سمن سُلطانن جو سلسلو

سمن سُلطانن جو سلسلو

1508ع ڄام نظام الدين جي دور ۾ سنڌ جا دنگ ۽ سندس موثر هلندي پڄنديءَ هيٺ علائقا

1508ع ڄام نظام الدين جي دور ۾ سنڌ جا دنگ ۽ سندس موثر هلندي پڄنديءَ هيٺ علائقا

سنڌ ۾ سمن جو دؤر

سنڌ ۾ سمن جو دؤر:
سمن جو حڪومتي دور سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت وارو دور ليکيو وڃي ٿو. سما گهراڻي 1351ع کان 1520ع تائين جملي 169 سال، سنڌ تي حڪومت ڪئي. سما اصل ۾ قديم ۽ وسيع سنڌي علائقي ڪڇ جا رهاڪو مسلم راجپوت (سماٽ) هئا. حڪومتي مسند تي ويهڻ کانپوءِ هنن ’ڄام‘ لقب اختيار ڪيو. سندن دور حڪومت ۾ مجموعي طور 15 (پندرهن) تاجدارن حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جو حاڪم ڄام نظام الدين سمو (عرف ڄام نندو) پنھنجي قابليت، غريب پروريءَ، نيڪو ڪار هئڻ سان گڏ دور انديش حاڪم هئڻ جي صورت ۾ ڪافي مقبول ۽ مشھور رهيو. تاريخي تذڪرن ۾ کيس امن پسند ۽ وطن دوست حاڪم طور ليکيو ويو آهي.
ابتدائي سما ڄامن دهلي سلطنت جي نيم غلاميءَ کي قبول ڪيو هو، پر بعد ۾ اُهي مڪمل آزاد حڪمران بنجي ويا.
مجموعي طور هي دور سنڌ اندر سماجي، معاشي، سياسي، تعليمي ۽ ادبي لحاظ کان بھترين ۽ سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ اندر ڪيترا زرعي سڌارا توڙي تعليمي سڌارا آندا ويا. هن دور ۾ سنڌ جون سرحدون بہ ڪافي حد تائين محفوظ رهيون. هن دور جي خاص ڳالھہ هيءَ بہ هئي تہ سومرن جي حڪومتي دور ۾ سومرا قبيلي جا حاڪم سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ڪري، مختلف علائقن جا ’راڄ ڌڻي‘ ٿي حڪومت ڪندا پئي آيا، پر سما گهراڻي سنڌ ملڪ ۾ ’مرڪزي حڪومت‘ جو سرشتو بحال ڪيو ۽ سنڌ کي پرڳڻن ۾ ورهائي، انهن تي گورنر مقرر ڪيا ۽ اڳئين دور کان حڪومتي سرشتي جون حدون پڻ وڌايون.
هن دور ۾ علم ادب جي پڻ وڏي ترقي ٿي، عالمن، مشائخن، اديبن، علم جي ڄاڻن، شاعرن، تاريخ نويسن، مدرسن ۽ استادن جي خوب سرپرستي ڪئي وئي، مدرسن ۾ ديني توڙي دنياوي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون. نصابي ڪتاب لکرائي تيار ڪرڻ جو رواج عمل ۾ آندو ويو.
مجموعي طور سمن حاڪمن جو دور، سنڌ جو سونهري دور آهي. هن دور ۾ اقتصادي لحاظ کان توڙي علمي ۽ انتظامي لحاظ کان سنڌ ملڪ جو خاص نظام ترتيب ڏنل ملي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هن دور ۾ سومرن جي پوئين دور جا رومانوي داستان، لوڪ ڏاهپ جا قصا ۽ داستان مشھور ٿيا.
سما حڪمرانن جو دور:
هن گهراڻي جي 19 (اوڻيهن) حڪمرانن سنڌ تي بادشاهت ڪئي، جن مان هر هڪ حڪمران جو دور وار الڳ الڳ تذڪرو ڪجي ٿو. هتي هيءَ بہ وضاحت ڪجي ٿي تہ سمن ڄامن تي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد چوٿين ۾ مفصل مواد آيل آهي، ان ڪري هتي ’سمن جي سلطنت‘ (ليکڪ: غلام محمد لاکو) ڪتاب تان مختصر مواد پيش ڪجي ٿو:
(1) فيروزالدين شاھہ، ڄام انڙ (اول) (1353ع-1351ع): هي سمن جي گهراڻي جو پهريون تاجدار هو، جنهن سيوهڻ تي چڙهائي ڪري سومرن جي مقرر ڪيل گورنر ’ملڪ رتن‘ کي زير ڪيو ۽ 1351ع ڌاري سما سلطنت جو بنياد وڌو.
(2) ڄام صدرالدين بابينو ۽ ڄام جوڻو اول (1368ع- 1353ع): ڄام صدرالدين/ ڄام بابينو، ڄام انڙ جو پٽ هو ۽ ڄام انڙ جي وفات کانپوءِ تخت نشين ٿيو هو. هن ڄام انڙ جي حڪومت جي هٿ هيٺ علائقن کان سواءِ بکر سميت ٻين علائقن کي بہ پنھنجي حڪومت ۾ آندو. هي بنيادي طور بھادر ۽ قومي غيرتمند حاڪم هو. هي پنھنجي چاچي علاؤالدين ڄام جوڻي اول سان حڪمرانيءَ ۾ ڀائيوار هو. سندن حڪومت 1368ع تائين هلي. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
(3) رڪن الـديـن شـاھہ ڄام تماچي پٽ انـڙ ۽ خيرالدين ڄام توڳاچي (1370ع-1368ع): ان کانپوءِ ڄام تماچي پٽ ڄام انڙ تخت نشين ٿيو. هيءُ ڄام بابيني جو ڀاءُ هو، 1367ع ڌاري سلطنت جي واڳ سندس هٿ ۾ آئي، هن جي وقت ۾ سلطان علاؤالدين سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي. ان دوران هي اهل عيال سميت قيد ٿي 1371ع ۾ دهليءَ نيو ويو. هي ٻئي حاڪم پاڻ ۾ سؤٽ هئا.
ڄام علاؤالدين جوڻو (1388ع-1370ع): هن بنا ڪنهن اشتراڪ جي دهلي سلطنت جو ڏن ڀرو ٿي ارڙهن (18) سال حڪومت ڪئي. هن پهريون ڀيرو فارسي زبان کي سنڌ جي درٻار ۾ تعليم ۽ تدريس جي ٻوليءَ طور اختيار ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي. 1388ع ۾ جيئن ئي فيروز تغلق جو موت ٿيو تہ سنڌ جا جلاوطن شھزادا ڄام بابينو، ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين دهليءَ مان آزاد ٿي واپس سنڌ پهتا. ڄام بابينو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن تہ ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچيءَ جي سنڌ ۾ ڀرپور آجيان ٿي. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام تماچي ٻيو ڀيرو (1392ع-1388ع): ڄام تماچيءَ جي نظر بنديءَ دوران شيخ حماد جماليءَ عوام جي ترجماني ڪندي، ڄام جوڻي جي خلاف ۽ ڄام تماچيءَ جي تعريف ۾ هيٺيون دوهو سرجيو هو:
جـوڻـو مـت اوڻـو، آءُ تمـاچــي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو راءُ.
ڄام تماچي 1388ع ۾ دهلي سلطنت جي بند مان آزاد ٿي سنڌ پهتو ۽ اميرن جي يڪراءِ رضامنديءَ سان بادشاهي تخت تي ويٺو. ڄام تماچيءَ کي ڪن محققن عادل ۽ عاشق مزاج بادشاھہ لکيو آهي تہ ڪن محققن کيس آرام طلب ۽ عيش پسند ڄاڻايو آهي. نوري مهاڻيءَ سان پڻ هن سمي ڄام جو عشق ٿيو هو، جيڪو اڄ جڳ مشھور عشقيہ داستان طور مشھور آهي. هن لوڪ قصي کي شاھہ لطيف ۽ ٻين شاعرن پنھنجي ڪلام جو موضوع بنايو آهي. ڄام تماچيءَ مجموعي طرح چار سال حڪومت ڪئي. هن کانپوءِ سندس پٽ صلاح الدين حڪومت سنڀالي، هيءُ مڪليءَ جي قبرستان ۾ ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڀر ۾ واقع هڪ ڇٽيءَ ۾ آرامي آهي. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام صلاح الدين (اول) ڄام انڙ ثاني (1404ع- 1392ع): هيءُ ڄام تماچيءَ جو فرزند هو. هن پيءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ ٻارهن سال تخت نشين رهيو. هن پنھنجي حڪومت کي ڪڇ تائين ڦهلايو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام نظام الدين (اول) (1406ع- 1404ع): هيءُ ڄام صلاح الدين جو فرزند هو. سندس تخت نشينيءَ کان اڳ ۾ سندس چاچا قيد هئا، حڪومت تي ويهڻ شرط انهن کي آزاد ڪيائين. هن جي وقت ۾ ملڪ کي اندروني توڙي ٻاهرين طرفن کان ڪوبه خطرو نہ هو. ان وقت سندس ملڪي معاملن جو وهنوار منشي هلائيندا هئا. سندس ئي چاچن سندس قتل جو منصوبو جوڙيو، جنهن جو کيس بر وقت اطلاع مليو. اهڙو اطلاع ٻڌي گجرات ڏانهن نڪري ويو ۽ رستي ۾ وفات ڪيائين. ان سان گاديءَ جي هنڌ ٺٽي ۾ بدامني پکڙي، پر اميرن يڪراءِ ٿي ڄام علي شير کي حڪومت جون واڳون سونپيون. مؤرخن موجب سندس چاچن، ڄام نظام الدين اول جو گجرات طرف پيڇو پئي ڪيو تہ پويان اميرن ڄام علي شير کي حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام علي شير (1412ع - 1406): هيءُ نهايت مدبر، داناءُ ۽ دلير حاڪم هو، خلق سان نياءَ سان پيش ايندو هو. سندس زماني ۾ امن قائم رهيو، کيس باغين اوچتو حملو ڪري شھيد ڪيو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام ڪرن (1413ع): هيءُ ڄام خيرالدين جو پٽ هو، ڀائرن جي اتفاق سان تخت نشين ٿيو، هن جا ٺٽي جي مکيہ اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف هئا، جن کي دعوت ڏئي گهرائي مارائڻ جو منصوبو جوڙيائين. جنهن جي بر وقت خبر درٻارين کي پئجي وئي. هيءُ کاڌو کائڻ بعد جيئن ئي غسل خاني طرف ويو تہ مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيائون. هيءُ فقط ڏيڍ ڏينهن حڪومت جي مسند تي ويٺو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام صدرالدين سڪندر (اول) (1413ع): ڄام ڪرن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ ڄام صدرالدين سڪندر اول تخت نشين ٿيو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام فتح خان (1428ع-1413ع): ڄام فتح خان پندرهن (15) سال تخت نشين رهيو. صدرالدين ڄام سڪندر اول جو فرزند هو. جملي مؤرخن سندس دور جي ڪافي تعريف ڪئي آهي. هن جي ڌيءَ ڄام زاديءَ جو رشتو مخدوم جھانيان جي پوٽي قطب عالم (1454- 1388ع) سان ٿيو. اهو مٽي مائٽيءَ جو سلسلو پوءِ سمن ڄامن ۽ گجرات جي حاڪمن جي وچ ۾ ڪيتري عرصي تائين هليو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام تغلق (1453ع- 1428ع): هيءُ ڄام فتح خان جو ڀاءُ ۽ ڄام صدرالدين سڪندر اول جو فرزند هو. ڄام فتح خان جي وفات کان اڳ ۾ ڄام صدرالدين کيس پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو هو. هن پهريون ڀيرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿاڻا مقرر ڪيا. سندس دور ۾ ڪلان ڪوٽ جي اڏاوت ٿي. هي ڪوٽ مڪليءَ جي ڀرسان موجود آهي. هن گجرات جي حاڪمن سان مٽيون مائٽيون برقرار رکيون، سلطان محمود بيگڙو پڻ سندس ڌيءَ بيبي مغليءَ جو پٽ هو، جيڪو گجرات جو حاڪم ٿيو. ڄام تغلق طبعي موت مئو. کيس گجرات ۾ دفن ڪيو ويو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام مبارڪ: ڄام مبارڪ ڄام تغلق جو وزير هو ۽ فقط ٽي ڏينهن مسند نشين رهيو، جنهن کانپوءِ کيس معزول ڪري، ڄام سڪندر کي تخت نشين ڪيو ويو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام سڪندر شاھہ (ثاني: 1454ع- 1453ع): هن ڏيڍ سال حڪومت ڪئي، کيس ڄام محمد عرف ڄام انڙ جي نالي سان بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن عالمن جي سرپرستي ڪئي. مولانا علاؤالدين نالي عالم کان ’شمع في الميزان‘ جي آسان شرح ’الزبده‘ تيار ڪرايائين. هي ڪتاب پوءِ سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
صدرالدين شاھہ (ثاني) ڄام سنجر (1461ع- 1454ع): هيءُ ڄام ’راءِ ڏني‘ جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو، سيرت ۽ صورت ۾ نيڪ ۽ حسين هو. ڪڇ ۾ رهندو هو. هن قاضين جون پگهارون وڌايون، ڪڇ ۽ گجرات سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪيا. ملڪي دفاع خاطر ڪڇ ۽ جوڌپور وارين سرحدن تي چؤنڪيون قائم ڪيون. سرحدن تي سمن ۽ سومرن کي آباد ڪيائين. هن سمي حاڪم جي موت لاءِ ٻہ رايا آهن، هڪ تہ کيس زهر ڏنو ويو ۽ ٻيو تہ طبعي طور وفات ڪيائين. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام نظام الدين (نندو) (1509ع – 1461ع): ڄام نظام الدين سمو، سمن جي سلطنت جو عظيم، نيڪ نام ۽ وڏو محب وطن بادشاھہ ڄاتو وڃي ٿو. هن جي دور ۾ سنڌ ملڪ ۾ عدل، انصاف، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو ناماچار هو. هيءُ ڄام سنجر جو پوٽو هو. سندس وقت ۾ سنڌ جي سرحدي ملڪن ۾ پڻ صلح ۽ سانت وارا حاڪم موجود هئا. سندس دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو ڪيو، پر ناڪام ٿيو. ڄام نظام الدين سمي، دولھہ دريا خان کي پٽيلو ڪري پاليو ۽ اڳتي هلي کيس سپھہ سالاري ۽ وزير اعظم جو عهدو سونپيائين. دولھہ دريا خان اڳتي هلي وطن سنڌ جي حفاظت ڪندي شھيد ٿيو. ڄام نظام الدين خاص طور عالمن، اديب خانقاهن ۽ مدرسن جي وڏي سرپرستي ڪئي، پاڻ بہ عالم، زاهد، عبادتگذار ۽ انصاف پسند حاڪم هو. ملڪي سرحدن کي محفوظ ڪيائين. هي ايڏو تہ غريب پرور هو، جو پنھنجي نياڻي هڪ فقير کي پرڻائي ڏنائين. سندس آخري وقت ۾ ارغونن سنڌ تي حملا ڪيا، پر دولھہ دريا خان سمورن حملن کي ناڪام بنايو. ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ جڏهن سندس نااهل پٽ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو تہ سما سلطنت جو زوال شروع ٿيو ۽ سنڌ ڌارين جي تسلط ۾ اچي وئي. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام فيروز (1512ع-1508ع): ننڍيءَ عمر ۾ والد جي وفات کانپوءِ ڄام فيروز کي تخت تي ويهاريو ويو. والد جي وفات وقت سندس عمر ننڍي هئڻ ڪري حڪومت جون واڳون دولھہ دريا خان جي هٿ ۾ رهيون، جيڪو سندس والد ڄام نندي جو پٽيلو ۽ اعتماد وارو وطن دوست سپھہ سالار هو. ان ئي ڄام فيروزالدين جي تخت نشينيءَ جو درٻارين کان فيصلو وٺرايو هو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام صلاح الدين (1512ع): هن گجراتي لشڪر جي مدد سان ڄام فيروز کان حڪومت حاصل ڪئي. تخت نشين ٿيڻ سان ئي ڄام فيروز جي ماڻهن تي جرمانه وڌائين. ڪڇ ۽ گجرات سان سٺا ناتا قائم ڪيائين، هن کان بہ ڪي غلطيون سر زرد ٿيون، خاص طور اقربا پروريءَ طرف مائل ٿي ويو. هن فقط 8 مهينا حڪومت ڪئي. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو: 1520- 1512ع): ڄام فيروز، دولھہ دريا خان جي مدد سان ٻيو ڀيرو سنڌ جو سلطان بنيو، پر اٺن سالن جي حڪومتي دور ۾ هي پاڻ ۾ ڪو سڌارو نہ آڻي سگهيو. ان ڪري ملڪ سنڌ جون حالتون خراب ٿينديون ويون. ارغونن موقعي جو فائدو وٺي نہ رڳو ڄام فيروز جي درٻار ۾ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي، پر ملڪ تي بہ ڀرپور حملو ڪيو. ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو، دولھہ دريا خان، باوجود ڄام فيروز جي ساڻس محسن ڪشيءَ ۽ کيس معزول ڪرڻ جي، هڪ محب وطن طور، 22 ڊسمبر 1520ع تي ارغونن سان ٺٽي جي چانئٺ تي جنگ ڪندي شھيد ٿي ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ ملڪ ۾ سمن جو راڄ پورو ٿيو ۽ سنڌ تي ارغونن جي حڪومت قائم ٿي. (وڌيڪ تفصيل ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
سمن جي دور جي انتظام ڪاري:
سمن جي حڪومتي دور ۾ اڪثر حڪمرانن مضبوط ۽ منظم حڪمرانيءَ وارو سرشتو قائم ڪيو ۽ سومرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم حڪومت هلائي. عدل ۽ انصاف لاءِ ڪورٽون، ٿاڻا ۽ سرحدي نگهبانيءَ لاءِ چؤنڪيون قائم ڪيون ويون، ڪنهن بہ وقت اندروني بغاوت يا ٻاهرئين حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو لشڪر ۽ منظم سپاھہ مقرر ڪيو ويو. حڪومتي سرشتي ۾ عام ماڻهن جي عدل انصاف تائين رسائيءَ جو جوڳو بندوبست هوندو هو. اقتصادي، معاشي توڙي سماجي ترقيءَ لاءِ بيروني واپار کي ترقي وٺائي وئي ۽ بندرگاھہ مضبوط ۽ سامونڊي ٻيڙن جي گهڻائي وغيرہ هن جي دور جي بھترين انتظام ڪاريءَ جو ثبوت ڏين ٿا.
ملڪي صورتحال ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا/ سرحدون: سمن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ملڪ اندر سواءِ چند حاڪمن جي دور جي، باقي عرصو امن امان، معاشي استحڪام، سک ۽ سانت واريون حالتون رهيون. سومرن جي وقت ۾ سنڌو درياھہ جي رخ بدلائڻ جي ڪري پيدا ٿيل اقتصادي ابتريءَ، سمن جي ابتدائي زماني ۾ پنهنجا اثر ڏيکاريا. ڄام تماچيءَ جي فيروز تغلق سان ڪيل ٺاھہ جي ڪري، سنڌ وڏي ڏن ڏيڻ سان معاشي ڀونچال جي ور چڙهي وئي. حقيقي معنى ۾ جڏهن دهلي سلطنت ڪمزور ٿي، تڏهن سنڌ جي ماڻهن سک جو ساھہ کنيو. ان بعد سمن حاڪمن، سياسي بصيرت ۽ ملڪي محبت جي جذبي هيٺ ملڪ جي ترقي ۽ عام ڀلائيءَ لاءِ جيڪي بہ قدم کنيا، تن سنڌ کي ’اڀرندڙ تھذيب جو گهوارو‘ بنائي ڇڏيو. انهن قدمن ۾ صحت، ڌنڌن، آبپاشي، زرعي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پيش رفت شامل هئي. سنڌ ملڪ جي عام ماڻهن جو واهپو زراعت سان هو، هن دور ۾ ننڍي وڏي شھر ۾ ڪپڙي جون ننڍيون صنعتون ۽ آڏاڻا موجود هئا. جنڊي، ڪاشي، اجرڪ سازي، کٿن کيسن ٺاهڻ جا هنر بہ عام هئا. هن دور ۾ درياهي صنعت بہ اوج ماڻيو. اناج، نير، ڪپھہ، ميوا وغيرہ گهڻا پيدا ٿيندا هئا، جيڪي ڏيساور ڏانهن واپاري وڙ طور موڪليا ويندا هئا. سنڌو درياھہ خاص طور واپاري مال جي رسدگاھہ جو ڪم ڏيندو آيو. مال پالڻ ماڻهن جو عام ڌنڌو هو، چوپائي مال- مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين وغيرہ جي کير مان گيھہ ۽ مکڻ سان مختلف مصنوعات ٺاهي واپرائڻ سان گڏ تحفا ڪري موڪليون وينديون هيون. ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ فوج قائم هئي. بادشاھہ رعيت ۽ سپاھہ جو وڏو خيال رکندا هئا. مسڪينن ۽ لاچارن جي سار سنڀال سرڪار طرفان لڌي ويندي هئي. هر طرف صلح، سانت، عدل، انصاف ۽ علم پروري توڙي خوشحاليءَ جو چرچو هو. اهڙي تصديق ابن بطوطه، مير معصوم شاھہ بکري، مير طاهر محمد نسياني، ميرڪ يوسف، فريد بکري، مير علي شير قانع ٺٽوي، مئڪمراڊو، چيتن ماڙيوالا جھڙا مؤرخ ۽ سياح بہ ڪن ٿا. ترقي ۽ معاشي استحڪام هئڻ سبب ئي سمن ڪيترائي نوان شھر ٻڌرايا. هن دور ۾ درياھہ، سمنڊ توڙي زميني رستن سان وچ ايشيا، ايران، عربستان، گجرات وغيرہ سان وڏي پئماني تي واپاري مال جي آمد رفت ٿيندي رهي.
آبپاشي نظام جي حوالي سان نواب دولھہ دريا خان ٺٽي ۾ ’خانواھہ‘ ۽ سيوهڻ ۾ ’سدا واھہ‘ کوٽايا. درياهي نارن کي ڪيترن هنڌن تان بند ڏياري، پاڻيءَ کي زرعي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون. ان جي باوجود زمين جي پوکيءَ لاءِ هن دور ۾ نار ۽ هرلا چاڙهي کوهن جي پاڻيءَ تي آبادي ڪئي ويندي هئي. اناج جي پوک خاص ڪري گهڻي مقدار ۾ لهندي هئي. ميرڪ يوسف جي لکت موجب: ”ان وقت پوکيءَ تي ڏهون حصو ڍل وصول ڪئي ويندي هئي، ڪيتري بہ پيدائش ٿيندي هئي تہ ان جا نو (9) حصا رعيت ۽ هڪ حصو سرڪار کڻندي هئي.“ مطلب تہ ملڪي صورتحال، امن امان ۽ معاشي توڙي سياسي استحڪام واري هئڻ سبب سمن جو دور حڪومت ’سنڌ جو سونهري دور‘ هو. هن دور ۾ ساموئيءَ سميت ٺٽو گهڻو وقت سنڌ جو مرڪزي شھر رهيو. سمن جي حڪومت جا پاڙيسري ملڪن، خاص ڪري گجرات جي راجائن سان گهريلو ۽ بهتر تعلقات هئا. سلطنت دهليءَ کي فيروز تغلق جي وفات تائين خراج ادا ڪيو ويندو هو، جنهنڪري ڪنهن حملي جي نوبت گهڻي شدت اختيار نہ ڪئي. ڪن وقتن تي ٿيل حملن کي بہ سمن حاڪمن برجستگيءَ سان منهن پئي ڏنو.
ملڪي حدون: سومرن جي وقت ۾ سومرن جي حاڪميت وچولي ۽ لاڙ تائين قائم هئي، خاص طور سندن حڪمراني لاهري بندر کان سيوهڻ تائين رهي. ڄام فيروزالدين سمي سڀ کان پهريائين سيوهڻ تي فتح حاصل ڪري حڪومت جو بنياد وڌو هو. اڳتي هلي ڪجهه ئي وقت ۾ بکر ۽ نصرپور سميت لاڙ کي بہ شامل ڪيائين. اڳتي جڏهن تغلقن ۽ سمن ۾ ٺاھہ ٿيو تہ ڏيهي طاقت جو اثر موجودہ سنڌ جي سرحدي حدن تائين مضبوطيءَ سان پکڙيو. پندرهين صدي عيسويءَ تائين ٿر واري حصي تي سومرن جي مقامي شاخ حاڪميت ڪندي آئي هئي، جن جي حڪومت جو مرڪزي شھر عمر ڪوٽ هو. بعد ۾ ٿر تي سوڍن پنهنجو اثر مضبوط ڪيو، جيڪي سمن جي ماتحت هئا. خاص طور ڄام نندي جي حڪومت ۾ سنڌ جي ملڪي سرحدن ۾ وسعت آئي ۽ موجودہ سنڌ سميت ٿر، اُچ، سبي، لس ٻيلو سنڌ ۾ شامل رهيا ۽ سمن جي حاڪمن جي هتي مضبوط حڪومت قائم رهي.
حڪومتي سرشتو: سمن جي حڪومت جو پهريون گاديءَ جو هنڌ ’ساموئي‘ شھر هو ۽ ان کانپوءِ ٺٽو، هن گهراڻي جي حاڪمن جي حڪومت جو مرڪزي شھر بنيو ۽ آخر تائين مکيہ شھر رهيو. سمن ڄامن جي انتظامي ۽ حڪومتي سرشتي جي خيال کان سنڌ ملڪ کي مختلف پرڳڻن ۾ ورهايو ويو ۽ انهن تي تخت نشين بادشاھہ جي اثر هيٺ حڪمران ۽ اعلى عملدار مقرر ڪيا ويا. شاهي خاندان کان سواءِ ٻين بہ مکيہ خاندانن جي فردن توڙي اهل ۽ قابل شخصن کي حڪومتي عهدن تي فائز ڪيو ويو. جن ۾ خاص طور ڄام سارنگ، دلشاد وزير ۽ دولھہ دريا خان جا نالا قابل ذڪر آهن. هن دور ۾ سيوهڻ کي پرڳڻي (صوبي) جو درجو حاصل هو. جوڻ، بکر، سبي، عمرڪوٽ ۽ نصرپور جا شھر ٺٽي کانپوءِ اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا، جتي سپاھہ بہ موجود رهندو هو. هنن شهرن ۾ نوان قلعا ۽ ڪوٽ قائم ڪرڻ سان گڏ پراڻن قلعن جي مرمت بہ ڪرائي وئي.
انصاف جو سرشتو: سمن ڄامن پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ جتي سنڌ جي سرحدن جي چوڪسي ڪئي، ماڻهن جي روزمرھہ جي زندگيءَ جي معيار ۽ سماجي ڪاروهنوار ۾ سڌارا آندا، معاشي نظام ۾ بهتريون آڻڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون، اتي عدالتي سرشتو پڻ چڱي نموني قائم ڪيو ويو. هڪ طرف عدالت کي اسلامي شريعت ۽ ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي سان هم آهنگ ڪري انصاف جا پيمانا مقرر ڪيا ويا. هيٺينءَ سطح جا ننڍا ننڍا معاملا راڄن جا چڱا مڙس ۽ سربراھہ، حڪومتي سرشتي سان وابستگيءَ جي بنياد تي نبيريندا هئا. جڏهن تہ اعلى عدالتن ۾ قاضي مقرر ٿيندا هئا، جن جو انتخاب اعلى تعليمي ادارن، استادن ۽ عالمن مان اهليت ۽ ايمانداريءَ جي بنياد تي ڪيو ويندو هو. وقت جا مؤرخ سما سلطانن کي عادل بادشاھہ قرار ڏين ٿا. خاص طور ڄام نظام الدين نندي جي دور ۾ اسلامي عدالتي سرشتو نافذ رهيو، جنهن سان هر عام ۽ خاص جي انصاف تائين رسائي ممڪن هوندي هئي. ڄام نندي جي وقت ۾ ٺٽي جي قاضي عبدالله ۽ اُچ جي قاضي محمد وڏو نالو ڪڍيو. ان کان اڳ ڄام صلاح الدين جي وقت ۾ قاضي نعمت پڻ انصاف جي تقاضائن پورين ڪرڻ جي ڪري مشھور رهيو. سمن جي وقت ۾ چيف قاضي ننگر ٺٽي ۾ رهندو هو. ان جو ڪم ڪورٽ هلائڻ سان گڏ اهم ديني معاملن ۾ حاڪمن کي صلاحون ڏيڻ پڻ هوندو هو.
تعليم، علم، ادب: سمن کان اڳ سنڌ ۾ مسجدن کي ئي تدريس لاءِ ٿورو گهڻو ڪتب آندو ويندو هو، سومرن جي وقت ۾ بہ نصاب ڪنهن قدر سند يافتہ هو. پر عالمن ۽ شاگردن جي پوريءَ طرح ذهني آبياري نہ پئي ڪئي وئي.
سمن سلطانن مسجدن سان گڏ مدرسن جي بنياد وجهڻ ۽ درسگاهن لاءِ ڌار اڏاوتون قائم ڪرڻ طرف تڪڙي پيش رفت ڪئي. خاص طور ٻاهرينءَ دنيا جي عالمن کي درس تدريس لاءِ سنڌ ۾ گهرائي، عالم ۽ اديب جا ڪورس ڪرائي، ديني توڙي سماجي علم جا اڪابر پيدا ڪيا ويا. هن دور ۾ تعليم جي فروغ لاءِ مڪتب، مدرسا، خانقاهون حڪومتي سرپرستيءَ هيٺ قائم ٿيون. مسجدن سان لاڳو حجرا بہ شاگردن جي تحصيل لاءَ ڪتب آندا ويا. درسي ڪتابن لکائڻ ۽ ڪورس منتخب ڪرڻ لاءِ عالمن ۽ اڪابرن جي سرپرستي ڪئي وئي. خاص ڪري نصاب ۾ ’منقولات ۽ معقولات‘ کي فوقيت ڏني وئي. قرآن پاڪ جي تدريس سان گڏ تفسير، قرآت، حديث، فقه، فلسفي، طب، منطق، ادب، درسي ڪتاب نويسي، شرح نويسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. تاريخي تذڪرا پڻ نصاب ۾ شامل هئا. سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاها، ٻٻر لوءِ، هالاڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي، سن، عمرڪوٽ، باغبان، هن وقت جا اهم تعليمي مرڪز هئا. سيوهڻ جي ’محمدي خانقاھہ‘ سيد محمد شيراز جو سيوهڻ ۾ مدرسو، شيخ عيسى لنگوٽيءَ جو ساموئيءَ ۾ مدرسو، محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن مولانا محمد ۽ مولانا اثيرالدين پاران ڳاها ۾ درسگاھہ سنڀالڻ، مخدوم بلاول جون باغبان ۾ درسگاهون، ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم جا ملتان ۽ اچ ۾ مدرسا قابل ذڪر آهن. ان سميت ننڍن ڳوٺن ۽ قصبن ۾ ڪيتريون ئي درسگاهون ۽ خانقاهون موجود هيون، جيڪي تعليمي مقصدن لاءِ ڪتب اينديون هيون.
مخدوم بلاول، شيخ حماد جمالي، سيد محمد شيراز (ايرانسيد احمد (ايرانپير مراد شيراز (ايرانسيد علي اول (ايران) مير معين، مير شمس، شيخ عيسى برهانپوري، مولانا محمد عمر، مولانا اثيرالدين جمالي دهلوي، بايزيد، ڄام ابراهيم، علامہ عبدالعزيز، علاؤالدين منگلوري هن دور جا اهم استاد هئا، جن تعليمي، تدريسي توڙي تصنيفي خدمتون سرانجام ڏنيون.
هن دور جي درسي ۽ تدريسي زبان عربي ۽ فارسي رهي. عربي زبان ۾ مولانا علاؤالدين مئنگلوريءَ جي لکيل ’الزبدة‘ شرح، اصل ۾ هڪ فارسي ڪتاب جي آسان شرح آهي. حاجي حسين صفائي پير مراد شيرازيءَ جي سوانح ’تذڪرة المراد‘ جي نالي سان عربي زبان ۾ تيار ڪئي وئي. مخدوم عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن بہ ڪجهہ نصابي شرحون ۽ ڪتاب تيار ڪيا. سنڌيءَ ۾ اسماعيلي مبلغن جي اصلاحي تبليغي شاعريءَ جو ذخيرو، پير صدرالدين جا گنان، ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، شيخ حماد جمالي، مخدوم نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر ۽ ٻين جي سنڌي شاعريءَ جو ذخيرو هن دور جو اهم ادبي ذخيرو آهي.
سمن جي دور ۾ تمدن، فن، تعليم، ثقافت: هن دور ۾ تمدني زندگيءَ وڏي ترقي ڪئي، ڪيترا نوان شھر اڏيا ويا. مقامي هنرن ۽ فنن کي حڪومتي سرشتي پاران هٿي ڏني وئي. ساموئي، ٺٽو، سونڊا، سيوهڻ، لاهري بندر، سن وغيرہ جھڙا ڪيترا شھر هن دور جي تمدني زندگيءَ جا اهم اهڃاڻ هئا، جن کي پوءِ ارغونن ۽ ترخانن ڦريو، اجاڙيو ۽ ناس ڪيو. ٺٽي جو شھر هن دور ۾ تمدني زندگيءَ ۾ وڏي اوج تي هو. مرڪزي شھر هئڻ سبب ٺٽي ۾ تعميراتي فن توڙي معاشي زندگيءَ ۾ انقلاب آندو ويو. ڄام نندي جي وقت ۾ تہ هن شھر کي عالمي سطح تي پذيرائي حاصل رهي. جدا جدا حويليون، پاڙا، ٻاهرين عالمن ۽ ڪاريگرن جا جوڙيل مرڪز، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي خانقاهون، ڄامن جون جايون، فوجي مرڪز، مقبرن جا اڏاوتي نمونا، گجراتي، هندي ۽ اسلامي طرز تعمير، بازاريون، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جا فن، لونگي ۽ اجرڪ جون صنعتون، دفاعي ساز سامان، جهازرانيِءَ جي صنعت، ٽامي، سون، چاندي ۽ ڪٽ جي زيور سازي، سڀ جا سڀ تمدني زندگيءَ کي اجاڳر ڪن ٿا. نصرپور ۾ اجرڪ سازي، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جا هنر عروج تي هئا. پارڪر طرف ڀوڏيسر ۾ محمود بيگڙي جي تعمير ڪرايل مسجد بہ هن دور جو يادگار آهي. (جيڪا جين يا هندو مندر کي تبديل ڪري مسجد ۾ تبديل ڪئي وئي هئي؟) جامع مسجد مڪليءَ سميت ڄامن جا مقبرا، دولھہ دريا خان جي مزار، ڄام تماچيءَ جي ڇٽي، ڄام نندي جو مقبرو، هن دور جا اعلى تعميراتي يادگار آهن. چوڪنڊيءَ جي مزارن جو ڇٽيون بہ هن دور جي تعميراتي فن جا نمونا آهن. تاريخي روايتن مان پتو پوي ٿو تہ تمدني ۽ ثقافتي طور توڙي فن تعمير جي حوالي سان هيءُ دور سنڌ جو سونهري دور هو. (تفصيل لاءِ ڏسجي انگريزي ڪتاب: دي جيول آف سنڌ، سما مانيومينٽس آف مڪلي هِل)
هن دور ۾ڪيترائي عشقيہ داستان مشھور ٿيا. دريا خان ۽ همون ٻائي، نوري ڄام تماچي، مري ۽ مڱٿر ان جا مشھور مثال آهن. باهمي تعلقات ۾ بہ ماڻهن جي وچ ۾ گهرو سماجي لاڳاپو موجود هو. عوام جو گهڻو تڻو گذر سفر زراعت، محنت، هنر، مزدوري، هلڪين صنعتن، مڇي مارڻ ۽ چوپايي مال ڌارڻ تي هو. واپار جو عنصر بہ ملڪ ۾ عام جام هو. مطلب تہ زرعي سماج ۾ برپا ٿيل ثقافتي عنصر واريون سڀ خوبيون هن دور ۾ سنڌ جي سماج ۾ موجود ملن ٿيون.
سنڌ جي موجودہ جاگرافيءَ سميت سمن حاڪمن جو راڄ جهوناڳڙھہ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ لسٻيلي ۾ بہ قائم هو. سمن جي زماني ۾ هنن مڙني خطن سان سنڌي ڪلچر ۽ تھذيب جو گهرو واسطو هو. هن دور ۾ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پڻ وسيع پيماني تي پکڙجڻ جو موقعو مليو. جهوناڳڙھہ ۾ سومرن جي همعصر زماني ۾، چوڙا سما خاندان جي راءِ ڏياچ 1010ع ۾ حڪومت ڪئي. ڪڇ ۾ خاص طور جاڙيجن سمن جو وڏو اثر رسوخ رهيو. ڪجهه موقعن تي سنڌ جي ڄامن سمن بہ ڪڇ جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ مڪمل طور ڪڇ کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري سرشتي توڙي ماڻهن جي اچ وڃ سبب ثقافتي ميل جو عنصر وڌيو ويجهيو. اڄ تائين بہ اتي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو جيئن جو تيئن قائم آهي، جنهن کي سنڌيءَ جو ڪڇي لهجو سڏيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ سنڌي ثقافت ۽ ساهت پڻ اڳتي هلي وڏي اوسر ماڻي. اڳتي هلي ڪلهوڙن جي دَور ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ ڪڇ جو سفر ڪيو هو. ’ڪڇين جا قول‘ (مرتب: محمد سومار شيخ) جهڙي اهم دستاويز مان بہ سنڌ ۽ ڪڇ جي ثقافتي ڳانڍاپن جو پتو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. اڄ بہ ڪڇ ڀڄ ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي نشريات پڻ پيش ٿئي ٿي.
عربن جي زماني ۾ هتي عربي نسل جي قبيلن: صديقين، عباسين، هبارين، قريشين وغيرہ رهائش اختيار ڪئي هئي. بکر کان پاٽ تائين توڙي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر واهڻ ۾ سنڌ ۾ نئين ثقافتي مزاج جي باهمي ڳانڍاپي جنم ورتو. ان کانپوءِ خاص طور سمن جي حڪومت دوران بلوچستان ۾ رندن ۽ لاشارين ۾ خانہ جنگيءَ عيوض سمن، لاشارين جي مدد ڪئي. هن ئي زماني ۾ بلوچستان جي لاشاري ۽ چانڊيا قبيلن سنڌ ۾ اچي پناھہ ورتي، جنهن جا اثر بہ سنڌي سماج تي پيا. سمن جي سلطنت جي خاتمي بعد ارغونن جي تسلط ۽ ظلمن جي ڪري ڪيترن ئي خاندانن گجرات توڙي ڪڇ طرف لڏپلاڻ ڪئي. هتي قبيلائي راڄ ۽ جرڳي ۽ سرداري نظام جو بنياد وڌو ويو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي تہ سمن جي وقت ۾ علم، ادب، فن توڙي ثقافتي قدرن سان همڪنار ٿيل معاشرو، ان دور جي پڄاڻيءَ تي سنڌ جي غلاميءَ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ڀونچال جي ور چڙهي ويو.
سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي: سمن جي وقت ۾ سرڪاري ٻوليءَ متعلق اختلاف موجود آهن. ڪن محققن جو خيال آهي تہ عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي، جڏهن تہ فارسي ۽ سنڌي ٻوليون بہ وهنوار هيٺ رهيون. خاص طور فارسي ٻولي هن دور ۾ ادبي لکت، تعليم ۽ درس، تدريس وغيرہ لاءِ ڪتب آندي وئي. سنڌي ٻولي فقط عام لوڪن جي روز مره جي وهنوار، گڏيل رابطي ۽ ڪجهه قدر لکپڙھہ جي زبان هئي، جنهن کي ڪو منتخب رسم الخط ڪو نہ هو. عربي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت جي تحقيق سمن جي دور تي تحقيق ڪندڙ محقق ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي بہ ڪئي آهي. انهن محققن جي راءِ ۾ عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي، عربي ٻوليءَ متعلق عالمن جو خيال آهي تہ جيئن تہ هن دور جي يادگارن جا 90 سيڪڙو ڪتبا عربيءَ ۾ آهن ۽ هن دور جا جيڪي ٻہ ڪتاب دستياب ٿيا آهن، سي اڪثر عربيءَ ۾ آهن ۽ انهن ۾ ’الزبدة‘ ۽ ’تذڪرة المرادان وقت جا مشھور ڪتاب هئا. فارسي ابتدائي سما دور ۾ سرڪاري ٻولي رهي. ليڪن سنڌ ۾ آزاد حڪمراني ڪندڙ سمن حاڪمن کي سنڌ جي سرڪاري زبان ڪنهن اهڙي ٻوليءَ کي ڪرڻ زيب نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري عربي ئي هن دور جي سرڪاري زبان تسليم ڪري سگهجي ٿي. جڏهن تہ فارسيءَ جي تائيد ڪندڙ عالمن موجب ڪتبن وغيرہ تي عربيءَ ۾ فقط مذهبي عقيدي موجب قرآن شريف جون آيتون اڪريل ملن ٿيون، جڏهن تہ نالا ۽ باقي ٻيون عبارتون فارسيءَ ۾ آهن، هنن عالمن جي راءِ موجب تہ سمن جي دور حڪومت جي مليل اڪثر سڪن تي فارسيءَ ۾ عبارتون اڪريل مليون آهن. خاص طور مڪليءَ تي موجود يادگارن کي ئي ڏٺو وڃي، تڏهن بہ ان وقت ۾ فارسيءَ کي مليل اهميت ۽ حيثيت ڪري سگهجي ٿي، جن تي فارسيءَ ۾ لکيل عبارتون اڃا بہ موجود آهن. ٻيو تہ سمن جي حاڪميت کان اڳ توڙي ان وقت دوران فارسي، دهلي سلطنت جي دفتري ۽ سرڪاري لکپڙھہ جي ٻولي هئي ۽ اها ڪاروباري زبان طور رائج رهي. سمن جي اسرڻ وقت بہ ملتان توڙي گجرات وارا سنڌ جا پرڳڻا سڌو سنئون دهلي سلطنت جي اثر هيٺ هئا، اهوئي سبب آهي، جو فارسيءَ جي حيثيت لاءِ معقول سبب موجود هو. جڏهن تہ عربيءَ لاءِ سواءِ مذهبي زبان جي ٻي ڪابہ گهرج ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي. حقيقت ۾ عربي سمن جي دور ۾ بہ مذهبي زبان طور اهميت رکندڙ زبان هئي. باقي سمن بہ پنھنجي نج نبار سنڌي هئڻ باوجود، پنھنجي ڏيهي ۽ مادري زبان سنڌي ٻوليءَ جي ڪابہ سرڪاري سرپرستي نہ ڪئي. تڏهن بہ هن دور ۾ عوامي سطح تي سنڌي (سندن مادري ٻوليءَ) سان انسيت جو عالم اهو هو، جو سنڌ جي لوڪ ادب ڪافي ترقي ورتي ۽ ڪلاسيڪي شاعري پڻ هن دور جي ئي پيداوار آهي.
سمن جي دور جا سڪا: هن دور سان منسلڪ ڪل 30 سڪا لڌا ويا آهن، جن مان ٽي سڪا ٽامي جا آهن، جيڪي ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي زماني ۾ جاري ٿيا هئا، جڏهن تہ باقي 27 سڪا دهلي، گولڪنڊي، گجرات جي تيموري خاندان جا معلوم ٿين ٿا. هي سڪا سون، چاندي ۽ ٽامي جا آهن. جن لاءِ محققن جو خيال آهي تہ اهي سموري سنڌ ۾ رائج هئا. سمن جي پهرئين حاڪم ڄام انڙ جي وقت ۾ مقامي حڪومت جو سڪو دستياب نہ ٿيو آهي، قوي امڪان آهي تہ هن دور ۾ سمن حاڪمن پاران سڪو جاري نہ ڪيو ويو، بلڪہ هندستان جي حاڪم محمد بن تغلق جا سڪا، دينار، تنڪا، عدلي، نصفي، دوڪاني رائج هئا، جن مان دينار سون جو سڪو هوندو هو، جنهن جو وزن 199 گرين هو. تنڪا چانديءَ جا هوندا هئا. ان قسم جا سڪا ٺٽي، بدين، سيوهڻ ۽ اروڙ مان مليا آهن. اڳتي هلي جنهن وقت ڄام علاؤالدين ۽ ڄام تماچيءَ کي قيد ڪري دهليءَ نيو ويو، تڏهن سنڌ تي ٻہ لک تنڪا ساليانو ڏن مقرر ڪيو ويو هو.
ڄام صدرالدين جي زماني ۾ محمد بن تغلق ۽ فيروز شاھہ جا سڪا رائج رهيا، جيڪي ٽامي ۽ چانديءَ جا هئا. واپاري آمد رفت سبب هن وقت ايراني ۽ عربي سڪا پڻ واهپي ۾ ايندا رهيا. ڄام رڪن الدين، ڄام انڙ، بابيني ۽ ڄام خيرالدين جي وقت ۾ بہ دهلي سلطنت جا سڪا استعمال هيٺ رهيا. فيروز شاھہ ۽ سلطان فيروز جي نالن سان سڪا لڌا ويا آهن، جن تي سن بہ لکيل آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين علاؤالدين ڄام جوڻي، رڪن الدين ڄام تماچيءَ جي دور ۾ بہ هنن حاڪمن جي نالي سان جاري ٿيل سڪو ڪونه مليو آهي. بلڪ ساڳيا سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن ٿا. ڄام صلاح الدين سنڌ ۾ گجرات جي تغلق گهراڻي جو سڪو وهنوار هيٺ آندو. ان کانپوءِ ڄام نظام الدين اول، ڄام علي شير، ڄام ڪرن، ڄام فتح جي وقت ۾ بہ سڪا جاري ڪونه ٿيا. ڄام فتح جي وقت ۾ احمد شاھہ گجراتيءَ جي حڪومت جو چانديءَ جو سڪو هتي وهنوار هيٺ رهيو، جنهن جو وزن 172 گرين هو. جڏهن تہ ساڳئي وقت ۾ احمد شاھہ جو جاري ڪيل ٽامي جو سڪو بہ مليو آهي، جڏهن تہ جونپور جي والي ابراهيم شاھہ جا ٽامي جا سڪا پڻ ڄام فتح جي زماني ۾ جاري ٿيل ڏسجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ وهنوار هيٺ رهيا. ڄام تغلق عرف جوڻي جي وقت ۾ هندستان جي بادشاھہ محمد شاھہ جا ٽامي جا سڪا، غيـاث الـديـن جا جـاري ڪيل سڪا وهنوار هيٺ رهيا. اهـڙيءَ ريـت
ڄام سڪندر، ڄام سنجر جي وقت ۾ بہ اهي ئي سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن ٿا.
هن وقت تائين ٿيل تحقيق موجب ڄام نظام الدين سمو، سما گهراڻي جو پهريون تاجدار حاڪم آهي، جنهن جا پنھنجي نالي سان جاري ڪيل سڪا مليا آهن. ڄام نندي جي دور جا سڪا ٽن نمونن جا آهن، جن ۾ ٽامي جي گول دائري ۾ ’سلطان ڄام نظام الدين‘ ۽ ٻئي پاسي ’ڄام صدرالدين‘ اڪريل آهي، جڏهن تہ سڪن ۾ فرق فقط وزن جو آهي. هن جي زماني ۾ سلطان محمود بيگڙي جونپور جي حاڪم حسين شاھہ جا سڪا پڻ سنڌ ۾ هلندڙ هئا.
ڄام نندي جي وفات بعد ڄام فيروز جي عھد ۾ سمن حاڪمن جا پنهنجا سڪا وهنوار هيٺ رهيا. ڄام فيروز جي نالي سان جاري ٿيل سڪا بہ مليا آهن، جن تي عربي رسم الخط ۾ نالا لکيل آهن. ان سميت هن وقت ۾ سڪندر لوڌي، سلطان بھادر شاھہ ۽ امير تيمور گورگانيءَ جا سڪا ۽ اشرفيون بہ وهنوار هيٺ رهيون.
هتي اها وضاحت ضروري آهي تہ مٿي ڏنل ڄاڻ کان هٽي، ڳچ سمن سلطانن جا سِڪا مليا آهن، جن بابت پهريون ڀيرو عبدالله ورياھہ مرحوم معلومات مهيا ڪئي آهي. سمن جي سِڪي جو وڏو تعداد سنڌالاجيءَ (سنڌ يونيورسٽيءَ) ۾ موجود آهي، پر اڄ تائين انهن جو سنجيدو اڀياس نہ ٿيو آهي.
سمن جي دور جا ڪجهہ مشاهير:
سمن ڄامن جي دور ۾ ڪيترا ڪردار ۽ سٺي حڪمرانيءَ وارا بادشاھہ بہ ٿي گذريا آهن، جن کي بہ هن دور جي مشاهيرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. البت تاريخ سنڌ جي هن سونهري دور ۾ ڪيترا عالم ۽ صوفي بہ ٿي گذريا. جتي وقت جا معتبر استاد پيدا ٿيا، اتي عارف بہ نڪري نروار ٿيا. ان کان سواءِ ڪيترا موچارا سرڪاري عملدار، سياستدان ۽ بھادر فوجي بہ پيدا ٿيا. هتي مشاهيرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
دلشاد: هن جو ڄام نظام الدين (نندي) جي دور سان واسطو آهي. کيس ابتدا ۾ بکر جو عملدار ڪيو ويو، جتي هن سھڻو انتظام رکيو ۽ بھادر شخص هو.
دولھہ دريا خان: هي وزير لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو غلام ۽ ذات جو قبوليو هو. بعد ۾ شڪار ڪندي ڄام نظام الدين جي مٿس نظر پئي. ان کانپوءِ هو ڄام نندي جي ملازمن ۾ شامل ٿيو. هن جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو ويو. پوءِ درياخان کي مبارڪ خان جو خطاب ڏئي وزير مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي امير الامراءُ، وزيراعظم ۽ فوج جو ڪمانڊر مقرر ٿيو. دولھہ دريا خان جون سنڌ جي جاگرافي ۽ سرحدن جي حفاظت جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن. سنڌ ملڪ ۾ امن ۽ اقتصاديات جي بحاليءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. جتي بہ امن امان لاءِ ضرورت پوندي هئي، اتي فوجون وٺي پهچي ويندو هو. ٺٽي جي ڀرسان خان واھہ ۽ سيوهڻ طرف ساوه واھہ جي کوٽائي ۽ زمينن لاءِ پاڻيءَ پهچائڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي. هونئن تہ دريا خان هر محاذ تي پاڻ ملهايو، پر ’سبي‘ جي واپسي سندس وڏو ڪارنامو آهي. ڄام نظام الدين جي دور ۾ ’سبي‘ سنڌ جي حدن ۾ هڪ اهم سرحدي شھر هو. هرات جي لشڪر مير ذوالنون ارغون جي قيادت ۾ هن شھر تي حملو ڪيو ۽ سنڌ جي نمائندي ’بهادرخان‘ کان شھر کسي ورتو. ڄام جي حڪمن تي دريا خان 1490ع ۾ سبي شهر، ارغونن کان واپس ورتو. ان عرصي ۾ ميران محمد جونپوري، هند کان سنڌ ۾ آيو. ڏيڍ سال ٺٽي ۾ رهيو. پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪيائين. ڄام نندي هن صورتحال کي رياست لاءِ خطرو سمجهندي، دريا خان کي حڪم ڏنو تہ ميران محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان بيدخل ڪيو وڃي. دولھہ دريا خان هن مسئلي کي احسن طريقي سان حل ڪيو. 1508ع ۾ ڄام نندو فوت ٿيو. ان بعد سنڌ جي سلطنت زوال طرف وڌي. ننڍي عمر جو ڄام فيروز بادشاھہ بنيو. 11 محرم 927ھہ تي شاھہ بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو. ڄام فيروز شھر ڇڏي ڀڄي ويو. دريا خان ارغونن جي لشڪر کي للڪاريو. گهمسان جي جنگ کانپوءِ، شام جي وقت شھيد ٿي ويو. سندس مزار مڪليءَ تي موجود آهي. (تفصيل لاءِ ڏسو: سمن جي سلطنت، مختلف صفحا)
علاؤالدين: دريا خان جو پٽ ۽ درٻار جو مکيہ امير هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 141)
محمود: مير علي شير قانع هن کي محمد خان لکيو آهي، پر عام طرح محمود خان طور مشھور آهي. هي بہ دولھہ دريا خان جو پٽ هو. پيءُ جي شهادت بعد هن ٽلٽي ۽ ڳاها ۾ لڙايون ڪيون، پر ناڪام ٿيو.
(تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 141)
موٽڻ خان: علي شير قانع هن کي متن خان (مٺڻ ؟) لکيو آهي. محمود خان سان گڏ شاھہ بيگ جي خلاف محاذ کڙو ڪيائين. هي بہ دريا خان جو فرزند هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 141)
سارنگ خان: مير علي شير لکي ٿو ته، سارنگ خان بہ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو ناليرو امير هو. هن جي بهادريءَ ۽ عقلمنديءَ جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 141)
تاريخ معصومي (سنڌي، ص: 156) هن کي ڄام سارنگ لکيو آهي. پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق آهي ته، ڄام سارنگ نالي امير ڪبير دريا خان جو پٽ هو. (مڪلي نامو، ص: 101-102) جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس دريا خان جو ڀاءُ سڏيو آهي. (ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا، ص: 146) هن ڏس ۾ درست راءِ راشدي مرحوم جي آهي ته، سارنگ خان، دريا خان جو پٽ هو.
احمد خان: راشدي صاحب جي تحقيق موجب، احمد خان بہ دريا خان جو پٽ هو. دريا خان جي مقبري جي چوديواريءَ تي احمد بن دريا خان جو نالو هڪ ڪتبي ۾ موجود آهي. (سمن جي سلطنت، ص: 131)
ديوان لکدير: ڄامن جي سلطنت ۾ ديوان لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. هن ديوان لکدير وٽ ننڍڙو دريا خان ملازم هو، جيڪو پوءِ ڄام نظام الدين حاصل ڪري، کيس پُٽيلو بنايو ۽ تمام وڏا عهدا ماڻيائين.
پير البو: هيءُ ڄام نظام الدين جو ڀاڻيجو ۽ ناٺي هو. هن جو اصل نالو ڄام مارک (مارڪ ؟) آهي. مسجد صفه جي جاءِ تي هندن جو بتخانو موجود هو. جڏهن مراد شيرازيءَ بتخانو ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ته، هندن وڏو اعتراض ورتو. ڄام البو هندن کي سمجهائڻ ويو، پر سيد مراد کي ڏٺائين تہ سندس مريد ٿي ويو. (تحفة الطاهرين، سنڌي، ص: 148)
شيخ نٿر: شيخ نٿر ڄام نندي جي حڪومت ۾ خاص مصاحب ۽ مقرب هو. شيخ نٿر کي بہ مذڪوره مندر ڊاهڻ کان روڪڻ لاءِ موڪليو ويو، پر هي بہ ڄام مارک وانگر، سيد مراد جو مريد بنجي ويو. (تحفة الطاهرين، سنڌي، ص: 149)
شيخ جهنڊو پاتڻي: سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد هو، ان پسمنظر ۾ ڄام نندي جي هن سان نہ لڳندي هئي. سندس مزار ساموئيءَ جي سر زمين تي موجود آهي. (تحفة الطاهرين، سنڌي، ص: 152-155)
قطب الدين بن محمود: ڄام نندي جي دور جو بھترين خطاط يا خوشنويس هو. دريا خان جي مدفن جي تعميرات تي سندس نالو موجود آهي. (دي ڪيليگرافرس آف ٺٽه، ص: 57)
حافظ رشيد: مير علي شير قانع موجب پاڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو ناميارو خوشنويس ٿي گذريو آهي. سندس شمار وقت جي وڏن ماڻهن ۾ ٿيندو هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 592) هن جو پٽ عبدالرحيم بہ ساڳئي فن جو ماهر هو. ترخان دور جي ناليرن خطاطن ۾ سندس ذڪر اچي ٿو. (ڪيليگرافرز آف ٺٽه، ص: 57-58)
بھادر خان: ابتدا ۾ جڏهن ارغونن سبيءَ تي حملو ڪيو، تڏهن بھادر خان ان علائقي جو گورنر هو. ارغونن جي ڪاھہ وقت شھر هن جي قبضي مان نڪري ويو. بعد ۾ 1590ع واري جوابي ڪارروائيءَ ۾ دولھہ دريا خان هي شھر ارغونن کان واپس ورتو. (مڪلي نامو، ص: 176-179)
قاضي قادن: سمن ڄامن جي دور ۾ قاضي قادن شايد ڦوھہ جوانيءَ ۾ هو. ان دور ۾ چون ٿا تہ قاضي قادن بکر جو حاڪم يا قاضي هو. پوءِ سيد محمد جونپوريءَ جو مريد ٿيو. ان ڪري هن ۾، ۽ مخدوم بلاول ۾ اختلاف پيدا ٿيا. 1520ع ۾ ارغونن جي حملي وقت، قاضي موصوف حملي آورن سان گڏ هو، پر پوءِ جڏهن ارغونن طرفان نوَ ڏينهن ٺٽي کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ساڙڻ جو سلسلو بند نہ ٿيو تہ پاڻ ارغونن کي اپيل ڪري اهو بند ڪرايائين، ان کانپوءِ وري بہ هو ڌارين سان ملي هم وطنن خلاف عمل ڪندو رهيو. قاضي صاحب سنڌي زبان جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو مڪمل رسالو موجود آهي.
مخدوم بلاول: ذات جو سمو هو. ڪي لکندڙ هن جو شجرو، سمن جي شاهي خاندان سان ملائين ٿا. پاڻ وطن دوست عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. ٽلٽي ۽ باغبان هن جي اثر ۾ هئا ۽ اتي سندس مريدن جو وڏو انگ هو. شاھہ بيگ ارغون سان ٺاھہ ڪرڻ بدران معرڪا ڪيائين، ان ڪري سرڪاري ڏمر هيٺ آيو. (اهڙو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي). سندس مشھور خليفا هن ريت ٿي گذريا آهن:ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار (انڙپور)، سيد حيدر (سن)، مخدوم رڪن الدين يا مخدوم مٺو (مڪلي)، مخدوم حسن (ڀاڻوٺ)، مخدوم سعد يا ساند (سڪرنڊ)، ۽ مخدوم محمد عثمان هنڱورو (گچيرو، مورو).
جي. ايم. سيد جي تحقيق موجب مخدوم بلاول جي شهادت
02 رجب 930ھہ برابر 06 مئي 1523ع تي ٿي. (سنڌ جا سورما، ص: 34-41)
ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد: شاهي درٻار جا اهم رڪن هئا، جي ناراض ٿي ملتان جي رياست ۾ پناھہ گزين ٿيا. اتي جي حاڪم حسين لانگاھہ، بايزيد کي شورڪوٽ ۽ ابراهيم کي اچ ۾ جاگيرون ڏنيون. ڄام بايزيد وڏو عالم هو ۽ هن جي درٻار عالمن سان ڀريل رهندي هئي. (جنت السنڌ، ص: 360-361)
ان کان سواءِ هن دور ۾ فارسي ۽ سنڌيءَ جي ڪيترن شاعرن جا نالا بہ ملن ٿا، جيڪي هن دور ۾ ٿي گذريا آهن. ڊيگهہ کان بچڻ لاءِ هتي انهن جا صرف نالا ڏجن ٿا: شيخ حماد جمالي، ڄام نظام الدين، مخدوم بلال ۽ شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جا فارسي شعر مليا آهن، جڏهن تہ درويش نوح هوٿياڻي، شيخ عبدالجليل چوهڙ، مخدوم احمد ڀٽي ۽ اسحاق آهنگر جا ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي شعر ملن ٿا. فارسي يا سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تن کي بہ سمن جي دور جي مشاهيرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. (مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
وڌيڪ ڏسو : سنڌ تي ارغون حڪومت


هن صفحي کي شيئر ڪريو