سنڌ حڪومت

سنڌ حڪومت

سنڌ حڪومت

سنڌ حڪومت: سنڌ تي انگريزن، آزاد ملڪ جي صورت ۾ 1843ع ۾ قبضو ڪيو هو ۽ چئن سالن بعد 1847ع ۾ اُن کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي ڇڏيو هو. اپريل 1936ع ۾ سنڌ، بمبئيءَ کان آزاد ٿي پنهنجي خودمختيار اسيمبلي ۽ حڪومت قائم ڪئي، جيڪا 1947ع تائين برصغير جو حصو رهي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان، برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ وجود ۾ آيو ۽ سنڌ، پاڪستان جو هڪ صوبو بڻجي وئي، جنهن بعد پاڪستان توڙي سنڌ صوبي ۾ برطانوي حڪومت وارو قانون رائج رهيو، جنهن هيٺ وفاق ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ۽ صوبن ۾ گورنر، وزيراعلى ۽ صوبائي ڪابينا جا نمائندا حڪومتي ڪاروهنوار هلائيندا پئي رهيا آهن. اڳتي هلي وفاق ۾ گورنر جنرل جي عهدي کي ’صدر‘ ۾ تبديل ڪيو ويو. پاڪستان جي وفاق توڙي صوبن ۾ اڪثر ٽن قسمن جي حڪومت رائج رهندي پئي آئي آهي: (1) جمهوري يا عوامي حڪومت (Democratic Government) (2) نگران يا عبوري حڪومت (Care taker Government) (3) آمريت يا مارشل لا(Marshal Law/ Dictatorship) جمهوري يا عوامي حڪومت، ان کي چئبو آهي، جنهن جا نمائندا چونڊن ذريعي ملڪ جو عوام چونڊيندو آهي. هن قسم جي حڪومت ۾ عوامي فيصلي کي اهميت ڏئي، عوام جي چونڊيل نمائندن کي حڪومت سونپي ويندي آهي، جنهن جو مدو 5 سال هوندو آهي. پر 1996ع تائين پاڪستان جي صدر وٽ اٺين آئيني ترميم هيٺ مقرر مدي کان اڳ قومي يا صوبائي حڪومتن کي ٽوڙڻ جو اختيار هوندو هو، جيڪو نائين ترميم کانپوءِ ختم ڪيو ويو. اٺين ترميم ۾ مليل اختيارن کي پاڪستان جي ملڪي تاريخ ۾ چار ڀيرا ڪم آندو ويو. اهو اختيار جنرل ضياء الحق هڪ ڀيرو، صدر اسحــٰق خان ٻه ڀيرا ۽ صدر فاروق لغاري هڪ ڀيرو استعمال ڪري چڪا آهن. نگران يا عبوري حڪومت ۾ مقرر ڪيل حڪومتي نمائندا 90 ڏينهن جي آئيني مُدي پوري ڪرڻ بعد ملڪ اندر چونڊون ڪرائي، حڪومت نون چونڊجي آيل نمائندن جي حوالي ڪري، پاڻ حڪومت تان دستبردار ٿي ويندا آهن. عام طور ملڪ ۾ عام چونڊون پڻ عبوري حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ ٿينديون آهن. آمريت يا مارشل لا واري حڪومت ۾ ملڪ هڪ ڊڪٽيٽر جي ور چڙهي ويندو آهي، جيڪو ملڪ تي هٿ ٺوڪيا قانون مڙهي، پنهنجا منظورِ نظر نمائندا، ملڪي عهدن تي مقرر ڪندو آهي، جن جي مُدي ختم ٿيڻ جي ڪا به تاريخ يا عرصو نه هوندو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، 15 آگسٽ 1947ع تي وفاق ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ملڪ جو گورنر جنرل ۽ نواب لياقت علي خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ساڳئي وقت سنڌ صوبي ۾ به صوبائي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن هيٺ سنڌ ۾ سر غلام حسين هدايت الله کي گورنر ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ڪيو ويو، جن سنڌ صوبي جون واڳون سنڀاليون. هيٺ سنڌ جي گورنرن ۽ وڏن وزيرن جو سلسليوار ذڪر پيش ڪجي ٿو: سنڌ جا گورنر:
(1) سر غلام حسين هدايت الله: سر غلام حسين هدايت الله، 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قيام وقت سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. هن سنڌ جي هندن جون ڇڏيل نوڪريون ۽ ملڪيتون هندستان مان آيل مهاجرن جي حوالي ڪيون. سر غلام حسين هدايت الله 4 آڪٽوبر 1948ع تي ڪجھه وقت بيمار رهڻ کانپوءِ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.
(2) جسٽس دين محمد شيخ: 4 آڪٽوبر 1948ع تي سنڌ جي سر غلام حسين هدايت الله جي وفات کانپوءِ جسٽس دين محمد شيخ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن 7 آڪٽوبر 1948ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.
(3) ميان امين الدين: 12 نومبر 1952ع تي جڏهن سنڌ جي گورنر جسٽس دين محمد گورنر جنرل کي چئن مهينن جي موڪل جي درخواست پيش ڪئي، ته ان جي سرڪاري طور منظوريءَ کانپوءِ بلوچستان صوبي سان واسطو رکندڙ ميان امين الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن 19 نومبر 1952ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.
(4) جارج ڪانسٽينٽائين: هي 25 مئي 1953ع کان 11 آگسٽ 1953ع تائين سنڌ جو چوٿون نمبر گورنر رهيو.
(5) حبيب ابراهيم رحمت الله: هن 12 آگسٽ 1953ع تي گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، کانئس سنڌ جي چيف ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس مسٽر حسن علي آغا قسم کڻايو.
(6) افتخار حسين ممدوٽ: 21 جون 1954ع تي سـنڌ ۽ پنـجـاب صـوبن ۾ هڪ انتظامي تبديلي عمل ۾ آئي، جنهن هيٺ سنڌ جي گورنر
حبيب ابراهيم رحمت الله کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي پنجاب جي وڏي وزير افتخار حسين ممدوٽ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 24 جون 1954ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. هي سنڌ جو پهريون پنجابي گورنر هو. افتخار حسين ممدوٽ ون يونٽ قائم ٿيڻ تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
ون يونٽ: 1954ع جي آخر ۾ پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي هڪ صوبي جي شڪل ڏئي (ون يونٽ قائم ڪري)، ’اولهه پاڪستان‘ جو نالو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ شامل اوڀر بنگال کي ’اوڀر پاڪستان‘ صوبي جو نالو ڏنو ويو. 22 نومبر 1954ع تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد علي بوگرا، ريڊيو پاڪستان تي اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان صوبن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ اهڙو بل قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن کي ٽن صوبائي اسيمبلين بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب منظور ڪيو، پر سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان بل جي مخالفت ڪئي، جنهنڪري کيس هٽائي سندس جاءِ تي محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کان زوريءَ اهو بل منظور ڪرايو.
قانوني طور مغربي پاڪستان صوبو 14 آڪٽوبر 1955ع تي عمل ۾ آيو، پر نومبر کان ان کي عملي شڪل ڏئي، صوبي جي گاديءَ جو هنڌ لاهور مقرر ڪيو ويو ۽ ان جو گورنر مشتاق احمد گورماڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مغربي پاڪستان صوبي جو وزيراعليٰ خان عبدالغفار خان جي ڀاءُ ڊاڪٽر خان صاحب کي مقرر ڪيو ويو. صوبي جي هڪ عبوري ڪابينا به جوڙي وئي، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو، ميان ممتاز محمد خان دولتانه، سردار عبدالحميد دستي، خان قربان علي خان، سيد عابد حسين ۽ سردار بهادر خان وغيره شامل هئا.
هن نئين صوبي جي قيام جو اصل محرڪ، ان وقت جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد ايوب خان هو، جنهن ان وقت وزير اعظم محمد علي بوگرا جي ڪابينا ۾ وزير دفاع جو عهدو سنڀاليو ۽ هن عهدي تي رهي کيس فوجي دٻاءَ جي زور تي وزيراعظم سميت ڪابينا جي سڀني ميمبرن کان نئين صوبي ’اولهه پاڪستان‘ جي حمايت حاصل ڪرڻ ڪا ڏُکي ڳالهه نه هئي.
14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ جي قيام کانپوءِ، جنرل محمد ايوب خان 24 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، ملڪ جو صدر بڻجي پوري ملڪ جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون. 11 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ 25 مارچ 1969ع تي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ جنرل يحيى خان ملڪ جو صدر بڻيو، جنهن پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ جو خاتمو آندو ۽ صوبن جي پراڻي حيثيت بحال ٿي.
(7)ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل پي. اي: ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل، 1 جولاءِ 1970ع تي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ٿيو ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تائين ان عهدي تي رهيو.
(8) ممتاز علي خان ڀٽو: ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ممتاز علي خان ڀٽو، سنڌ جو پهريون سويلين گورنر، 22 ڊسمبر 1971ع تي مقرر ٿيو ۽ سندس مدو 20 اپريل 1972ع تائين هليو. سندس واسطو پيپلز پارٽيءَ سان هو.
(9) مير رسول بخش ٽالپر: ممتاز علي خان ڀُٽي جي معزوليءَ کانپوءِ مير رسول بخش ٽالپر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 1 جون 1972ع تي عهدي جو قسم کنيو ۽ 14 فيبروري 1973ع تائين گورنر رهيو. هن جو پڻ پيپلز پارٽيءَ سان واسطو هو.
(10) بيگم رانا لياقت علي خان: بيگم رانا لياقت علي خان ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهر واري هئي. هن جو ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطو نه هو. هن 15 فيبروري 1973ع تي گورنر جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 28 فيبروري 1976ع تائين هن عهدي تي رهي.
(11) الحاج محمد دلاور خانجي: هي 1 مارچ 1976ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. هن جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
(12) عبدالقادر شيخ: عبدالقادر شيخ، 6 جولاءِ 1977ع تي سنڌ جي گورنر طور قسم کنيو ۽ 17 سيپٽمبر 1978ع تائين هن عهدي تي رهيو. هيءُ سول ايڊمنسٽريشن سان وابسته هو.
(13) ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم. عباسي: جنرل ايس. ايم. عباسي، جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا دوران 18 سيپٽمبر 1978ع تي سنڌ جي گورنر طور قسم کنيو ۽ 16 اپريل 1984ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(14) ميجر جنرل محمود اسلم حيات: هن کي ايس.ايم عباسيءَ جي جاءِ تي ڪجهه عرصي لاءِ قائم مقام گورنر طور مقرر ڪيو ويو ۽ 1980ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(15) ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانداد خان: جهانداد خان، آرميءَ جو رٽائرڊ جنرل هو ۽ 1984ع کان 1987ع تائين سنڌ جي گورنر جي عهدي تي فائز رهيو.
(16) اشـرف ڊبليـو تاباني: اشـرف ڊبليو تابانـيءَ، سـنڌ جـي گـورنـر طـور 5 جنوري 1987ع تي عهدي جو قسم کنيو ۽ 23 جون 1988ع تائين هُو انهيءَ عهدي تي رهيو. سندس سياسي وابستگي مسلم ليگ سان هئي.
(17) جنرل (ر) رحيم الدين خان: هيءُ آرميءَ جو رٽائرڊ جنرل ۽ جنرل ضياء الحق جي دؤر جو سنڌ جو آخري گورنر هو. هن جي گورنر طور 24 جون 1988ع تي مقرري ٿي ۽ 12 سيپٽمبر 1988ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(18) جسٽس (ر) قديرالدين احمد: هيءُ 12 سيپٽمبر 1988ع کان 18 اپريل 1989ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
(19) جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم: جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم سپريم ڪورٽ سان وابسته پهريون ۽ واحد سنڌ جو گورنر هو، جنهن 19 اپريل 1989ع تي پنهنجي عهدي جو قسم کنيو ۽ 6 آگسٽ 1990ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(20) محمود اي. هارون (پهريون ڀيرو): سر حاجي عبدالله هارون جو پٽ محمود هارون، 6 آگسٽ 1990ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 18 جولاءِ 1993ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس ڪنهن به سياسي پارٽي وغيره سان سڌي وابستگي نه هئي.
(21) حڪيم محمد سعيد: حڪيم محمد سعيد، سنڌ ۾ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وڏي شهرت رکندڙ شخص هو ۽ سندس ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان سڌي وابستگي نه هئي. هن کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 23 جنوري 1994ع تائين ان عهدي تي فائض رهيو. کيس ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن شهيد ڪيو.
(22) محمود اي. هارون (ٻيو ڀيرو): محمود اي. هارون ٻيو ڀيرو 23 جنوري 1994ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ 21 مئي 1995ع تائين هن عهدي تي رهيو.
(23) ڪمال اظفر: ڪمال اظفر 22 مئي 1995ع تي گورنر جو عهدو سنڀاليو ۽ 16 مارچ 1997ع تائين هن عهدي تي رهيو. هن جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
(24) ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر: هيءُ آرمي جو رٽائرڊ جنرل هو. کيس 17 مارچ 1997ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ 17 جنوري 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو.
(25) ممنون حـسيـن خان: ممنون حسين خان، 19 جون 1999ع تي گـورنـر مـقـرر ٿـيـو ۽ 19 آڪٽـوبـر 1999ع تائين هن عهدي تي رهيو. هن جو سياسي طور ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطو نه هو.ممنون حسين بعد ۾ پاڪستان جو صدر به ٿيو.
(26) ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو: پاڪستان ايئر فورس سان وابسته ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو، سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو فرزند هو. 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هيءُ هن عهدي تي 25 آڪٽوبر 1999ع کان 24 مئي 2000ع تائين رهيو.
(27) محمد ميان سومرو: مشهور اقتصادي ماهر ۽ بئنڪر محمد ميان سومري کي پڻ پرويز مشرف حڪومت ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن 25 مئي 2000ع کان 26 ڊسمبر 2002ع تائين ان عهدي تي رهي ڪم ڪيو.
(28) عشرت العباد خان: عشرت العباد خان جو واسطو متحده قومي موومينٽ سان لاڳاپيل آهي ۽ هي سڀ کان وڌيڪ عرصو سنڌ جو گورنر رهندڙ شخص آهي. عشرت العباد خان، پرويز مشرف جي دور ۾ 27 ڊسمبر 2002ع تي گورنر مقرر ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان عهدي تي فائز آهي.
سنڌ جا وزيراعليٰ
جڏهن سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان اپريل 1936ع ۾ آزاد ٿي ۽ 1937ع ۾ پهرين سنڌ اسيمبلي چونڊي وئي، ته ان وقت سنڌ صوبي جو اعليٰ منتظم (Chief Executive)، پريميئر (Premier) يا وزيراعظم هوندو هو.
پاڪستان جي قيام تائين سنڌ جا هيٺيان پريميئر/ وزيراعظم رهيا:
سر غلام حسين هدايت الله: هيءُ سنڌ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم هو، جيڪو 28 اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس سياسي وابستگي ’مسلم پيپلز پارٽيءَ‘ سان هئي.
الهه بخش سومرو: سنڌ جو محب وطن سياستدان الهه بخش سومرو، پهريون ڀيرو 23 مارچ 1938ع تي سنڌ جو وزيراعظم ٿيو ۽ 8 اپريل 1940ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس سياسي وابستگي ’اتحاد پارٽيءَ‘ سان هئي.
مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر 18 اپريل 1940ع تي سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ 7 مارچ 1941ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس سياسي وابستگي ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ سان هئي.
الهه بخش سومرو (ٻيو ڀيرو): الهه بخش سومرو، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر کانپوءِ ٻيو ڀيرو 7 مارچ 1941ع تي ٻيو ڀيرو سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو، انهيءَ عهدي تي 14 آڪٽوبر 1942ع تائين رهيو.
غلام حسين هدايت الله (ٻيو ڀيرو): سر غلام حسين هدايت الله انگريزن جو حمايت يافته هو، جنهنڪري کيس ’سر‘ جو خطاب ڏنو ويو. هي ٻيو ڀيرو 14 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جو وزيراعلي ٿيو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
پاڪستان کانپوءِ
پاڪستان کان پوءِ سنڌ صوبي جي اعليٰ منتظم (Chief Executive) کي وزيراعليٰ (Chief Minister) سڏيو ويو. هن وقت تائين هيٺيان وزيراعليٰ رهيا آهن:
محمد ايوب کهڙو (پهريون ڀيرو): ورهاڱي کان پوءِ مـحمـد ايوب کهڙو، 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ جو پهريون وزيراعلى ٿيو ۽ هُو 26 اپريل 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
پير الاهي بخش: هي سياسي طور پاڪستان مسلم ليگ سان وابسته هو، 3 مئي 1948ع تي سنڌ جو وزيراعلى ٿيو ۽ 4 فيبروري 1949ع تائين هن عهدي تي رهيو.
محمد يوسف هارون: هيءُ 18 فيبروري 1949ع تي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو ۽ 7 مئي 1950ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو. سندس واسطو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
قاضي فضل الله: هن جي سياسي وابستگي به پاڪستان مسلم ليگ سان هئي. هن 8 مئي 1950ع تي سنڌ جي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 24 مارچ 1951ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
محمد ايوب کهڙو (ٻيو ڀيرو): محمد ايوب کهڙو ٻيو ڀيرو 25 مارچ 1951ع تي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ۽ هن عهدي تي مارچ 1953ع تائين فائز رهيو.
² 29 ڊسمبر 1951ع کان 22 مئي 1953ع تائين سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو رهيو.
عبدالستار پيرزادو: پيرزادي عبدالستار جو پاڪستان مسلم ليگ سان واسطو هو. هن 22 مئي 1953ع تي سنڌ جي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو ۽ 8 نومبر 1954ع تائين وزيراعلى رهيو.
محمد ايوب کهڙو (ٽيون ڀيرو): محمد ايوب کهڙو ٽيون ۽ آخري ڀيرو، ونيونٽ جي قيام کانپوءِ 9 نومبر 1954ع تي سنڌ جو وزيراعلى ٿيو، سندس وزيراعلى هجڻ دوران جنرل ايوب خان مارشل لا ۽ ونيونٽ مڙهي، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي. ايوب کهڙي ونيونٽ جي تائيد ڪئي، جنهن تي سنڌ جي تاريخ ۾ مٿس وڏي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. ان وقت سندس واسطو مسلم ليگ سان هو ۽ هي 13 آڪٽوبر 1955ع تائين وزيراعلى رهيو. ايوب خان جي مارشل لا ۽ صوبن جي تاريخي حيثيت جو خاتمو، 30 جون 1970ع تائين قائم رهيو. پهرين جولاءِ 1970ع تي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي، جيڪا پهرين مئي 1972ع تائين هلي ۽ ون يونٽ کان وٺي مارشل لا واري سڄي عرصي ۾ سنڌ جو ڪو به وزيراعلى نه رهيو.
ممتاز علي خان ڀٽو: ون يونٽ جي ڊگھي عرصي ۽ مارشل لا کانپوءِ هيءُ پهريون سويلين وڏو وزير ٿيو. هن پهرين مئي 1972ع تي وزيراعلى جو حلف کنيو ۽ 20 ڊسمبر 1973ع تائين هن عهدي تي رهيو. سندس سياسي تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هو.
رئيس غلام مصطفى خان جتوئي: رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي، 22 ڊسمبر 1973ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين هن عهدي تي رهيو. هي به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو.
² 5 جولاءِ 1977ع تي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياء الحق، ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت کي ختم ڪري، مارشل لا مڙهي ڇڏي. ان دوران فوجي راڄ رهيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسي ڏني وئي. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم. آر. ڊيءَ جي تحريڪ هلي، مارشل لا جو دور اپريل 1985ع تائين هليو، آخر جنرل ضياءَ الحق پنهنجي حڪومت کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ لاءِ غير جماعتي بنيادن تي چونڊيون ڪرايون ۽ 8 سالن جي ڊگھي عرصي کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي ٻيهر تشڪيل ڏني وئي.
سيد غوث علي شاهه: هن جو واسطو پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان هو، ضياء الحق جي دور ۾ 6 اپريل 1985ع کان 6 اپريل 1986ع تائين سنڌ جو وزيراعلى ٿي رهيو.
اختر علي جي. قاضي: هن جو واسطو اسلامي جمهوري اتحاد سان هو، هي 11 اپريل 1988ع تي وزيراعلى ٿيو ۽ 24 جون 1988ع تائين هن عهدي تي رهيو.
² 24 جون 1988ع تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو 31 آگسٽ 1988ع تائين رهيو.
اختر علي جي. قاضي (ٻيو ڀيرو): گورنر راڄ جي خاتمي کانپوءِ اختر علي جي. قاضيءَ کي نگران وزيراعلى جي حيثيت ۾ 11 اپريل 1988ع تي وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو، سندس وزارت اعلى جي عرصي دوران 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءالحق هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ يارهن سالن جي ڊگھي عرصي کانپوءِ مارشل لا جو خاتمو آيو ۽ نومبر 1988ع تي سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، نتيجي طور ملڪ ۾ هڪ ڊگهي عرصي بعد جمهوري حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.
سيد قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو): ملڪ تان يارهن ساله ضيائي مارشل لائي راڄ کانپوءِ سيد قائم علي شاهه، سنڌ جو پهريون سويلين وزيراعلى مقرر ٿيو. سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هو. هن 2 ڊسمبر 1988ع تي وزيراعلى جو حلف کنيو ۽ 25 فيبروري 1990ع تائين سنڌ جي وڏ وزارت واري عهدي تي رهيو.
آفتاب شعبان ميراڻي: آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي 25 فيبروري 1990ع تي وزير اعلى چونڊيو ويو ۽ 6 آگسٽ 1990ع (صدر غلام اسحاق خان پاران محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين عوامي حڪومت جي خاتمي) تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو. سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هئي.
ڄام صادق علي: آگسٽ 1990ع ۾، صدر غلام اسحاق خان، محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي حڪومت جي خاتمي شرط چارئي صوبائي اسيمبليون به ختم ڪيون ۽ ملڪ ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون، اهڙيءَ ريت 6 آگسٽ 1990ع تي ڄام صادق علي، سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ٿيو. ان کان اڳ هُو وزير اعظم جو صلاحڪار به هو، پنهنجيءَ وڏوزارت دوران 1990ع وارين عام چونڊن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيو ۽ وزيراعلى هئڻ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، جنهن کانپوءِ کيس مستقل وزيراعلى مقرر ڪيو ويو. ڄام صادق علي، ڪئنسر ۾ مبتلا هو، جنهن سبب وزيراعلى هئڻ دوران ئي 5 مارچ 1992ع تي وفات ڪيائين. سندس وفات کانپوءِ سيد مظفر حسين شاهه سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو.
سيد مظفر حسين شاهه: سيد مظفر حسين شاهه سياسي طرح اسلامي جمهوري اتحاد سان وابسته هو. هن 6 مارچ 1992ع تي وزيراعلى جي عهدي جو قسم کنيو. جولاءِ 1993ع تي صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفائن ڏيڻ شرط قومي اسيمبلي ۽ چارئي صوبائي اسيمبليون پاڻمرادو ٽُٽي ويون، جنهنڪري سيد مظفر حسين شاهه جي حڪومت به پڄاڻيءَ تي پهتي. هو 19 جولاءِ 1993ع تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو.
سيد علي مدد شاهه: جولاءِ 1993ع ۾ صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفائن ڏيڻ شرط ملڪ ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون، جنهنڪري سيد علي مدد شاهه کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو، جيڪو 21 آڪٽوبر 1993ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
سيد عبدالله شاهه: هن جي سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هئي. 1993ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسيءَ کانپوءِ کيس 21 آڪٽوبر 1996ع تي سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد صدر فاروق احمد خان لغاريءَ پاران محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي حڪومت جي ٻئي ڀيري برطرفيءَ جي نتيجي ۾ چارئي صوبائي حڪومتون به برطرف ڪيون ويون ۽ سيد عبدالله شاهه کي 6 نومبر 1996ع تي سنڌ جي وڏوزارت جي عهدي تان هٽايو ويو.
ممتاز علي خان ڀٽو (ٻيو ڀيرو): 1996ع ۾ پاڪستان ۾ حڪومتن جي برطرفيءَ کانپوءِ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون، جنهن هيٺ ممتاز علي خان ڀُٽي کي 7 نومبر 1996ع تي سنڌ جو نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو. اُن کان اڳ هُو سيد عبدالله شاهه جي وڏوزارت واري دور ۾ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي پي. ايس- 36 تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو ۽ ان وقت هو پنهنجي پارٽي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ جو سربراهه به هو. هن 22 فيبروري 1997ع تائين سنڌ جي وڏ وزارت جون ذميواريون سنڀاليون.
لياقت علي خان جتوئي: فبروري 1997ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ وفاق ۽ چئني صوبن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون ٺهيون، جنهن هيٺ نوازشريف ملڪ جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم ۽ 22 فبروري 1997ع تي لياقت علي جتوئيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير چونديو ويو. سندس حڪومت دوران 30 آڪٽوبر 1998ع تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف پاران سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ مڙهيو ۽ لياقت جتوئيءَ کي وڏ وزارت واري عهدي تان هٽايو ويو.
² جنهن کانپوءِ 12 آڪٽوبر 1999ع تي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪري، پاڻ پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو سنڀاليو. سندس حڪومت دوران ڊسمبر 2002 ع ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون ۽ 17 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ صوبي ۾ مڙهيل گورنر راڄ کي به ختم ڪيو ويو.
علي محمد مهر: 30 آڪٽوبر 1998 تي ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف پاران سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ مڙهڻ ۽ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران ٿيل 2002ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ علي محمد مهر، سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. علي محمد مهر، 17 ڊسمبر 2002ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. سندس سياسي وابستگي ’پاڪستان مسلم ليگ (ق)‘ سان هئي. هن 9 جون 2004ع تي پنهنجي آئيني مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
ارباب غلام رحيم: 9 جون 2002ع تي سنڌ جي وڏ وزارت جي عهدي تان علي محمد مهر جي استعيفا کانپوءِ ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. ارباب غلام رحيم، جنرل پرويز مشرف جو ويجھو سياسي رفيق هو ۽ پرويز مشرف جي برپا ڪيل ’پاڪستان مسلم ليگ (ق)‘ سنڌ جو صدر پڻ هو. ارباب غلام رحيم 2002ع ۾ تشڪيل ڏنل حڪومت جي آئيني مُدي پوري ٿيڻ تائين سنڌ جو وزيراعلى رهيو. سندس حڪومت جو مدو 19 نومبر 2007ع تي پاڻمرادو پورو ٿي ويو.
عبدالقادر هاليپوٽو: نومبر 2007ع ۾ حڪومت جي آئيني مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ، قومي توڙي چئني صوبائي اسيمبلين ۾ نگران حڪومتون تشڪيل ڏنيون ويون. عبدالقادر هاليپوٽي کي 19 نومبر 2007ع تي نگران وزيراعلى مقرر ڪيو ويو ۽ ايندڙ اسيمبلين جي تشڪيل ٿيڻ 6 اپريل 2008ع تائين سنڌ جو نگران وزيراعلى رهيو.
سيد قائم علي شاهه (ٻيو ڀيرو): جنرل (ر) پرويز مشرف جي ڊگھي آمرانه دور حڪومت ۽ بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت کانپوءِ، 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سوڀ حاصل ٿي ۽ سيد قائم علي شاهه، 6 اپريل 2008ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سان وڏو وزير چونڊيو ويو ۽ 20 مارچ 2013ع تائين ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مدو پورو ڪندڙ سنڌ حڪومت جو وزيراعلى رهيو. سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي.
جسٽس زاهد قربان علوي: 21 مارچ 2013ع کان 30 مئي تائين نگران وزيراعليٰ رهيو ۽ 2013ع جي عام چونڊن ۽ نئين حڪومت جي جوڙجڪ تائين وزيراعليٰ رهيو.
سيد قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو): سيد قائم علي شاهه ٽيون ڀيرو، سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو 31 مئي 2013ع تي سنڀاليو ۽ اڄ تائين انهيءَ عهدي تي فائز آهي.
واڌارو: سيد قائم علي شاهه 31 مئي 2013ع کان 30 جولاءِ 2016ع تائين وزيراعليٰ سنڌ رهيو.سيد مراد علي شاهه 30 جولاءِ 2016 کان پهرين جون 2018ع تائين وزيراعليٰ سنڌ رهيو.فضل الرحمٰن 2 جون 2018ع کان سنڌ جو نگران وزيراعليٰ سنڌ آهي
سنڌ حڪومت جا کاتا:
ملڪي آئين ۾، 18 ترميم کانپوءِ، ڪيترائي وفاقي کاتا ختم ڪري صوبن جي حوالي ڪيا ويا آهن ۽ انهن کاتن جا اختيار صوبن کي ڏنا ويا آهن. انهيءَ ترميم کانپوءِ سنڌ جي صوبائي کاتن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، جيڪا هيٺينءَ ريت آهي:
(1) ايگريڪلچر، سپلاءِ اينڊ پرائسز ڊپارٽمينٽ
(2) اوقاف، مذهبي معاملا، زڪواة ۽ عشر کاتو
(3) بورڊ آف روينيو (Board of Revenue)
(4) چيف منسٽر سيڪريٽريٽ (Chief Minister Secretariat)
(5) ڪوئلي جي توانائيءَ جو کاتو (Coal Energy Department)
(6) ڪوآپريشن ڊپارٽمينٽ (Cooperation Department)
(7) ثقافت، سياحت ۽ نوادرات (Antiquities) کاتو
(8) توانائيءَ وارو کاتو (Energy Department)
(9) ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس کاتو
(Excise, Taxation and Narcotics Department)
(10) ناڻو کاتو (Finance Department)
(11) خوراڪ کاتو (Food Department)
(12) ٻيلو، ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت کاتو
(Forest, Environment and Wildlife Department)
(13) گورنر سيڪريٽريٽ (Governor Secretariat)
(14) هاير، ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ ڊپارٽمينٽ
(Higher, Technical Education and Research Department)
(15) گهرو کاتو (Home Department)
(16) اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو
(Information and Archives Department)
(17) انفرميشن ۽ سائنس ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ
(Information & Science Technology Department)
(18) انڊسٽريز ۽ ڪامرس ڊپارٽمينٽ
(Industries and Commerce Department)
(19) آبپاشي کاتو (Irrigation Department)
(20) ڪچي آباديءَ وارو کاتو (Kuchi Abadi Department)
(21) ليبر ۽ هيومن ريسورس کاتو
(Labour and Human Resources Department)
(22) قانون، پارليامينٽري معاملا ۽ انساني حقن جو کاتو
(Law, Parliamentary Affairs and Human Rights Department)
(23) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو (Livestock & Fisheries Department)
(24) لوڪل گورنمينٽ، ڳوٺاڻي ترقي، پي. ايڇ. اي ۽ ايڇ. ٽي. پي ڊپارٽمينٽ
(Local Government, Rural Development, PHA & HTP Department)
(25) کاڻين ۽ معدنيات جو کاتو
(Mines & Mineral Development Department)
(26) اقليتي معاملن جو کاتو (Minority Affairs Department)
(27) رٿابندي، ترقي ۽ انيشِئيٽوِ کاتو
(Planning, Development & Initiative Department)
(28) بهبود و آبادي کاتو (Population Welfare Department)
(29) بنيادي صحت جو کاتو (Primary Health Department)
(30) آبادڪاري کاتو (Rehabilitation Department)
(31) سيڪنڊري هيلٿ ڊپارٽمينٽ (Secondary Health Department)
(32) تعليم ۽ خواندگيءَ جو کاتو (Education & Literacy Department)
(33) ايس. جي. اي اينڊ سي. ڊي. ڊپارٽمينٽ (S.G.A & C. D)
(34) سوشل ويلفيئر کاتو (Social Welfare Department)
(35) اسپيشل ايڊيوڪيشن کاتو (Special Education Department)
(36) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جو کاتو
(Sports & Youth Affairs Department)
(37) ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ
(Transport & Mass Transit Department)
(38) عورتن جي ترقيءَ جو کاتو (Women Development Department)
(39) ورڪس ۽ سروس ڊپارٽمينٽ (Works & Service Department)


لفظ سنڌ حڪومتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو