سنڌ جو چوپايو مال ۽ چراگاهه

سنڌ جو چوپايو مال ۽ چراگاهه

سنڌ جو چوپايو مال ۽ چراگاھہ

سنڌ جو چوپايو مال ۽ چراگاھہ: سڄي سنڌ چوپائي مال جي جوءِ آهي. سنڌ جو بئراجي علائقو، سنڌونديءَ جي ڪنڌين تي اُسريل آهي ۽ سنڌ جا باراني علائقا: ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان، وَسَ تي ۽ ڪچي وارا علائقا سنڌوءَ جي اُٿل ۽ ٻوڏ تي آڌاريل آهن. انهن سمورن علائقن ۾ مال جي پالنا جو سمورو قدرتي بندوبست موجود آهي. انهن چراگاهن تي مالوند لوڪ پنهنجن ڌڻن، تڏن ۽ وڳن کي ٻچڪاريندا ڳٽڪاريندا، ڇڇڪاريندا، هشڪاريندا، ڇڇڪاريندا، هونگاريندا ۽ سينڍاريندا وتندا آهن. سنڌ جي ٻيلن ۾ ڳئون، مينهن ۽ ٻڪريءَ جو نسل خوب وڌي ٿو، ٻٻرن جا پلڙا ۽ ٻيو گاھہ ۽ گئوچرن جي جهجهائي مال کي تاتڻ ۾ مددگار رهي ٿي، جڏهن تہ اُٺَ جهنگن ۾ لاڻي لئو، کٻڙ، ڄار، نم، ٻٻر ۽ هر قسم جي وڻن جا پن کائي اوڳرون ورائي خوب صحت ماڻين ٿا. اُٺن ۾ هڪڙا مهري ۽ ٻيا لاڏو هوندا آهن، جيڪي سواريءَ لاءِ ڪم اچن ۽ بار کڻن ۽ ٽيان وهُو هوندا آهن، جيڪي نارن، هرلن، چيچڙن، جانڊاهن، گهاڻن ۽ گاڏين ۾ وهندا آهن. ٿر ۾ اٺن کي زمين کي هر ڏيڻ لاءِ ڍڳن وانگر پڻ جوٽيو ويندو آهي. بئراجي علائقن ۾ ربيع ۽ خريف جا فصل لھڻ تي مال جو گاھہ جام لڀي ٿو. ناڻو ڏيندڙ فصلن (Cash Crops) جي لاب، ڪمند جي واڍي ۽ ڪپھہ جي چونڊي کان وٺي ڪڻڪن جي لاباري کانپوءِ ٻنين ۾ رهجي ويل ڪمند جي پلي، وونڻاٺين ۽ ٻئي ڪک ڪهڄر تي ٿرپارڪر ۽ ڪوهستان جا هاري ماڻهو وانڍون ۽ مَنهيون اڏي ويهندا آهن، ڇو تہ انهن ڏينهن ۾ ٿرپارڪر ۽ ڪوهستان وارين سيمن ۾ ڏڪار هوندو آهي. وَس ٿيڻ تي جولاءِ آگسٽ تائين سنڌ جا باراني علائقا ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا پٽ انيڪ قسمن جي گاهن سان گلزاريون لائي چھچ سائي ملير جي صورت وٺن ٿا ۽ وڌيڪ وس ٿيڻ تي وڌي ڪشمير بڻجيو وڃن. ٿر ۾ ستر سيڪڙو وارياسي زمين گئوچرن يا سيمن ۾ والاريل آهي، جتي مند آهر مال چرندو آهي، اها زمين سرڪار جي آهي، پر ڳوٺن ۽ راڄن ۾ ورهايل آهي، جيڪي اتي ڀرپاسي ۾ رهندا آهن. سنڌ جي اُلهندي- ڪوهستان واري علائقي ۾ اهي سايون سيمون ۽ گئوچر لڪي، رنيڪوٽ، کيرٿر، ڪوهستان کان وٺي پٻ جبل تائين هليا وڃن ٿا، جتي گاھہ مالوندن لاءِ سال جي سٺي پيٽ قوت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان ريت سنڌ جي انهيءَ باراني جُوءَ، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ جتي 70 کان 75 سيڪڙو زمين گئوچر ۽ سيمون بڻيل آهي. ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ يا ڪنهن سبب بئراجي علائقن جا ڀاڳيا بہ ڌڻ ڪاهي ايندا آهن ۽ مال جي سٺي مھل ڪري موٽندا آهن. هاڻ آبادي وڌڻ ڪري ڪاڇي مان گئوچر واري زمين ختم ٿيندي وڃي. اثر وارن ماڻهن اهي زمينون پنھنجي کاتي ڪرائي ڇڏيون آهن. خاص طرح سان ڪاڇي ۾ ائين ٿيو آهي، ڪاڇو، جنهن لاءِ شاھہ لطيف چيو آهي تہ: ’ڪاڇو مينهڙن، مندائتو ماڻيو‘ سنڌ جا مالوند ۽ ڀاڳيا سڄي جڳ ۾ هاڪارا رهيا آهن. اڄ بہ پنجاب جي ’ميلا مويشيان‘ ۽ جيڪب آباد جي مشھور مال جي ميلي (Cattle Show) ۾ سنڌ، کير ڏيندڙ مال ۾ ملھہ ماريو بيٺي آهي. سنڌ جي مينهن سان گڏ سنڌ جو ڍڳو بہ سونهن ۽ سگهہ ۾ ننڍي کنڊ جي مڙني ڀاڱن جي ڳائي نر ڍور کان گهڻو سرس آهي. سنڌ صوبي ۾ 1998ع جي ڳڻپ موجب چوپائي مال جو تعداد اٽڪل 4.87 ملين ۽ ڪڪڙيون 7.5 ملين آهن، جن جي ترتيبوار ماليت 7.5 ارب ۽ 375 ملين روپيا ڪٿيل آهي. خشڪ علائقن جي ماڻهن جي مکيہ اقتصادي وهنوار ۾ مال پالڻ شامل آهي، هتي جو 76 سيڪڙو آدم مال پالڻ ۾ رڌل رهي ٿو. اهو سلسلو قديم دور کان هلندڙ آهي. اهي آڳاٽا ’ڌڻ وند لوڪ‘ هئا، جن جي ’ڌڻ‘ (مال) لفظ ’ڌن‘ (دولت) جو مفهوم ورتو ۽ اڳتي هلي ’ڌن دولت‘ (مال ملڪيت) جي معنيٰ ۾ ڪتب آيو. ڌنوان ڪو ڪانٽا چڀا، پُوڇن آئي هزار، ڌڻ تہ ڌڻي، نہ تہ وڪڻ کڻي! مال تاتڻ، وٿاڻ جوڙڻ واري ڪرت کي سنڌ جا ڀاڳيا ماڻهو پنھنجي لاءِ مان ۽ شان سمجهن ٿا، جڏهن تہ مال جي پيداوار موسم، زمين، مٿانهن پٽن تائين پاڻيءَ جي رسائي ۽ مڪاني طور تي ٿيندڙ اوڀڙ: گاھہ، گئوچر، وڻ، وڻڪار ۽ ٻي نباتات ۽ حيوانات جي پالنا، سار سنڀال جي انيڪ پهلوئن تي آڌاريل ٿئي ٿي. مال پالڻ جو ڪم اهڙن علائقن، ماڳن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جتي پاڻيءَ سميت زندگيءَ جون ٻيون سهولتون سڄو سال موجود هجن ٿيون، جن باراني ماڳن تي پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي، اتان جا ماڻهو مينهن جي اڻهوند ۽ خشڪساليءَ جي ڏينهن ۾ پنھنجي مال سميت بئراجي علائقن يا ڪچي وارن سيلابي هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وڃن ٿا، جتي گاھہ پٺي جي جهجهائي هوندي آهي. باراني علائقن جي چراگاهن وسيلي کير ڏيندڙ مال کي مينهن جي مند ۾ گهڻو چارو (32/) ملي وڃي ٿو. اهي چراگاھہَ گهڻي ڀاڱي رياست جي ملڪيت ٿين ٿا ۽ مڪاني ۽ روايتي طرح سان ڳوٺن ۽ راڄن ۾ ورهايل هجن ٿا. انهن تي برطانوي دور ۾ گئوچر ٽيڪس لاڳو هوندو هو. عام طور گهڻا مالوند ماڻهو پنهنجو مال پاڻ چارين ٿا، جڏهن تہ وسڪاري کانپوءِ خاص طور جڏهن فصل پوکيا وڃن ٿا ۽ آبادگار پنھنجي فصل ۾ مال جي ڀيل پسند نہ ٿا ڪن، تڏهن مال جي ڇيڪ چرڻ کي روڪڻ لاءِ مال جي جدا جدا جنسن جي پهرن چارڻ لاءِ الڳ الڳ ڌنار رکيا ويندا آهن. باراني علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ گهڻي چاري ٿيڻ سان کير جي پيداوار بہ وڌي وڃي ٿي. ٻهراڙين ۾ پروٽين (protein) حاصل ڪرڻ جو مکيہ ذريعو کير ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڏاچيءَ جو کير بہ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڍڳيءَ يا مينهن جي کير جي ڀيٽ ۾ وٽامن سي ۽ حياتي بخش ۽ صحت بهتر ڪرڻ واري معدنيات ججهي ٿئي ٿي. عام طرح سان ڀاڳياڻيون پنھنجي خاندان جي ضرورت کان وڌيڪ کير مان مکڻ ۽ گيهُه ٺاهينديون آهن، ڪٿي ڪٿي تہ ڳوٺن جا ڳوٺ تِٿ ٻڌي کير وڏن شهرن جي ’ناگورين‘ ۽ کير وارن دڪانن (Milk shops) لاءِ گاڏين تي اماڻيندا آهن، کير کي وڏن ڪڙاهن ۾ ڪاڙهي مائو ٺاهيندا آهن، جيڪر پڻ شھر جي مٺائيءَ جي دڪانن ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. سنڌ جي ڪچي ۽ ٻيلن جي ڀر وارن شهرن ۾ اها ڪرت عام جام آهي. مال جي کير ۽ گوشت کانسواءِ واڌو پيداوار ۾ انهن جانورن جا وار بہ شامل آهن، اُٺ جي ’ڏاس‘ رڍن جي ’اُن‘ ۽ خاص طرح سَسَن/ گهيٽن جي ’پشم‘ مان شالون جڙنديون آهن. اُن ۽ پشم نرم هجڻ سبب گلم ۽ غاليچن جي صنعت ۾ بہ استعمال ٿئي ٿي، جڏهن تہ ٻڪرين جي اُن ۽ اٺن جي ڏاس مان مقامي طور گهرن ۾ ڪتب ايندڙ ڪيتريون ئي شيون جھڙوڪ: خرزينون، ڪمبل ۽ ٿلهو پشمي ڪپڙو وغيرہ ٺاهيو وڃي ٿو. ڪيترن جانورن جي وارن جھڙوڪ: ڏاس ۽ ملس مان رسا بہ ٺاهيا وڃن ٿا. باراني علائقن ۾ مال جي واڌويجهه وارو ڪم روايتي، قدرتي ۽ غيرنيمائتو آهي، ڀاڳيا اڃا تائين مصنوعي ۽ سائنسي طريقن سان گهڻي کير ۽ جهجهي گوشت ڏيندڙ مال وارو سٺو نسل حاصل ڪرڻ لاءِ هٿرادو تخم ريزي (artificial insemination) ۽ اهڙن ٻين جديد طريقن کان اڻ واقف آهن. جڏهن انهن طريقن وسيلي تمام ٿوري ڪوشش ۽ سولائيءَ سان پنھنجي مال جي پيداوار تمام گهڻي بهتر بنائي سگهن ٿا. خشڪساليءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن جولاءِ کان سيپٽمبر تائين وارن ٽن وڏن وسڪارن کانپوءِ پيدا ٿيل چراگاهن جو چارو ۽ گاھہ نومبر ۽ ڊسمبر ڌاري ختم ٿي وڃي ٿو، تڏهن چوپائي مال کي بيهاري چارڻو پئجي وڃي ٿو، جيڪو هڪ مهانگو ڪم آهي. روڊن رستن جي تاڃي پيٽي واري رابطائي ڄار جي نہ هجڻ سبب ٻين هنڌن تان گاھہ گهرائڻ گهڻو مهانگو هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ گهٽ کاڌ خوراڪ سبب مال ڏٻرو ٿيندو وڃي ٿو، جنهن سبب مال ۾ اوچتو مرض ۽ موت اچيو پوي ۽ ڀاڳين کي گهڻو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي وڃي ٿو. باراني خشڪ علائقن جي جانورن ۾ ٿيندڙ وڌ ۾ وڌ عام بيمارين ۾ ڪـارو واءُ (anthrax)، ڪـاري ڪـنگ يا ســٽ(black quarters) منهن کر يا مهاڙو/ سمهاڙو/ سمهاڙيو (foot and mouth disease)، رت وارا دست/ سوري (enterotoxaemia)، ڦڦڙي (bovine pleuropneumonia) وغيرہ شامل آهن. اهڙن علائقن ۾ چند وٽرنري اسپتالون يا ڊسپينسريون جانورن جي اهڙين بيمارين کي منهن ڏئي سگهن ٿيون، عام طور تي جانورن جي اسپتالن ۾ دوائن ۽ ويڪسينن جي کوٽ رهي ٿي، جنهن سبب رڳو 25 سيڪڙو کان بہ گهٽ مال کي ويڪسين ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي اهڙن باراني علائقن ۾ چوپائي مال جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ نہ تہ خانگي ۽ نہ ئي وري سرڪاري سطح تي ڪي رٿائون ۽ سهولتون موجود آهن. عام طور سنڌ جا ڀاڳيا دنيا جي ڀلن نسلن جي جانورن جي خوبين ۽ گُڻن کان اڻ واقف هجن ٿا، پر هو چراگاهن جي معاشي فائدن کان چڱيءَ طرح سان واقف هجن ٿا. هُو مال جي سائنسي نموني تات ۽ پالنا کان وٺي ڳوٺن کان شهرن تائين سندن پيداوار وارن سائنسي طريقن جي پرجهہ نہ ٿا رکن، جيئن هو سھڻي نموني وڌيڪ لاڀ پرائڻ جا اهل ٿي سگهن. ان جو ڪارڻ باراني علائقن ۾ مارڪيٽن جي سٺي سرشتي سان مال پالڻ واري جديد طريقي ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري تعليم جي اڻهوند آهي. اهڙيون سهولتون رڳو سنڌ جي نهري آبپاشي نظام رکندڙ وچولي سنڌ جي علائقن ۾ ٿيندڙ زرعي فصلن جي سونهري لاڀ ڏيندڙ ماڳن تائين اڌوگابري نموني پهتيون آهن، جتي مال جي واڌويجهہ پاڻيءَ ۽ گاھہ جي گهڻائيءَ جي ڪري وڌ کان وڌ ٿيندي رهي ٿي، سي پڻ رستن جي مڪمل تاڃي پيٽي کان وانجهيل آهن. باراني علائقن جا اڪثر ماڻهو پيادل يا اٺن رستي سفر ڪن ٿا. سنڌ جي ڪوهستان ۽ ٿر علائقي جا ماڻهو سفري ۽ رستن جي سهولتن کان وانجهيل آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي جيپون ۽ ڇھن ڦيٿن واريون ٻيءَ مهاڀاري جنگ دوران ڪتب آيل گاڏيون (ڪيڪڙا) هلن ٿيون. اهڙين سوارين سبب هاڻي ٿري ماڻهو ٿر جي مختلف ماڳن تائين ڪجهه وڌيڪ سولائيءَ سان پهچي سگهن ٿا. ڪجهہ عرصي کان ٿر جي ڪجهہ علائقن ۾ جديد روڊ تعمير ٿيا آهن، جن وڏي سهولت پيدا ڪئي آهي. سنڌ جي چراگاهن جي تباهي ۽ ان جو تدارڪ: باراني علائقي جا چراگاھہ ڪيترن سببن جي ڪري بيابانن ۾ مٽجي رهيا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب واپار لاءِ نقدي رقم ڏيڻ آهي. ان کان سواءِ پيٽ گذر ۽ زندگيءَ لاءِ ضروري شين جي مٽاسٽا واري اقتصاديات جو طريقو بہ باقي نہ رهيو آهي. نتيجي ۾ قبيلا ۽ ڪٽنب پنھنجي مال جي انگ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪن ٿا تہ جيئن اهي سولي طريقي سان ناڻو ڪمائي سگهن. موٽ ۾ مال کي حد کان وڌيڪ چاريو وڃي ٿو، جنهن لاءِ ڪنهن چراگاھہ جو سٺيءَ حالت ۾ هجڻ جي نسبت 30 ڍورن جو يونٽ في هيڪٽر آهي، جڏهن تہ ٿر جي هڪ تباھہ حال چراگاھہ ۾ اهڙي نسبت 68 ڍور في هيڪٽر چرندا آهن، جنهن سبب هن وقت اهڙا چراگاھہ موجودہ مال جي هڪ وڏي انگ جو پيٽ ڀري نہ ٿا سگهن. ان کان سواءِ مال جي حد کان وڌيڪ چرڻ سبب زمين پاڻڀري رهي نہ ٿي سگهي ۽ گاھہ چري کپجڻ کانپوءِ گهڻو ڪري واهوندا ريگستاني چراگاهن جي زمين جو مٿيون تھہ جيڪو مٽي ٺاهڻ لاءِ ڪارائتو ٿئي ٿو، تنهن کي اڏائي ڇڏين ٿا، جنهنڪري چراگاهن تي اوڀڙ گهڻو وقت قائم نہ ٿي رهي ۽ اهي زور وٺي نہ ٿيون سگهن. ان کان سواءِ سيمن ۽ گئوچر جي برباديءَ ۾ مڪاني ماڻهن پاران ٻوڙا پٽڻ، ٻارڻ لاءِ وڻ وڍڻ، مال کي حد کان وڌيڪ چارڻ ۽ چاري جي گدامن سميت وڌندڙ ماڻهن جي آباديءَ جو انگ ۽ دٻاءُ پڻ شامل آهي. جيڪڏهن اهي اهم هاڃيڪار چراگاهي عنصر ان ريت برقرار رهيا تہ اڳتي هلي موجودہ سيمن تي ڍورن ڍڳن جي پالنا نہ ٿي سگهندي. ان کان سواءِ چراگاهن جي بهتريءَ لاءِ 15 جولاءِ کان 15 سيپٽمبر تائين ٽي ڀيرا سٺو وسڪارو ٿيڻ ضروري آهي، جنهن سان گئوچر وارو علائقو وڌيڪ گاھہ ۽ ٻي اوڀڙ سان ڀرپور رهندو. اهڙين حالتن ۾ قدرتي وسيلن جي تباهيءَ جي هاڃيڪار سببن ۽ ڪارڻن جي مستقل رهڻ سبب، ماڻهن کي پنھنجي پيٽ گذر لاءِ شھري علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي ۽ شھري جيوت (urbanization) ۾ واڌ ايندي ۽ اهو واڌارو هڪ ٻئي رخ ۾ سنڌ جي قومي سماج جي بقا جو اهم ۽ مکيہ عنصر بنجندو. سنڌ جي باراني علائقن مان جهڙي تهڙي وڻڪاري بہ هوريان هوريان ختم ٿي رهي آهي. ڪيترائي وڻ جھڙوڪ: کيجڙي/ڪنڊي (Prosopis cineraria)، روهيڙو (Tecoma undulata) ۽ ٻير(Zizyphus mauritna)، جيڪي اڳ ۾ عام طور تي سٺي زمين سبب پيدا ٿيندا رهندا هئا، آهستي آهستي اتان ختم ٿي رهيا آهن. هاڻي انهن جي جاءِ تي اڪ ۽ لمب پيدا ٿين ٿا. اهي نہ رڳو تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، پر ان ڳالھہ جي بہ نشاندهي ڪن ٿا تہ چراگاهن جي تباهي ٿي چڪي آهي. ڦوڳَ، جيڪو علائقي جي زمين کي سگهاري ۽ مضبوط رکڻ لاءِ ضروري ٿئي ٿو، ان جي بہ گهڻي گهٽجڻ سبب زمين جي کاڌ ٿيڻ شروع ٿي آهي. هاڻ رڳو اهي ٻوڙا ۽ وڻ باقي وڃي بچيا آهن، جن کي جانور نہ ٿا کائين. هتي اهڙي اوڀڙ جو گئوچر ۾ قائم رهڻ ضروري آهي، جنهن تي مال جو جيئدان رهي. ننڍي کنڊ ۾ برپٽن جي اوسر/ بيابانجڻ (desertification) وارو قدرتي لقاءَ اٽڪل روءِ ٻہ لک ورهيہ اڳ ڌرتيءَ جي اهل سبب ٿيو ۽ آفريڪا جو برپٽ ’صحارا‘ بہ انهيءَ ساڳئي دور ۾ جڙڻ شروع ٿيو. ننڍي کنڊ وارو اهو برپٽ هاڻ اتر پرديش (انڊيا) ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن تہ خاص طرح سان پنجاب مان اِها برپٽ واري اوسر بئراجن مان شاخون ڪڍائي، برپٽ آباد ڪرڻ سبب گهٽ ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻهوند سبب برپٽ/ ٿر نہ وڌي رهيو آهي ۽ نہ گهٽجي رهيو آهي. ان ڪري اِها زمين رڳو سٺن وسڪارن وارن سالن ۾ جانورن جي چاري جون ضرورتون پوريون ڪري سگهندي. جانورن جي پالنا جاري رکڻ لاءِ چراگاهن جي بحاليءَ سان گڏ، ٿر ۽ ڪوهستان جي زمين ۾ ترت وڌندڙ ٻوٽا ۽ ٿوهر جا اهڙا قسم، جن ۾ ڪنڊو گهٽ ۽ ڳر گهڻو هجي، تن جي پوکيءَ سان مال لاءِ بھترين چارو پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ دنيا جي برپٽن وارن ملڪن جي باراني علائقن واري زرعي تحقيق مان لاڀ پرائڻ ۽ هن ايڪويهين صديءَ ۾ گوشت ۽ کير جي حاصلات لاءِ لاڀائتي ڪوشش ڪرڻ وارو ضروري عمل شامل آهي، ڇو تہ هن علائقي ۾ روڊن جو ڄار موجود ناهي، تنهنڪري ٻاهران چارو آڻڻ ۽ مهيا ڪرڻ نہ رڳو ناممڪن پر گهڻو مهانگو پوندو ۽ رڳو مڪاني گاھہ ۽ گئوچر جديد نموني پيدا ڪري انهن تي ڀاڙڻو پوندو. سـنڌ جي سـڀني بـارانـي عـلائـقـن ۾ جـانـورن جـون اسـپتالـون، ڊسپينسريون ۽ هيلٿ سينٽر قائم ڪيل آهن، جيڪي پالتو جانورن جي صحـت ۽ سـنڀال جي سـکيا واري تعليمـي ڄـاڻ ڏيڻ جو ڪـم ڪـن ٿا. ان ريت هڪ مرڪزي ڊائگنوسٽڪ (diagnostic) لئبارٽريءَ جو هئڻ تمام ضروري آهي، جيڪا جانورن جي بيمارين ۽ رت جون تپاسون ڪري ۽ فعال نموني جانورن جو علاج ڪري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو