو بيٺي آهي.
ڪاري ڪوٽ جي قدامت: ڪاري ڪوٽ مان هٿ آيل ڪجهہ ٺڪراٺو قبل از تاريخ جو لڳي ٿو. هتان هٿ آيل ٺڪراٺو، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي ٺڪراٺي سان ڪجهہ قدر مشابهت بہ رکي ٿو. اهي قديم شيون ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ هي ٽڪري ۽ ڪوٽ، اوائلي زماني کان انسان جي استعمال هيٺ رهيو آهي. ڪوٽ جي اندر ڪجهہ اڏاوتون ڏسي اهو بہ محسوس ڪري سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ جڏهن ٻڌ ڌرم جو عروج هو تہ هي ڪوٽ بہ ٻوڌين جو آستانو رهيو هوندو. اندازو آهي تہ ڪوٽ جي وچ تي ڪو اسٽوپا جڙيل هجي، جنهن جي آسپاس ڀڪشوئن جي عبادت لاءِ ننڍيون ڪوٺيون پڻ هجن. هونئن بہ هتان کان ٿوري مفاصلي تي ٻڌن جو مقدس آستان ’پپراسو‘ موجود آهي.
هن ڪوٽ کي سروي آف پاڪستان جي نقشن ۾ ڪارو ڪوٽ سڏيو ويو آهي. ان ڪوٽ جي حوالي سان هن ساري وسيع علائقي جو بہ ڪاروڪوٽ نالو پئجي ويو آهي. ٽڪري جنهن تي ڪوٽ ٺهيل آهي، ان کان سواءِ آسپاس جي پٿرن جو رنگ ۽ ساخت ڪارسري هئڻ ڪري هن علائقي توڙي ڪوٽ کي رنگ جي مناسبت سان ڪارو ڪوٽ سڏجي ٿو. ڪجهہ مقامي ماڻهو ڪوٽ کي ’ڏاهر جو ڪوٽ‘ بہ ڪوٺين ٿا. ڪن جابلو لوڪن واتان هن جو نالو ’ڪافر ڪوٽ‘ پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
ڪاري ڪوٽ جون ديوارون: هن بي ترتيب ٽڪريءَ جي هر اُن هنڌ تي جتان حملي اور سولائيءَ سان مٿي چڙهي سگهيو ٿي، انهن پاسن کي ديوار سان بند ڪيو ويو آهي. ڪاري ڪوٽ کي چوڦير پنجاھہ سيڪڙو (اڌ حصي) کي ديوار ڏني وئي آهي. ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسن کان موجودہ وقت ديوارن جو سهارو ڏنو ويو آهي. ڪاري ڪوٽ کي ڏنل ديوار جي موجودہ وقت ٽڪريءَ جي مٿاڇري کان بلندي 4 فوٽ بيهي ٿي. ان ديوار جي سراسري ٿولھہ 6 فوٽ آهي. ڪوٽ جي اتر ڏکڻ ڊيگهہ 350 فوٽ ۽ اوڀر اولھہ ويڪر 245 فوٽ آهي.
ڪوٽ جي اوڀر پاسي کان، مٿي ٽڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ هڪ هٿرادو رستو آهي. اُن رستي تي وڏا وڏا پٿر رکي وڏيءَ محنت سان وروڪڙ ڏئي، مٿي چڙهڻ لائق بڻايو ويو آهي. اهو رستو مٿي ٽڪريءَ تي پهچي، ڪوٽ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.
ڪراچي ڪوٽ: ڪراچي ڪوٽ بيهڪ جي لحاظ کان 24 51ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 4ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. قديم دور ۾ هي سمورو علائقو Tethys سمنڊ هو. هماليہ جي اڀرڻ سان هيءَ زمين تمام گهرائيءَ مان اڀري آهي. سڀ کان آخر ۾ منگهي پير جون ٽڪريون ظاهر ٿيون آهن. ڪيترو وقت اهو هنڌ ويران رهندو آيو، بعد ۾ ڪن اوائلي ماڻهن اُن هنڌ تي پنهنجون وستيون آباد ڪيون. آثار قديمہ جي ماهرن ڪراچيءَ ڀرسان ڪيترين اهڙين آبادين جا آثار لڌا آهن. ڪراچي شھر جو ڪتابن ۾ سترهين صديءَ تائين ڪو گهڻو احوال نہ ٿو ملي، نہ ئي ڪراچي بندر جو ذڪر آهي. البت ان دور ۾ شاھہ بندر، لاهري بندر، کڙڪ بندر سنڌ جا مشھور بندر هئا. کڙڪ بندر حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ هو. انهيءَ دور ۾ ڪراچيءَ جي کاريءَ تي واريءَ جي بند جي منهن وٽ ويھہ پنجويھہ ميربحرن جا خاندان جهوپڙين ۾ رهندا هئا. اهو هنڌ ’درٻو‘ نالي سان مشھور هو. درٻي جي دامن ۾ ئي هڪ شفاف پاڻيءَ جو چشمو وهندو رهندو هو، جنهن کي ’ڪلاچيءَ جو ڪُن‘ ڪوٺيندا هئا. روايت آهي تہ ’ڪلاچي‘ هڪ مهاڻيءَ جو نالو هو. ڪن جو خيال آهي ’ڪولاچي نئن‘ جي نالي ڪري، هن شھر کي ’ڪولاچي‘ سڏيو ويو، جيڪو بعد ۾ ڪلاچي/ ڪراچي ٿيو.
1729ع ڌاري کڙڪ بندر جا ماڻهو بہ لڏي اچي ڪلاچيءَ جي انهيءَ ڪُن وٽ ويٺا. سيٺ نائون مل ڪراچيءَ ۾ قلعي جي بنياد پوڻ لاءِ لکي ٿو تہ: ”ڀوڄي مل جي مشوري سان آسودي مل نالي هڪ شخص بيبي مرادان سان صلاح ڪئي تہ ڪراچيءَ جي حفاظت لاءِ هڪ قلعو اڏائجي. ماڻهن تمر جو جهنگ صاف ڪري، ڪاٺين ۽ مٽيءَ جو قلعو ٺاهڻ شروع ڪيو. شھر واسين جي مدد لاءِ ٻاهران مزدور بہ گهرايا ويا. انهن کي مزدوري ۾ بحرين ۽ مسقط جا سڪا ۽ تازي کجور ڏني ويندي هئي. ٿوري وقت ۾ هڪ چڱو خاصو قلعو ٺھي راس ٿيو. مسقط کان توپون گهرائي قلعي جي ديوارن تي رکيون ويون. قلعي جي ديوار اندر اٽڪل سٺ ستر جريبن جي ايراضي هئي. قلعي کي ٻہ دروازا هئا، اولھہ واري دروازي کي ’کارو دروازو‘ يعني کاري پاڻيءَ ڏي (ڏکڻ سمنڊ ڏانهن) ويندڙ ڪوٺيندا هئا ۽ ٻيو دروازو جيڪو اتر- اوڀر طرف ڏانهن هو، تنهن کي ’مٺو دروازو‘ مٺي پاڻيءَ ڏانهن ويندڙ دروازو چوندا هئا. ماڻهو سڀ قلعي ۾ رهندا هئا. جنهن جي چوڌاري تمر جو جهنگ هو.“
چارلس مين ڪراچي ڪوٽ جي هڪ تصوير ٺاهي آهي. تصوير ۾ ڪوٽ جو هڪ پاسو (ڏکڻ) ڏيکاريل آهي. ڪوٽ جي سڌي ديوار جي مٿين حصي ۾ ننڍڙا مستطيل بندوق جا مارا آهن. هڪ برج کان ٻي برج جي وچ ۾ نون کان تيرهن بندوقن جا مارا آهن. ديوار بنا ڪنگرين جي آهي. ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي پنج برج ظاهر بيٺا آهن. برج ترتيب ۾ هيٺان تمام موڪرا ۽ مٿي سوڙها ٿي وڃن ٿا. برج ديوار جي سِڌ کان ٻاهر نڪتل آهن. ڪوٽ عمارتن سان ڀريل آهي، جن ۾ هڪ ماڙ کان وٺي ٽي ماڙ واريون عمارتون نظر اچن ٿيون.
ڪلان ڪوٽ: ڪلان ڪوٽ، مڪلي ٽڪريءَ جي هڪ ڪنڊائتي هنڌ تي آهي. سمنڊ جي مٿاڇري کان هن ڪوٽ جي بلندي 30 فوٽن کان وٺي 150 فوٽن تائين آهي. ڪلان ڪوٽ ٽڪريءَ جي شڪل مطابق بي ترتيب آهي. ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي درياھہ جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار ملن ٿا. ان جي ڏکڻ ۾ بگهياڙ واھہ جي وهڪري جا نشان ملن ٿا. ڪوٽ جي اوڀر- ڏکڻ ۾ سنڌو ندي موجود آهن. ڪوٽ جي اولھہ ڏکڻ ۾ ڪلان ڪوٽ ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي بناوت ٽڪريءَ جي شڪل مطابق هئڻ ڪري اُن جي ڪا بہ اوائلي ڊزائين ٺهيل نہ آهي، اُن ڪري هي دفاعي ڪوٽ لڳي ٿو. ان کان سواءِ ٻاهرين ديوار جي بناوت ۽ برجن جو تعداد بہ بچاءَ بنديءَ جو سٺو مثال آهن. ڪلان ڪوٽ شروعات ۾ دفاعي هو، پر پوءِ ان ۾ ضرورت سمجهي رهائشي جايون جوڙيون ويون. ڪوٽ ڊيگهہ ۾ وچان اتر کان ڏکڻ 2258 فوٽن تائين هليو ٿو وڃي. سندس ويڪر اولھہ کان اوڀر ڪوٽ جي ڏکڻ واري پاسي تي وڌ ۾ وڌ 1686 فوٽ ٿيندي ۽ اتريون پاسو ويڪر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 557 فوٽ هئڻ ڪري اتي هڪ ٻئي پٺيان ٻہ دفاعي ديوارون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ برجن جو تعداد بہ وڌايو ويو آهي. ڪوٽ جي ٻاهرين پاسن وارين ديوارن جي ڪل ڊيگهہ 8416 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ڏاکڻي پاسي تي اگهور ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي چئني پاسن کان کاهي آهي. ڪوٽ جي ٽن پاسن کان قدرتي کڏ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال هئڻ ڪري اتي وڌيڪ کاهي کوٽڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪئي وئي آهي.
ڪوٽ کي هڪ شاهي دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ٻہ حفاظتي برج آهن، ٻيو دروازو اوڀر طرف ورن وراڪن واري ڀت ۾ نظر اچي ٿو.
رچرڊ برٽن هن ڪوٽ جي برجن جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”هي ڪوٽ بارود جي دور کان اڳ جو لڳي ٿو، مٽيءَ جا گول برج چوڌاري بٺي جي پڪين سرن سان ٻڌل آهن. برج، ڪوٽ جي ديوار کان ٻاهر نڪتل آهن ۽ برج هڪٻئي کان تير اڇلڻ جيتري پنڌ تي آهن.“
ڪلان ڪوٽ کي اٽڪل 58 برج آهن. هر برج جو قطر 20 فوٽ آهي. هڪ برج کان ٻئي برج تائين گهٽ ۾ گهٽ مفاصلو 100 فوٽ آهي. ڪوٽ جي برجن ۽ ديوارن جي بنيادن ۾ پهريائين اڻ گهڙيل پٿر وڌا ويا آهن. اُن مٿان ڪجهہ بار سرن جا ۽ چيڪي مٽي رکي اُن تي سرن جا پشتا هڻي ڍڪيو ويو آهي. ڪوٽ اندر ڪيترين اڏاوتن جا آثار مليا آهن، جن مان ڪيترائي طبقن وارين ماڙين جا لڳن ٿا. ڪوٽ ۾ اندر ڪيترائي تلاءَ آهن، جن مان هڪ وڏو تلاءُ مسجد ڀرسان آهي. ڪوٽ اندر هڪ مسجد جا آثار واضح بيٺا آهن ۽ مسجد سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي.
ڪوٽڏيجي قلعو: خيرپور رياست جو ڪوٽڏيجي قلعو قديم زماني کان پراڻي تھذيب جو مرڪز رهيو آهي. قديم ڏيجيءَ جو دڙو هن وقت قومي شاهراھہ تي خيرپور شھر کان 15 ميل ڏکڻ ۾27 21 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 42 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جيڪو هن جي قدامت بيان ڪري ٿو. قديم آثارن جي ماهرن موجب اُهي آثار اڳ- هڙ پائي دور (Pre- Harappan) جا آهن.
قلعو: موجودہ ڪوٽڏيجيءَ وارو قلعو ڪن تاريخن موجب تمام آڳاٽي قلعي جي بنيادن مٿان ٺهيل آهي. چيو وڃي ٿو تہ ٽالپر حڪمرانن، موجودہ ڪوٽڏيجيءَ وارو قلعو سن 1790ع ڌاري تعمير ڪرايو. لڳ ڀڳ 28 سال قلعي تعمير جو ڪم هليو.
بيهڪ ۽ بناوت: ڪوٽڏيجي قلعو خيرپورميرس کان 20 ڪلوميٽر اتر- اوڀر طرف قومي شاهراھہ تي هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ڪوٽڏيجيءَ ۾ واقع آهي. قلعي جي رهائشي حصن تائين پهچڻ لاءِ ٽن شاهي دروازن مان لنگهڻو پوي ٿو. قلعي جو دروازو مضبوط ڪاٺ سان جوڙيل آهي، جنهن کي هاٿين جي حملي کان بچائڻ لاءِ 234 ٿلها نوڪدار ڪل پڻ لڳايا ويا آهن. هن قلعي کي اٽڪل 35 ننڍا وڏا برج آهن، تن مان ڪي شاهي برج آهن، جهروڪ: فتح ٺل، صفن صفا، ملڪ ميدان برج، جليسر برج، مريم برج وغيرہ. ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ هڪ بارودخانو، حرم، جيل، بئرڪون، تخت وغيرہ ٺهيل آهن. ڪافي برج رهائش لاءِ بہ استعمال لائق آهن. برجن جي اندرئين ڪمري جي ڇت ۾ ڪاٺ جي شهتيرن جي هيٺان ڪاٺ جا ٿنڀا ڏنل آهن.
