
سنڌ مدرسة الاسلام
سنڌ مدرسة الاسلام: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ ۽ وڪيل حسن علي آفنديءَ قائم ڪيو هو. تن ڏينهن ۾ هند سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت نئون تعليمي نظام متعارف ڪرايو هو، جنهن کان متاثر ٿي حسن علي پنهنجن پٽن علي احمد ۽ اڪبر کي عليڳڙھہ ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ ويو، جتي سندس سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مٿس سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي خيالن جو ڪافي اثر ٿيو، مٿان وري محمدن ائسوسيئيشن جو باني سيد امير علي جڏهن ڪنهن مقدمي جي سلسلي ۾ 1884ع ۾ سيوهڻ ۾ آيو تہ ٻنهي ان ڳالھہ تي گڏجي ويچاريو تہ سنڌ جي مسلمانن کي سياسي، تعليمي ۽ سماجي شعبن ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ قدم کڻجن. سر سيد جي اثر ۽ سيد امير عليءَ جي ملاقات بعد حسن علي آفنديءَ ’نئشنل محمدن ائسوسيئيشن‘ جي سنڌ ۾ شاخ قائم ڪئي ۽ 1885ع ۾ ڪوششون وٺي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو 1885ع ۾ بنياد وڌائين، جنهن جو مقصد باقي ننڍي کنڊ وانگر سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي ۽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ هو. هن سڀ کان اڳ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ جي سامهون هڪ قافلہ سراءِ 25 روپين جي ماهوار ڪرائي تي حاصل ڪئي، جتي سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان آيل غريب شاگردن کي رهائش ۽ کاڌي جي مفت سهولت ڏني وئي. سندس جذبي کي ڏسي ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ اها جاءِ ائسوسيئيشن کي مفت ۾ ڏئي ڇڏي. ان ساڳيءَ جاءِ تي سنڌ مدرسة الاسلام جي اڏاوت لاءِ زمين ملڻ کانپوءِ هن سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي عام ماڻهن ۽ زميندارن اٽڪل 40 هزار روپيا مدد ڏني. مختلف ميونسپالٽين 16 هزار روپيا ڏنا، خيرپور رياست جي واليءَ 12 هزار روپيا سالياني امداد انهيءَ شرط تي ڏني تہ مدرسي جو پرنسپال انگريز هوندو. حسن علي آفنديءَ مدرسي کي مالي طور مضبوط ڪرڻ ۽ خرچ جي پورائيءَ لاءِ هندستان جي مختلف شهرن جو دورو بہ ڪيو. پهرين سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسة الاسلام جو باقاعدہ آغاز ٿيو ۽ نئين ٺهيل عمارت جو رسمي افتتاح ان وقت جي هندستاني وائسراءِ لارڊ ڊفرن، 14 نومبر 1887ع تي پيڙھہ جو پٿر رکي ڪيو هو.
حسن علي آفنديءَ جو پٽ ولي محمد، جيڪو حيدرآباد جي تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، ان کي 1886ع ۾ سنڌ مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ هن ڪاليج جو پرنسپال عمر بن محمد دائودپوٽو مقرر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت سنڌي، اردو ۽ گجراتي سيڪشن هوندا هئا، جتي 1200 کن ڇوڪرا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪندا هئا. غريب شاگردن کي هاسٽل ۾ مفت رهائش جي سهولت مليل هئي.
58 سالن جي شاندار ڪارڪردگيءَ بعد محمد علي جناح جي ڪوششن سان 21 جون 1943ع ۾ سنڌ مدرسي کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ ڪجهہ عرصي بعد سنڌ مدرسي جي ماتحت ايس. ايم. سائنس ڪاليج، ايس. ايم آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج، فاطمہ جناح گرلس ڪاليج ۽ ڪجهہ ٻيا اسڪول پڻ قائم ٿيا. ايس. ايم. لا ڪاليج مان اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي پڻ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ٻين ڪيترن تعليمي ادارن وانگر هن ڪاليج کي بہ قومي تحويل ۾ ورتو، جنهنڪري هيءُ ادارو سڌو سنئون مرڪزي حڪومت جي ماتحت ٿي ويو. پهرين سيپٽمبر 1985ع تي اڳوڻي صدر جنرل ضياءِ الحق ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سنڌ مدرسي جي سؤ سالا تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ صدر صاحب اعلان ڪيو تہ سنڌ مدرسي کي ترقي ڏيڻ لاءِ هڪ هاسٽل تعمير ڪرائڻ ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ ٽي بسون خريد ڪرڻ لاءِ مدرسي کي 17 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ لائبرريءَ جي واڌاري لاءِ 10 لک روپيا ڏيڻ ۽ مدرسي جي ڪجهہ استادن کي وفاقي حڪومت جي خرچ تي اعليٰ تعليم جي لاءِ پرڏيھہ موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي.
سنڌ مدرسة الاسلام مان جن وڏين شخصيتن تعليم حاصل ڪري سياست، علم ادب ۽ سماجي شعبن ۾ پاڻ مڃايو، تن ۾ غلام محمد ڀرڳڙي، قائداعظم محمد علي جناح، حاجي عبدالله هارون، سر
غلام حسين هدايت الله،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش،
محمد هاشم گزدر، حاتم علوي، محمد ايوب کهڙو، سر شاهنواز ڀٽو، شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، اي. ڪي. گبول، جي. الانا، حڪيم احسن، قاضي فضل الله، قاضي خدابخش مورائي، مير ايوب خان، عطاءُ ﷲ مينگل، سردار محمد ابراهيم، سردار محمد يعقوب، سيد حاجي عبدالحڪيم شاھہ، صاحب ڏنو شاھہ، بئريسٽر عبدالرحمان، عبدالحئي قريشي، عبدالستار افغاني، جسٽس سجاد علي شاھہ، غلام علي نانا، محمد ابراهيم جويو،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، احمد علي چاڳلا وغيرہ شامل آهن.
ان کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ٻئي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي گورنر 15 ڊسمبر 1993ع تي سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي بنائڻ جو چارٽر جاري ڪيو، پر اُن تي ڪو بہ عمل نہ ٿي سگهيو. گهڻو پوءِ، ڊسمبر 2012ع ۾ ٻيهر پيپلز پارٽيءَ جي ئي حڪومت ۾ سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو بل سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ٿـيـو (وڌيڪ ڏسو: الاسلام يونيورسٽي'>سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي).