
سنڌ جو سفر
سنڌ جو سفر (ڪتاب): لطف ﷲ سورتيءَ جي آتم ڪٿا (Autobiography of Lutfullah) ۾ سنڌ جي باري ۾ اهم معلومات ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ ڪل چوڏهن باب آهن، جن مان باب نائون، ڏهون ۽ يارهون سنڌ سان تعلق رکن ٿا. مصنف سنڌ ۾ ڊسمبر 1838ع ۾ سامونڊي سفر ذريعي پهتو هو ۽ سنڌو درياھہ جي ڇوڙ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. هن کي پهريون ڀيرو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ماڻهن کي روبرو ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هن پنھنجي ڪتاب ۾ مختلف شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. جتي هو انگريز عملدارن سان گڏ رهيو هو. شروع ۾ گهوڙاٻاري شھر جو ذڪر ڪيو اٿس. پوءِ هو ٺٽي ننگر پهتو هو. مصنف جامع مسجد (شاھجھاني مسجد) جي باري ۾ آگاھہ ڪندي، ان جي فن تعمير، ڪاشيءَ جي استعمال ۽ سونهن سوڀيا جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. ٺٽي جي ٻين هنرن، تاريخي عمارتن، علم ۽ ادب توڙي عام ماڻهن جو بہ ذڪر ڪري ٿو. مڪلي ٽڪر جو سير ڪندي، اتي جي تيرهن عدد مکيہ عمارتن ۽ مقبرن جو احوال بہ لکيو اٿس. بعد ۾ لطف ﷲ وفد سان گڏ حيدرآباد پهچي ميرن جي درٻار ۽ انگريزن جي ريزيڊنسيءَ جو حال احوال لکيو آهي. هن اُن وقت جي ڏيهي توڙي پرڏيهي حالتن جو بہ ذڪر ڪيو آهي. حيدرآباد کان پوءِ لڪي شاھہ صدر پهتو تہ اتي جو احوال بہ لکي ورتائين. ان کان پوءِ لطف ﷲ سيوهڻ، ٽلٽي، لاڙڪاڻي، نئين ديري ۽ شڪارپور جا شھر بہ ڏٺا. شڪارپور کانپوءِ خيرپور (ميرس) طرف بہ انگريزي وفد سان گڏ ويو. ان بعد ٻيهر شڪارپور پهتو. هن شھر جي ذڪر ۾ سنڌ واھہ جو احوال بہ لکيائين. انهن ڏينهن ۾ سنڌ واھہ تي ميلو لڳندو هو. لطف ﷲ پاڻ ميلو ڏسڻ ويو. لکي ٿو ته، ”شھر کان اٽڪل ميل پنڌ تي درياھہ جي هڪ شاخ (سنڌ واھہ) تي ساليانو هڪ شاهي ميلو لڳندو آهي، يعني هي آبڪلاڻيءَ جو ميلو آهي. آءٌ هي ميلو ڏسڻ ويس. ميلي تي ماڻهن جو وڏو تعداد آيل هو. هتي مون کي پهريون دفعو سنڌي هندو سُندرين کي بنا پردي ۽ حجاب جي ڏسڻ جو وجهہ مليو. آءٌ بنا هٻڪ ائين چوڻ لاءِ تيار آهيان تہ هنن مان ڪيتريون برطانيا جي پري چهرن سان بہ مقابلو ڪري سگهن ٿيون.“
لطف ﷲ جي سفرنامي مان اتر سنڌ جي بلوچن جي باري ۾ گهڻو مواد ملي ٿو. خانڳڙھہ (موجودہ جيڪب آباد) خانپور، شڪارپور ۽ سکر جي علائقن ۾ مختلف بلوچ قبيلا آباد هئا، جن جي باري ۾ خبر پوي ٿي تہ اهي اڪثر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. ان ڏس ۾ لطف ﷲ اتر سنڌ جي بدامنيءَ ۽ ويڙھہ لاءِ: رند، ڊومبڪي، جکراڻي، بگٽي، مري، مزاري، لغاري، بليدي، بروهي ۽ دستي قبيلن جو ذڪر ڪري ٿو. ويڙھہ ۽ فساد جي پس منظر ۾ ڏسجي ٿو تہ انهن علائقن ۾ ٽالپرن جي حڪومت جو ڪو بہ اثر رسوخ نہ هو. بلوچ قبيلن ڪيپٽن ايسٽ وِڪ ۽ ان جي فوجي جٿن کي بہ تنگ ڪيو هو. آخرڪار انگريزن قادر بخش کوسي ۽ ڪمال خان ڪهيريءَ سان دوستي رکي، ٻروچن سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. لطف ﷲ پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اتر سنڌ جي سخت گرميءَ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. سورت جي هن عالم پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لاڙ جي ماڻهن لاءِ خاص طرح سان ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ مجموعي طرح سان هيءَ راءِ ڏني آهي: ’سستي ۽ بيڪاري سنڌين جي مکيہ عادتن مان آهي.‘ درياھہ جا ناکئا سارو ڏينهن منهنجي تنبوءَ جي ٻاهران ويٺا بحث مباحثا ڪندا ۽ يٽ شٽ هڻندا هئا.“ وڌيڪ لکي ٿو، ”هڪ دفعي هڪ ڌر چيو تہ ملڪ هاڻي ڄاڻ تہ ويو. جلد ئي اُن تي انگريزن جو مڪمل قبضو ٿي ويندو. ان ۾ ٽالپرن جو پنهنجو ڏوھہ آهي، خاص طرح مير صوبدار جو، جيڪو اڃا تائين انگريز جهڙيءَ هڙ کائو قوم جي دوستيءَ جا دم پيو ڀري.“
لطف ﷲ جي ڪتاب جي، سنڌ جي پسمنظر ۾ اهميت کي ڏسندي، سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي اوائلي دؤر ۾ ان ۾ ملڪ سنڌ بابت مواد کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو. اصل انگريزي ڪتاب جي ڪاپي سنڌ جي نامور عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مهيا ڪئي. ترجمي جو ڪم قادر بخش نظاماڻيءَ جي حوالي ڪيو ويو، ۽ ان ڪم جي سرپرستيءَ ۽ همت افزائي پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪئي. محمد ابراهيم جويو بورڊ جو سيڪريٽري هو، ان صاحب ڪتاب کي 1956ع ۾ ’سنڌ جو سفر‘ عنوان ڏئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جا 1965ع، 1970ع، 1994ع ۽ 2005ع ۾ چار ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. آخري ڇاپو، ڪرائون سائيز جي 77 صفحن تي مشتمل آهي.