ڪوٽ غلام شاھہ: هي ننڍڙو ڪوٽ ضلعي قنبر، شھدادڪوٽ تعلقي قنبر ۽ ديھہ هليلا ۽ تپي رانوتيءَ ۾ موجود آهي. هي ڪوٽ قنبر کان
8 ڪلوميٽرن تي ميرو خان قنبر روڊ تي آهي، اوڏڪي مٽيءَ سان جڙيل ڪوٽ جي شڪل هم چورس آهي. ان جي هر هڪ ٻانهين 188 فوٽ بيهي ٿي. ڪوٽ جي ديوار جي بنيادن وٽ ٿولھہ 7 فوٽ آهي، جيڪا موجودہ وقت ڀـُرندي 1.3 فوٽ وڃي بچي آهي. ڪوٽ جي ديوار جي سراسري بلندي 15 فوٽ آهي. ڪوٽ جي ديوار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کيس ٻاهران ٿوري ٿوري فاصلي تي پشتا پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي پڻ اوڏڪي انداز جا آهن. ڪوٽ کي چئن ڪنڊن تي وڏا وڏا برج ڏنل آهن، جيڪي هن وقت ڪافي زبون حالت ۾ آهن. هر برج جو قطر
20 فوٽ آهي. برج ۾ داخل ٿيڻ لاءِ کيس اندران لنگهہ ڏنا ويا آهن. لڳي ٿو تہ ڪوٽ جو سمورو دفاع برجن تان ٿيندو هو، ڇو جو اسان کي صرف برجن ۾ ٽي مارا (Embraseur) ملن ٿا. اهڙا مارا ديوارن ۾ نظر نہ ٿا اچن.
ڪوٽ کي صرف اوڀر پاسي کان داخلي دروازو آهي. ان دروازي جي ڀرسان ڪو بہ اضافي دفاعي برج يا رڪاوٽون نظر نٿيون اچن. موجودہ وقت هن دروازي جي ويڪر 12 فوٽ آهي.
ڪوٽ اندر هن وقت قبرستان بنجي ويو آهي. پير گلاب شاھہ جي مزار بہ ڪوٽ اندر ئي آهي، جيڪا ڪوٽ ويران ٿيڻ بعد تعمير ڪئي وئي آهي. ڪوٽ جي اتر پاسي کان هڪ لانڍيءَ جا اهڃاڻ آهن، جيڪا بہ پوءِ جي دور جي لڳي ٿي. ڪوٽ ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اولھہ پاسي هڪ کوھہ کوٽيل هو، جيڪو هاڻي لٽجي چڪو آهي. ماڻهن کي ڪوٽ اندران ٺڪراٽو ۽ سڪا مليا آهن. هي ڪوٽ هڪ دڙي تي هئڻ ڪري اڄ بہ برساتن ۽ سم ڪلر کان ڪجهہ قدر محفوظ آهي. هن ڪوٽ کي اڏڻ لاءِ ڪوٽ جي اتر پاسي کان هڪ کڏ مان مٽي کنئي وئي هئي. هتان جا ماڻهو ان کڏ کي ’ميرن جو ڪتب‘ ڪري ڪوٺين ٿا.
کارو ڪوٽ: اڇڙي ٿر ۾ ميرن جي ٺهرايل ڪوٽن جا ڦٽل آثار اڄ بہ نمايان بيٺا آهن. اڇڙي ٿر جا سڀ ڪوٽ گهڻو ڪري ٿوري ايراضيءَ ۾ جڙيل آهن، جن مان لڳي ٿو تہ اهي ڄڻ حفاظتي چوڪيون هيون. ساڳئي وقت رهائش جي خيال کان اتي وڌ ۾ وڌ هڪ فوجي دستو رهي سگهيو ٿي. ان بيابان ۾ اهڙن ننڍڙن ڪوٽن ٺاهڻ جو سبب اهو آهي تہ جيئن گهٽ ۾ گهٽ سپاهي ان علائقي ۾ مامور ڪري سگهجن. جيئن سندن خوراڪ ۽ پاڻي وغيرہ جو سولائيءَ سان بندوبست ٿي سگهي. اڇڙي ٿر ۾ عمارتي سامان جي ڪميءَ جي ڪري، ڪوٽن جو دفاع گهڻو ڪري جاگرافيائي سهولتون ڏسي ڪيو ويو آهي. ڪوٽن جي حفاظت جو بندوبست هٿرادو ديوارن کان وڌيڪ قدرتي طور آسپاس ڦهليل ڀٽن سان ڪيو ويو آهي. ان ڪري اڇڙي ٿر جا سڀ ننڍڙا ڪوٽ، رهائشي هنڌ سان گڏ دفاعي چوڪيون پڻ آهن.
کاري ڪوٽ جي بيهڪ: هي ڪوٽ سنڌ ۽ جيسلمير کي ڳنڍيندڙ شاهراھہ تي آهي. هتان کان هندستاني سرحد ويھہ ڪلوميٽر کن ٿيندي. کاري ڪوٽ جي اتر ۽ اولھہ ۾ بيٺل ڊٻ (ڊينهن) جي قدرتي ديوار هن ڪوٽ جي حفاظت ڪري ٿي. کارو ڪوٽ ڀٽن جي ڀاڪر ۾ هڪ واديءَ ۾ آهي. اهي ڀٽون، دفاعي نقطہ نگاھہ کان ايتريون نزديڪ آهن، جو ڪو بہ بندوق بردار ڪوٽ واسين جي حفاظت ڪري سگهي ٿو.
کاري ڪوٽ جي بناوت: کارو ڪوٽ، ڪچي مٽي جي سرن سان جڙيل آهي. ڪوٽ چوڪور شڪل ۾ بنا فصيل (Rampart) جي آهي. يعني ان جي ٻاهرين ديوار تي پهريدارن جي پهري لاءِ ڪا بہ جاءِ ڇڏيل نہ آهي. ان چوڪور ڪوٽ جي هر پاسي جي ڊيگهہ 160 فوٽ آهي. اهڙيءَ طرح ڪوٽ جو هر پاسو 160x160 فوٽ بيهي ٿو. ڪوٽ جي ديوار جي بنيادن وٽ ٿولھہ 10 فوٽ آهي، جيڪا مٿي آهستي آهستي گهٽجندي 30 انچ بيهي ٿي. ديوارون وقت گذرڻ ڪري صفا کاڄي وڃڻ باوجود ڪن هنڌن تي انهن جي اوچائي 15 فوٽ بيهي ٿي. موجودہ وقت ڪوٽ جون 80 سيڪڙو ديوارون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويون آهن.
ڪوٽ جي ديوارن ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪاٺ جو استعمال بہ نظر اچي ٿو، جن مان ڪجهہ ڪاٺيون 12 انچ قطر واريون بہ آهن. ڪوٽ جي دروازي جا ڪٿي بہ واضح آثار نٿا ملن، پر مڪاني ماڻهن جي خيال مطابق ڪوٽ کي صرف هڪڙو اوڀر پاسي دروازو هو. ڪوٽ جو ڏکڻ پاسو رهائش لاءِ مخصوص نظر اچي ٿو. ان پاسي ٽن ڪمرن جا آثار ملن ٿا. سڀ ڪمرا تقريباً 40x40 فوٽن جا آهن.
ڪوٽ جا برج: ان هم چورس ڪوٽ جي چئني ڪنڊن تي برجن جا آثار ظاهر بيٺا آهن، جن مان اوڀر ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھہ برج صحيح حالت ۾ نظر اچن ٿا. پر اتر اوڀر ۽ اتر اولھہ ڪنڊن وارا برج پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن. ڪوٽ جي چوڦير ديوار ۾ ڪٿي بہ ڪو اضافي برج نظر نٿو اچي. ڪوٽ جو سارو دفاع ان چئن ڪنڊن واران برجن مان ڪيو ويندو هوندو. اڄ بہ ڏکڻ اولھہ برج تي هڪ وڏو مارو واضح بيٺو آهي. اهو مارو شايد توپ لاءِ وڌيڪ ڪارگر هو.
کيرئون ڪوٽ: بيهڪ: انڙ ڪوٽ (کيرئين ڪوٽ) جي بيهڪ68 26 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 24 36 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچيءَ جي ديھہ کيرئين ۾ واقع آهي.
جاتي- کورواھہ رستي تي لغاري سم نالي سان چئن پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هن ڪوٽ جا اهڃاڻ واضح بيٺا آهن، جيڪي ديھہ کيرئين جي سروي نمبر 456-449 ۾ آهن.
انڙڪوٽ جا کنڊر موجودہ زمين جي سطح کان 15 فوٽ کن مٿي بيٺا آهن، جنهن مان لڳي ٿو تہ هي ڪوٽ ڪنهن مٿاهين دڙي تي بيهاريو ويو هو. هي ڪوٽ ڏيڍ بلاڪ (ڇھن چوڪڙين) ۾ ٿيندو. هن چوڪنڊي ڪوٽ جو هر پاسو 800 فوٽ ڊگهو آهي. ڪوٽ جون ديوارون جنهن هنڌ بہ ملن ٿيون، اتي پوري 90 درجن جي گوني ڪنڊ ٺهندي نظر اچي ٿي. ڪوٽ جون ٻانھون باقاعدہ قطب نما جي طرفن، اتر ڏکڻ اولھہ ۽ اوڀر جي رخ ۾ آهن. برجن جي سونهن، گهيرو، هڏ ڪاٺ، ڊزائين ۽ ماپ ۾ بہ ساڳي ڪاريگريءَ جو عنصر غالب معلوم ٿئي ٿو. کنڊر مان عمارت جي خوبصورتي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان مان لڳي ٿو تہ ڪوٽ جي چار ديواري اندر بہ عمارتن ۽ جاين جي ترتيب سان گڏ ٻين سهوليتن جي رٿابندي ڪيل هئي. ڪوٽ جي حفاظت 28 برجن جي ڪلهن تي آهي. ڪوٽ جي اوڀر پاسي، کيرئين ڍنڍ اڄ بہ پاڻيءَ سان ڀريل آهي. هي ڪوٽ رهائشيءَ کان وڌيڪ دفاعي لڳي ٿو. ڪوٽ جي ديوار ۾ اندران توڙي ٻاهران سرون ڏئي ان اندر مٽيءَ جو ڀراءُ ڪيو ويو آهي.
برج: کيرئين ڪوٽ جا برج، سنڌ جي ڪيترن ئي ڪوٽن ۽ برجن کان وڏا آهن. انهن برجن جو قطر 48 فوٽ آهي. اهي ديوار جي سِڌ کان ٻاهر نڪتل آهن، برج پورو اڌ گول ٺاهن ٿا. ڪوٽ جي برجن جو ڪل تعداد 28 آهي، هر ٻانهينءَ ۾ ڪل 6 برج آهن. هڪ برج کان ٻئي برج جي وچ ۾ 70 فوٽن جو فاصلو آهي. ڪوٽ ۾ ٻن پاسن کان دروازن جا اهڃاڻ ملن ٿا. هڪ دروازو اولھہ طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف آهي. اوڀر دروازي مان موجودہ وقت بہ ٻہ ڏاند گاڏيون سولائيءَ سان لنگهي سگهن ٿيون.
موجودہ آثارن مان محسوس ٿئي ٿو تہ ڪوٽ جي چو گرد هڪ کاهي کوٽيل هئي. هاڻي بہ ڪوٽ جي اوڀر پاسي کاهيءَ جا آثار موجود آهن.
گلان ڪوٽ/ ڪلهوڙا ڪوٽ: گلان ڪوٽ، حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا ۾، هالا شھر کان ٽي ڪلوميٽر اتر طرف، 68.23 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ۽ 25.49 اتر ويڪرائي ڦاڪن تي موجود آهي. هن ڪوٽ جا آثار سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪپر تي ٻاهرين بچاءَ بند وٽ، ديھہ ڪيريا ۾ ڦهليل آهن. کنڊر 10.88 ايڪڙن جيتري جاءِ والارن ٿا. گلان جو ڪوٽ، ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل آهي. ان اوڏڪي چورس اڏاوت ۾ ڪٿي ڪچيون سرون بہ لڳل آهن، ڪجهہ اهم ۽ نازڪ حصن ۾ پڪين سرن جو استعمال بہ نظر اچي ٿو. پڪيون سرون گهڻو ڪري برجن وٽ ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ اندر ڪن هنڌن تي عمارتن جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ڪوٽ ۾ ڪتب آندل مسالو: ڪوٽن تي ڪم ڪندڙ محقق اشتياق انصاريءَ گلان ڪوٽ جي ديوارن ۾ استعمال ٿيل مٽي/ گاري جا نمونا کڻي ملڪ جي مختلف ليبارٽرين جي ماهرن جي موجودگيءَ ۾ چڪاس ڪرايا تہ ڪوٽ ۾ ڪتب آندل مٽيءَ ۾ گهڻو مقدار Lean Clay جو نڪتو. ڪوٽ جون ڀتيون ڪجهہ قدر لهواريون هئڻ ڪري، صدين کان بارش جو پاڻي انهن جي مٽيءَ کي ڳاريندو، وهائيندو ۽ ڦهلائيندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جنهن هنڌ تي مٽيءَ (Clay) جو عنصر گهڻو آهي، ان هنڌ کي اونهاري ۾ سج جي تپش ڏار وجهندي رهي ٿي.
گلان ڪوٽ جون ديوارون: ڪلهوڙا ڪوٽ جون موجودہ وقت ڪجهہ نشانيون باقي بچيون آهن، جن کي ڏسي ڪوٽ جي ڊيگهہ، ويڪر، ايراضي ۽ بناوت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪوٽ جي هر پاسي جي ديوار جو اڌ کان وڌيڪ حصو تباھہ ٿي چڪو آهي، ايتري قدر جو ڪجهہ ديوارن جو سر زمين تي وجود نہ هئڻ برابر آهي. ڪوٽ جي چئني ديوارن جو گهيرو 2760 فوٽ آهي، ڪوٽ جي اڏاوت ۾ 215000 ڪيوبڪ فوٽ مٽي ڪم آندي وئي هئي. ڪوٽ جي ڏکڻ ۽ اتر واري ديوار جي ڊيگهہ 735 فوٽ آهي. ڪوٽ جي اوڀر ديوار 650 فوٽ ۽ اولھہ ديوار 640 فوٽ آهي.
گلان ڪوٽ جا برج: گلان ڪوٽ ۾ موجودھہ وقت برجن جو انگ تمام گهٽ آهي. لڳي ٿو تہ مقامي لوڪن، برجن کي ڊاٺو آهي. ڪوٽ جي ديوارن مان برج ٻاهر نڪتل آهن. ڪوٽ جي ديوار جي ٻاهرين ڇيڙي کان برج جو قطر ماپجي ٿو تہ اهو 20 فوٽ بيهي ٿو. ڪوٽ جي ديوارون ۽ برج پاڻ ۾ Monolithic آهن، ان ڪري زمانو گذرڻ ڪري جتي بہ برج ديوار سان لڳي ٿو، اهو هنڌ هڪ ٻئي کي ڇڏي بيٺو آهي.
هن وقت ڏکڻ پاسي واري ديوار ۾ چار برج سلامت آهن. ان سان ڪنڊن وارا برج ملائبا تہ هر پاسي ۾ ڇھہ برج ملندا. اهڙي طرح ڪل ڪوٽ کي ويھہ برج آهن. موجودہ وقت ڪوٽ جي حفاظتي برجن جو قطر 18 فوٽ آهي. برج جي ٻاهران زمين کان بلندي 13 فوٽ ۽ اندرين پاسي کان 8 فوٽ آهي. برج کي چوڦير 56 فوٽن جي 2.6 فوٽ ٿلهي ديوار جو گهيرو آهي.
گلان ڪوٽ جا دروازا: ڪوٽن جا دروازا وڏي اهميت وارا هوندا آهن، عام طرح ان جي حفاظت لاءِ الڳ وڏا برج جوڙيا ويندا آهن. گلان ڪوٽ اندر ڪا بہ اهڙي چٽي شاهدي نہ ٿي ملي، جنهن سان دروازي جي نشاندهي ڪري سگهجي. البت اتان جا ڳوٺاڻا ڪوٽ جي اوڀر ديوار ۾ اهڙي دروازي جي نشاندهي ڪن ٿا.
لاهري بندر/ جاڪي بندر وارو ڪوٽ: لاهري بندر لاءِ تاريخدانن ۾ البيروني پهريون مورخ آهي، جنهن ڏهين صدي عيسويءَ ڌاري ديبل سان گڏ هڪ نئين بندر جو احوال ڪندي اُن کي ’لوهاراني‘ سڏيو آهي. لاهري بندر لاءِ ٻيو احوال ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ آهي، جيڪو 1334ع ۾ سنڌ آيو. لاهري بندر کي ڪن تاريخدانن سنڌي بندر، سنڌو يا ديول سنڌ بہ سڏيو آهي.
بيهڪ/ موجودہ کنڊر: لاهري/ جاڪي بندر جي ڏکڻ ۾ پيٽياڻي ڪريڪ ۽ اتر ۾ کڏي ڪريڪ آهي. اڳتي هلي ٻئي ڪريڪ اوڀر ۾ وڃي مکاميل ٿين ٿيون. جاڪي بندر جا ڦٽل آثار موجودہ وقت جنهن ٻيٽ تي آهن، اهو هلال جي شڪل جھڙا آهن. ڊيلٽائي ٻيٽ اوڀر- اولھہ ۾ چار ڪلوميٽر کن ڊگهو ۽ اتر- ڏکڻ ۾ ٻہ ڪلوميٽر کن ويڪرو آهي. ان ٻيٽ جي اوڀر واري ٻيٽ تي شھر جا کنڊر موجود آهن. البته ان جو اولهائون پاسو ويران آهي، جنهن ۾ تمر جا وڻ جام بيٺا آهن. ٻيٽاريءَ جي هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ- اولھہ ۾ بہ ڪجهہ آثار مليا آهن.
جاڪي بندر ڪراچيءَ کان ڏکڻ- اوڀر ۾ 60 ڪلوميٽرن پنڌ تي ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. جاڪي بندر جي اتر ۾ کڏي کاري، اوتر- اوڀر ۾ گهارو، ڀنڀور آهن، ڏکڻ ۾ پيٽياڻي ڪريڪ آهي.
ڪوٽ: هي چوڪور ڪوٽ ٻيٽ جي اوڀر پاسي جڙيل آهي. اڄ بہ ان ڪوٽ جي نفيس ۽ سھڻي بناوت کي سمنڊ جون لهرون باوجود ڪوشش جي ختم ڪري نہ سگهيون آهن. ڪوٽ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر 320 فوٽ آهي. هي ڪوٺ ڳاڙهين پڪين سرن سان ٺاهيو ويو آهي. موجودہ کنڊرن جي اوچائي ٻيٽ کان 10 فوٽن تي آهي. البت ڪوٽ جا برج اڄ بہ ديوار کان چار فوٽ مٿي بيٺا آهن. ان ڪري برجن جي موجود بلندي 19 فوٽ آهي. ڪوٽ کي ڏنل ديوار غلام گردش سميت 9 فوٽ ويڪري آهي. ڪوٽ جي ديوار جي پاڙن ۾ پٿر استعمال ڪيو ويو آهي.
ڪوٽ جي دروازي جو منهن اوڀر طرف کلي ٿو. دروازي جي سنڀال ٻہ برج ڪن ٿا. دروازي ۾ ڪنهن زماني ۾ ڪاٺ جو در لڳل هو. لنگهہ وٽ ڪنهن بہ قسم جي اوٽ يا وڪڙ نہ آهي. هن ڪوٽ کي ڪل 12 برج آهن، جن مان چار برج ڪُنڊن تي حفاظت لاءِ ۽ باقي هر هڪ پاسي جي وچ تي ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻہ برج آهن. برجن جي شڪل ڪجهہ قدر بيضوي آهي.
لوڻي ڪوٽ (بيهڪ): حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر هاءِ وي تي، حيدرآباد کان 27 ڪلو ميٽرن پنڌ تي نئن بارڻ گذري ٿي. نئن بارڻ جي پل پار ڪرڻ سان کٻي هٿ تي هڪ ڪچو رستو ڏکڻ اوڀر طرف نڪري ٿو، ان رستي کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، نئن بارڻ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي، هڪ پراڻي لوڻي ڪوٽ جا آثار آهن. ڪوٽ کان ڪجهہ فاصلي تي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻولھاڙي آهي، جنهن ڀرسان ئي نئن بارڻ وڃي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
نالو: لوڻي ڪوٽ نالي لاءِ ڪجهہ مقامي ماڻهو ٻڌائن ٿا تہ جيئن تہ هن علائقي جو زير زمين پاڻي لوڻياٺل آهي، اُن ڪري شايد هن نسبت سان ڪوٽ جو نالو لوڻي ڪوٽ پئجي ويو. البته لفظ روڻ، يا روڻي ٿي سگهي ٿو بدلجي ’لوڻي‘ ٿيو هجي، جنهن جي معنيٰ گهارو يا پاڻيءَ جي وهڪري سبب زمين جي کاڌ آهي.
ٽالپر جڏهن سنڌ جا حڪمران ٿيا، تڏهن هنن پنھنجي سير شڪار ۽ رهائش لاءِ سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي ڪوٽ ٺهرايا هئا. لوڻي ڪوٽ جي اڏاوت بہ ميرن جي دَور جي ٻڌائي وڃي ٿي.
لوڻي ڪوٽ جي اڏاوت/ ديوار: لوڻي ڪوٽ جا بنياد، اڄ بہ سر زمين تي، هڪ چوڪور نقشو ٺاهيو بيٺا آهن. لوڻي ڪوٽ جي ديوارن جا چٽا پٽا نشان ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ ڪوٽ جي ديوار کي هيٺ کوٽي، ڪافي مضبوط بنياد وڌا ويا آهن. اهي زمين اندر پوريل بنياد هاڻي بہ زمين تي هڪ جدا رنگ جي واضح چوڪور صورت ٺاهيو بيٺا آهن. ڪوٽ جي بنيادن ۾ پٿر بہ استعمال ڪيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪوٽ جي بنيادن وٽ، پٿرن جي موجودگي سولائيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿي، ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڪن هنڌن تي اڇو تہ ڪن هنڌن تي ڪارو پٿر ڪتب آندل آهي. ڪوٽ جي ديوار توڙي برجن ۾ پختگيءَ جي خيال کان ڪاٺ جا ڄار وڇايل آهن. ڪاٺ جو ڄار وڇائي ان مٿان ڪجهہ فوٽن تائين مٿي مٽيءَ جو ڀراءُ ڪري وري مٿان ٻيو ڄار رکيو ويو آهي. ڪاٺ جي ان ڄار کي ڪوڪن سان ڳنڍيو ويو آهي. لوڻي ڪوٽ جي ديوار جي جيڪڏهن ٻاهران ماپ ڪجي ٿي تہ اهو پورو چوڪور ٺاهي ٿو. يعني ڪوٽ جي ڊيگهہ 156 فوٽ آهي تہ ڪوٽ جي ويڪر بہ 150 فوٽ بيهي ٿي. لوڻي ڪوٽ کي چوڦير 8 فوٽ ويڪري ديوار جو ڪڙو چڙهيل هو.
برج: لوڻي ڪوٽ کي ڪل 5 برج آهن، چار برج معمول مطابق، چئن ڪنڊن ۽ پاسن جي نگهبانيءَ لاءِ مقرر هئا. باقي پنجون اضافي برج، ڪوٽ جي دروازي جي حفاظت ڪندي نظر اچي ٿو. موجودہ وقت بہ برج ڪوٽ جي ديوارن کان ٻاهر نڪري، سھڻي گولائي ٺاهيو بيٺا آهن. برج جو قطر 15 فوٽ آهي، جڏهن تہ ان جو گهيرو 56 فوٽ بيهي ٿو. هن وقت برجن جي اوچائي صرف 3 فوٽ باقي وڃي بچي آهي.
دروازو: لوڻي ڪوٽ کي صرف هڪ ئي دروازو آهي، جنهن جو منهن اوڀر طرف نئن بارڻ جي وهڪري واري پاسي کلي ٿو. ان دروازي کي ٻہ برج ڀاڪر ۾ ڀري بيٺا آهن. ڏکڻ اوڀر برج، جتي ديوار ملي ٿي، ان کان اتر پاسي ڏي هلندڙ ديوار ۾ 70 فوٽن جي فاصلي تي هڪ وڏو برج ڏنو ويو آهي، جيڪو ديوار جي ٻاهران نئين جي پاسي تي هڪ 56 فوٽ جو اڌ گول ٺاهي ٿو. ان اوڀر برج ۽ اڌ گول نما برج جي وچ ۾ هڪ سوڙهو لنگهہ ڏنو ويو آهي.
ملاڪي ڪوٽ/ ملاڻي ڪوٽ: مقامي روايتون ٻڌائين ٿيون تہ هي ڪوٽ پير محموداڻيءَ جا خليفا جيڪي ملين/ ميئن پوٽا سڏائيندا هئا، تن ڏانهن منسوب آهي. ڌاراجا جي حاڪم راڻي ارجن جي خلاف جڏهن ڪلهوڙن باھہ ٻاري ڏني تہ ان وقت ڪجهہ ماڻهو آخر تائين راڻي ارجن سان ٻانهن ٻيلي رهيا. انهن ۾ ارجن جو پنهنجو ماسات رحمت ملين پوٽو بہ ڪيترن ملين/ ميئن پوٽن سان گڏ هن سان سدائين موجود رهيو.
بيهڪ: ملاڻي ڪوٽ 24.30 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.26 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. ان کان چئن ڪلوميٽرن پنڌ تي اتر اولھہ ۾ مشھور لاهري بندر/جاڪي بندر جا کنڊر آهن. ملاڻي ڪوٽ تي خشڪي رستي بہ پهچي سگهجي ٿو. ڪوٽ کان اوڀر طرف ڪجهہ ڪلوميٽرن تي گهارو شھر آهي، جتان هن ڪوٽ تي پهچڻ آسان آهي. رستي ۾ ڪجهہ ننڍيون پاڻيءَ جون کاريون پار ڪرڻيون پون ٿيون. جاگرافيائي بيهڪ ٻڌائي ٿي تہ ٻيڙين ۽ جهازن جي لنگر هئڻ جي جاءِ ڪوٽ جي اولھہ طرف لڳي ٿي.
ڪوٽ اندر بہ پاڻيءَ جي ڇيڙڇاڙ رهي آهي. ان ڪوٽ جي اتر- اوڀر ۾ ٽن ڪلوميٽرن تي ’کٽي ڪُن‘ جا اهڃاڻ آهن. ان کان اتر اوڀر ۾ ’هنگورن‘ ۽ ’ٿمن‘ جا آثار ملن ٿا.
بناوت: هي هڪ بي ترتيب گهڻ ڪنڊي عمارت آهي. ڪوٽ کي بناوت جي لحاظ کان چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ان مان ٽي حصا رهائش يا گودام لاءِ آهن ۽ هڪ اُن سڀني حصن کي ڳنڍيندڙ ميداني حصو آهي، جنهن کي ڪوٽ جو وچ يا پڌر چئي سگهجي ٿو.
ڪوٽ کي اوڀر ڏکڻ پاسي تي مک دروازو آهي. ان شاهي دروازي ڀرسان ئي اوڀر حصي ۾ ٺهيل ڪوٺين جو سلسلو آهي، ان کانسواٰءِ اولهائين پاسي ڪوٺين وٽ ٻہ ٻيا ننڍڙا دروازا بہ ٻاهر تي کلندي نظر اچن ٿا. هن ڪوٽ کي صرف ٻہ برج آهن، هڪ ڏکڻ ۽ ٻيو اتر طرف، برج جو قطر 28 فوٽ آهي. اهي برج چوڪيءَ لاءِ بلند منارن جو بہ ڪم ڏيندا هوندا. محسوس ٿئي ٿو تہ هي ڪوٽ ڪو جنگ وغيرہ لاءِ نہ جوڙيو ويو هو، پر اها ڪا ننڍي چوڪي يا گودام هو، جتي چوڪيدارن جي نگهبانيءَ ۾ درياھہ ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙين ۾ لهندڙ چڙهندڙ واپاري مال رکيو ويندو هوندو.
منهوڙو ڪوٽ: ڪراچي بندر جي منهن وٽ، اوڀر کان منهوڙو هڪ راس جي صورت ٺاهي ٿو، جيڪو قدرتي طرح سمنڊ مان اڀري آيو آهي. مير ڪرم عليءَ 1797ع ۾ منهوڙي جو قلعو ڪراچي شھر ۽ بندر جي حفاظت لاءِ ٽاڪرو راس جي ڏکڻ تي ٺهرايو. قلعو، جنگي حڪمت عملي ۽ دفاعي خيال کان تمام سٺي هنڌ تي هو. اُن جي حفاظت قدرتي طرح ڏکڻ اوڀر، ڏکڻ اولھہ ۽ اولھہ اتر پاسي کان سمنڊ ڪري پيو. ڪارليس، منهوڙي قلعي جي بيهڪ جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”ڪراچي بندر، اپسمنڊ جي منهن تي آهي، جيڪو راس ماٿري ۽ ٻيٽ جي منهن جي وچ تي آهي. ان جي اولھہ پاسي هڪ ٽڪريءَ تي ننڍو قلعو آهي، جيڪو لنگهہ جي نگهبانيءَ لاءِ جوڙيو ويو آهي. قلعو 24 47 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 00ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. اُن قلعي ڀرسان هڪ گول منارو آهي. اُهي ٻئي پٿرن جا ٺهيل آهن، جيڪي بندر جي حفاظت ڪن ٿا. قلعو چوڪنڊو آهي، اُن جي ڪنڊن تي برج آهن. خشڪيءَ طرف جيڪو پاسو آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڌ گول شڪل جا مورچا ٺاهيا ويا آهن. ڪوٽ جي چوڦير ديوار ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي بندوق بازي لاءِ مارا آهن. ديوار تي اٺ يا ڏھہ توپون (ڇھن يا نون پائونڊن واريون) رکيل آهن. قلعو ٽڪريءَ جي ڇيڙي کان پري ٺاهيو ويو آهي. ان ڪري ايترو ڪارگر نہ آهي. گول منارن تي بہ ٽي کان چار توپون رکيل آهن.“
عظيم شان حيدر ان قلعي جي تصوير ڏني آهي، جنهن کي چوڌاري ديوار ڏنل آهي. ديوار ۾ ڪيترائي بندوق بازيءَ لاءِ مارا آهن. قلعي جي شڪل اڌ قمري آهي. ان جي گول جي حفاظت ڏکڻ اوڀر، ڏکڻ اولھہ ۽ اولھہ اتر سمنڊ ڪري ٿو. اترين قطر جي حفاظت اونهي کاهي ڪري ٿي. کاهي ڊيگهہ ۾ 600 فوٽ اوڀر کان اولھہ طرف هلي ٿي وڃي. کاهي 20 کان 25 فوٽ ويڪري ۽ 30 فوٽ گهري آهي. اندازو آهي تہ اتي ڪلدار پل هوندي، جيڪا ٻيٽ جي اتر حصي کي ملائيندي هوندي. قلعي جون ٻاهريون ديوارون بنيادن کان وٺي چوٽيءَ تائين ٿلهيون آهن. ڪٿي قدرتي جبل جو حصو پڻ ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو حفاظتي ديوار کي پڻ مضبوط ڪري ٿو.
ميرن جي دور ۾ منهوڙا قلعي جو دفاع گهڻو ڪري حفاظتي اوٽ ۽ ديوارن جي مارن/ ڳڙکن مان ڪيو ويندو هو. قلعي اندر وڏيون توپون سمنڊ طرف رکيل هونديون هيون. بيلي جي لکت موجب منهوڙي جو قلعو ويلسلي جھاز جي بمباريءَ جي ڪري 1839ع ۾ تباھہ ٿي ويو. ان کي 1890ع ۾ مڪمل طرح ڊاهيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي نئون قلعو ٺاهيو ويو.
شبير احمد لکي ٿو تہ: ”قلعي جو سڌارو ۽ واڌارو انگريزن جي فتح بعد ڪيو ويو آهي. ميرن جون ٺهرايل سنهيون سڌيون ديوارون جيڪي انگريزن جي بمباريءَ جو ڌڪ جهلڻ ۾ بلڪل ناڪام ويون. انگريزن ڀت جي اُڀين چاڙهين کي پٿرن جي مستطيل بلاڪن سان پڪو ڪيو، جنهنڪري ڀت لهواري ٺاهي وئي. اُن کي اندروني پاسي مٽيءَ ۽ پٿرن سان مضبوط ڪيو ويو. قلعي ۾ سرنگون ۽ ڏاڪڻيون تعمير ڪيون ويون. منارا ۽ نشاني بازيءَ لاءِ مارا ٺاهيا ويا.“
نندڪوٽ: هي ڪوٽ راجا نند جي نالي سان منسوب آهي. لوڪ داستان مومل راڻي ۾ مومل جي پيءُ جو نالو راجا نند هو، جيڪو ذات جو گُجر هو ۽ پندرهين صديءَ عيسويءَ ڌاري ميرپور ماٿيلي تي راج ڪندو هو. نندڪوٽ 24° 22" اتر ويڪرائي ٽاڪ ۽ 86 16 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ضلعي سجاول جي تعلقي جاتيءَ ۾ واقع آهي. پراڻن نقشن ۾ هي علائقو بزرگ مغلڀين جي مزار ويجهو ڏيکاريل آهي. جاتيءَ جي ديھہ کاڙڪ ۾ اڄ بہ نندڪوٽ جا قديم آثار موجود آهن.
نندڪوٽ جا آثار هڪ کنڊر جي صورت ۾ جاتي شھر کان اتر اوڀر طرف 9 ڪلوميٽرن تي جاتي- کورواھہ رستي جي ڏکڻ ۾ بيگنا واھہ جي ساڄي ڪپ تي آهن. هي ڪوٽ مستطيل شڪل جو آهي، جنهن جا اتريان ۽ ڏاکڻان پاسا وڌيڪ ڊگها آهن. هن ڪوٽ جا سڀئي برج بيضوي شڪل جا ڏسجن ٿا، جيڪي ديوار جي سِڌ کان ٻاهر نڪتل آهن. نندڪوٽ ٽوڙ ڦوڙ بعد زمين دوز ٿيندو موجودہ زميني سطح کان هڪ فوٽ مٿي کنڊر جي صورت ۾ ملي ٿو. ان جا ٽي برج ظاهر بيٺا آهن.
هن ڪوٽ کي مقامي روايتن موجب 4 دروازا هئا، هن وقت ٻن دروازن جا آثار موجود آهن. هڪ دروازو لاهين پاسي درياهي وهڪري طرف ۽ ٻيو اترئين ديوار جي وچ تي نظر اچي ٿو. ڪوٽ اندر هڪ مسجد جا آثار بہ مليا آهن، جيڪا 34 فوٽ ڊگهي ۽ 24 فوٽ ويڪري هئي. نندڪوٽ ۾ دفاعي بندوبست سان گڏ رهائشي انتظام بہ ٿيل هو. اندر ڪمرن ۽ عاليشان ماڙين جو ڏس ملي ٿو.
نئون ڪوٽ قلعو: هي ڪوٽ ميرپورخاص کان 63 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي. بناوٽ جي لحاظ کان هي ڪوٽ چوڪور شڪل جو چئي سگهجي ٿو. نئون ڪوٽ 24 0 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69 9 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. ڪوٽ جي اترين ۽ ڏاکڻين ٻانهين 66 فوٽ، جڏهن تہ اوڀرين ۽ اولاهين ٻانهين 318 فوٽ جي آهي.
ڪوٽ جي شاهي دروازي جي حفاظت لاءِ ٻہ برج ٺاهيل آهن. ڪنهن زماني ۾ ان جاءِ تي مضبوط ڪاٺ جو در لڳل هوندو هو. شاهي دروازي مان لنگهہ جو هڪ چوڪور 48x40 فوٽ دمدمو آهي. اندرئين دروازي مان داخل ٿئي ٿو. ڪوٽ کي چوڌاري 12 فوٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي، جنهن تي چڙهڻ لاءِ ٻہ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جتان پهريدار چڙهندا هئا. هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ 9 برج جوڙيا ويا، جن مان ٻہ مک دروازي ۽ دمدمي جي نگهبانيءَ لاءِ، چار برج ڪنڊن تي ۽ باقي ٽي برج اتر، ڏکڻ ۽ اولھہ جي ديوارن تي آهن.
نئون ڪوٽ دروازي ڀرسان اندرئين پاسي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جتي هڪ گول گنبذ واري ڪوٺي ڏاکڻين ڀت وٽان ٺهيل آهي. خيال آهي تہ اتي بارود رکيو ويندو هو. اهڙي قسم جون تجر نما ڪوٺيون ڏاکڻين ديوار ٻاهران بہ ٺهيل آهن. هن ڪوٽ جي اترئين ڀت سان رهائشي حصي جا ڦٽل آثار مليا آهن. ڪمرن جون ڀتيون ڊٺل آهن، جن تي اڇو پلستر ٿيل آهي ۽ سامان جا ڪٻٽ پڻ ڏنل آهن. شاهي دروازي ۽ اندرئين دروازي وٽ ٻنهي پاسن کان محرابدار ڪوٺيون پهريدارن لاءِ ٺاهيل آهن.
هراڙ ۾ ميرن جو قلعو: ٽالپرن جو وڏو مير ماڻڪ خان پٽ سليمان خان، پهريائين ڪاڇي ۾ آيو ۽ ڪلهوڙن جي گاديءَ جي هنڌ خداآباد جي ڀرسان ڊگهہ بالا شھر اڏيائين. مغلن ۽ ڪلهوڙن، مير ماڻڪ ۽ سندس وڏي پٽ الهيار خان کي اُن علائقي جو وڏو حصو انعام طور ڏنو. ماڻڪ کانپوءِ سندس وڏي پٽ الهيار جي اولاد کي حڪومت ۽ پڳ ملي ۽ ننڍي پٽ مير جادي خان جي اولاد کي جاگيرون مليون. مير الهيار خان، سالار جنگ، برجستو، ويڙهاڪ ۽ زراعت جو ماهر هجڻ سان گڏوگڏ تعميرات جو شوقين هو. ڊرگهہ ۾ سندس اڏيل ڪوٽ جا آثار موجود آهن. ان کانسواءِ گرميءَ جي موسم ۾ رهڻ لاءِ مٿي کيرٿر جي چوٽين تي ڪوٽ ۽ جايون ٺهرايائين. اهي ڪوٽ ۽ قلعا پنجن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي اڄ بہ موجود آهن.
هراڙ واديءَ ۾ کيرٿر جي پوٺي تي بہ اهڙو ئي ميرن جو هڪ وڏو ڪوٽ ٺهيل آهي، جيڪو ذري گهٽ هم چورس آهي. قلعي جون ديوارون پٿر جون ٺهيل آهن، جيڪي ايترو وقت گذرڻ باوجود سلامت بيٺيون آهن. ڪوٽ جي اولھہ پاسي واري ديوار جي ڊيگهہ 200 فوٽ آهي، جڏهن تہ ڏاکڻين ديوار جي ڊيگهہ 225 فوٽ آهي. ڪوٽ جي اولاهين ديوار جي موجودہ وقت بلندي 7 فوٽ آهي، جڏهن تہ اوڀر طرف واري ديوار جي اوچائي زماني جي گردش سبب 3 فوٽ وڃي بچي آهي.
ڪوٽ جي اولھہ ڏکڻ ڪنڊ تي هڪ برج جا نشان ملن ٿا ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي ٻاهرئين پاسي ڪجهہ مٿانهينءَ تي هڪ مسجد پڻ ٺهيل آهي. ڪوٽ جي ساري اوساري چيرولي ۽ چن جي ٿيل آهي. واديءَ جو اڪيلو چشمو، ڪوٽ جي اولاهين ديوار کان ڪوٽ اندر داخل ٿئي ٿو ۽ اوڀر ديوار جي هيٺان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو