سنڌ گزيٽيئر (هيوز): انگريزن 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو. چار سال پوءِ 1847ع ۾ ان جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري، بمبئي علائقي سان ملايو ويو. ان هوندي به هڪ طرف سنڌي ٻولي ۽ تعليم توڙي سنڌي پريس جي واڌاري لاءِ ڪم جاري رهيو ۽ ٻئي طرف انگريزي زبان ۾ سنڌ بابت مختلف حوالن سان ڪتابن جي ڇپائي ۽ تياري پڻ جاري رهي. صوبو نه هوندي به اڪثر ليکڪ پنهنجا ڪتاب لکندي، سنڌ کي صوبو لکندا هئا. انگريز عملدار اي.ڊبليو.هيوز (A.W Hughes) سنڌ جي پهرين گزيٽيئر تيار ڪئي.
هي گزيٽيئر Gazetteer of the Province of Sindh جي نالي سان لنڊن مان 1874ع ۾ شايع ٿي. صرف ٻن سالن جي اندر 1876ع ۾ لنڊن مان ان جو ٻيو پر سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپو نروار ٿيو. ڪتاب جي ابتدائي پنجن بابن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي. باب پهريون: سنڌ جو عام تعارف (مختلف عنوانن تحت)، باب ٻيو: سنڌ جي شروعاتي تاريخ، باب ٽيون: سنڌ انگريزن جي راڄ ۾، باب چوٿون: سول انتظاميه، باب پنجون: متفرقه. ان کانپوءِ هيوز صاحب سنڌ جي اهم ڳوٺن، شهرن، ماڳن، تعلقن ۽ ضلعن بابت ڪٿي ٿورو ته، ڪٿي وري تفصيل سان لکيو آهي. ان ريت هي ڪتاب برطانوي دؤر جي اڀياس لاءِ هڪ اهم ذريعو بنجي پيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي شهرن جي تاريخ لکڻ ۾ پڻ هي ڪتاب تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ڪي ضميما پڻ ڏنا ويا آهن. پهرئين ضميمي ۾ 28 ٽالپر شخصيتن جي لسٽ ڏني وئي آهي، جي انگريز حڪومت کان ڪيئي مراعات ۽ سهوليتون وٺندا هئا. ٻئي ضميمي ۾ ايراضي، آدم شماري، تعلقا، شهر، ڳوٺ، پوليس ۽ آمدني بابت انگ اکر ڏنا ويا آهن. انهن جو تعلق مختلف ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽ جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر جي ضلعن سان هو. ضميمي ٽئين ۾ 1874ع-1875ع لاءِ صوبي جي اپت جا انگ اکر ملن ٿا. چوٿين ضميمي جا چار حصا ڪيا ويا آهن. انهن ۾ ماڻهن جي جنس موجب تقسيم (انگ اکر)، جنس موجب ذاتيون، قبيلا ۽ مذهب بابت معلومات ملي ٿي. ان کانسواءِ ماڻهن جا ڌنڌا ۽ ڪاروبار يا صنعت ۽ حرفت بابت مواد ڏنو ويو آهي. ضميمي پنجين ۾ شايد انگريزن جي سهوليت لاءِ، سنڌي اکر/لفظ ۽ انهن جو متبادل انگريزي لفظ يا اکر ڏنو ويو آهي. هي ضميمو ڪافي دلچسپ آهي. ڇهين ضميمي ۾ مکيه مکيه شهرن ڏي اچ وڃ لاءِ 26 رستا/روڊ (Routes) ميلن جي حساب سان ڏنا ويا آهن. هن ضميمي کي اڃا به وڌيڪ يعني 26 روٽس يا رستن ۾ تقسيم ڪري، انهن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. بعد ۾ انڊيڪس پڻ ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ مختلف صفحن تي ڪل 13 عدد نقشا ۽ تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ان جا ٻه ايڊيشن نڪتا آهن. هڪ ايڊيشن انڊس پبليڪيشن ڪراچي 1996ع ۾ آندو آهي. هي ڇاپو سادو آهي، جڏهن ته ٻيو ايڊيشن سنگ ميل پبليڪيشن لاهور 2005ع ۾ ڇپرايو آهي. لاهور وارو ايڊيشن عمدي ڪاغذ تي ڇپرايو ويو آهي ۽ تصويرون يا نقشا آرٽ پيپر تي شايع ڪري گزيٽيئر ۾ وڌيڪ خوبصورتي پيدا ڪئي وئي آهي. لاهور جو هي ڇاپو رايل سائيز تي پڪي جلد سان، ٽوٽل 946 صفحن تي مشتمل آهي.
سنڌ گزيٽيئر (ايٽڪن): سنڌ متعلق پهرين گزيٽيئر اي.ڊبليو. هيوز صاحب، لنڊن مان 1874ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. ٻن سالن بعد هن گزيٽيئر جو سڌاريل ۽ وڌايل ايڊيشن لنڊن مان ئي 1876ع ۾ نڪتو. اوڻيهين صدي گذرندي ئي سنڌ متعلق هڪ نئين گزيٽيئر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. جڏهن سر ايوان جيمس (1891ع-1900ع) سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن سندس دلچسپيءَ سان نئين گزيٽيئر جو اصولي طرح سان فيصلو ٿي چڪو هو. مالي مشڪلاتن باوجود به آهستي آهستي ڪم کي جاري رکيو ويو. ڪم جاري رکندي مواد جي تلاش شروع ڪئي وئي. گهڻو مواد گڏ ٿي چڪو هو پر ان ۾ خاص سان سنڌ جي قديم آثارن بابت مناسب معلومات ملي چڪي هئي. 15 نومبر 1904ع تي آخرڪار مسٽر برينڊن (B.A Brendon) کي سنڌ گزيٽيئر جي تياريءَ جو ڪم ڏنو ويو. فيصلو هي ٿيو هـو تـه سـنـڌ جـي ڇـهـن ضلعـن
(ان وقت) لاءِ، الف (A)، ۽ بي (B) يعني ڌار ڌار ٻه گزيٽيئر تيار ڪيا ويندا. ان فيصلي تحت برينڊن صاحب حيدرآباد ضلعي تي ڪافي ڪم ڪري چڪو هو، پر اچانڪ برينڊن صاحب طبي بنيادن تي موڪل وٺي يورپ هليو ويو. بعد ۾ سرڪاري فيصلي موجب مسٽر ايٽڪن (E.H Aitken) کي ٻين ڪمن کان فارغ ڪري، سنڌ گزيٽيئر جي تياريءَ جو ڪم ڏنو ويو. هن صاحب ڪم جي پڙتال ڪري سرڪار کي رپورٽ ڏني ته: رٿيل منصوبو بي سود ۽ مهانگو پلئه پوندو. ان ڪري سنڌ گزيٽيئر جو حصو اول (A) سموري سنڌ لاءِ تيار ڪجي ۽ ان جي نوعيت مستقل هجي. البت حصو ٻيو (B) ضلعن جي الڳ الڳ گزيٽيئر تي مشتمل هجي. آخرڪار سنڌ سرڪار ايٽڪن جي فيصلي جي منظوري ڏني ۽ ائين سنڌ لاءِ هڪ نئين گزيٽيئرجي منظوري ڏني وئي. ايٽڪن صاحب جي هن گزيٽيئر ۾ ٽوٽل پندرهن باب آهن. باب پهريون: عام معلومات، باب ٻيون: پيداواري ذريعا، باب ٽيون: تاريخ، باب چوٿون: آدم شماري، باب پنجون: زراعت، باب ڇهون: آبپاشي نظام، باب ستون: اقتصادي حالتون، باب اٺون: واپار ۽ صنعت، باب نائون: روينيو، باب ڏهون: انصاف، باب يارهون: مڪاني حڪومتون، باب ٻارهون: تعليم، باب تيرهون: صحت، باب چوڏهون: انتظاميه ۽ باب پنڏرهون: تاريخي ماڳ. ان بعد ضميمو آهي جو رياست خيرپور بابت تيار ڪيو ويو. ياد رهي ته ان وقت خيرپور رياست انتظامي طرح سنڌ ۾ شامل نه هئي، ان ڪري ان جو ذڪر جداگانه ضميمي ۾ ڪيو ويو آهي. ايٽڪن صاحب جي سنڌ گزيٽيئر جا چوڏهن باب ڪافي تفصيلي آهن ۽ ان ذريعي سنڌ متعلق تمام سٺي ۽ نئين ڄاڻ ملي ٿي. البته پنڌرهون باب مختصر آهي ۽ ان لاءِ لکيو ويو آهي ته: ”جڏهن ضلعن جا جدا جدا گزيٽيئر تيار ٿيندا، تڏهن انهن ۾ تاريخي ماڳن ۽ تفريحي جاين بابت تفصيلي لکيو ويندو.“ مسٽر ايٽڪن گزيٽيئر جو پيش لفظ ڪراچي شهر ۾ 23 اپريل 1907ع تي لکيو. پيش لفظ ۾ صاحب جو موصوف ٻڌايو آهي ته سنڌ لاءِ هي نئين گزيٽيئر ڪهڙن مرحلن مان گذرندي تيار ٿي. ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ مصنف ڪيئي يورپي عملدارن جا نالا ڏيندي، انهن جو شڪريو ادا ڪيو آهي. البته ٻن ڏيهي اسڪالرن: راءِ بهادر ڪوڙومل ۽ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جن سنڌ بابت هن گزيٽيئر جي تياريءَ ۾ گورن عملدارن جي رهنمائي ڪئي. مهاڳ کان پوءِ مصنف الڳ صفحي تي مختصر ڀل نامو به ڏنو آهي. ان بعد فهرست ڏني وئي آهي. فهرست کان پوءِ ڪتب آندل مواد جي فهرست (ببليوگرافي) شامل ڪئي وئي آهي. ان بعد گزيٽيئر جو متن شروع ٿئي ٿو. رايل سائيز تي مشتمل هن گزيٽيئر ۾ ڪل 519 صفحا آهن. آخر ۾ ڏسڻي يا انڊيڪس به ڏني وئي آهي. ايٽڪن صاحب جي تيار ڪيل سنڌ گزيٽيئر (حصو پهريون طور) ڪراچي شهر مان 1907ع ۾ ڇپجي نروار ٿي. هن گزيٽيئر جي سنڌ جي اڀياس ۾ عام طرح سان ۽ خاص طرح سان نئين سنڌ (1843ع کان پوءِ) مطالعي ۾ وڏي اهميت آهي. مسٽر ايٽڪن جي گزيٽيئر ۾ ڪراچي شهر جو نقشو به شامل هو. پاڻ پيش لفظ ۾ جان مري (لنڊن) جو ٿورو مڃيندي لکي ٿو ته: ”مون ڪراچي شهر جو نقشو سندس (جان مري) ڪتاب ’هينڊ بُڪ فار انڊيا، برما اينڊ سيلون‘ تان کنيو آهي.“
ايٽڪن جي هي گزيٽيئر ٻيو ڀيرو انڊس پبليڪيشن ڪراچي پاران 1986ع ۾ شايع ٿي آهي. ليڪن ان ۾ ڪراچي شهر جو نقشو شامل ڪونهي. هن گزيٽيئر جو سنڌي ترجمو حسين بادشاهه ڪيو. هي ترجمو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2006ع ۾ ڇپيو آهي. حسين بادشاهه پنهنجو ماڳ ’ٻه اکر‘ عنوان سان لکيو آهي، جڏهن ته ايٽڪن جو پيش لفظ ڪڍي ڇڏيو آهي. هي ترجمو ڊيمي سائيز تي مشتمل 624 صفحن تي ڇپيو آهي. حوالا، حاشيا ۽ ببليوگرافي اصل ڪتاب جي صورت کان هٽي ڪري آخر ۾ ڏنا ويا آهن. مترجم انڊيڪس تي به توجهه نه ڏنو، جا اصل انگريزي ايڊيشن ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ هن گزيٽيئر جي مصنف جو مروجه نالو ’ايٽڪن‘ آهي، پر مترجم ان جو نالو ’ائٽيڪن‘ ڏنو آهي، جو مناسب نه ٿو لڳي. سنڌي ترجمو ڪندڙ جي آڏو گزيٽيئر جو 1986ع وارو ڇاپو موجود رهيو. ٻي صورت ۾ شايد ان ۾ شامل ڪراچي شهر جو نقشو به ڏنو وڃي ها.
سنڌ گزيٽيئر (ضلعي وار): ايٽڪن صاحب جي جوڙيل ’سنڌ گزيٽيئر‘ سال 1907ع ۾ شايع ٿي. گزيٽيئر ۾ ايٽڪن بابت ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته، سندس تيار ڪيل گزيٽيئر مستقل حيثيت رکندڙ هئي ۽ ان کي حصي پهرئين (الف يا اَي) طور نروار ڪيو ويو هو.جڏهن ته ايٽڪن پاڻ لکيو آهي ته، سنڌ ۾ موجود ضلعن جا جدا جدا گزيٽيئر ڇپيا ويندا ۽ اهي حصي ٻئي (ب يا بي) طور نروار ٿيندا. اڳتي هلي ضرورت آهر انهن کي سڌاري ۽ وڌائي به ڇاپيو ويندو. سنڌ ۾ 1907ع تائين ڇهه ضلعا هن ريت هئا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، اپر سنڌ فرنيٽئر (جيڪب آباد)، ٿر اينڊ پارڪر ۽ لاڙڪاڻو. جيسين هن گزيٽيئر جو ٻيو حصو ضلعي وار مرتب ٿئي، تيستائين هڪ وڌيڪ ضلعو نوابشاهه 1912ع ۾ وجود ۾ اچي ويو. سنڌ گزيٽيئر جي ضلعي وار يا ايٽڪن جي رٿا موجب،ڀاڱي ٻئي (ب يا بِي) جي تياريءَ جو ڪم جي.ڊبليو.سمٿ (J.W Smith) صاحب جي حوالي ڪيو ويو. سمٿ آءِ.سي.ايس عملدار هو. سمٿ ڇهن بجاءِ ستن ڌار ڌار حصن ۾ اهو ڪم مڪمل ڪيو، ڇو ته ان وقت تائين سنڌ ۾ ست ضلعا ٿي چڪا ها. جيتوڻيڪ سمٿ جي ڪم کي ’گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، ليڪن ان کي ضلعيوار جلد 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7 جي سلسلي سان جدا جدا مرتب ڪري شايع ڪيو ويو. جلد 1، ڪراچي ضلعو (1919ع)، جلد 2، حيدرآباد ضلعو (1920ع)، جلد 3، سکر ضلعو (1919ع)، جلد 4، لاڙڪاڻو ضلعو (1920ع)، جلد 5، نوابشاهه ضلعو (1919ع)، جلد 6، ٿر اينڊ پارڪر ضلعو (1919ع) ۽ جلد 7، اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعو جيڪب آباد (1919ع)، گورنمينٽ پريس بمبئيءَ مان شايع ٿيا. سڀني جلدن جو پلان يا رٿا اٽڪل ساڳي آهي. فهرست ڪجهه هن ريت آهي: ضلعي جو احوال، آدم شماري، زراعت، آبپاشي، اقتصادي حالت، واپار،صنعت ۽ رستا، آمدني، انصاف، ميونسپل نظام، تعليم، صحت، انتظاميه ۽ تاريخي ماڳ وغيره سڀني مکيه عنوانن کي وري ذيلي موضوعن ۾ تقسيم ڪري بيان ڪيو ويو آهي. ان بعد ٽيهه- ٻٽيهه فهرستون (Tables) ڏنيون ويون آهن، جن جو تعلق شامل مواد سان آهي ۽ انهن کي مختلف عنوانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ: ايراضي ۽ آدمشماري، بارش، گرمي پد، شهرن جي آدم شماري، مذهب ۽ تعليم، قبيلا ۽ ذاتيون، زمين ۽ پوکون، گهرو جانور ۽ زرعي سامان، پاڻيءَ جا ذريعا، آبپاشي، تقاوي قرضن جا انگ اکر، قيمتون، ڏڪار، ٻيلا، ڪورٽون (ڪرمنل ۽ سول) ۽ انهن جي ڪارڪردگي ملڪيتن جا انگ اکر، پوليس جي تقسيم (ضلعي اندر)، جيل، روينيو تفصيل، تعلقي وار اپت جا انگ اکر، زميني اپت، ايڪسائيز، روينيو ٽڪليون (اسٽيمپ)، آمدني ٽيڪس، ضلعي لوڪلبورڊ، هر هڪ لوڪلبورڊ جي آمدني ۽ خرچ، ميونسپل نظام، 1911ع جي آدم شماريءَ موجب تعليم ۽ پڙهيلن جو تناسب، اسپتالون ۽ ڊسپينسريون، جهنگلي جيوت (نانگ، بلا) سبب جانورن ۽ انسانن جو نقصان. هي انگ اکر هيوز ۽ ايٽڪن جي گزيٽيئرن جي وچ جا ۽ پڻ ڪٿي ڪٿي پوءِ جا ڏنا ويا آهن. هر گزيٽيئر جي آخر ۾ ڏسڻي (انڊيڪس) ۽ پوءِ ضلعي جو نقشو به ڏنو ويو آهي. تازي دؤر ۾ سمٿ صاحب جي گزيٽيئر جا چار حصا: ڪراچي ضلعو، ٿرپارڪر ضلعو، لاڙڪاڻو ضلعو ۽ حيدرآباد ضلعو، سن 2003ع ۾ انڊس پبلشرز ڪراچي ٻيهر شايع ڪيا آهن. هي بلڪل سادو ايڊيشن آهي، جڏهن ته ساڳيو گزيٽيئر سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور پڻ 2005ع ۾ ڇپيو آهي. ست ئي جُلد جدا جدا تمام سهڻي طريقي سان پڪي جلد ۽ اُچي ڪاغذ تي شايع ڪيا ويا آهن.
سنڌ گزيٽيئر (سورلي): هيوز ۽ ايٽڪن کانپوءِ سنڌ بابت هي ٽين گزيٽيئر آهي. ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي سنڌ ۾ عملدار رهيو. پاڻ I.C.S آفيسر هو. سنڌ جي حيدرآباد، سکر، نواب شاهه، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪمشنر رهيو. قيام پاڪستان کان پوءِ به پاڻ هتي ملازمت ڪندو رهيو. سال 1950ع-1952ع واري دؤر ۾ حڪومت پاڪستان جي مرڪزي روينيو بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. سورلي گزيٽيئر کان اڳ ’شاهه عبداللطيف آف ڀٽ‘ جهڙو شاندار ڪتاب لکيو هو. هن ڪتاب تي پاڻ وڏي محنت ڪيائين. اڄ تائين ڀٽائي صاحب تي انگريزي زبان ۾ اهڙو شاندار ڪتاب وري نه ڇپيو آهي. هي ڪتاب 1940ع ۾ آڪسفورڊ پريس لنڊن ڇپرايو هو. ان پسمنظر ۾ جڏهن قيام پاڪستان کان پوءِ حڪومت سنڌ هڪ نئين گزيٽيئر لاءِ سوچيو، تڏهن لاشڪ ته ان ڪم لاءِ ڊاڪٽر سورلي کان وڌيڪ ڪو به ٻيو معتبر انگريز اسڪالر ان وقت موجود نه هو. سنڌ تي هڪ نئين گزيٽيئر جو خيال ان دؤر جي روينيو وزير پير علي محمد راشدي صاحب جو هو.ان صاحب هي ڪم ڊاڪٽر سورلي جي حوالي ڪيو.ايٽڪن 1907ع ۾ گزيٽيئر شايع ڪيو. ان بعد اٽڪل روءِ اڌ صدي گذري چڪي هئي. سورلي صاحب جي گزيٽيئر وڌيڪ رٿابنديءَ سان تيار ڪيل، جامع، مڪمل ۽ سائنسي انداز سان تيار ڪئي وئي. گمان آهي ته هي ڪم 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام تائين مڪمل ٿي چڪو هو ۽ سورلي پڻ ايوب خان جي مارشل لا وقت (1958ع)، پاڪستان ڇڏي وڃي، روڊيشيا (ڏکڻ آفريڪا) ۾ رهائش اختيار ڪئي، پر پوءِ به هو پنهنجي ڪم تي نظر ٿاني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر سورلي سالسبري (روڊيشيا) ۾ هو جو ’سنڌ گزيٽيئر‘ تي آخري نظرثاني ڪيائين. نظرثانيءَ جو آغاز 27 آڪٽوبر 1957ع تي ڪيائين ۽ خاتمو 03 ڊسمبر 1959ع تي ڪيائين. پنهنجي مهاڳ ۾ گزيٽيئر جي تياريءَ بابت هن تفصيل سان لکيو آهي. ون يونٽ ٺهي چڪو هو، جو سورلي ٻيهر سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن ڏٺو ته ڪيئن حڪومت سنڌ جا اهم فائيل لاهور کنيو پي ويا، انهن مان ڪي ماڳ تي پهتا، ڪي رستي ۾ رُلي ويا ۽ ڪي وري ڪراچيءَ ۾ ئي ضايع ٿي ويا. هن صورتحال ۾ ڊاڪٽر سورلي بيحد ڏکارو ٿيو. ڊاڪٽر سورلي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي اچانڪ وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جو هن علمي ڪم ۾ سندس مددگار هو. پاڻ لکي ٿو ته: ”مرزا قليچ بيگ کان پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جو لاثاني اسڪالر هو. ان بعد سنڌي ادبي بورڊ ذريعي پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ڊاڪٽر سورلي جي علمي مدد ڪئي. شروع ۾ شڪر ادائي، تصويرن جي لسٽ ۽ ببليوگرافي ڏني وئي آهي. ان بعد فهرست ڏني وئي آهي. گزيٽيئر جا ٽي حصا ڪيا ويا آهن. حصو پهريون ’ملڪ‘ جنهن کي وڌيڪ پنجن بابن: جاگرافي، جيالاجي، حيوانات، نباتات ۽ قديم آثار ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. ٻيو حصو ’عوام‘ جي عنوان سان رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ پنج باب: تاريخ، آدم شماري، قومون ۽ قبيلا، ڪلچر ۽ دلچسپ ماڳ، عنوانن سان آهن. حصو ٽيون ’انتظاميه‘ جي موضوع تي آهي، جنهن ۾ نَوَ باب آهن: لينڊ روينيو، زراعت، آبپاشي، اقتصاديات، مقامي حڪومتون، تعليم، پوليس، امن امان، انصاف، جيل ۽ پبلڪ هيلٿ وغيره، پناهگيرن جي بحالي، ترقيات ۽ سماجي ڀلائي، آئين ۽ انتظاميه. آخر ۾ ڏهه ضميما پڻ ڏنا ويا آهن، جن ۾ سنڌ جي ڪمشنرن، گورنرن ۽ رياست خيرپور جي حاڪمن جي لسٽ به ڏني وئي آهي. گورنرن واري لسٽ ۾ سر غلام حسين هدايت الله تائين (1947ع) نالا ڏنا آهن. بلڪل آخر ۾ مختصر مگر ڪارائتي ڏسڻي (Index) به شامل ڪئي وئي آهي.
غور سان ڏسبو ته هر هڪ باب کي وڌيڪ ذيلي عنوانن ۾ تقسيم ڪري اڀياس هيٺ آندو ويو آهي. هر موضوع تي تفصيل سان لکندي ڪافي نئين ڄاڻ ڏني وئي آهي. گزيٽيئر ۾ تصويرن جو به چڱو تعداد شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪي رنگين تصويرون به شامل آهن. جيئن مٿي لکيو ويو هي ڪم ون يونٽ (1955ع) جي ٺهڻ کان اڳ مڪمل ٿي چڪو هو، پر پاڪستان ۾ ان وقت جي غير يقيني سياسي حالتن ۽ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿيڻ جي ڪري ان جي اشاعت (ڇپائي) ۾ دير ٿي. گهڻي دير ٿيڻ جي ڪري آخرڪار ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي حڪومت پاڪستان کي خط لکي ڌيان ڇڪرايو. نيٺ ون يونٽ سرڪار يا اولهه پاڪستان حڪومت هي گزيٽيئر 1968ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. پبلشر نوٽ سيد جميل حيدر شاهه، سيڪريٽري بورڊ آف روينيو، اولهه پاڪستان، آگسٽ 1968ع تي لاهور ۾ لکيو.
اصل ۾ هي ڪتاب سنڌ گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، پر نئين صورت حال ۾ ان کي ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس جو نالو ڏنو ويو. بدليل حالتن ۾ سورلي صاحب جي ’سنڌ گزيٽيئر‘ جو نالو تبديل ڪيو ويو. متن ۾ هر صفحي (فوليو) تي نالو هن ريت ڏنو ويو: West Pakistan Gazetteer, Sindh Region. جڏهن ته ٽائيٽل پيج تي گزيٽيئر جو نالو هن طرح شايع ٿيو هو:
The Gazetteer of West Pakistan: The Former Province of Sindh (Including Khairpur State). سنڌ جي ناليواري محقق ۽ ڏاهي ايم.ايڇ. پنهور لکيو آهي ته: اشاعت وقت هن گزيٽيئر مان ڪي اهم شيون ڪڍيون ويون ۽ ان کي مڪمل طرح سان ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڇپيو ويو (سورس مٽيريل آن سنڌ، ص 457، سنڌالاجي 1977ع). هن گزيٽيئر جو مختصر اردو ترجمو ’سنڌ نگر‘ جي نالي سان، نساءِ ٽريڊرس ڪوئيٽا 1989ع ۾ ڇپيو آهي. هي ترجمو پروفيسر ايم.انور رومان ڪيو آهي. حڪومت سنڌ کي گهرجي ته سورلي صاحب جي گزيٽيئر جي مالڪي ڪري. ان کي نئين طرح سان ايڊٽ ڪري ڇپرائجي ۽ جتي به ون يونٽ سرڪار ’سابق سنڌ‘ لفظ ڪتب آندو آهي. ان کي ’سنڌ‘ عنوان تحت درست ڪجي.