سنڌ جي تختگاهن جي تاريخ
حڪومت جي صدر مقام، پايهءِ تخت ۽ بادشاهه جي رهڻ واري هنڌ کي عربيءَ ۾ ’دارالسلطنت‘ يا ’دارالحڪومت‘، فارسيءَ ۾ ’تختگاهه‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’گاديءَ جو هنڌ‘ ۽ ’راڄڌاني‘ چيو وڃي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا تختگاهه جن مان ڪي وقت سان گڏ صفحهء هستيءَ تان مٽجي ويا، ڪي کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن ۽ ڪي ترقي ڪندا اڄ به وڏن شهرن جي صورت ۾ آهن.
هيٺ سنڌ جي ڪن اهم تختگاهن جو الف - ب وار ذڪر ڪجي ٿو:
اروڙ: روهڙي شهر کان 5 ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾، اروڙ جي ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شهر جا نشان ملن ٿا، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو تختگاهه، عظيم بندرگاهه ۽ تجارتي شهر هو. اروڙ، هاڪڙي درياءَ تي هڪ وسندڙ ۽ ڳتيل شهر هو، جنهن جو بنياد انهن ڏينهن ۾ پيو، جڏهن هتي تهذيب ۽ تمدن جي نشونما ٿي. آثار قديمه جا ڄاڻو لکن ٿا ته نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا آثار، سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي غارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن. اڄ به اروڙ جي کنڊرن ۽ آسپاس ۾ اهڙا ڪيترا آثار ڏسي سگهجن ٿا.
آرين سنڌ جي وسيل ۽ شاهوڪار شهرن کي قبضي ۾ آڻڻ وقت اروڙ کي محفوظ ۽ اتاهين جڳهه تي ڏسي، قبضو ڪيو. ويدن جي زماني ۾ هتي هڪ راڻي راڄ ڪندي هئي، جنهن جو نالو ’روماسا‘ هو، جيڪا نهايت ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر پڻ هئي. سندس شان ۾ ڪيئي اشلوڪ ملن ٿا. مهاڀارت ۽ رامائڻ جي زماني ۾ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان حڪمران چندر ونسي- اروڙ ونسي خاندان جا هئا، جن جو لقب راءِ هو، جن 450 هه/1058ع کان 642هه/ 1166ع تائين حڪومت ڪئي. چندر ونسين کان اڳ سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن 1100 ق. م ڌاري هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو. ان دور ۾ به اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هُو اروڙ آيو هو. هتان جو راجا موسيڪانس هو، جنهن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. لئمبرڪ جي لکڻ موجب ان وقت جي سنڌ کي يونانين موسيڪانس چيو آهي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو. راءِ سهارس جي ڏينهن ۾ جڏهن ايران جي شهنشاهه نيمروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن راءِ سهارس سندس مقابلو ڪيو. 93هه/ 712ع ۾ جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو، تڏهن به هيءُ شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ اروڙ جو ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويو. جڏهن ارغونن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، تڏهن هتان جي حريت پسند ڌاريجن کي سزا ڏيڻ ۽ باغي تحريڪ کي روڪڻ لاءِ شاهه بيگ اروڙ ۾ ڇانوڻي هنئي ۽ ڌاريجن سان ٽي چار لڙايون لڙي کين شڪست ڏئي، قتل ڪيائين ۽ اروڙ کي برباد ڪري، ان جو سرون کڻائي بکر ۾ پنهنجي ماڻهن جي رهائش لاءِ ڪالونيون ٺهرائڻ ۾ ڪم آندائين.
اروڙ، تاريخ جي هر دور ۾ شروع کان وٺي عربن جي آمد تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو آهي. هن شهر کي مضبوط عالم پناهه ڏنل هئي ۽ اروڙ محلاتن، عاليشان عمارتن ۽ باغن ڪري مشهور هو. هندستان جا ڪيترائي راجا، اروڙ جي راڄڌانيءَ کي ڍل ڀريندا هئا. هتي علم ۽ ادب وڏي ترقي ڪئي. قاضي اسماعيل، شيخ مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو، شاهه شڪر گنج ۽ ڇُٽو عمراڻي هتان جا مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. سنڌ جي پهرين تاريخ، هن سرزمين تي لکي وئي. قاضي ستابو هتان جو وڏو عالم هئڻ سان گڏ اروڙ ۽ بکر جو محتسب اعليٰ هو.
اروڙ مشغول ترين بندرگاهه ۽ شهر هو، جيڪو هاڪڙي جي رخ مٽجڻ ڪري ڦٽي ويو ۽ عربن منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
المنصوره: محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس وڃڻ کانپوءِ، سنڌ تي عرب گورنر مقرر ٿيندا رهيا، جن جي سياسي مصلحتن ۽ تبديلين ڪري ملڪ ۾ بدانتظامي پيدا ٿي. ڪيترن ڏيهي سردارن ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، خودمختياريءَ جو عَلَم کڙو ڪيو. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب جي مرڪزي سرڪار حڪم بن عوام ڪلبيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هن سان بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم به گڏ آيو. عمروءَ گورنر جي حڪم سان، سنڌ جو اندروني انتظام درست ڪيو ۽ خودمختيار علائقن کي ٻيهر فتح ڪيو. انهن فتحن جي خوشيءَ ۾ بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم، مهراڻ جي الهندي ڪپ تي موجوده برهمڻ آباد کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ضلعي سانگهڙ جي موجوده شهر شهدادپور کان اٺ ميل اوڀر ۾ ’المنصوره‘ شهر اڏايو، اهو زمانو 723ع کان 738ع جو آهي. هن شهر جي پکيڙ هڪ چورس ميل هئي، ۽ ان جي چوڌاري ندي هئي، جنهنڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا.
هيءُ شهر تعمير جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. شهر جي چوڌاري، عالم پناهه هئي، جنهن کي چار دروازا هئا، جيڪي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا، انهن دروازن جا نالا: باب البحر، باب طوران، باب سندان ۽ باب ملتان هئا. قلعي ۾ فوج لاءِ بارڪون هيون ۽ پنجاهه هزار فوج، هر وقت تيار رهندي هئي. منصوره، ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جون حدون ديبل کان الور تائين هيون. رياست اندر ٽي لک ڳوٺ هئا.
ادريسيءَ لکيو آهي ته منصوره وچين دور جي ٽن وڏن شهرن بغداد، المبليا ۽ ميسوپوٽيما سان گڏ ڳڻيو هو. هي وڏو واپاري شهر هو.
منصوره علمي لحاظ کان دمشق ۽ بغداد ثاني بڻجي ويو. هتي ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر رهندا هئا. عراق ۽ عرب مان ڪيترا عالم لڏي هت اچي رهيا. منصوره، سنڌ جو پهريون شهر آهي، جتي مدرسن جي ابتدا ٿي. قاضي ابو دائود منصوريءَ جي مدرسي ۾ هڪ ئي وقت سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾، هڪ عراقي عالم منصوره ۾ ڪيو. عرب حڪومت جو هي شهر مسلمانن جي ئي بربريت جو شڪار ٿيو. 184هه/ 800ع ۾ مغيره هتان جو نائب ٿيو، جنهن لاتعداد ماڻهن کي قتل ڪرايو، سندن گهرن کي باهيون ڏياريون. عربن جي گهرو ويڙهه سبب نه رڳو عربن جي طاقت کي ڌڪ لڳو، پر منصوره جي زوال جي شروعات ٿي. 417هه/ 1026ع ۾ سلطان محمود غزنوي، منصوره ۽ هتان جي ماڻهن کي قتل ڪرايو ۽ هتان جي سومرن حڪمرانن خفيف کي قرمطي سمجهي مارايو ۽ شهر کي برباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه جو وهڪرو بدلائي ڇڏيو ۽ شهر ويران ٿي ويو ۽ اڄ کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي.
برهمڻ آباد: برهمڻ آباد سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر ۽ قديم دور ۾ سنڌ جي راڄڌاني رهيو آهي. هن شهر جو بنياد ايرانين جي سنڌ فتح ڪرڻ کان 50 سال پوءِ 470 ق. م بهمن بن اسفنديار رکيو، جنهنڪري ’بهمن آباد‘ ۽ پوءِ ’برهمڻ آباد‘ سڏجڻ ۾ آيو. گرديزيءَ ’زين الاخبار‘ ۾ لکيو آهي ته، ”برهمڻ آباد جو بنياد، ايران جي ساساني بادشاهه بهمن رکي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو، ان جو اصل نالو بهمن اردتشير هو. البيروني لکي ٿو ته، ”برهمڻ آباد جو اصل نالو بهمنوا آهي.“ مرزا قليچ بيگ هن شهر کي ’ٻانڀڻ‘ ذات سان نسبت ڏئي ’ٻانڀرا‘ لکيو آهي. هيءُ شهر پراڻي زماني ۾ جراڙ نديءَ تي هو، جيڪا هاڪڙي درياهه مان نڪرندڙ هڪ شاخ هئي.
برهمڻ آباد، ايرانين جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو، جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن برهمن آباد وسندڙ، ڳتيل ۽ شاهوڪار شهر هو.
هندو راجائن جي زماني ۾ برهمڻ آباد، سنڌ جي وڏن قلعن مان هڪ هو. چچ بن سيلائج جي حاڪميت دوران اگهم لوهاڻو، برهمڻ آباد جو خودمختيار حاڪم هو، جنهن حڪمران وٽ مڪمل فوج هئي ۽ هو برهمڻ آباد جو آزاد ۽ خودمختيار حڪمران هو. چچ سان جنگ ۾ اگهم مارجي ويو ۽ چچ جو برهمڻ آباد تي قبضو ٿي ويو ۽ هن اگهم جي بيواهه سان شادي ڪري ڇڏي، شهر جي آزادي ۽ خودمختياري ختم ڪري اروڙ کي صوبي جي حيثيت ڏئي پنهنجيءَ حڪومت جو پايو وڌائين. بعد ۾ راجا ڏاهر، پي (چچ) جي مرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ڀاءُ ڏهرسينه کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيو.
711ع ۾ سنڌ تي عربن جي ڪاهه وقت برهمڻ آباد، هڪ وسندڙ ۽ آباد شهر هو، سندن ڪاهه وقت ڏاهر جو پٽ جئسينه ڪشمير ۾ هو. قلعي ۾ راجا ڏاهر جي زال ۽ ٻيا مائٽ موجود هئا، جن وڏي مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ برهمڻ آباد سندن قبضي ۾ رهيو.
جڏهن سلطان آرام شاهه جي وقت ۾، سنڌ ۽ ملتان ناصرالدين قباچه جي هٿ هيٺ هئا، ته برهمڻ آباد تي ’جسودن آگرو‘ راڄ ڪندو هو ۽ هيءُ شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. عربن هن شهر ڀرسان نئون شهر المنصوره آباد ڪيو. برهمڻ آباد جي ڦٽڻ جو هڪ سبب چوٿين صديءَ ۾ جراڙ نديءَ جو سڪي وڃڻ به ڄاڻايو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جلد پهريون، برهمڻ آباد)
ٺٽو: ٺٽو، سنڌ جي عظمت، خوشحالي، اعليٰ تهذيب ۽ علم ادب جو مرڪز رهيو آهي. ٺٽو پراڻي زماني کان موجود هو، پر جڏهن سمي حاڪم ڄام نندي 1495ع ۾ ان کي نئين سر اڏائي سنڌ جو تختگاهه بنايو، تڏهن هي شهر تهذيب ۽ تمدن جو عالمي مرڪز بنجي ويو. هتي ڪيئي خانقاهون، مڪتب ۽ مدرسا تعمير ٿيا. مختلف درجن جي ماڻهن لاءِ جدا پاڙا ۽ محلا اڏي ننگر ٺٽي کي نئون روپ ڏنو ويو. ڄام نندي جي وقت سنڌ جو هيءُ تختگاهه بغداد ۽ دمشق جي سطح تي پهچي ويو. فريد بکري لکي ٿو ته ”ٺٽي کي ’ڌرتيءَ جي جنت‘ سڏي سگهجي ٿو ۽ ٺٽو عراق ثاني آهي. جڏهن اليگزنڊر هئملٽن هت آيو هو ته هتي چار هزار مدرسا هئا ۽ شهر کي علمي مرڪز جي حيثيت هئي. ٺٽو سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه رهيو. (وڌيڪ ڏسو: جلد ٻيو: ٺٽو)
خداآباد (اول): خداآباد لڳ ڀڳ 50 سال سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهي. اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ ڪلهوڙن جو اڳيون تختگاهه ڳاڙهي مغلن جي فوج ويران ڪيو ته يار محمد ڪلهوڙي، پنهورن جي گادي ’شڪارپور‘ جو نالو ڦيرائي ’خدا آباد‘ رکيو ۽ پاڻ اتي رهڻ لڳو. (تحفة الڪرام)
خداآباد شهر جيئن ته گاديءَ جو هنڌ هو، ان ڪري ضروري سياسي مسئلا هت حل ٿيندا هئا. هتي ڪلهوڙن ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون. سبي ۽ ٺٽي تي قبضي جا پروگرام هتي ٺهيا. شاهه عنايت جي شهادت ۾ هتان جو لشڪر ملوث هو. سنڌ جي آبپاشيءَ جن رٿون هتي ٺهيون. ڪلهوڙن زراعت تي زور ڏنو ۽ ڪيترائي واهه کوٽائي ملڪ آباد ڪيو. هي شهر خوبصورت هو ۽ خداآباد جي مسجد، فنِ تعمير جو نادر نمونو هئي، (ڪزنس جي بيان مطابق) جيڪا ميان يار محمد خان ٺهرائي هئي.
خداآباد جي جامع مسجد کي مرڪزي درسگاهه جو درجو مليل هو. مشهور عالمن علي خائف، مير علي شير قانع، محمد پناهه، منشي عبدالرئوف جا خداآباد جي درٻار سان لاڳاپا هئا. خداآباد جي ڪاروباري طبقي، پنهنجي سهوليت لاءِ سنڌي الف ب ٺاهي، جيڪا پوءِ خدا وادي خط/ خداآباد جي آئيويٽا سڏجڻ ۾ آئي.
1750ع کانپوءِ هي شهر ڦٽڻ لڳو، غلام شاهه جي دور ۾ کوسن هن شهر کي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو. اڄ خداآباد دادوءَ کان ڏکڻ طرف انڊس هاءِ وي لڳ ستن ميلن جي پنڌ تي هڪ شهر آهي.
خدا آباد ثاني: ڪلهوڙن حاڪم ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1772ع ۾ سنڌ جي حاڪم ٿيڻ شرط هالن کان ڏيڍ ميل پري اتر طرف خداآباد جو نئون شهر اڏائي تختگاهه بنايو. ڪتاب ’خدايار خاني‘ جو مصنف لکي ٿو ته هي شهر ستن ميلن جي ايراضيءَ تي ٻَڌل هو ۽ ان وقت ٺٽي کانپوءِ ٻيو نمبر شهر هو. ٽالپر/ مير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا.“ هن شهر کي خداآباد ثاني يا خدا آباد هالن واري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ درٻار ۾ ٻاهرين ملڪن جا سفير به ايندا هئا. خاص ڪري انگريز سفارتڪار به سنڌ جي درٻار سان وابسته رهيا. سرفراز خان انگريزن جي ڪوٺي 1775ع ۾ بند ڪرائي ڇڏي. ان ڪري هتي ڪمپنيءَ جا ڪافي سفارتڪار آيا.
ميان سرفراز خان حيدرآباد ضلعي ۾ پنهنجي نالي سان ’سرفراز واهه‘ کوٽرائي، ملڪ جي زرعي پئداوار ۾ اضافو ڪيو. ڪڇ تي حملو ڪري، ان کي فتح ڪري خداآباد جي حڪومت سان ملايو ويو.
ميان سرفراز خان جو ٻڌايل هي شهر، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گاديءَ جو هنڌ هو، سو ڪلهوڙا حاڪمن جي ذاتي مفادن، دشمنين، باهمي افراتفري ۽ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه سبب، ڦٽجي، ڦرجي ۽ سڙي تباهه ٿي ويو. (وڌيڪ ڏسو: خدا آباد، جلد چوٿون)
خيرپور/ سهراب پور: ٽالپرن جڏهن ڪلهوڙن کان حڪومت حاصل ڪئي، تڏهن مير فتح علي خان ملڪ کي ورهائي ٽي حصا ڪيو ۽ اتر سنڌ جو حصو 1784ع ڌاري مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. ان وقت اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪوٽ ڏيجيءَ کي بنايو ويو. مير سهراب خان 1787ع ۾ هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري، خيرپور جو شهر اڏي، ان جو نالو سهراب پور رکي گادي جو هنڌ بنايو. (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، خيرپور شهر)
روپاهه ماڙي: سومرن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن حصن جون رياستون، سنڌ جي سرحد سان لاڳيتيون هيون. سومرا سياسي ۽ جنگي طاقت ۾، گجرن کان ڏاڍا هئا. وڳهه ڪوٽ اصل گجرن جو هو، جيڪو سومرن کانئن کسي، پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو، ان لاءِ گجرن ۽ سومرن ۾ مسلسل لڙايون لڳيون. جڏهن گجر سياسي يا عسڪري طرح سومرن سان پڄي نه سگهيا ته هنن ساڻن سڱابندي ڪئي. ائين ڀونگر بادشاهه لاڏڻي گجر جي ڌيءَ روپا سان 640 هه/ 1242ع ۾ شادي ڪئي. لاڏڻو گجر ان وقت ڪوسر ۽ ريڻ تي راڄ ڪندو هو. سومرن جي 21 حاڪمن مان ڀونگر ثاني چوڏهون حاڪم هو، جيڪو 638هه/ 1240ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ هي زمانو سومرن جي عروج جو هو.
سلطان ڀونگر روپا سان شاديءَ کانپوءِ حڪومت جو تختگاهه وڳهه ڪوٽ مان کڻي 16 ميل اتر اولهه ۾ ’روپاهه ماڙي‘ شهر ٻڌائي، اتي تختگاهه بنايو. هي وڳهه ڪوٽ کانپوءِ ٻيو نمبر تختگاهه هو. هن شهر ۾ بادشاهي محلات جا دروازا چانديءَ جا ٺهيل هئا، انهي ڪري به چون ٿا ته شهر جو نالو روپا ماڙي پيو. شهر جي ڀرسان روپا واهه به وهندو هو، جيڪو ’ريڻ درياهه‘ مان نڪتل هو.
ڀونگر بادشاهه روپاهه ماڙيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف هنڌان هنرمند، پورهيت، ڪاريگر ۽ تاجر آڻي هت آباد ڪرايا، هن واهه ۽ ڪڙيا کڻايا. ملڪ خوشحال ۽ آباد هو.
ڀونگر 678 هه/ 1279ع ۾ وفات ڪئي ۽ راڄ جي يڪراءِ فيصلي سان دودي پٽ ڀونگر کي تخت تي ويهاريو ويو. هن پنهنجي دور ۾ روپاهه ماڙي شهر کي ٺاهيو، سينگاريو ۽ ترقي ڏياري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته دودي جو روپاهه جي شهر تي راز هو. ان کي آباد ڪيائين ۽ اتي راڄ رهايائين. هن درٻار قائم ڪري، باغ بنايا، شهر آباد ڪرايا. سندس شاهي باغ جو نالو ’لکي باغ‘ هو. سندس درٻار يا حويليءَ وارو ڪوٽ ’ٻالنگ ڪوٽ‘ سڏبو هو. هن جا پنهنجا وزير، مشير ۽ صلاحڪار هئا. وزيرن ۽ مشيرن جون روپاهه ۾ وڏيون جايون ۽ بنگلا هئا.
روپاهه جي زوال ۾، سنڌ جي خانه جنگي ۽ گهرو سازش جو وڏو دخل آهي. دودي سومري جي ڀاءُ چنيسر، جيڪو روپا راڻيءَ مان هو، ان جي علاءُ الدين کي سنڌ تي چاڙهي اچڻ سان اها تباهي ٿي. دودي مرڻ گهڙيءَ تائين مردانگيءَ سان روپا ماڙيءَ جي حفاظت ڪئي. اڄ به روپاماڙيءَ اڳيان دودي جي قبر آهي ۽ ان جي ڀر ۾ شيخ دائود جي قبر آهي، جيڪو روپا ماڙيءَ جي شهيدن مان هڪ آهي. (وڌيڪ ڏسو: جلد ڇهون، روپا ماڙي)
ساموئي/ سما نگر: سنڌ جي ڏيهي تاريخ ۾، سمن جي دور کي وڏي اهميت حاصل آهي. سومرن جي آخري دور ۾ سَما سردار ۽ جاگيردار، پنهنجي طاقت وڌائڻ لڳا. هنن جي طاقت جي شروعات ڄام انڙ جي سرداريءَ سان شروع ٿي. هن سومرن جي تختگاهه محمد طور تي حملو ڪري، ان کي تباهه ڪري، سمن جي حڪومت جو پايو وڌو ۽ ٺٽي ويجهو مڪلي ٽڪريءَ جي اترينءَ ڀِڪ ۾ نئين تختگاهه جو بنياد وڌو، جنهن کي ’سمانگر‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي هلي ’ساموئيءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.
ساموئي 1351ع کان 1461ع تائين سمن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ان بعد ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي، ساموئيءَ کان تختگاهه کڻي ٺٽي آندو، پر ساموئيءَ جي اهميت نه گهٽي. ساموئيءَ جي حڪمرانن، سنڌ کي جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن ۾ ورهايو ۽ انهن تي ڌار ڌار حاڪم ۽ اعليٰ عملدار مقرر ڪيا. ان زماني ۾ جوڻ، بکر، سبي، عمرڪوٽ ۽ نصرپور اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا. ساموئي هڪ وسندڙ ڳتيل ۽ شاهوڪار شهر هو. هتان جون جايون پڪين سرن جون ٺهيل هيون. ساموئيءَ جا حاڪم مذهبي طور روادار هئا. سندن ڪابينا ۾ هندو وزير به هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”ساموئيءَ ۾ سمن جا مقبرا ۽ ان دور جي درويش حاڪمن جون خانقاهون، هندو- مسلم گڏيل تهذيب جو منظر آهن. فن تعميرات تي هن گڏيل تهذيب جو گهڻو اثر ٿيو.“ (وڌيڪ ڏسو: جلد ستون، ساموئي)
سيوهڻ: سيوهڻ، سنڌ جي تمام آڳاٽن تاريخي شهرن مان هڪ آهي، جيڪو اروڙ کان به گهڻو اڳ سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو.
سيوهڻ مرڪزي حڪومت جو تختگاهه هو. جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هتان جو راجا سموس/ سامبس هو. ماڻهن سان گڏجي سڪندر سان جرئتمندانه مقابلو ڪيو، پر سڪندر سيوهڻ جي مضبوط قلعي کي بارود سان اڏائي سيوهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو.
هندو راڄ ۾ سنڌ پنجن صوبن: برهمڻ آباد، سيوستان، اسڪلندهه، ملتان ۽ اروڙ ۾ ورهايل هئي. سيوستان سڄي پرڳڻي يا صوبي جو نالو هو ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو. سيوهڻ، سنڌ جو هڪ ڌار صوبو هئڻ ڪري هتي جدا حڪومت قائم هئي، جيڪا وسيع ايراضي ۽ شهرن تي مشتمل هئي ۽ سيوهڻ ان جي گاديءَ جو هنڌ هو. تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ سيوهڻ کي ’سنڌ جي پنجين ولايت‘ سڏيو آهي ۽ لکي ٿو ته، سيوهڻ سنڌ جو قديم الايام کان الڳ تختگاهه رهيو آهي.
امرڪوٽ- عمرڪوٽ: هيءَ وسندي ميرپورخاص کان 46 ميل اوڀر ۾ ان جاءِ تي آهي، جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي؛ جيڪو پرمار سوڍي تعمير ڪرايو هو. ان تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. وري 1226ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو. راجپوتن، ھمايون کي ھتي پناهه ڏني ۽ اڪبر بادشاهه جو جنم هتي ٿيو. ڪلھوڙن جي دور ۾ امرڪوٽ ميان نور محمد جي قبضي ھيٺ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو. 1813ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران، ھن شهر کي ضلعي ھيڊڪوارٽر جو درجو مليو. هن وقت به اهو ضلعو آهي.
امرڪوٽ شهر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي. پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’شِوَ‘ جي مندر کان وٺي ڏيات ٻهه تائين نظر اچن ٿا. هن شهر کي ڪڏهن ’ديهات‘، ڪڏهن ’همروٽ‘، ڪڏهن ’پدمات‘، ڪڏهن ’امراڻو‘ ۽ ڪڏهن ’امراپري‘ سڏيو ويو. هن شهر کي عمر سومري جي نسبت سان ’عمرڪوٽ‘ برٽش دور کان سڏيو ويو، جيتوڻيڪ عمر سومري جو امرڪوٽ جي شهر ۽ قلعي سان ڪو واسطو نه رهيو. تاريخ جا قديم ماخذ ’تاريخ فرشته‘، ’آئين اڪبري‘، ’اڪبر نامه‘، ’شاهجهان نامه‘ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هن شهر جو نالو امرڪوٽ آهي.
امرڪوٽ قبل مسيح ۾ به آباد هو، ٻڌ ڌرم جي دور ۾ اوج تي هو. هن شهر جي ڀر ۾ لانٻي تلاءَ ۽ جوڳرائيءَ تلاءِ جي ڪپن تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن چلا ڪڍيا هئا. هي شهر راجا وڪرماجيت آباد ڪيو ۽ اتي هڪ قلعو جوڙايو. ’شو‘ جي مندر وٽ برهمڻ رهندا هئا، هتي ڀڪشوئن جو به زور هو. امرڪوٽ شهر، امرڪوٽ جو قلعو هڪجيترا پراڻا آهن. ڇهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شهر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي، انهن راجائن جي حڪومت يارهين صدي عيسويءَ ۾ حاڪم همير سومري ختم ڪئي.
ڪلهوڙن جا تختگاههَ
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 1756ع ڌاري تخت تي ويٺو. ان کانپوءِ ڪڇ تي ٻه ڪامياب حملا ڪري بسته بندر ۽ لکپت، ٺڪرن کان هٿ ڪيائين. دائود پوٽن کان اچ ۽ سبزل ڪوٽ وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ آسپاس وارن علائقن کي خان قلات کان کسي، سنڌ جي حڪومت کي وسيع تر ڪيائين. هن جي حڪومت جا ٽي دور آهن ۽ انهن ٽنهي دورن ۾ تختگاهه بدلبا رهيا.
الهه آباد: ڪلهوڙن جي حڪومت جو پهريون تختگاهه الهه آباد هو. جڏهن غلام شاهه ڪلهوڙو 1170 هه/ 1756ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن هن مرادآباد ويجهو الهه آباد جو شهر ٺهرائي ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جتي هو صرف اڍائي مهينا رهيو.
شاهه ڳڙهه: ڊسمبر 1758ع ۾ عطر خان ۽ غلام شاهه جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. غلام شاهه پنهنجن حمايتين کي وٺي ’گجي‘ آندو ۽ ان جو نالو ’شاهه ڳڙهه‘ رکي، گاديءَ جو هنڌ بڻائي حڪومت ڪرڻ لڳو. شاهه ڳڙهه جي ڀرسان ’شاهه بندر‘ نالي نئون بندر به ٺهرايو ويو. هي شهر فقط پنج مهينا گاديءَ جو هنڌ رهيو.
شاهپور اول: غلام شاهه جي حڪومت جو جڏهن ٽيون دور شروع ٿيو، تڏهن هن نصرپور شهر جي ڀرسان نئين تختگاهه ’شاهپور اول‘ کي اچي وسايو. شاهپور اول اٽڪل ڇهه سال سنڌ جو دارالحڪومت ٿي رهيو. الهه آباد کانپوءِ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سان ڪجهه وڌيڪ معاهدا هن شهر ۾ ٿيا. سياسي ۽ تجارتي لحاظ کانسواءِ شاهه پور اول علم ۽ ادب جو به مرڪز هو. ڪيترائي فقير بزرگ ۽ شاعر هت آيا. مير علي شير قانع کي هن ئي شهر ۾ ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. سنڌ جي گاديءَ جو هي هنڌ 1175هه/ 1764 ع ۾ گهڻي طوفان ۽ مٽي لڳڻ ڪري تباهه ٿي ويو.
شاهپور ثاني: شاهپور اول تباهه ٿيڻ کانپوءِ غلام شاهه، شاهپور ثاني ٺهرائي 1764ع ۾ گاديءَ جو هنڌ بڻايو. هي شهر پورا چار سال 1761ع کان 1768ع تائين سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو. هن وقت هي شهر موري تعلقي ۾ شاهپور جهانيان جي نالي سڏيو وڃي ٿو.
کاڻوٺ/ خانوٺ: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي لاءِ چون ٿا ته هن کاڻوٺ شهر به تعمير ڪرايو، جنهن کي گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ پئي چاهيو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب ”الهندي پاسي جبلن جي ڪناري سان خانوٺ جو شهر ٻڌايائين، پر آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾، درياهه جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري، ان جو آسرو لاٿائين.“ انگريز محقق هيگ لکي ٿو ته ”هي شهر ميان غلام شاهه، پراڻن هالن کان هڪ ميل ڏکڻ طرف هڪ شهر ٻڌايو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته غلام شاهه ڪلهوڙي هن شهر کي نئين دارالسلطنت بنائڻ پئي چاهيو، پر پوءِ ٻوڏ جي خيال سان هتي گادي نه رکيائين ۽ حيدرآباد کي نئون دارالسلطنت بنائڻ جو پروگرام ٺاهيائين.“
حيدرآباد: مير علي شير قانع موجب ”ذوالحج 1181هه/ اپريل 1768ع ۾ ’نيرن ڪوٽ‘ نالي هڪ مضبوط جبل جي سر زمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهنڪري حيدرآباد جو قلعو 1182هه/ 1768ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ ان تي حيدرآباد نالو رکيو ويو. غلام شاهه ٽڪر مٿان شهر اڏائي رعيت کي قلعي اندر حفاظت ۾ رهايو. هي شهر سنڌ جي وچ ۾ هئڻ ڪري سموريءَ سنڌ تي انتظامي ڪنٽرول رکي سگهبو هو. هيءُ شهر پڪي قلعي جي تعمير کانپوءِ آباد ٿيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ غلام شاهه ۽ سندس پٽن ۾ تخت تان اڻبڻت ٿي پئي، جنهنڪري مختلف وقتن تي، مختلف هنڌن تي نوان شهر ٻڌي، انهن کي تختگاهه جو درجو ڏنو ويو. پر اهي مستقل تختگاهه ٿي نه سگهيا. سال 59-1758ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي خداآباد ۽ ٻين شهرن کي ڇڏي فيصلو ڪيو ته نئون شهر ٻڌي ان کي تخت گاهه بنايو وڃي. اهڙيءَ ريت مارچ 1769ع ۾ پڪي قلعي جي تعمير شروع ٿي. ميجر راورٽيءَ پنهنجي ڪتاب ’دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ ۾ لکيو آهي ته: ”حيدرآباد شهر جو بنياد 1768ع ۾ رکيو ويو. ڏيڍ ٻن سالن جي عرصي ۾ تعميرات مڪمل ٿي ته سنڌ جو حاڪم حيدرآباد ۾ اچي رهيو. ان ريت قديم ’نيرون‘ جي جاءِ ’حيدرآباد‘ والاري.“ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو مطمئن ٿي پنهنجي فوجي قوت وڌائي ۽ قنڌار تي حملو ڪري افغانين سان ٻه هٿ ڪرڻ پئي چاهيائين ته 12 آگسٽ 1772ع تي وفات ڪري ويو. (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، ’حيدرآباد‘)
ڳاڙهي: ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڳاڙهي يا گهاڙي به هو، جيڪو موجوده تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي واري علائقي ۾ هو. محقق غلام محمد لاکو لکي ٿو ته، ”ڳاڙهي ڪلهوڙن جو پهريون تختگاهه آهي، ڇو ته ميان نصير محمد خانداني حڪومت جو بنياد رکڻ شرط سڀ کان اول پنهنجو تختگاهه تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي جدا جدا علائقن تي عملدار پڻ مقرر ڪيا.“ هينري ڪزنس هن شهر کي نصير محمد جو هيڊڪوارٽر سڏيو آهي ۽ ان جو نالو ’کاري‘ لکيو آهي. ميجر هيگ لکي ٿو ته ”ميان نصير جو تختگاهه ڳاڙهي هو. ڳاڙهي حڪومت جي قبضي هيٺ هٽڙي (چانڊڪا، قنبر ۽ ڏهرڪي)، ڪاڇو: (جوهي تعلقو، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ)، شاهه پنجو (دادو تعلقو، خيرپور جي ڪاڇي وارو علائقو)، ساهتي (مورو تعلقو، نوشهروفيروز تعلقو ۽ ڪنڊيارو تعلقو)، لاکاٽ (سڪرنڊ ۽ نوابشاهه جا تعلقا) هئا. ڳاڙهي جو شهر ميان نصير محمد جي ميان وال تحريڪ جو به مرڪز هو.“
ميان نصير محمد ڳاڙهيءَ جي مرڪزي حڪومت واري علائقي ۾ واهه کوٽايا، ڪڙيا کڻايا ۽ گڏيل ڪڙمت (Collective Farming) جو بنياد وڌو. ليکڪ عبدالله مگسي لکي ٿو ته: ”هن علائقي جي زمين کي سرسبز بنائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا ٺاهيا. نئين گاج تي بند تعمير ڪرايائين ۽ ان گڏ ٿيل پاڻي کي آبادي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو. ان کانسواءِ نئين گاج کان هڪ واهه کوٽايو، جنهن کي کاري سڏبو هو.“
ميان نصير محمد 1696ع ۾ جڏهن گذاري ويو ته کيس ڳاڙهيءَ ۾ دفنايو ويو. سندس مرڻ کانپوءِ 1697ع ۾ سنڌ جي حڪومت جو وارث ميان دين محمد ٿيو ۽ ڳاڙهي بدستور تختگاهه رهيو. ان دور ۾ شهزادي معزالدين، اورنگزيب عالمگير جي پوٽي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڳاڙهي تي حملي آور ٿيو. ميجر هيگ لکي ٿو ته ”هن شهر جا ڦٽل آثار اڄ به ڪڪڙ ضلعي دادوءَ کان اتر اولهه ۾ نون ميلن تي موجود آهن، جتي ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جا مقبرا ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل مسجد موجود آهي.“
محمد آباد: ڪلهوڙا حڪمرانن مان ميان نور محمد ڪلهوڙو مضبوط حاڪم هو. هن والد جي قبضي وارن علائقن ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي. ’تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ميان نور محمد خان جي دور ۾ جڏهن ٺٽي جي نظامت ملي وئي ته سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي ويل ٽڪرن جي ملي هڪ ٿيڻ وارو مقصد به تڪميل تي پهتو. محمدآباد جي تعمير ميان نور محمد ڪلهوڙي اڳ ئي ڪرائي هئي. هي شهر موري ضلعي نوابشاهه (موجوده شهيد بينظيرآباد) ۾ هو. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته مرادياب خان ۾ حڪومت ۽ راڄ هلائڻ جي اهليت گهٽ ڏسي ميان نور محمد ٻيهر حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ انهي دفعي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ محمدآباد رهڻ ڏنو ويو. ميان نور محمد هن شهر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ واهه کوٽايا ۽ باغ رکايا، بنگلا ۽ محلات ٺهرايا.
1753ع ۾ جڏهن احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ميان نور محمد جيسلمير ويل هو ۽ واٽ تي وفات ڪيائين. تڏهن کيس آڻي محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. ميان نور محمد کانپوءِ ميان محمد مرادياب تخت تي ويٺو ته ڪجهه عرصو هن شهر ۾ رهيو.
محمد طُور: سومرن جو دور حڪومت جو تختگاهه هو. ايليٽ لکي ٿو ته، ”سومرن جو جهونو تختگاهه محمد طور شهر هو، جيڪو ديرڪ پرڳڻي ۾ هو. ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي يعني پارڪر ۽ ونگي بازار جي وچ واري وارياسي ميدان کان وٺي، هاڻوڪي ٺٽي شهر تائين ليکيو ويندو هو. محمد طور ڳوٺ جي جاءِ تي ٿري شهر قائم ٿيو، جو بدين جي ڀرسان هو. چچنامي ۾ آهي ته، جڏهن 1320ع ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان مان لشڪر وٺي دهليءَ ويو ۽ غزنوي گهراڻي جي پوئين بادشاهه خسرو حال کي ڀڄائي پاڻ غياث الدين تغلق جي نالي سان دهلي جو بادشاهه ٿيو، تنهن وقت سومرن جو وڏو تعداد ٿري شهر ۾ اچي گڏ ٿيو هو ۽ سومره نالي هڪ سردار کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيائون، جنهن پاڻ کي ٿري ۽ آسپاس جي علائقن جو خودمختيار بادشاهه سڏايو. سومرا قبيلي جا ماڻهو جڏهن ٿري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اچي گڏ ٿيا، تڏهن سما به ساڻن شامل هئا. انهن ٻنهي قبيلن گڏجي سومره کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو“. هن مان صاف ظاهر آهي ته سومرا ٿري شهر ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ ’سومري‘ سنڌ ۾ سومرا رياست قائم ڪري، ان جي گاديءَ جو هنڌ محمد طور بڻايو. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته هي شهر 7 صدي هجريءَ ۾ سومرن اڏائي، پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ڪن تاريخ نويسن هن شهر کي محمد طور سومري ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جيڪو هن خاندان جو ڏهون حڪمران هو، جنهن 654 هه ۾ سنڌ تي حڪومت ڪئي.
محمد طور جي گاديءَ تي ويهڻ وارن حڪمرانن ۾ ٻه عورتون: تارا ٻائي (دودي سومري جي ڌيءَ) ۽ همون ٻائي (سنگهار جي زال) حڪمران رهيون آهن. همون ٻائيءَ دَرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاهه قائم ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن مان هڪ کي محمد طــُور شهر ۾ ۽ ٻئي کي ٿري شهر ۾ حاڪم ڪري رکيائين. ان وقت دودي نالي هڪڙو سومرو سردار، جيڪو دهڪه ڳوٺ ۾ حڪمران هو، سو وجهه ڏسي پنهنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي آيو ۽ همون ٻائيءَ جي ڀائرن سان اچي جنگ ڪيائين، جنهن ۾ همون ٻائيءَ جا ڀائر مارجي ويا. ايتري ۾ فتح خان سومري مٿس حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو. هن ساڳيءَ طرح محمد طور کي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
محمد طور جو شهر هڪ خاص مقصد تحت ٺهرايو ويو هو. ناميارو اسڪالر غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”هي شهر، مهراڻ مان نڪتل شاخ ريڻ جي گونگڙي واهه تي هو. هن شهر جون عمارتون پڪين ۽ لسين سرن جون ٺهيل هيون. جيڪي چورس ۽ مستطيل هيون. هت مڪان، قلعا ۽ محلات هئا. پٿرن جون وڏيون ڇپون محلاتن ۽ مڪانن ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون هيون.“
سومرن جي حڪومت جو هي اوائلي ۽ قديم تختگاهه سمن جي حڪومت ۾ تباهه ٿي ويو. ان کان اڳ خود سومرا به اتان گاديءَ جو هنڌ مٽائي وڳهه ڪوٽ کڻي ويا. ايليٽ لکي ٿو ته، جڏهن درياهه پنهنجو سمورو وهڪرو وچ سنڌ خواه لاڙ مان مٽائي ويو.
هن شهر جي کنڊرن جي گهڻو پوءِ هينري ڪزنس تحقيق ڪئي. جتان کيس چانديءَ ۽ ٽامي جا سِڪا هٿ آيا. اهڙيءَ طرح سومرن جي دور جو هي شهر سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏي اڄ مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي جي شاهه ڪپور ڳوٺ جي ويجهو عام خاص لاءِ عبرت جو مرڪز بڻيل آهي.
مرادآباد: 1147هه/ 1754ع ۾ جڏهن سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد جيسلمير طرف وفات ڪري ويو، تڏهن سنڌ جي اميرن ميان محمد مرادياب خان کي جانشين تسليم ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو ميان نور محمد جو وڏو پٽ هو ۽ ميان صاحب به پنهنجي وصيت نامي ۾ سندس
جان نشينيءَ لاءِ لکيو هو. ان ڪري سنڌ جي اميرن خاص ڪري ديوان گدو مل مدبرانه طريقي سان افغانستان جي بادشاهه سان ڳالهه ٻولهه ڪري، حڪومت جو فرمان ورتو ۽ ان جي عيوض محمد عطر خان کي يرغمال طور، افغانستان ۾ رهايو ويو ۽ خراج جي رقم ۾ به واڌارو ڪيو ويو. افغان حاڪمن مراد ياب کي سنڌ جي حڪومت سان گڏ ’سربلند خان‘ جو به خطاب عطا ڪيو. اميرن کي ساڻ وٺي عمر ڪوٽ کان نصرپور آيو ۽ سندس تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي.
مرادياب سوچيو ته سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هڪ محفوظ جڳهه تي بنائڻ گهرجي. ان ڪري هن نصرپور ۾ نئين تختگاهه قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته حڪم ملڻ تي ڪامورن، نصرپور جي سامهون هڪ زمين تيار ڪئي. ٿورن ڏينهن ۾، مرادآباد نالي هڪ وڻندڙ شهر آباد ٿي ويو. محمد مرادياب جيڪي چار سال هتي رهيو، ان عرصي ۾ هن مرادآباد کي خوب زور وٺرايو. 13 ذوالحج 1170هه/ 29 آگسٽ 1757ع تي سنڌ جي اميرن محمد مرادياب کي هٽائي غلام شاهه ڪلهوڙي کي حڪمرانيءَ جي مسند تي ويهاريو. سندس حڪومت جو مدو پوڻا چار سال ٿئي ٿو. غلام شاهه جي دور ۾ هي شهر ڪجهه عرصو تختگاهه ٿي رهيو، پر پوءِ درياهه جي اُٿل ڪري هي شهر غرق ٿي ويو ۽ غلام شاهه ان کانپوءِ الهه آباد شهر ٻَڌائي، اتي وڃي رهيو.
ملتان: عرب مؤرخن (ستين ۽ اٺين صديءَ) ملتان کي سنڌ جو حصو ڳڻيو آهي. ملتان کي سنڌ جو حصو سمجهندي ذڪر ڪجي ٿو:
سڪندر مقدونيءَ جي اچڻ وقت ملتان هڪ آباد ۽ وسندڙ شهر هو. باغات ۽ تجارت عروج تي هئي. ماڻهو ڪوٽ اندر رهندا هئا ۽ ٻاهر راوي درياهه هو. قلعو تمام مضبوط ۽ محفوظ هو. اسڪندر هن شهر کي فتح ڪري گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. خاص ڪري چندرگپت جي زماني ۾ ملتان وڏي ترقي ڪئي.
سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي دور ۾ راءِ سهارس جي مملڪت نهايت وسيع هئي. هن ان کي چئن صوبن ۾ ورهايو، جنهن مان هڪ صوبو ملتان هو ۽ مغلن جي گاديءَ جو هنڌ هو. هن صوبي تي هڪ گورنر مقرر هو. راءِ گهراڻي کانپوءِ چچ تخت تي ويٺو ۽ هن ملتان کي پنهنجي هٿ ۾ رکيو ۽ هتان جي ماڻهن کي نيڪ سلوڪ ۽ انعام اڪرام سان نوازي پنهنجو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم ملتان کي فتح ڪيو، تڏهن منشي عبدالرحمان جي لفظن ۾ هُن پهرين اسلامي حڪومت جو دارالخلافه ملتان کي ڪيو ۽ ٽن صدين تائين هي شهر مملڪتِ اسلاميءَ جو اهم شهر رهيو. راجائن جي زماني ۾ ملتان پنهنجي تاريخي مشهوريءَ جي ڪري زبردست فوجي ڇانوڻي رهيو. ايستائين جو لوڌي حڪمرانن جي زماني ۾ ان جي مرڪزيت ۾ ڪو خاص فرق نه آيو. مغلن جي دور ۾ ملتان 180 سالن تائين لاڳيتو هڪ صوبي جي حيثيت ۾ رهيو ۽ مرڪزي حڪومت کان ان تي صوبيدار مقرر ٿيندا رهيا. (وڌيڪ ڏسندا: ملتان، ايندڙ جلد)
ميرپورخاص: 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي ۽ ٽالپرن جي سردار مير فتح علي خان جي وچ ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي 80 سالن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. مير
فتح علي خان (فاتح سنڌ) سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهائي چار حصا پنهنجي ۽ پنهنجن ڀائرن لاءِ رکيا ۽ ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنا ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنو. مير ٺاري خان، حڪومت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهرين شاهبندر ۽ پوءِ بدين ويجهو ڪيٽيءَ ۾ پنهنجو تختگاهه ٺهرايو. جڏهن مير علي مراد خان هتان جو گورنر ٿيو، ته هاڻوڪي ميرپورخاص واري هنڌ تي قلعو ٺهرايائين ۽ پوءِ بنگلو ۽ ماڙيون تعمير ڪرايائين ۽ 1829ع ۾ مير علي مراد خان هتي حڪومت جو تختگاهه بنايو. ان کانپوءِ هي شهر ماڻڪاڻي ٽالپرن جو تختگاهه ٿي رهيو. شاهبندر علائقي جو اڌ هتان جي حڪومت کي مليل هو. موري جو شهر درياهه تائين ۽ سيوهڻ جو اتر اولهه وارو علائقو ميرپورخاص جي حڪومت ۾ هو.
ميرپورخاص جو آخري حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر هو. انگريز جرنيلن ۽ مؤرخن کيس ’شير سنڌ‘ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. سندس ڏينهن ۾ ميرپورخاص وڏي ترقي ڪئي. انگريزن جي دور ۾ هي شهر 515 چورس ميلن تي ڦهليل هو. هن شهر کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر بڻائي عوام تي خاص نظر رکي وئي. ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون ٺهرايون ويون. انگريز سرڪار هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي ۽ وڏي سبزي مارڪيٽ خواه وڏي بازار ٺهرائي. اهڙيءَ طرح ميرپورخاص جو شهر ٺهيو، جيڪو ڪنهن دور ۾ ماڻڪاڻي سرڪار جي گاديءَ جو هنڌ هو.
نيرون ڪوٽ: نيرون ڪوٽ، سنڌ جو تمام پراڻو شهر ۽ تختگاهه رهيو آهي. قديم زماني ۾ هن شهر کي ’پٽياله‘ سڏيندا هئا. سڪندر مقدونيءَ جي آمد وقت هي هڪ مشهور بندرگاهه هو ۽ سمنڊ کان 113 ميل پري هو. ان وقت هتان جو راجا موڪسيس هو. سڪندر ان تي قبضو ڪري پنهنجي هڪ سردار نيرڪوس کي، جهازن جو دستو ڏئي، عربي سمنڊ رستي، ايراني نار ڏانهن موڪليو. بطليموس لکي ٿو ته، پٽالا يا پٽيالا جو شهر، سنڌونديءَ جي ڊيلٽا جي منڍ وٽ، درياهه جي اڀرندي ڇوڙ ۽ اوستانا شهر کان هڪجيتري پنڌ تي آباد هو. چيني سياح هيون سانگ، 642ع ۾، جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هُو هن شهر ۾ به آيو هو. هو لکي ٿو ته، هي شهر جنهن ٽڪريءَ تي ٻڌل هو، ان جي ايراضي ساڍا ٽي چورس ميل هئي. ان مان صاف ظاهر آهي ته هي شهر سنڌ جو آڳاٽو تاريخي شهر هو ۽ ان زماني ۾ سنڌ جو تختگاهه هو. هن شهر تي نيرون ڪوٽ جو نالو تڏهن پيو، جڏهن ان شهر جي ٽڪريءَ تي چچنامي مطابق، نيرون سڪني نالي هڪ راجا قلعو ٺهرايو ۽ ان کانپوءِ تاريخ ۾ هي شهر نيرون ڪوٽ جي قلعي جي نالي سان مشهور ٿيو. نيرون جو قلعو ۽ شهر ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري، راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري کسائي برهمڻ آباد جي گورنر جي قبضي هيٺ آيو. ان کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن هي قلعو راجا چچ، راجا ڏاهر ۽ ان جي پٽ جئسينه جي هٿ هيٺ رهيو ۽ هو هتي اچي رهندا هئا. جئسينه جي زماني ۾ نيرون جو شهر فوجي لحاظ کان مضبوط، جيتوڻيڪ مرڪز جي گاديءَ جو هنڌ الور هو. سنڌ جي فوج ۾ هتان جي رهواسين جو تمام گهڻو تعداد هوندو هو. بلاذري لکي ٿو ته نيرون ڪوٽ عربن جي ڪاهه وقت سنڌ جو هڪ مشهور شهر هو ۽ ان جو گورنر راجا ڏاهر پاران هڪ ٻڌ شمني مقرر ٿيل هو. عربن نيرون ڪوٽ تي حملو ڪري فتح نه ڪيو هو، پر صلح صفائيءَ سان هي شهر سندن قبضي ۾ آيو. اصخطري لکي ٿو ته، نيرون جو شهر ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ اڌ رستي تي آهي. ابن حوقل جي بيان موجب سنڌ ۾ عربن جون بيٺڪون منصوره، ملتان، ديبل ۽ نيرون ڪوٽ ۾ هيون ۽ اتي جامع مسجدون به ٺهيل هيون. نيرون ڪوٽ بابت هڪ عرب مؤرخ ابو عبدالله محمد الادريسي لکي ٿو ته نيرون ڪوٽ جو شهر، مهراڻ جي ڪپ تي آهي ۽ ديبل کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. هي شهر منصوره ۽ ديبل جي وچ ۾ آهي، جو ديبل کان منصوره ڏانهن ويندي، ماڻهو درياهه هتي اڪرندا آهن. شهر جيتوڻيڪ ننڍو آهي، پر ڏاڍو ڳتيل آهي. ماڻهو منجهس گهڻا آهن، پر سکيا ستابا آهن. وڻ ٽڻ منجهس گهٽ آهن، پر سندس قلعو مضبوط آهي. [جديد تاريخ ۾ نيرن ڪوٽ، نئن رني ڪوٽ وارو قلعو ثابت ٿيو آهي. ايڊيٽر]
سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جو راڄ شروع ٿيو، تڏهن ميان غلام شاهه نيرون ڪوٽ ۾ نئين قلعي ٺهرائڻ جي اهميت کي محسوس ڪيو هو.
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، مهيني ذوالقعد 1182هه/ 1768ع ۾ نيرون ڪوٽ جي سرزمين تي، جيڪو هڪ مضبوط جبل آهي، ان تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، پنهنجي خاص رهڻ لاءِ، هن جاءِ تي هڪ مضبوط قلعي ۽ شاندار شهر جو بنياد رکيو. نئين قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو. اهڙيءَ طرح پٽيالا مان نيرون ڪوٽ ۽ نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ٿيو. هي شهر تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ جو بندرگاهه ۽ تختگاهه ٿيندو رهيو. (وڌيڪ ڏسو: حيدرآباد شهر، جلد چوٿون)
وڳهه ڪوٽ: سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن سنڌ تي ٽي صدين کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو. هي پهريان مقامي سنڌي آهن، جن عربن کانپوءِ، سنڌ ۾ مقامي حڪومت قائم ڪري خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سنڌ جا رومانوي قصا ۽ رزميه داستان هن دور جا لافاني يادگار آهن. 1035ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ سلطان عبدالرشيد جي سلطنت ڪمزور ٿي، تڏهن سنڌ تي سومرن قبضو ڪري، پنهنجي گاديءَ جو هنڌ وڳهه ڪوٽ کي بنايو. وڳهه ڪوٽ هڪ بندرگاهه هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”وڳهه يا واڳهه، وقت جو هڪ حَسين بندرگاهه هو، جنهن کي وڏي ڀونگر بادشاهه ۽ وڏي دودي سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. ڪن بيانن موجب اهو لاڙ ۽ ڪڇ وارو سڄو ملڪ دلوراءِ جي حڪومت جو حصو هو، جيڪو پوءِ پنهنجي ناٺيءَ دودي کي ڏنو هئائين. ائين به چيو وڃي ٿو ته وڳهه ڪوٽ اصل ۾ گجرن جو هو ۽ پوءِ اهو سومرن هٿ ڪيو ۽ ان کي پنهنجي گاديءَ جو شهر بنايائون. وڳهه ڪوٽ پوءِ به سومرن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جن جي حڪومت ملتان کان وٺي ڪڇ تائين قائم هئي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته ملتان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ يعني موجوده بهاولپور ۾ مقامي طور سومرا حاڪم خود مختيار حيثيت ۾ گهڻي وقت تائين حڪومت ڪندا رهيا. اڀرندي ناري پتڻ وٽ وڳهه ڪوٽ نالي هڪ شهر آباد هو، جيڪو سندن تختگاهه هو. مطلب ته ملتان جي سڄي رياست تي سومرن جو قبضو هو. اڀرندي طرف راجسٿان، لڊاڻو، جيسلمير، ڍٽ، پونگل، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ امرڪوٽ/عمرڪوٽ وغيره تائين هئي. ڏکڻ ۾ گجرات، مالوهه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جهالاوان، ڪاڇي ۽ اتر اڀرندي ۾ بلوچستان ۽ سبي کان ڦري ديري غازي خان تائين سومرن جي حڪومت هئي. اهي وڳهه ڪوٽ جي شروع دور واري حڪومت جون سرحدون هيون. دودي سومري جي دور ۾ سومرن جي حڪومت جون حدون هيٺ ڏکڻ طرف ڪڇ تائين ۽ مٿي اتر طرف ميرپور ماٿيلي تائين هيون. گاديءَ جي شهر سان لاڳو پرڳڻي واري مرڪزي ايراضي ’ڀونگراڻي ڀونءِ‘ سڏبي هئي، جنهن ۾ وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه توڙي ٻنگار جا ٻارهن شهر شامل هئا. گجرن جي شڪست کانپوءِ اندروني امن امان ۽ زرعي آباديءَ جي اضافي سان هي شهر وڌيو ۽ هتي قلعو به ٺهرايو ويو. ان وقت وڳهه ڪوٽ جي حڪومت ۾ مختلف ذاتين وارا ماڻهو هئا، جن مان ڪي وزير خاص، امير امراءَ ۽ فوجي جرنيل هئا.
وڳهه ڪوٽ ۾ حڪومت جو شاهي دفتر موجود هو، جيڪو پهريائين همير سومري قائم ڪيو هو. ان دفتر تي اڇي رنگ جو بادشاهي جهنڊو چڙهيل رهندو هو. ملڪ جي انتظام لاءِ ان دفتري عملي ۾ عامل ۽ ڪاتب مقرر هئا. سڄو دفتري ڪاروبار سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. سڄو ملڪ صوبن يعني ننڍن انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل هو. هر صوبو وري شهرن ۾ تقسيم ٿيل هو. ٻنگار جو صوبو نهايت زرخيز ۽ وڏو هو ۽ منجهس ٻارهن شهر هئا. ان دور ۾ گاديءَ جي شهر ۾ وڏيون وڏيون عمارتون ۽ شاهي محل اڏيل هئا، جن جي پيڙهه ۾ پٿر ڪم آندل هئا.
دودو سومرو، وڳهه ڪوٽ جو آخري حڪمران هو، جنهن سنڌ جي آزادي، سالميت ۽ خودمختياريءَ لاءِ علاؤالدين سان مقابلو ڪندي، ڌرتيءَ تان سر قربان ڪري ڇڏيو. اڄ وڳهه ڪوٽ دڙن جي صورت ۾ هندستان جي سرحد ۾ موجود آهي.