سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو شمار سنڌ جي اوائلي ادارن ۾ ٿئي ٿو، ان جو بنياد پهرين اپريل 1937ع تي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ پيو. ان زماني ۾ هيءَ ڪميشن ’سنڌ- بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن‘ سڏبي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان ٻه هفتا اڳ، پهرين آگسٽ 1947ع تي ان گڏيل ڪميشن کي ٽوڙي سنڌ لاءِ الڳ ’سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن‘ قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون چيئرمئن خانبهادر محمد دائم صديقي مقرر ٿيو، جيڪو بمبئي- سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ رهيو هو. مسٽر ايڇ. بي. هنڱوراڻي ۽ ايم. اي. صديقي ان نئين ڪميشن جا ميمبر مقرر ٿيا. ان ڪميشن جو عرصو پهرين آگسٽ 1947ع کان 4 آڪٽوبر 1955ع تائين رهيو، ڇاڪاڻ جو پوءِ ونيونٽ نافذ ٿيو ۽ ان کي ’ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن‘ ۾ ضم ڪيو ويو. ويسٽ پاڪستان ڪميشن جي هيڊ آفيس لاهور ۾ قائم هئي. ان ڪميشن جو عرصو 1970ع تائين رهيو.
جولاءِ 1970ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر اصلي صورت ۾ بحال ٿي. 31 ڊسمبر 1970ع تائين ڪجهه مهينا ڪميشن غير فعال رهي، ڇاڪاڻ جو تڏهوڪو چيئرمئن جسٽس فيروز علي نانا پرڏيهه ويل هو. صوبن جي بحالي ۽ ونيونٽ جي خاتمي بعد ڪميشن کي ويسٽ پاڪستان آرٽيڪل 19 تحت ’سنڌ- بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن‘ جي گڏيل حيثيت ڏني وئي، جنهن جو چيئرمئن سنڌ مان (جسٽس فيروز علي نانا) ۽ هڪ ميمبر بلوچستان مان مقرر ٿيل هو، جڏهن ته ٻه ميمبر سنڌ مان هئا. ان عرصي دوران به ڪميشن ويسٽ پاڪستان ڪميشن وارن قاعدن ۽ ضابطن (1957) تحت هن ريت ڪم جاري رکيو:
• سنڌ ۽ بلوچستان مان خالي آسامين تي ابتدائي طور اميدوارن جون ڀرتيون ڪرڻ.
• سرڪاري ملازمن جي ترقين جا ڪيس اڪلائڻ.
• ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت فيصلا ڪرڻ.
• روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن جي پروموشن پاليسي جوڙڻ.
• سرڪاري ملازمن پاران ڪنهن به قاعدي، ضابطي جي ڀڃڪڙيءَ تي ’سروس ٽربيونل‘ جي حيثيت سان فيصلا ڪرڻ.
• سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪاري ملازمن لاءِ ڊپارٽمينٽل امتحان منعقد ڪرڻ وغيره.
جمهوري حڪومت جي قيام بعد 14 آگسٽ 1973ع تي پاڪستان ۾ جيڪو آئين لاڳو ٿيو، ان تحت هر صوبي کي پنهنجي الڳ پبلڪ سروس ڪميشن جو حق ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح 5 ڊسمبر 1973ع تي سنڌ اسيمبليءَ پڻ (1973) SPSC Act ائڪٽ (1973) تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ هڪ چيئرمئن ۽ ٽي ميمبر مقرر ڪيا. البت ميمبرن جي تعداد ۾ سنڌ حڪومت اضافو پڻ ڪري پئي سگهي.
SPSC ايڪٽ (1973) جي سيڪشن- 6 تحت، 28 مارچ 1974ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هنن قاعدن ۽ ضابطن تحت ڪم شروع ڪيو.
(1) گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي آسامين لاءِ سرڪاري کاتن، سول سروس توڙي سرڪار جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشن وغيره لاءِ ڀرتين جو انتظام ڪرڻ.
(2) اميدوارن جي اهليت يا گهربل تعليمي قابليت وغيره بابت حڪومت کي مشورا موڪلڻ.
(3) ڊپارٽمينٽل ۽ لئنگئيج ايگزام (ٻوليءَ جا امتحان) منعقد ڪرائڻ.
1977ع واري مارشل لا دوران SPSC ايڪٽ (1973ع) کي بدلائي SPSC آرڊيننس (1978) نافذ ڪيو ويو، جنهن تحت هڪ چيئرمئن ۽ ٽن ميمبرن تي مشتمل ڪميشن کي ڪجهه اضافي ذميواريون به سونپيون ويون، جهڙوڪ:
MLO-55 تحت ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ. NDV ليڪچرارن کي مارشل لا حڪمن تحت مستقل ڪرڻ.
رِويو بورڊ ذريعي MLR-114 تحت، ملازمت مان فارغ ڪيل ملازمن جي پٽيشن/ درخواستن جو جائزو وٺڻ.
مارشل لا جي خاتمي بعد SPSC آرڊيننس 1978ع کي SPSC ايڪٽ 1989ع ۾ تبديل ڪيو ويو. ان تحت ڪميشن جي ڪم ڪار ۾ خاص تبديليون ته ڪونه ڪيون ويون، پر چيئرمئن جي مقرريءَ جا اختيار گورنر کان وٺي سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا. اهڙيءَ ريت حڪومت 1989ع کان 2001ع تائين چيئرمئن جي مقرري سميت 6 کان 15 ميمبر مقرر ڪيڻ جا اختيار رکيا.
انهيءَ وچ ۾ 12 آڪٽوبر 1999ع تي ملڪ جي چونڊيل حڪومت جو تختو الٽيو ۽ جنرل پرويز مشرف انتظام سنڀاليا. ان دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا اختيار ٻيهر سنڌ حڪومت کان گورنر کي واپس ڪيا ويا ۽ SPSC جو ترميمي آرڊيننس 8 ڊسمبر 2001ع تي لاڳو ڪيو ويو. ان آرڊيننس تحت ڪميشن جي چيئرمئن ۽ ميمبرن جو مدو 5 سال مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت انهن جي توسيع يا ٻيهر مقرري نه ٿيندي ۽ ميمبرن جو تعداد 10 کان مٿي نه هوندو. ان کانسواءِ ڪميشن کي پابند بڻايو ويو ته صوبائي کاتن ۾ آفيسرن جي انضمام يا ڪيڊر بابت حڪومت کي مشورا ڏيندي ۽ جيڪڏهن گورنر اهي مشورا قبول نه ڪندو ته هو ڪميشن کي آگاهه ڪندو.
پهرين مارچ 2002ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، ’ڪنڊيشنس آف سروس رولز 2002ع’ وضع ڪيون، جنهن تحت ڪميشن جي ميمبرن لاءِ برابريءَ وارا قائدا ۽ ضابطا متعارف ڪيا ويا ۽ انهن ۾ چيئرمئن ۽ ميمبرن لاءِ الائونس ۽ ٻيون مراعتون به وضع ٿيل آهن. ان کان سواءِ ڪميشن کي ڪجهه محدود مالي اختيار به ڏنا ويا.
هن وقت تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا مقرر ٿيل چيئرمئن هن ريت آهن:
سنڌ- بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن:
(1) سر هگ بي. ڪلئٽن 01-04-1937 کان 31-3-1942
(2) سر جي. اي مدن 01-04-1942 کان 31-3-1947
(3) مسٽر واءِ. اي گوڊبول 01-04-1947 کان 01-8-1947
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ٻيو دور):
(4) خانبهادر دائم صديقي 01-08-1947 کان 10-1-1948
(5) مسٽر ايڇ. بي. هنڱوراڻي 11-01-1948 کان 3-10-1955
ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ضم ٿيڻ بعد:
(6) مسٽر ايڇ. بي. هنڱوراڻي 11-01-1947 کان 3-10-1955
سنڌ- بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن:
(7) جسٽس فيروز علي نانا 24-12-1970 کان 20-4-1972
(8) مسٽر جِي. ڊي. ميمڻ 02-05-1972 کان 13-8-1973
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ٻيهر اصل حيثيت ۾):
(9) مسٽر جي. ڊي ميمڻ 14-08-1973 کان 22-3-1974
(10) مسٽر جي. ايم. شيخ 21-05-1974 کان 5-10-1977
(11) جسٽس (ر) قادر نواز اعواڻ 06-10-1977 کان 26-7-1978
(12) مسٽر امداد علي آغا 07-08-1978 کان 06-8-1984
(13) جسٽس (ر) غلام محمد ڪوريجو 12-08-1984 کان 12-8-1989
(14) جسٽس (ر) مشتاق علي قاضي 03-12-1989 کان 2-12-1992
(15) محمد راول ورياماڻي 22-12-1992 کان 31-7-1994
(16) انجنيئر منظور احمد قريشي 01-08-1994 کان 15-3-1996
(17) پروفيسر نواب عالم فاروقي (ايڊيشنل چارج) 11-04-1996 کان 12-6-1996
(18) مسٽر قاضي عبدالقادر 12-06-1996 کان 28-1-1997
(19) جسٽس (ر) عبدالقادر شيخ 01-02-1997 کان 28-1-1998
(20) مسٽر ايم. ايم. عثماني 28-01-1998 کان 27-1-2003
(21) مسٽر محمد حسن ڀٽو 28-03-2003 کان مارچ 2008ع
(22) مسٽر ايس. اين. عباسي مئي 2008ع کان 2010ع
(23) جسٽس (ر) ارشاد علي شاهه جنوري 2011ع کان اڄ تائين.
ڪميشن جو چيئرمئن، سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ خودمختيار ادارن ۽ يونيورسٽين جي سليڪشن بورڊ جو ميمبر پڻ هوندو آهي. انهن ادارن ۾ وقت بوقت ٿيندڙ ڀرتين ۽ ترقين واري عمل ۾ رهنمائي ۽ نمائندگي ڪرڻ لاءِ چيئرمئن ڪنهن ميمبر کي پڻ نامزد ڪري سگهي ٿو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٻه مکيه شاخون عملي طور سموريون اهم ذميواريون سرانجام ڏين ٿيون: (1) انفارميشن سسٽم برانچ، ۽ (2) ايگزامنيشن برانچ.
اهڙيءَ ريت ڪنٽرولر ايگزامنيشن، ڊائريڪٽر آءِ.ٽي، ايڊيشنل ڪنٽرولر، سائيڪلاجسٽ (نفسيات جو ماهر) ۽ ريڪروٽمنٽ سيڪشن جا انچارج مختلف ذميواريون سرانجام ڏين ٿا. هتي پنج ريڪروٽمينٽ سيڪشن قائم آهن، جڏهن ته اڪائونٽس شعبو مالي مامرا سنڀالي ٿو.
(1) انفارميشن سسٽم برانچ (IS Branch): ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ترقيءَ ڏانهن وک وڌائيندي جديد ڪمپيوٽرائزڊ طريقا اختيار ڪيا آهن. هاڻوڪي ڊائريڪٽر آءِ.ٽي جي مقرريءَ کانپوءِ 2003ع ڌاري ڪمپيوٽر ليبارٽري قائم ڪئي وئي ۽ وقت بوقت ٽيڪنيڪل عملو ڀرتي ڪري ڪميشن جي روزاني ڪارونهوار کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو. تازو آءِ.ايس برانچ پاران ’آئن لائين ايپليڪيشن فارم‘ متعارف ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪو به اميدوار ڪٿان به ويهي مشتهر ٿيل آساميءَ لاءِ درخواست رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو. جنهن سان وقت ۽ پئسي جي بچت پڻ ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ڊائريڪٽر آءِ. ٽي پاران ڪمپيوٽرائزڊ مشين (OMR) ذريعي امتحاني پيپر (MCQ) چڪاسڻ جو بندوبست پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته آٽو ايس.ايم.ايس ذريعي اميدوارن کي آگاهي، ڪميشن بابت سوالنامو (Question Bank)، آٽو ڪئسچن پيپر جنريشن ۽ آن لائن ريپلاءِ سسٽم جي رٿا کان علاوه آن لائين ٽيسٽنگ سروس جهڙي اهم رٿا پڻ غور هيٺ آهي. جنهن جي مدد سان امتحاني عمل وڌيڪ آسان، شفاف ۽ غلطين کان آجو ٿي سگهي ٿو.
هن شعبي پاران انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. انفارميشن سسٽم برانچ جون ٻيون مکيه ذميواريون هن ريت آهن:
• خالي آسامين جا اشتهار ڏيارڻ.
• آن لائين درخواستون وصول ڪري انهن جي جانچ پڙتال ڪرڻ.
• ٽيڪنيڪي مسئلن بابت اميدوارن جي رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ.
• آئن لائين پورٽل ذريعي لکت ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا خط موڪلڻ.
• چونڊيل ۽ رد ٿيل اميدوارن بابت فهرستون تيار ڪرڻ.
• ايگزامنيشن برانچ سميت ڪميشن جي ٻين شعبن جي معاونت ۽ سهڪار ڪرڻ.
• ڀرتيءَ واري عمل کي آسان ۽ شفاف بنائڻ.
• آپٽيڪل مارڪ ريڊر (OMR) ذريعي جوابي ڪاپين جي چڪاس ۽ ايگزامنيشن برانچ جي نگرانيءَ ۾ نتيجا تيار ڪرڻ.
• ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ذريعي نفسيات جي ماهر جي معاونت ڪرڻ.
هن وقت انفارميشن سسٽم برانچ جو سربراهه ۽ ڊائريڪٽر آءِ.ٽي جاويد احمد چاچڙ آهي.
ايگزامنيشن برانچ (امتحان واري شاخ): سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ قائم هن اهم شعبي جون ٻه شاخون آهن:
(1) ايگزامنيشن برانچ- I: هي شعبو جيئن ته مخفي ۽ حساس نوعيت جو آهي، جنهن جو مکيه ڪم مقابلي/چٽاڀيٽيءَ وارا امتحان منعقد ڪرڻ آهي. هن شاخ تحت پي. سي. ايس يعني صوبائي سول سروس جو امتحان (CCE)؛ چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان جهڙوڪ: فاريسٽري ڪورس، ۽ انجنيئرنگ ڪيڊر لاءِ ٿيندڙ امتحان ۽ ٻيا عام آسامين لاءِ ٿيندڙ لکت وارا ۽ پيشوراڻا امتحان منعقد ڪرايا وڃن ٿا.
(2) ايگزامنيشن برانچ- II: هن شاخ جون مکيه ذميواريون هن ريت آهن:
• چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزامنيشن) جي منظوريءَ کانپوءِ سوالي پيپر تيار ڪندڙ ماهر ۽ ممتحن چونڊڻ.
• سوالي پيپر تيار ڪندڙ ۽ مُمتحن مقرر ڪري، پيپر جي وقت سر تياري، محفوظ ۽ مخفي طريقي سان پهچائڻ بابت خاص هدايتون جاري ڪرڻ.
• امتحان جي مقرر تاريخ تائين سوالي پيپرن جي اداري اندر حفاظت ڪرڻ.
• ميمبر (ايگزامنيشن) جي مشاورت سان ڪو به ٻيو ميمبر مقرر ڪري حتمي سوالي پيپر تيار ڪرڻ.
• امتحان لاءِ تاريخ ۽ شيڊول ڏيئي مختلف امتحاني مرڪز جوڙي ميمبر (ايگزام) جي معرفت چيئرمين کان منظوري وٺڻ.
• ميمبر (ايگزام) جي منظوريءَ سان ميمبر (انوجيليشن)، چيف انوجيليٽر، سپروائيزر، انوجيليٽر ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري امتحاني مرڪزن بابت هدايتون جاري ڪرڻ.
• پيپرن جي ورهاست بعد مقرر وقت تي جوابي ڪاپيون وصول ڪرڻ ۽ حفاظت سان مرڪزي آفيس پهچائڻ.
• جوابي ڪاپين جي وقت سر چڪاس ڪرڻ/ لاڳاپيل ماهرن کان ڪرائڻ.
• نتيجا تيار ڪري، اهل اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ ۽ ان کان اڳ نتيجن بابت پريس رليز جاري ڪرڻ.
• انٽرويو منعقد ٿيڻ کانپوءِ قابل ۽ اهل اميدوارن جا نالا، چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزام) جي منظوريءَ بعد لاڳاپيل کاتي ۾ مقرريءَ سفارش ڪرڻ.
مجموعي طور ايگزامنيشن ونگ سموري امتحاني عمل لاءِ ذميواريءَ سان منصوبه بندي ۽ بندوبست ڪندي آهي. ان سموري عمل جي نگراني چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزامنيشن) ڪندا آهن. انٽرويو لاءِ ڪميٽيءَ ۾ چيئرمين يا ڪميشن جو ڪو به ميمبر ۽ لاڳاپيل کاتي/اداري جو هڪ ماهر شامل هوندي آهي.
هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري سيد شفيع محمد شاهه، ڪنٽرولر هادي بخش ڪلهوڙو، ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز حسين جعفري، ڊپٽي ڪنٽرولر جمعا خان چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر خدا بخش سومرو آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هيڊ آفيس ٿڌي سڙڪ حيدرآباد تي واقع آهي، جڏهن ته ڪراچي ۽ سکر ۾ ريجنل آفيسون قائم ڪيل آهن.
هن وقت لاڙڪاڻي ۾ پڻ آفيس قائم ڪري عملو مقرر ڪيو ويو آهي. اميدوارن جي امتحان لاءِ سهولت خاطر حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ امتحان منعقد ڪيا ويندا آهن.
1937.04.01 عيسوي
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو شمار سنڌ جي اوائلي ادارن ۾ ٿئي ٿو، ان جو بنياد پهرين اپريل 1937ع تي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ پيو.
1947.08.01 عيسوي
پاڪستان ٺهڻ کان ٻه هفتا اڳ، پهرين آگسٽ 1947ع تي ان گڏيل ڪميشن کي ٽوڙي سنڌ لاءِ الڳ ’سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن‘ قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون چيئرمئن خانبهادر محمد دائم صديقي مقرر ٿيو،