سنڌ جي تختگاهن جي تاريخ
حڪومت جي صدر مقام، پايهءِ تخت ۽ بادشاھہ جي رهڻ واري هنڌ کي عربيءَ ۾ ’دارالسلطنت‘ يا ’دارالحڪومت‘، فارسيءَ ۾ ’تختگاھہ‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’گاديءَ جو هنڌ‘ ۽ ’راڄڌاني‘ چيو وڃي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا تختگاھہ جن مان ڪي وقت سان گڏ صفحهء هستيءَ تان مٽجي ويا، ڪي کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن ۽ ڪي ترقي ڪندا اڄ بہ وڏن شهرن جي صورت ۾ آهن.
هيٺ سنڌ جي ڪن اهم تختگاهن جو الف - ب وار ذڪر ڪجي ٿو:
اروڙ: روهڙي شھر کان 5 ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾، اروڙ جي ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شھر جا نشان ملن ٿا، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو تختگاھہ، عظيم بندرگاھہ ۽ تجارتي شھر هو. اروڙ، هاڪڙي درياءَ تي هڪ وسندڙ ۽ ڳتيل شھر هو، جنهن جو بنياد انهن ڏينهن ۾ پيو، جڏهن هتي تھذيب ۽ تمدن جي نشونما ٿي. آثار قديمہ جا ڄاڻو لکن ٿا تہ نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا آثار، سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي غارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن. اڄ بہ اروڙ جي کنڊرن ۽ آسپاس ۾ اهڙا ڪيترا آثار ڏسي سگهجن ٿا.
آرين سنڌ جي وسيل ۽ شاهوڪار شهرن کي قبضي ۾ آڻڻ وقت اروڙ کي محفوظ ۽ اتاهين جڳھہ تي ڏسي، قبضو ڪيو. ويدن جي زماني ۾ هتي هڪ راڻي راڄ ڪندي هئي، جنهن جو نالو ’روماسا‘ هو، جيڪا نهايت ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر پڻ هئي. سندس شان ۾ ڪيئي اشلوڪ ملن ٿا. مهاڀارت ۽ رامائڻ جي زماني ۾ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان حڪمران چندر ونسي- اروڙ ونسي خاندان جا هئا، جن جو لقب راءِ هو، جن 450 ھہ/1058ع کان 642ھہ/ 1166ع تائين حڪومت ڪئي. چندر ونسين کان اڳ سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن 1100 ق. م ڌاري هن شھر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو. ان دور ۾ بہ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن هُو اروڙ آيو هو. هتان جو راجا موسيڪانس هو، جنهن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. لئمبرڪ جي لکڻ موجب ان وقت جي سنڌ کي يونانين موسيڪانس چيو آهي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو. راءِ سهارس جي ڏينهن ۾ جڏهن ايران جي شهنشاھہ نيمروز سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن راءِ سهارس سندس مقابلو ڪيو. 93ھہ/ 712ع ۾ جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو، تڏهن بہ هيءُ شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ اروڙ جو ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويو. جڏهن ارغونن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، تڏهن هتان جي حريت پسند ڌاريجن کي سزا ڏيڻ ۽ باغي تحريڪ کي روڪڻ لاءِ شاھہ بيگ اروڙ ۾ ڇانوڻي هنئي ۽ ڌاريجن سان ٽي چار لڙايون لڙي کين شڪست ڏئي، قتل ڪيائين ۽ اروڙ کي برباد ڪري، ان جو سرون کڻائي بکر ۾ پنھنجي ماڻهن جي رهائش لاءِ ڪالونيون ٺهرائڻ ۾ ڪم آندائين.
اروڙ، تاريخ جي هر دور ۾ شروع کان وٺي عربن جي آمد تائين سنڌ جو تختگاھہ رهيو آهي. هن شھر کي مضبوط عالم پناھہ ڏنل هئي ۽ اروڙ محلاتن، عاليشان عمارتن ۽ باغن ڪري مشھور هو. هندستان جا ڪيترائي راجا، اروڙ جي راڄڌانيءَ کي ڍل ڀريندا هئا. هتي علم ۽ ادب وڏي ترقي ڪئي. قاضي اسماعيل، شيخ مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو، شاھہ شڪر گنج ۽ ڇُٽو عمراڻي هتان جا مشھور بزرگ ٿي گذريا آهن. سنڌ جي پهرين تاريخ، هن سرزمين تي لکي وئي. قاضي ستابو هتان جو وڏو عالم هئڻ سان گڏ اروڙ ۽ بکر جو محتسب اعليٰ هو.
اروڙ مشغول ترين بندرگاھہ ۽ شھر هو، جيڪو هاڪڙي جي رخ مٽجڻ ڪري ڦٽي ويو ۽ عربن منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
المنصوره: محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس وڃڻ کانپوءِ، سنڌ تي عرب گورنر مقرر ٿيندا رهيا، جن جي سياسي مصلحتن ۽ تبديلين ڪري ملڪ ۾ بدانتظامي پيدا ٿي. ڪيترن ڏيهي سردارن ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، خودمختياريءَ جو عَلَم کڙو ڪيو. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب جي مرڪزي سرڪار حڪم بن عوام ڪلبيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هن سان بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم بہ گڏ آيو. عمروءَ گورنر جي حڪم سان، سنڌ جو اندروني انتظام درست ڪيو ۽ خودمختيار علائقن کي ٻيهر فتح ڪيو. انهن فتحن جي خوشيءَ ۾ بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم، مهراڻ جي الهندي ڪپ تي موجودہ برهمڻ آباد کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ضلعي سانگهڙ جي موجودہ شھر شھدادپور کان اٺ ميل اوڀر ۾ ’المنصوره‘ شھر اڏايو، اهو زمانو 723ع کان 738ع جو آهي. هن شھر جي پکيڙ هڪ چورس ميل هئي، ۽ ان جي چوڌاري ندي هئي، جنهنڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا.
هيءُ شھر تعمير جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. شھر جي چوڌاري، عالم پناھہ هئي، جنهن کي چار دروازا هئا، جيڪي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا، انهن دروازن جا نالا: باب البحر، باب طوران، باب سندان ۽ باب ملتان هئا. قلعي ۾ فوج لاءِ بارڪون هيون ۽ پنجاھہ هزار فوج، هر وقت تيار رهندي هئي. منصوره، ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جون حدون ديبل کان الور تائين هيون. رياست اندر ٽي لک ڳوٺ هئا.
ادريسيءَ لکيو آهي تہ منصوره وچين دور جي ٽن وڏن شهرن بغداد، المبليا ۽ ميسوپوٽيما سان گڏ ڳڻيو هو. هي وڏو واپاري شھر هو.
منصوره علمي لحاظ کان دمشق ۽ بغداد ثاني بڻجي ويو. هتي ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر رهندا هئا. عراق ۽ عرب مان ڪيترا عالم لڏي هت اچي رهيا. منصوره، سنڌ جو پهريون شھر آهي، جتي مدرسن جي ابتدا ٿي. قاضي ابو دائود منصوريءَ جي مدرسي ۾ هڪ ئي وقت سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾، هڪ عراقي عالم منصوره ۾ ڪيو. عرب حڪومت جو هي شھر مسلمانن جي ئي بربريت جو شڪار ٿيو. 184ھہ/ 800ع ۾ مغيره هتان جو نائب ٿيو، جنهن لاتعداد ماڻهن کي قتل ڪرايو، سندن گهرن کي باهيون ڏياريون. عربن جي گهرو ويڙھہ سبب نہ رڳو عربن جي طاقت کي ڌڪ لڳو، پر منصوره جي زوال جي شروعات ٿي. 417ھہ/ 1026ع ۾ سلطان محمود غزنوي، منصوره ۽ هتان جي ماڻهن کي قتل ڪرايو ۽ هتان جي سومرن حڪمرانن خفيف کي قرمطي سمجهي مارايو ۽ شھر کي برباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياھہ جو وهڪرو بدلائي ڇڏيو ۽ شھر ويران ٿي ويو ۽ اڄ کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي.
برهمڻ آباد: برهمڻ آباد سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شھر ۽ قديم دور ۾ سنڌ جي راڄڌاني رهيو آهي. هن شھر جو بنياد ايرانين جي سنڌ فتح ڪرڻ کان 50 سال پوءِ 470 ق. م بھمن بن اسفنديار رکيو، جنهنڪري ’بھمن آباد‘ ۽ پوءِ ’برهمڻ آباد‘ سڏجڻ ۾ آيو. گرديزيءَ ’زين الاخبار‘ ۾ لکيو آهي ته، ”برهمڻ آباد جو بنياد، ايران جي ساساني بادشاھہ بھمن رکي، ان کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو، ان جو اصل نالو بھمن اردتشير هو. البيروني لکي ٿو ته، ”برهمڻ آباد جو اصل نالو بهمنوا آهي.“ مرزا قليچ بيگ هن شھر کي ’ٻانڀڻ‘ ذات سان نسبت ڏئي ’ٻانڀرا‘ لکيو آهي. هيءُ شھر پراڻي زماني ۾ جراڙ نديءَ تي هو، جيڪا هاڪڙي درياھہ مان نڪرندڙ هڪ شاخ هئي.
برهمڻ آباد، ايرانين جي دور ۾ سنڌ جو تختگاھہ ٿي رهيو، جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن برهمن آباد وسندڙ، ڳتيل ۽ شاهوڪار شھر هو.
هندو راجائن جي زماني ۾ برهمڻ آباد، سنڌ جي وڏن قلعن مان هڪ هو. چچ بن سيلائج جي حاڪميت دوران اگهم لوهاڻو، برهمڻ آباد جو خودمختيار حاڪم هو، جنهن حڪمران وٽ مڪمل فوج هئي ۽ هو برهمڻ آباد جو آزاد ۽ خودمختيار حڪمران هو. چچ سان جنگ ۾ اگهم مارجي ويو ۽ چچ جو برهمڻ آباد تي قبضو ٿي ويو ۽ هن اگهم جي بيواھہ سان شادي ڪري ڇڏي، شھر جي آزادي ۽ خودمختياري ختم ڪري اروڙ کي صوبي جي حيثيت ڏئي پنهنجيءَ حڪومت جو پايو وڌائين. بعد ۾ راجا ڏاهر، پي (چچ) جي مرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ڀاءُ ڏهرسينه کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيو.
711ع ۾ سنڌ تي عربن جي ڪاھہ وقت برهمڻ آباد، هڪ وسندڙ ۽ آباد شھر هو، سندن ڪاھہ وقت ڏاهر جو پٽ جئسينه ڪشمير ۾ هو. قلعي ۾ راجا ڏاهر جي زال ۽ ٻيا مائٽ موجود هئا، جن وڏي مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ برهمڻ آباد سندن قبضي ۾ رهيو.
جڏهن سلطان آرام شاھہ جي وقت ۾، سنڌ ۽ ملتان ناصرالدين قباچه جي هٿ هيٺ هئا، تہ برهمڻ آباد تي ’جسودن آگرو‘ راڄ ڪندو هو ۽ هيءُ شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. عربن هن شھر ڀرسان نئون شھر المنصوره آباد ڪيو. برهمڻ آباد جي ڦٽڻ جو هڪ سبب چوٿين صديءَ ۾ جراڙ نديءَ جو سڪي وڃڻ بہ ڄاڻايو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جلد پهريون، برهمڻ آباد)
ٺٽو: ٺٽو، سنڌ جي عظمت، خوشحالي، اعليٰ تھذيب ۽ علم ادب جو مرڪز رهيو آهي. ٺٽو پراڻي زماني کان موجود هو، پر جڏهن سمي حاڪم ڄام نندي 1495ع ۾ ان کي نئين سر اڏائي سنڌ جو تختگاھہ بنايو، تڏهن هي شھر تھذيب ۽ تمدن جو عالمي مرڪز بنجي ويو. هتي ڪيئي خانقاهون، مڪتب ۽ مدرسا تعمير ٿيا. مختلف درجن جي ماڻهن لاءِ جدا پاڙا ۽ محلا اڏي ننگر ٺٽي کي نئون روپ ڏنو ويو. ڄام نندي جي وقت سنڌ جو هيءُ تختگاھہ بغداد ۽ دمشق جي سطح تي پهچي ويو. فريد بکري لکي ٿو تہ ”ٺٽي کي ’ڌرتيءَ جي جنت‘ سڏي سگهجي ٿو ۽ ٺٽو عراق ثاني آهي. جڏهن اليگزنڊر هئملٽن هت آيو هو تہ هتي چار هزار مدرسا هئا ۽ شھر کي علمي مرڪز جي حيثيت هئي. ٺٽو سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌ جو تختگاھہ رهيو. (وڌيڪ ڏسو: جلد ٻيو: ٺٽو)
خداآباد (اول): خداآباد لڳ ڀڳ 50 سال سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهي. اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ ڪلهوڙن جو اڳيون تختگاھہ ڳاڙهي مغلن جي فوج ويران ڪيو تہ يار محمد ڪلهوڙي، پنهورن جي گادي ’شڪارپور‘ جو نالو ڦيرائي ’خدا آباد‘ رکيو ۽ پاڻ اتي رهڻ لڳو. (تحفة الڪرام)
خداآباد شھر جيئن تہ گاديءَ جو هنڌ هو، ان ڪري ضروري سياسي مسئلا هت حل ٿيندا هئا. هتي ڪلهوڙن ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون. سبي ۽ ٺٽي تي قبضي جا پروگرام هتي ٺهيا. شاھہ عنايت جي شهادت ۾ هتان جو لشڪر ملوث هو. سنڌ جي آبپاشيءَ جن رٿون هتي ٺهيون. ڪلهوڙن زراعت تي زور ڏنو ۽ ڪيترائي واھہ کوٽائي ملڪ آباد ڪيو. هي شھر خوبصورت هو ۽ خداآباد جي مسجد، فنِ تعمير جو نادر نمونو هئي، (ڪزنس جي بيان مطابق) جيڪا ميان يار محمد خان ٺهرائي هئي.
خداآباد جي جامع مسجد کي مرڪزي درسگاھہ جو درجو مليل هو. مشھور عالمن علي خائف، مير علي شير قانع، محمد پناھہ، منشي عبدالرئوف جا خداآباد جي درٻار سان لاڳاپا هئا. خداآباد جي ڪاروباري طبقي، پنھنجي سهوليت لاءِ سنڌي الف ب ٺاهي، جيڪا پوءِ خدا وادي خط/ خداآباد جي آئيويٽا سڏجڻ ۾ آئي.
1750ع کانپوءِ هي شھر ڦٽڻ لڳو، غلام شاھہ جي دور ۾ کوسن هن شھر کي ڦري تباھہ ڪري ڇڏيو. اڄ خداآباد دادوءَ کان ڏکڻ طرف انڊس هاءِ وي لڳ ستن ميلن جي پنڌ تي هڪ شھر آهي.
خدا آباد ثاني: ڪلهوڙن حاڪم ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1772ع ۾ سنڌ جي حاڪم ٿيڻ شرط هالن کان ڏيڍ ميل پري اتر طرف خداآباد جو نئون شھر اڏائي تختگاھہ بنايو. ڪتاب ’خدايار خاني‘ جو مصنف لکي ٿو تہ هي شھر ستن ميلن جي ايراضيءَ تي ٻَڌل هو ۽ ان وقت ٺٽي کانپوءِ ٻيو نمبر شھر هو. ٽالپر/ مير بہ لڏي اچي هن شھر ۾ رهڻ لڳا.“ هن شھر کي خداآباد ثاني يا خدا آباد هالن واري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ درٻار ۾ ٻاهرين ملڪن جا سفير بہ ايندا هئا. خاص ڪري انگريز سفارتڪار بہ سنڌ جي درٻار سان وابستہ رهيا. سرفراز خان انگريزن جي ڪوٺي 1775ع ۾ بند ڪرائي ڇڏي. ان ڪري هتي ڪمپنيءَ جا ڪافي سفارتڪار آيا.
ميان سرفراز خان حيدرآباد ضلعي ۾ پنھنجي نالي سان ’سرفراز واھہ‘ کوٽرائي، ملڪ جي زرعي پئداوار ۾ اضافو ڪيو. ڪڇ تي حملو ڪري، ان کي فتح ڪري خداآباد جي حڪومت سان ملايو ويو.
ميان سرفراز خان جو ٻڌايل هي شهر، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گاديءَ جو هنڌ هو، سو ڪلهوڙا حاڪمن جي ذاتي مفادن، دشمنين، باهمي افراتفري ۽ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاھہ سبب، ڦٽجي، ڦرجي ۽ سڙي تباھہ ٿي ويو. (وڌيڪ ڏسو: خدا آباد، جلد چوٿون)
خيرپور/ سهراب پور: ٽالپرن جڏهن ڪلهوڙن کان حڪومت حاصل ڪئي، تڏهن مير فتح علي خان ملڪ کي ورهائي ٽي حصا ڪيو ۽ اتر سنڌ جو حصو 1784ع ڌاري مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. ان وقت اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪوٽ ڏيجيءَ کي بنايو ويو. مير سهراب خان 1787ع ۾ هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري، خيرپور جو شھر اڏي، ان جو نالو سهراب پور رکي گادي جو هنڌ بنايو. (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، خيرپور شھر)
روپاھہ ماڙي: سومرن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ ورهيہ حڪومت ڪئي. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن حصن جون رياستون، سنڌ جي سرحد سان لاڳيتيون هيون. سومرا سياسي ۽ جنگي طاقت ۾، گجرن کان ڏاڍا هئا. وڳھہ ڪوٽ اصل گجرن جو هو، جيڪو سومرن کانئن کسي، پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو، ان لاءِ گجرن ۽ سومرن ۾ مسلسل لڙايون لڳيون. جڏهن گجر سياسي يا عسڪري طرح سومرن سان پڄي نہ سگهيا تہ هنن ساڻن سڱابندي ڪئي. ائين ڀونگر بادشاھہ لاڏڻي گجر جي ڌيءَ روپا سان 640 ھہ/ 1242ع ۾ شادي ڪئي. لاڏڻو گجر ان وقت ڪوسر ۽ ريڻ تي راڄ ڪندو هو. سومرن جي 21 حاڪمن مان ڀونگر ثاني چوڏهون حاڪم هو، جيڪو 638ھہ/ 1240ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ هي زمانو سومرن جي عروج جو هو.
سلطان ڀونگر روپا سان شاديءَ کانپوءِ حڪومت جو تختگاھہ وڳھہ ڪوٽ مان کڻي 16 ميل اتر اولھہ ۾ ’روپاھہ ماڙي‘ شھر ٻڌائي، اتي تختگاھہ بنايو. هي وڳھہ ڪوٽ کانپوءِ ٻيو نمبر تختگاھہ هو. هن شھر ۾ بادشاهي محلات جا دروازا چانديءَ جا ٺهيل هئا، انهي ڪري بہ چون ٿا تہ شھر جو نالو روپا ماڙي پيو. شھر جي ڀرسان روپا واھہ بہ وهندو هو، جيڪو ’ريڻ درياھہ‘ مان نڪتل هو.
ڀونگر بادشاھہ روپاھہ ماڙيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف هنڌان هنرمند، پورهيت، ڪاريگر ۽ تاجر آڻي هت آباد ڪرايا، هن واھہ ۽ ڪڙيا کڻايا. ملڪ خوشحال ۽ آباد هو.
ڀونگر 678 ھہ/ 1279ع ۾ وفات ڪئي ۽ راڄ جي يڪراءِ فيصلي سان دودي پٽ ڀونگر کي تخت تي ويهاريو ويو. هن پنھنجي دور ۾ روپاھہ ماڙي شھر کي ٺاهيو، سينگاريو ۽ ترقي ڏياري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ دودي جو روپاھہ جي شھر تي راز هو. ان کي آباد ڪيائين ۽ اتي راڄ رهايائين. هن درٻار قائم ڪري، باغ بنايا، شھر آباد ڪرايا. سندس شاهي باغ جو نالو ’لکي باغ‘ هو. سندس درٻار يا حويليءَ وارو ڪوٽ ’ٻالنگ ڪوٽ‘ سڏبو هو. هن جا پنهنجا وزير، مشير ۽ صلاحڪار هئا. وزيرن ۽ مشيرن جون روپاھہ ۾ وڏيون جايون ۽ بنگلا هئا.
روپاھہ جي زوال ۾، سنڌ جي خانہ جنگي ۽ گهرو سازش جو وڏو دخل آهي. دودي سومري جي ڀاءُ چنيسر، جيڪو روپا راڻيءَ مان هو، ان جي علاءُ الدين کي سنڌ تي چاڙهي اچڻ سان اها تباهي ٿي. دودي مرڻ گهڙيءَ تائين مردانگيءَ سان روپا ماڙيءَ جي حفاظت ڪئي. اڄ بہ روپاماڙيءَ اڳيان دودي جي قبر آهي ۽ ان جي ڀر ۾ شيخ دائود جي قبر آهي، جيڪو روپا ماڙيءَ جي شھيدن مان هڪ آهي. (وڌيڪ ڏسو: جلد ڇهون، روپا ماڙي)
ساموئي/ سما نگر: سنڌ جي ڏيهي تاريخ ۾، سمن جي دور کي وڏي اهميت حاصل آهي. سومرن جي آخري دور ۾ سَما سردار ۽ جاگيردار، پنھنجي طاقت وڌائڻ لڳا. هنن جي طاقت جي شروعات ڄام انڙ جي سرداريءَ سان شروع ٿي. هن سومرن جي تختگاھہ محمد طور تي حملو ڪري، ان کي تباھہ ڪري، سمن جي حڪومت جو پايو وڌو ۽ ٺٽي ويجهو مڪلي ٽڪريءَ جي اترينءَ ڀِڪ ۾ نئين تختگاھہ جو بنياد وڌو، جنهن کي ’سمانگر‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي هلي ’ساموئيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو.
ساموئي 1351ع کان 1461ع تائين سمن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ان بعد ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي، ساموئيءَ کان تختگاھہ کڻي ٺٽي آندو، پر ساموئيءَ جي اهميت نہ گهٽي. ساموئيءَ جي حڪمرانن، سنڌ کي جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن ۾ ورهايو ۽ انهن تي ڌار ڌار حاڪم ۽ اعليٰ عملدار مقرر ڪيا. ان زماني ۾ جوڻ، بکر، سبي، عمرڪوٽ ۽ نصرپور اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا. ساموئي هڪ وسندڙ ڳتيل ۽ شاهوڪار شھر هو. هتان جون جايون پڪين سرن جون ٺهيل هيون. ساموئيءَ جا حاڪم مذهبي طور روادار هئا. سندن ڪابينا ۾ هندو وزير بہ هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”ساموئيءَ ۾ سمن جا مقبرا ۽ ان دور جي درويش حاڪمن جون خانقاهون، هندو- مسلم گڏيل تھذيب جو منظر آهن. فن تعميرات تي هن گڏيل تھذيب جو گهڻو اثر ٿيو.“ (وڌيڪ ڏسو: جلد ستون، ساموئي)
سيوهڻ: سيوهڻ، سنڌ جي تمام آڳاٽن تاريخي شهرن مان هڪ آهي، جيڪو اروڙ کان بہ گهڻو اڳ سنڌ جو تختگاھہ ٿي رهيو.
سيوهڻ مرڪزي حڪومت جو تختگاھہ هو. جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن هتان جو راجا سموس/ سامبس هو. ماڻهن سان گڏجي سڪندر سان جرئتمندانه مقابلو ڪيو، پر سڪندر سيوهڻ جي مضبوط قلعي کي بارود سان اڏائي سيوهڻ کي پنھنجي قبضي ۾ آندو.
هندو راڄ ۾ سنڌ پنجن صوبن: برهمڻ آباد، سيوستان، اسڪلندھہ، ملتان ۽ اروڙ ۾ ورهايل هئي. سيوستان سڄي پرڳڻي يا صوبي جو نالو هو ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو. سيوهڻ، سنڌ جو هڪ ڌار صوبو هئڻ ڪري هتي جدا حڪومت قائم هئي، جيڪا وسيع ايراضي ۽ شهرن تي مشتمل هئي ۽ سيوهڻ ان جي گاديءَ جو هنڌ هو. تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ سيوهڻ کي ’سنڌ جي پنجين ولايت‘ سڏيو آهي ۽ لکي ٿو ته، سيوهڻ سنڌ جو قديم الايام کان الڳ تختگاھہ رهيو آهي.
امرڪوٽ- عمرڪوٽ: هيءَ وسندي ميرپورخاص کان 46 ميل اوڀر ۾ ان جاءِ تي آهي، جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي؛ جيڪو پرمار سوڍي تعمير ڪرايو هو. ان تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. وري 1226ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو. راجپوتن، ھمايون کي ھتي پناھہ ڏني ۽ اڪبر بادشاھہ جو جنم هتي ٿيو. ڪلھوڙن جي دور ۾ امرڪوٽ ميان نور محمد جي قبضي ھيٺ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو. 1813ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران، ھن شھر کي ضلعي ھيڊڪوارٽر جو درجو مليو. هن وقت بہ اهو ضلعو آهي.
امرڪوٽ شھر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي. پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’شِوَ‘ جي مندر کان وٺي ڏيات ٻھہ تائين نظر اچن ٿا. هن شھر کي ڪڏهن ’ديهات‘، ڪڏهن ’همروٽ‘، ڪڏهن ’پدمات‘، ڪڏهن ’امراڻو‘ ۽ ڪڏهن ’امراپري‘ سڏيو ويو. هن شھر کي عمر سومري جي نسبت سان ’عمرڪوٽ‘ برٽش دور کان سڏيو ويو، جيتوڻيڪ عمر سومري جو امرڪوٽ جي شھر ۽ قلعي سان ڪو واسطو نہ رهيو. تاريخ جا قديم ماخذ ’تاريخ فرشته‘، ’آئين اڪبري‘، ’اڪبر نامہ‘، ’شاھجھان نامہ‘ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالھہ تي متفق آهن تہ هن شھر جو نالو امرڪوٽ آهي.
امرڪوٽ قبل مسيح ۾ بہ آباد هو، ٻڌ ڌرم جي دور ۾ اوج تي هو. هن شھر جي ڀر ۾ لانٻي تلاءَ ۽ جوڳرائيءَ تلاءِ جي ڪپن تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن چلا ڪڍيا هئا. هي شھر راجا وڪرماجيت آباد ڪيو ۽ اتي هڪ قلعو جوڙايو. ’شو‘ جي مندر وٽ برهمڻ رهندا هئا، هتي ڀڪشوئن جو بہ زور هو. امرڪوٽ شهر، امرڪوٽ جو قلعو هڪجيترا پراڻا آهن. ڇهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شھر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي، انهن راجائن جي حڪومت يارهين صدي عيسويءَ ۾ حاڪم همير سومري ختم ڪئي.
ڪلهوڙن جا تختگاھہَ
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 1756ع ڌاري تخت تي ويٺو. ان کانپوءِ ڪڇ تي ٻہ ڪامياب حملا ڪري بستہ بندر ۽ لکپت، ٺڪرن کان هٿ ڪيائين. دائود پوٽن کان اچ ۽ سبزل ڪوٽ وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ آسپاس وارن علائقن کي خان قلات کان کسي، سنڌ جي حڪومت کي وسيع تر ڪيائين. هن جي حڪومت جا ٽي دور آهن ۽ انهن ٽنهي دورن ۾ تختگاھہ بدلبا رهيا.
الھہ آباد: ڪلهوڙن جي حڪومت جو پهريون تختگاھہ الھہ آباد هو. جڏهن غلام شاھہ ڪلهوڙو 1170 ھہ/ 1756ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن هن مرادآباد ويجهو الھہ آباد جو شھر ٺهرائي ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جتي هو صرف اڍائي مهينا رهيو.
شاھہ ڳڙھہ: ڊسمبر 1758ع ۾ عطر خان ۽ غلام شاھہ جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. غلام شاھہ پنهنجن حمايتين کي وٺي ’گجي‘ آندو ۽ ان جو نالو ’شاھہ ڳڙھہ‘ رکي، گاديءَ جو هنڌ بڻائي حڪومت ڪرڻ لڳو. شاھہ ڳڙھہ جي ڀرسان ’شاھہ بندر‘ نالي نئون بندر بہ ٺهرايو ويو. هي شھر فقط پنج مهينا گاديءَ جو هنڌ رهيو.
شاهپور اول: غلام شاھہ جي حڪومت جو جڏهن ٽيون دور شروع ٿيو، تڏهن هن نصرپور شھر جي ڀرسان نئين تختگاھہ ’شاهپور اول‘ کي اچي وسايو. شاهپور اول اٽڪل ڇھہ سال سنڌ جو دارالحڪومت ٿي رهيو. الھہ آباد کانپوءِ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ڪجهہ وڌيڪ معاهدا هن شھر ۾ ٿيا. سياسي ۽ تجارتي لحاظ کانسواءِ شاھہ پور اول علم ۽ ادب جو بہ مرڪز هو. ڪيترائي فقير بزرگ ۽ شاعر هت آيا. مير علي شير قانع کي هن ئي شھر ۾ ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. سنڌ جي گاديءَ جو هي هنڌ 1175ھہ/ 1764 ع ۾ گهڻي طوفان ۽ مٽي لڳڻ ڪري تباھہ ٿي ويو.
شاهپور ثاني: شاهپور اول تباھہ ٿيڻ کانپوءِ غلام شاھہ، شاهپور ثاني ٺهرائي 1764ع ۾ گاديءَ جو هنڌ بڻايو. هي شھر پورا چار سال 1761ع کان 1768ع تائين سنڌ جو تختگاھہ ٿي رهيو. هن وقت هي شھر موري تعلقي ۾ شاهپور جھانيان جي نالي سڏيو وڃي ٿو.
کاڻوٺ/ خانوٺ: ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي لاءِ چون ٿا تہ هن کاڻوٺ شھر بہ تعمير ڪرايو، جنهن کي گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ پئي چاهيو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب ”الهندي پاسي جبلن جي ڪناري سان خانوٺ جو شھر ٻڌايائين، پر آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾، درياھہ جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري، ان جو آسرو لاٿائين.“ انگريز محقق هيگ لکي ٿو تہ ”هي شھر ميان غلام شاھہ، پراڻن هالن کان هڪ ميل ڏکڻ طرف هڪ شھر ٻڌايو، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ غلام شاھہ ڪلهوڙي هن شھر کي نئين دارالسلطنت بنائڻ پئي چاهيو، پر پوءِ ٻوڏ جي خيال سان هتي گادي نہ رکيائين ۽ حيدرآباد کي نئون دارالسلطنت بنائڻ جو پروگرام ٺاهيائين.“
حيدرآباد: مير علي شير قانع موجب ”ذوالحج 1181ھہ/ اپريل 1768ع ۾ ’نيرن ڪوٽ‘ نالي هڪ مضبوط جبل جي سر زمين تي تختگاھہ بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهنڪري حيدرآباد جو قلعو 1182ھہ/ 1768ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ ان تي حيدرآباد نالو رکيو ويو. غلام شاھہ ٽڪر مٿان شھر اڏائي رعيت کي قلعي اندر حفاظت ۾ رهايو. هي شھر سنڌ جي وچ ۾ هئڻ ڪري سموريءَ سنڌ تي انتظامي ڪنٽرول رکي سگهبو هو. هيءُ شھر پڪي قلعي جي تعمير کانپوءِ آباد ٿيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ غلام شاھہ ۽ سندس پٽن ۾ تخت تان اڻبڻت ٿي پئي، جنهنڪري مختلف وقتن تي، مختلف هنڌن تي نوان شھر ٻڌي، انهن کي تختگاھہ جو درجو ڏنو ويو. پر اهي مستقل تختگاھہ ٿي نہ سگهيا. سال 59-1758ع ۾ غلام شاھہ ڪلهوڙي خداآباد ۽ ٻين شهرن کي ڇڏي فيصلو ڪيو تہ نئون شھر ٻڌي ان کي تخت گاھہ بنايو وڃي. اهڙيءَ ريت مارچ 1769ع ۾ پڪي قلعي جي تعمير شروع ٿي. ميجر راورٽيءَ پنھنجي ڪتاب ’دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”حيدرآباد شھر جو بنياد 1768ع ۾ رکيو ويو. ڏيڍ ٻن سالن جي عرصي ۾ تعميرات مڪمل ٿي تہ سنڌ جو حاڪم حيدرآباد ۾ اچي رهيو. ان ريت قديم ’نيرون‘ جي جاءِ ’حيدرآباد‘ والاري.“ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو مطمئن ٿي پنھنجي فوجي قوت وڌائي ۽ قنڌار تي حملو ڪري افغانين سان ٻہ هٿ ڪرڻ پئي چاهيائين تہ 12 آگسٽ 1772ع تي وفات ڪري ويو. (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، ’حيدرآباد‘)
ڳاڙهي: ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڳاڙهي يا گهاڙي بہ هو، جيڪو موجودہ تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ هو. محقق غلام محمد لاکو لکي ٿو ته، ”ڳاڙهي ڪلهوڙن جو پهريون تختگاھہ آهي، ڇو تہ ميان نصير محمد خانداني حڪومت جو بنياد رکڻ شرط سڀ کان اول پنهنجو تختگاھہ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي جدا جدا علائقن تي عملدار پڻ مقرر ڪيا.“ هينري ڪزنس هن شھر کي نصير محمد جو هيڊڪوارٽر سڏيو آهي ۽ ان جو نالو ’کاري‘ لکيو آهي. ميجر هيگ لکي ٿو تہ ”ميان نصير جو تختگاھہ ڳاڙهي هو. ڳاڙهي حڪومت جي قبضي هيٺ هٽڙي (چانڊڪا، قنبر ۽ ڏهرڪي)، ڪاڇو: (جوهي تعلقو، خيرپور ناٿن شاھہ ۽ ميهڙ)، شاھہ پنجو (دادو تعلقو، خيرپور جي ڪاڇي وارو علائقو)، ساهتي (مورو تعلقو، نوشهروفيروز تعلقو ۽ ڪنڊيارو تعلقو)، لاکاٽ (سڪرنڊ ۽ نوابشاھہ جا تعلقا) هئا. ڳاڙهي جو شھر ميان نصير محمد جي ميان وال تحريڪ جو بہ مرڪز هو.“
ميان نصير محمد ڳاڙهيءَ جي مرڪزي حڪومت واري علائقي ۾ واھہ کوٽايا، ڪڙيا کڻايا ۽ گڏيل ڪڙمت (Collective Farming) جو بنياد وڌو. ليکڪ عبدالله مگسي لکي ٿو تہ: ”هن علائقي جي زمين کي سرسبز بنائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا ٺاهيا. نئين گاج تي بند تعمير ڪرايائين ۽ ان گڏ ٿيل پاڻي کي آبادي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو. ان کانسواءِ نئين گاج کان هڪ واھہ کوٽايو، جنهن کي کاري سڏبو هو.“
ميان نصير محمد 1696ع ۾ جڏهن گذاري ويو تہ کيس ڳاڙهيءَ ۾ دفنايو ويو. سندس مرڻ کانپوءِ 1697ع ۾ سنڌ جي حڪومت جو وارث ميان دين محمد ٿيو ۽ ڳاڙهي بدستور تختگاھہ رهيو. ان دور ۾ شھزادي معزالدين، اورنگزيب عالمگير جي پوٽي سنڌ تي ڪاھہ ڪئي ۽ ڳاڙهي تي حملي آور ٿيو. ميجر هيگ لکي ٿو تہ ”هن شھر جا ڦٽل آثار اڄ بہ ڪڪڙ ضلعي دادوءَ کان اتر اولھہ ۾ نون ميلن تي موجود آهن، جتي ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جا مقبرا ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل مسجد موجود آهي.“
محمد آباد: ڪلهوڙا حڪمرانن مان ميان نور محمد ڪلهوڙو مضبوط حاڪم هو. هن والد جي قبضي وارن علائقن ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي. ’تاريخ سنڌ عھد ڪلهوڙا‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ميان نور محمد خان جي دور ۾ جڏهن ٺٽي جي نظامت ملي وئي تہ سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي ويل ٽڪرن جي ملي هڪ ٿيڻ وارو مقصد بہ تڪميل تي پهتو. محمدآباد جي تعمير ميان نور محمد ڪلهوڙي اڳ ئي ڪرائي هئي. هي شھر موري ضلعي نوابشاھہ (موجودہ شھيد بينظيرآباد) ۾ هو. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو تہ مرادياب خان ۾ حڪومت ۽ راڄ هلائڻ جي اهليت گهٽ ڏسي ميان نور محمد ٻيهر حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ انهي دفعي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ محمدآباد رهڻ ڏنو ويو. ميان نور محمد هن شھر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ واھہ کوٽايا ۽ باغ رکايا، بنگلا ۽ محلات ٺهرايا.
1753ع ۾ جڏهن احمد شاھہ ابداليءَ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن ميان نور محمد جيسلمير ويل هو ۽ واٽ تي وفات ڪيائين. تڏهن کيس آڻي محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. ميان نور محمد کانپوءِ ميان محمد مرادياب تخت تي ويٺو تہ ڪجهہ عرصو هن شھر ۾ رهيو.
محمد طُور: سومرن جو دور حڪومت جو تختگاھہ هو. ايليٽ لکي ٿو ته، ”سومرن جو جهونو تختگاھہ محمد طور شھر هو، جيڪو ديرڪ پرڳڻي ۾ هو. ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي يعني پارڪر ۽ ونگي بازار جي وچ واري وارياسي ميدان کان وٺي، هاڻوڪي ٺٽي شھر تائين ليکيو ويندو هو. محمد طور ڳوٺ جي جاءِ تي ٿري شھر قائم ٿيو، جو بدين جي ڀرسان هو. چچنامي ۾ آهي ته، جڏهن 1320ع ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان مان لشڪر وٺي دهليءَ ويو ۽ غزنوي گهراڻي جي پوئين بادشاھہ خسرو حال کي ڀڄائي پاڻ غياث الدين تغلق جي نالي سان دهلي جو بادشاھہ ٿيو، تنهن وقت سومرن جو وڏو تعداد ٿري شھر ۾ اچي گڏ ٿيو هو ۽ سومره نالي هڪ سردار کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيائون، جنهن پاڻ کي ٿري ۽ آسپاس جي علائقن جو خودمختيار بادشاھہ سڏايو. سومرا قبيلي جا ماڻهو جڏهن ٿري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اچي گڏ ٿيا، تڏهن سما بہ ساڻن شامل هئا. انهن ٻنهي قبيلن گڏجي سومره کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو“. هن مان صاف ظاهر آهي تہ سومرا ٿري شھر ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ ’سومري‘ سنڌ ۾ سومرا رياست قائم ڪري، ان جي گاديءَ جو هنڌ محمد طور بڻايو. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو تہ هي شھر 7 صدي هجريءَ ۾ سومرن اڏائي، پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ڪن تاريخ نويسن هن شھر کي محمد طور سومري ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جيڪو هن خاندان جو ڏهون حڪمران هو، جنهن 654 ھہ ۾ سنڌ تي حڪومت ڪئي.
محمد طور جي گاديءَ تي ويهڻ وارن حڪمرانن ۾ ٻہ عورتون: تارا ٻائي (دودي سومري جي ڌيءَ) ۽ همون ٻائي (سنگهار جي زال) حڪمران رهيون آهن. همون ٻائيءَ دَرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاھہ قائم ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن مان هڪ کي محمد طــُور شھر ۾ ۽ ٻئي کي ٿري شھر ۾ حاڪم ڪري رکيائين. ان وقت دودي نالي هڪڙو سومرو سردار، جيڪو دهڪه ڳوٺ ۾ حڪمران هو، سو وجهہ ڏسي پنھنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي آيو ۽ همون ٻائيءَ جي ڀائرن سان اچي جنگ ڪيائين، جنهن ۾ همون ٻائيءَ جا ڀائر مارجي ويا. ايتري ۾ فتح خان سومري مٿس حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو. هن ساڳيءَ طرح محمد طور کي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
محمد طور جو شھر هڪ خاص مقصد تحت ٺهرايو ويو هو. ناميارو اسڪالر غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”هي شهر، مهراڻ مان نڪتل شاخ ريڻ جي گونگڙي واھہ تي هو. هن شھر جون عمارتون پڪين ۽ لسين سرن جون ٺهيل هيون. جيڪي چورس ۽ مستطيل هيون. هت مڪان، قلعا ۽ محلات هئا. پٿرن جون وڏيون ڇپون محلاتن ۽ مڪانن ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون هيون.“
سومرن جي حڪومت جو هي اوائلي ۽ قديم تختگاھہ سمن جي حڪومت ۾ تباھہ ٿي ويو. ان کان اڳ خود سومرا بہ اتان گاديءَ جو هنڌ مٽائي وڳھہ ڪوٽ کڻي ويا. ايليٽ لکي ٿو ته، جڏهن درياھہ پنهنجو سمورو وهڪرو وچ سنڌ خواه لاڙ مان مٽائي ويو.
هن شھر جي کنڊرن جي گهڻو پوءِ هينري ڪزنس تحقيق ڪئي. جتان کيس چانديءَ ۽ ٽامي جا سِڪا هٿ آيا. اهڙيءَ طرح سومرن جي دور جو هي شھر سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏي اڄ مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي جي شاھہ ڪپور ڳوٺ جي ويجهو عام خاص لاءِ عبرت جو مرڪز بڻيل آهي.
مرادآباد: 1147ھہ/ 1754ع ۾ جڏهن سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد جيسلمير طرف وفات ڪري ويو، تڏهن سنڌ جي اميرن ميان محمد مرادياب خان کي جانشين تسليم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ميان نور محمد جو وڏو پٽ هو ۽ ميان صاحب بہ پنھنجي وصيت نامي ۾ سندس
جان نشينيءَ لاءِ لکيو هو. ان ڪري سنڌ جي اميرن خاص ڪري ديوان گدو مل مدبرانه طريقي سان افغانستان جي بادشاھہ سان ڳالھہ ٻولھہ ڪري، حڪومت جو فرمان ورتو ۽ ان جي عيوض محمد عطر خان کي يرغمال طور، افغانستان ۾ رهايو ويو ۽ خراج جي رقم ۾ بہ واڌارو ڪيو ويو. افغان حاڪمن مراد ياب کي سنڌ جي حڪومت سان گڏ ’سربلند خان‘ جو بہ خطاب عطا ڪيو. اميرن کي ساڻ وٺي عمر ڪوٽ کان نصرپور آيو ۽ سندس تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي.
مرادياب سوچيو تہ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هڪ محفوظ جڳھہ تي بنائڻ گهرجي. ان ڪري هن نصرپور ۾ نئين تختگاھہ قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي تہ حڪم ملڻ تي ڪامورن، نصرپور جي سامهون هڪ زمين تيار ڪئي. ٿورن ڏينهن ۾، مرادآباد نالي هڪ وڻندڙ شھر آباد ٿي ويو. محمد مرادياب جيڪي چار سال هتي رهيو، ان عرصي ۾ هن مرادآباد کي خوب زور وٺرايو. 13 ذوالحج 1170ھہ/ 29 آگسٽ 1757ع تي سنڌ جي اميرن محمد مرادياب کي هٽائي غلام شاھہ ڪلهوڙي کي حڪمرانيءَ جي مسند تي ويهاريو. سندس حڪومت جو مدو پوڻا چار سال ٿئي ٿو. غلام شاھہ جي دور ۾ هي شھر ڪجهہ عرصو تختگاھہ ٿي رهيو، پر پوءِ درياھہ جي اُٿل ڪري هي شھر غرق ٿي ويو ۽ غلام شاھہ ان کانپوءِ الھہ آباد شھر ٻَڌائي، اتي وڃي رهيو.
ملتان: عرب مؤرخن (ستين ۽ اٺين صديءَ) ملتان کي سنڌ جو حصو ڳڻيو آهي. ملتان کي سنڌ جو حصو سمجهندي ذڪر ڪجي ٿو:
سڪندر مقدونيءَ جي اچڻ وقت ملتان هڪ آباد ۽ وسندڙ شھر هو. باغات ۽ تجارت عروج تي هئي. ماڻهو ڪوٽ اندر رهندا هئا ۽ ٻاهر راوي درياھہ هو. قلعو تمام مضبوط ۽ محفوظ هو. اسڪندر هن شھر کي فتح ڪري گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. خاص ڪري چندرگپت جي زماني ۾ ملتان وڏي ترقي ڪئي.
سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي دور ۾ راءِ سهارس جي مملڪت نهايت وسيع هئي. هن ان کي چئن صوبن ۾ ورهايو، جنهن مان هڪ صوبو ملتان هو ۽ مغلن جي گاديءَ جو هنڌ هو. هن صوبي تي هڪ گورنر مقرر هو. راءِ گهراڻي کانپوءِ چچ تخت تي ويٺو ۽ هن ملتان کي پنھنجي هٿ ۾ رکيو ۽ هتان جي ماڻهن کي نيڪ سلوڪ ۽ انعام اڪرام سان نوازي پنهنجو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم ملتان کي فتح ڪيو، تڏهن منشي عبدالرحمان جي لفظن ۾ هُن پهرين اسلامي حڪومت جو دارالخلافه ملتان کي ڪيو ۽ ٽن صدين تائين هي شھر مملڪتِ اسلاميءَ جو اهم شھر رهيو. راجائن جي زماني ۾ ملتان پنھنجي تاريخي مشهوريءَ جي ڪري زبردست فوجي ڇانوڻي رهيو. ايستائين جو لوڌي حڪمرانن جي زماني ۾ ان جي مرڪزيت ۾ ڪو خاص فرق نہ آيو. مغلن جي دور ۾ ملتان 180 سالن تائين لاڳيتو هڪ صوبي جي حيثيت ۾ رهيو ۽ مرڪزي حڪومت کان ان تي صوبيدار مقرر ٿيندا رهيا. (وڌيڪ ڏسندا: ملتان، ايندڙ جلد)
ميرپورخاص: 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي ۽ ٽالپرن جي سردار مير فتح علي خان جي وچ ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي 80 سالن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. مير
فتح علي خان (فاتح سنڌ) سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهائي چار حصا پنھنجي ۽ پنهنجن ڀائرن لاءِ رکيا ۽ ٻہ حصا مير سهراب خان کي ڏنا ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنو. مير ٺاري خان، حڪومت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهرين شاهبندر ۽ پوءِ بدين ويجهو ڪيٽيءَ ۾ پنهنجو تختگاھہ ٺهرايو. جڏهن مير علي مراد خان هتان جو گورنر ٿيو، تہ هاڻوڪي ميرپورخاص واري هنڌ تي قلعو ٺهرايائين ۽ پوءِ بنگلو ۽ ماڙيون تعمير ڪرايائين ۽ 1829ع ۾ مير علي مراد خان هتي حڪومت جو تختگاھہ بنايو. ان کانپوءِ هي شھر ماڻڪاڻي ٽالپرن جو تختگاھہ ٿي رهيو. شاهبندر علائقي جو اڌ هتان جي حڪومت کي مليل هو. موري جو شھر درياھہ تائين ۽ سيوهڻ جو اتر اولھہ وارو علائقو ميرپورخاص جي حڪومت ۾ هو.
ميرپورخاص جو آخري حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر هو. انگريز جرنيلن ۽ مؤرخن کيس ’شير سنڌ‘ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. سندس ڏينهن ۾ ميرپورخاص وڏي ترقي ڪئي. انگريزن جي دور ۾ هي شھر 515 چورس ميلن تي ڦهليل هو. هن شھر کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر بڻائي عوام تي خاص نظر رکي وئي. ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون ٺهرايون ويون. انگريز سرڪار هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي ۽ وڏي سبزي مارڪيٽ خواه وڏي بازار ٺهرائي. اهڙيءَ طرح ميرپورخاص جو شھر ٺهيو، جيڪو ڪنهن دور ۾ ماڻڪاڻي سرڪار جي گاديءَ جو هنڌ هو.
نيرون ڪوٽ: نيرون ڪوٽ، سنڌ جو تمام پراڻو شھر ۽ تختگاھہ رهيو آهي. قديم زماني ۾ هن شھر کي ’پٽياله‘ سڏيندا هئا. سڪندر مقدونيءَ جي آمد وقت هي هڪ مشھور بندرگاھہ هو ۽ سمنڊ کان 113 ميل پري هو. ان وقت هتان جو راجا موڪسيس هو. سڪندر ان تي قبضو ڪري پنھنجي هڪ سردار نيرڪوس کي، جهازن جو دستو ڏئي، عربي سمنڊ رستي، ايراني نار ڏانهن موڪليو. بطليموس لکي ٿو ته، پٽالا يا پٽيالا جو شهر، سنڌونديءَ جي ڊيلٽا جي منڍ وٽ، درياھہ جي اڀرندي ڇوڙ ۽ اوستانا شھر کان هڪجيتري پنڌ تي آباد هو. چيني سياح هيون سانگ، 642ع ۾، جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هُو هن شھر ۾ بہ آيو هو. هو لکي ٿو ته، هي شھر جنهن ٽڪريءَ تي ٻڌل هو، ان جي ايراضي ساڍا ٽي چورس ميل هئي. ان مان صاف ظاهر آهي تہ هي شھر سنڌ جو آڳاٽو تاريخي شھر هو ۽ ان زماني ۾ سنڌ جو تختگاھہ هو. هن شھر تي نيرون ڪوٽ جو نالو تڏهن پيو، جڏهن ان شھر جي ٽڪريءَ تي چچنامي مطابق، نيرون سڪني نالي هڪ راجا قلعو ٺهرايو ۽ ان کانپوءِ تاريخ ۾ هي شھر نيرون ڪوٽ جي قلعي جي نالي سان مشھور ٿيو. نيرون جو قلعو ۽ شھر ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري، راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ پنھنجي آزادي ۽ خودمختياري کسائي برهمڻ آباد جي گورنر جي قبضي هيٺ آيو. ان کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن هي قلعو راجا چچ، راجا ڏاهر ۽ ان جي پٽ جئسينه جي هٿ هيٺ رهيو ۽ هو هتي اچي رهندا هئا. جئسينه جي زماني ۾ نيرون جو شھر فوجي لحاظ کان مضبوط، جيتوڻيڪ مرڪز جي گاديءَ جو هنڌ الور هو. سنڌ جي فوج ۾ هتان جي رهواسين جو تمام گهڻو تعداد هوندو هو. بلاذري لکي ٿو تہ نيرون ڪوٽ عربن جي ڪاھہ وقت سنڌ جو هڪ مشھور شھر هو ۽ ان جو گورنر راجا ڏاهر پاران هڪ ٻڌ شمني مقرر ٿيل هو. عربن نيرون ڪوٽ تي حملو ڪري فتح نہ ڪيو هو، پر صلح صفائيءَ سان هي شھر سندن قبضي ۾ آيو. اصخطري لکي ٿو ته، نيرون جو شھر ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ اڌ رستي تي آهي. ابن حوقل جي بيان موجب سنڌ ۾ عربن جون بيٺڪون منصوره، ملتان، ديبل ۽ نيرون ڪوٽ ۾ هيون ۽ اتي جامع مسجدون بہ ٺهيل هيون. نيرون ڪوٽ بابت هڪ عرب مؤرخ ابو عبدالله محمد الادريسي لکي ٿو تہ نيرون ڪوٽ جو شهر، مهراڻ جي ڪپ تي آهي ۽ ديبل کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. هي شھر منصوره ۽ ديبل جي وچ ۾ آهي، جو ديبل کان منصوره ڏانهن ويندي، ماڻهو درياھہ هتي اڪرندا آهن. شھر جيتوڻيڪ ننڍو آهي، پر ڏاڍو ڳتيل آهي. ماڻهو منجهس گهڻا آهن، پر سکيا ستابا آهن. وڻ ٽڻ منجهس گهٽ آهن، پر سندس قلعو مضبوط آهي. [جديد تاريخ ۾ نيرن ڪوٽ، نئن رني ڪوٽ وارو قلعو ثابت ٿيو آهي. ايڊيٽر]
سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جو راڄ شروع ٿيو، تڏهن ميان غلام شاھہ نيرون ڪوٽ ۾ نئين قلعي ٺهرائڻ جي اهميت کي محسوس ڪيو هو.
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، مهيني ذوالقعد 1182ھہ/ 1768ع ۾ نيرون ڪوٽ جي سرزمين تي، جيڪو هڪ مضبوط جبل آهي، ان تي تختگاھہ بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، پنھنجي خاص رهڻ لاءِ، هن جاءِ تي هڪ مضبوط قلعي ۽ شاندار شھر جو بنياد رکيو. نئين قلعي ۽ شھر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو. اهڙيءَ طرح پٽيالا مان نيرون ڪوٽ ۽ نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ٿيو. هي شھر تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ جو بندرگاھہ ۽ تختگاھہ ٿيندو رهيو. (وڌيڪ ڏسو: حيدرآباد شهر، جلد چوٿون)
وڳھہ ڪوٽ: سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن سنڌ تي ٽي صدين کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو. هي پهريان مقامي سنڌي آهن، جن عربن کانپوءِ، سنڌ ۾ مقامي حڪومت قائم ڪري خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سنڌ جا رومانوي قصا ۽ رزميه داستان هن دور جا لافاني يادگار آهن. 1035ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ سلطان عبدالرشيد جي سلطنت ڪمزور ٿي، تڏهن سنڌ تي سومرن قبضو ڪري، پنھنجي گاديءَ جو هنڌ وڳھہ ڪوٽ کي بنايو. وڳھہ ڪوٽ هڪ بندرگاھہ هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ ”وڳھہ يا واڳھہ، وقت جو هڪ حَسين بندرگاھہ هو، جنهن کي وڏي ڀونگر بادشاھہ ۽ وڏي دودي سومري پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. ڪن بيانن موجب اهو لاڙ ۽ ڪڇ وارو سڄو ملڪ دلوراءِ جي حڪومت جو حصو هو، جيڪو پوءِ پنھنجي ناٺيءَ دودي کي ڏنو هئائين. ائين بہ چيو وڃي ٿو تہ وڳھہ ڪوٽ اصل ۾ گجرن جو هو ۽ پوءِ اهو سومرن هٿ ڪيو ۽ ان کي پنھنجي گاديءَ جو شھر بنايائون. وڳھہ ڪوٽ پوءِ بہ سومرن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جن جي حڪومت ملتان کان وٺي ڪڇ تائين قائم هئي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي تہ ملتان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ يعني موجودہ بھاولپور ۾ مقامي طور سومرا حاڪم خود مختيار حيثيت ۾ گهڻي وقت تائين حڪومت ڪندا رهيا. اڀرندي ناري پتڻ وٽ وڳھہ ڪوٽ نالي هڪ شھر آباد هو، جيڪو سندن تختگاھہ هو. مطلب تہ ملتان جي سڄي رياست تي سومرن جو قبضو هو. اڀرندي طرف راجسٿان، لڊاڻو، جيسلمير، ڍٽ، پونگل، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ امرڪوٽ/عمرڪوٽ وغيرہ تائين هئي. ڏکڻ ۾ گجرات، مالوھہ، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جهالاوان، ڪاڇي ۽ اتر اڀرندي ۾ بلوچستان ۽ سبي کان ڦري ديري غازي خان تائين سومرن جي حڪومت هئي. اهي وڳھہ ڪوٽ جي شروع دور واري حڪومت جون سرحدون هيون. دودي سومري جي دور ۾ سومرن جي حڪومت جون حدون هيٺ ڏکڻ طرف ڪڇ تائين ۽ مٿي اتر طرف ميرپور ماٿيلي تائين هيون. گاديءَ جي شھر سان لاڳو پرڳڻي واري مرڪزي ايراضي ’ڀونگراڻي ڀونءِ‘ سڏبي هئي، جنهن ۾ وڳھہ ڪوٽ ۽ روپاھہ توڙي ٻنگار جا ٻارهن شھر شامل هئا. گجرن جي شڪست کانپوءِ اندروني امن امان ۽ زرعي آباديءَ جي اضافي سان هي شھر وڌيو ۽ هتي قلعو بہ ٺهرايو ويو. ان وقت وڳھہ ڪوٽ جي حڪومت ۾ مختلف ذاتين وارا ماڻهو هئا، جن مان ڪي وزير خاص، امير امراءَ ۽ فوجي جرنيل هئا.
وڳھہ ڪوٽ ۾ حڪومت جو شاهي دفتر موجود هو، جيڪو پهريائين همير سومري قائم ڪيو هو. ان دفتر تي اڇي رنگ جو بادشاهي جهنڊو چڙهيل رهندو هو. ملڪ جي انتظام لاءِ ان دفتري عملي ۾ عامل ۽ ڪاتب مقرر هئا. سڄو دفتري ڪاروبار سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. سڄو ملڪ صوبن يعني ننڍن انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل هو. هر صوبو وري شهرن ۾ تقسيم ٿيل هو. ٻنگار جو صوبو نهايت زرخيز ۽ وڏو هو ۽ منجهس ٻارهن شھر هئا. ان دور ۾ گاديءَ جي شھر ۾ وڏيون وڏيون عمارتون ۽ شاهي محل اڏيل هئا، جن جي پيڙھہ ۾ پٿر ڪم آندل هئا.
دودو سومرو، وڳھہ ڪوٽ جو آخري حڪمران هو، جنهن سنڌ جي آزادي، سالميت ۽ خودمختياريءَ لاءِ علاؤالدين سان مقابلو ڪندي، ڌرتيءَ تان سر قربان ڪري ڇڏيو. اڄ وڳھہ ڪوٽ دڙن جي صورت ۾ هندستان جي سرحد ۾ موجود آهي.