ڪلهوڙن- مرشدن ۽ حاڪمن- جو شجرو
سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت:
مغلن جي ٻن صدين جي عروج کانپوءِ مغل بادشاهت جو زوال شروع ٿي ويو. هندستان جا مختلف علائقا آزاد يا نيم خودمختيار ٿيڻ شروع ٿي ويا. ان دور ۾ ڪلهوڙا به سنڌ جي سياسي منظرنامي تي اڀريا ۽ آخرڪار حڪومت حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا.
ڪلهوڙا ڪير هئا، ان متعلق به متضاد رايا ملن ٿا. هڪ راءِ موجب هو عباسي آهن [’انسائيڪلوپيڊيا ايرانيڪا‘ ڪلهوڙن کي ڪرد قبيلو ڄاڻايو آهي، جيڪي پرسين ڪردستان جي ڏاکڻي حصي ۾ رهندا هئا] ۽ ٻيءَ راءِ موجب اهي اصل ۾ نج پج سنڌي آهن. مير علي شير قانع موجب ڪلهوڙا اصل ۾ عباسي آهن. يعني پيغمبر اسلام جي چاچي حضرت عباسرضه سان سندن نسبي سلسلو ملي ٿو. ٻيءَ راءِ موجب جيڪا مشهور ليکڪ برٽن جي آهي. هي خاندان اصل ۾ ’چنا‘ قبيلي سان واسطو رکي ٿو. مير علي شير هن خاندان جي حڪومت جو بيان ڪندي ’عباسي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جو بيان‘ عنوان رکيو آهي. لکي ٿو ته هن گهراڻي جو هڪ وڏو ميان ’اوڍاڻي‘ نالي ڪيچ مڪران ۾ پير طريقت هو، ۽ گهڻا ماڻهو سندس معتقد هئا. هن پٺيان گهڻو اولاد ڇڏيو، جي سڀ اوڍاڻي جي لقب سان سڏجن ٿا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 255) اوڍاڻي جي نسل ۾ واڌ ٿيندي رهي. گهڻي عرصي کانپوءِ خاندان ۾ امير چنو/ چنيه/ چينه نالي هڪ فرد پيدا ٿيو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: محمد دائود (اول)، هن جو اولاد دائودپوٽا سڏجي ٿو، ۽ محمد مهدي، جنهن ڄام جو لقب اختيار ڪيو. هن کي ميان ابراهيم نالي پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي ڪلهوڙو خان به سڏيندا هئا. جڏهن ته رچرڊ برٽن هن نظريي سان اتفاق نه ٿو ڪري. هو لکي ٿو ته، ڪلهوڙن جي دعويٰ آهي ته هو عباسرضه جي آل مان آهن. پر سندن وڏا دراصل سنڌي چنا ۽ هندن مان مسلمان ٿيل هئا. جڏهن سندن گهراڻو سياسي اوج کي پهتو، تڏهن هنن بني عباس سڏائڻ جي دعويٰ ڪئي. پر عالمن رايو ڏنو آهي ته سندن شجرو بلڪل ناقص آهي. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون، سنڌي، ص 350، حاشيو 02) غلام رسول مهر هن عنوان تي ڀرپور بحث ڪندي، ڪلهوڙن کي عباسي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، حصو پهريون، ابتدائي ڇهه باب) مشهور مفڪر ۽ اسڪالر سبط حسن، غلام رسول مهر جي هن تحقيق تي تنقيد ڪئي آهي ۽ لکي ٿو ته، غلام رسول مهر 35 صفحا اهو ثابت ڪرڻ لاءِ لکيا آهن ته، ڪلهوڙا عباسي هئا.
حالانڪ سومرا، سما ۽ ڪهوڙا خاندان جي بانين جا نالا ۽ سندن قبيلائي رسمون ۽ رواج ئي، سندن اصل سنڌي هجڻ جي ناقابل ترديد شهادت پيش ڪن ٿا. مثال طور: ڀونگر، دودو، سنگهار، ڦتو، چنيسر، گجن ۽ ڀيل وغيره. (نويد فڪر، اردو، ص 184) محمد ابراهيم جويي به کين اصل سنڌي قرار ڏنو آهي.
ڪلهوڙن جو بني عباس مان هئڻ وارو تاثر عام طرح حڪمران طبقن طرفان پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کان پاڻ کي برتر ثابت ڪري سگهن.
ڪلهوڙا خاندان جي سياسي جدوجهد:
ميان آدم شاهه: ڄام چينه کانپوءِ وڏي عرصي تائين، هن خاندان ۾ ڪو به ناليوارو ماڻهو پيدا نه ٿيو. آخر نائين پيڙهيءَ کانپوءِ آدم شاهه نالي هڪ نامور انسان ڄائو. مير علي شير هن جو نسبي سلسلو هن ريت ڏنو آهي: آدم شاهه ولد ميان کچن ولد صاحب ولد ميان خان ولد طاهر ولد ميان راڻو ولد ميان شاهه محمد عرف شاهم ولد ميان ابراهيم ولد ميان محمد ولد ڄام چنيه. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 256) ميان آدم شاهه، سهروردي طريقي جو بزرگ هو ۽ ميران محمد جونپوريءَ جو ٽن واسطن سان محمد، ابوبڪر ۽ عيسيٰ جي ذريعي پوئلڳ هو. (منشور الوصيت ودستور الحڪومت، ص 16). مير علي شير قانع ٻه واسطا شيخ الياس لنگراج ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي لکيا آهن، جن ذريعي ميان آدم شاهه ۽ ميران محمد جونپوريءَ جو تعلق جڙي ٿو. پهرين راءِ خود ميان نور محمد ڪلهوڙي جي آهي، جيڪا درست سمجهڻ کپي. غلام رسول مهر هن سوال تي بحث ڪيو آهي ته ڪلهوڙن ۽ مهدويت جو ڪهڙو تعلق هو؟ لکي ٿو ته، ڪلهوڙا خاندان جي سموريءَ تاريخ مان مون کي اهڙو ذري جيترو به اشارو ملي نه سگهيو، جنهن مان گمان پيدا ٿي سگهي ته هي ماڻهو سيد محمد جونپوريءَ کي ’مهديء موعود‘ مڃيندا هئا، يا مهدويت جي جهڳڙن ۾ ذري ماتر دلچسپيءَ جو به اظهار ڪيو هئائون. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، حصو پهريون، سنڌي، ص 125)
ميان آدم شاهه سِري جي سير ڪرڻ کانپوءِ، تعلقي چانڊڪي جي هٽڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. کٻڙ ابڙو پنهنجن پوئلڳن سميت دٻي ڳوٺ مان لڏي، اچي سندس مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 256). عبدالرحيم خانخانان 1590ع ڌاري ٺٽي جي فتح لاءِ ڪثير لشڪر سان، سنڌ ۾ داخل ٿيو. عبدالرحيم خان خانان به آدم شاهه سان مليو ۽ فتح جي دعا لاءِ عرض ڪيائين. موقعي جو فائدو وٺي کٻڙ ابڙي چانڊين جي ڇڏيل زمين حاصل ڪرڻ لاءِ خان خانان کي عرض ڪيو. اهڙيءَ طرح مريدن جو تعداد وڌيو ته زمينون وڌائڻ جون ڪوششون ڪيائون. مولائي شيدائي موجب، ميان آدم شاهه ڏوڪري تعلقي ۾ مهدوي دائرو کوليو هو ۽ هن جاگير صرف مريدن جي لنگر لاءِ حاصل ڪئي هئي. (تاريخ تمدن سنڌ، ص 438) اصل ۾ مريديءَ جي تعداد وڌڻ ۽ دائري جي کلڻ سان، حالات ٽڪراءَ طرف وڌيا. مقامي زميندارن کي خطرو محسوس ٿيو. ان ڪري اهي حاڪمن وٽ دانهين ٿيا. نيٺ ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ملتان کڻي ويا، جتي کيس ڦاسي ڏني وئي. شاهه محمد ڪهيري جيل ۾ ميان جي گهڻي خدمت ڪئي ۽ فيض حاصل ڪيو. ميان جي وصيت موجب، آدم شاهه جو لاش حاڪم جو ڪوٽوال شاهه محمد کڻائي آيو ۽ کيس سکر ۾ اتي دفن ڪيو ويو، جتي اڄ تائين هن جو مقبرو موجود آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 257) هت هڪ سوال آهي ته ميان آدم شاهه جي شهادت جو سال ڪهڙو آهي؟ پير علي محمد راشديءَ جي راءِ آهي ته، ميان صاحب جو زمانو 1520ع کان سن 1600ع تائين هجڻ گهرجي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، حصو پهريون، سنڌي، ص 123)
دائود: مير علي شير قانع جي لکڻ موجب مرشد [آدم شاهه] جي ڪفن دفن کانپوءِ شاهه محمد، ميان آدم شاهه جي ڳوٺ ۾ آيو. سندس ٻه پٽ دائود ۽ ابراهيم ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن کي ڳولي گڏ ڪري ڳوٺ ٻَڌي ڏنائين. دائود متعلق ’تحفة الڪرام‘ وڌيڪ نه لکيو آهي. البت واقعي کان ٽي صديون پوءِ، خداداد خان لکيو آهي ته، ابتدائي دور ۾ ڪجهه موروثي زمينون ميان دائود جي قبضي مان نڪري ويون. پر مريدن ۾ وقت به وقت واڌارو ٿيندو رهيو. انهيءَ ڪري پوين ڏينهن ۾ زمينون سندس قبضي ۾ اچي ويون. جماعت جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو ۽ ڪنهن سان به جهڳڙي جي نوبت نه آئي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 134-135) اٽڪل روءِ ميان دائود 1620ع ڌاري هي فاني جهان ڇڏيو.
ميان الياس: ميان دائود جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ميان الياس بن ميان دائود بن آدم شاهه، وڏن جي گاديءَ جو وارث ٿي، مريدن جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ آب داڻي جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو. سندس قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ڊبري ڳوٺ ۾ آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 257) ڊبري ڳوٺ کي ڪي ڍيري لکن ٿا ته ڪجهه اديب ان کي ڌيري سڏين ٿا. ميان الياس اٽڪل روءِ 1625ع ڌاري فوت ٿيو. هندستاني تذڪره نگار شاهنواز خان، ميان الياس جي شخصيت تي هن ريت تبصرو ڪيو آهي: ”انهن بزرگن مان هڪ شخص، جيڪو ابڙا قوم [قبيلي] جو سردار هو، جيڪي پراڻي زماني کان سنڌ جا زميندار هئا، سان واسطو پيدا ڪيو ۽ ان کان ڪجهه زمين گذرسفر لاءِ هٿ ڪيائين. ان طرح سندس اولاد مضبوط ٿي پنهنجي طاقت وڌائي. مريدن ۽ معتقدن جو تعداد به وڌي ويو. آخر زميندار بنجي ڍَل ڏيڻ لڳا ۽ آهستي آهستي ابڙا قبيلي تي غالب ٿي سندن زمينن تي قبضا ڪيائون. (ماثرالامراء، جلد اول، اردو، ص 812)
ميان شاهه علي: ميان الياس کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان شاهه علي اڳواڻ بنيو. هن جهانگير جي دور جا به ڪي سال ڏٺا. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، ”ميان الياس کانپوءِ سندس ڀاءُ شاهه علي عرف شاهل محمد گاديءَ تي ويٺو. سندس فقير اڳي کان وڌيا، ۽ پوکي راهيءَ جي وڌائڻ کي لڳي ويا. لاڙڪاڻي جو گهاڙ واهه سندس کوٽايل آهي. واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين، سانگي ۽ ابڙا قوم [قبيلي] کان کَسي پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي، پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو.
ڄام صديق ۽ جلال خان جهڙن ابڙن سردارن مريديءَ جا حق وساري، ٻين زميندارن سان ملي، کيس گهڻين لڙاين کانپوءِ بکر جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو. سندس مزار گهاڙي پرڳڻي ۾ چانڊڪي جي آسپاس مرنده ڳوٺ ۾ آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 257-258) شاهه علي بابت سندس ئي دور جي هڪ مؤرخ ذڪر لائق مواد ڇڏيو آهي. جڏهن سن 1038هه/ 1628ع ۾ محمد علي بيگ، بکر جو فوجدار هو، تڏهن چانڊڪا ۾
مير ابڙي وڏو واهه ڪڍائي غيرآباد ٻنين کي آباد ڪرايو. ان سان گڏ ابڙن جو مرشد شاهه علي، جيڪو ’مهديجو‘ سڏائي ٿو، تنهن ’ڪوٽلي‘ نالي ڳوٺ آباد ڪيو. ان ريت ابڙن، سانگين ۽ سميجن واهه جي ڪناري سان ڳوٺ ٻَڌائي ملڪ آباد ڪيو ۽ جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻهو ان طرف اچڻ لڳا. (تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌي، ص 122، حاشيو 02) ان پسمنظر ۾ ايٽڪن کيس وڏو آبادگار سڏيو آهي. (گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ، ص 109)
شاهه علي پنهنجن مريدن ذريعي اوڙي پاڙي جي جدا جدا قبيلن کان زمينون کسيون يا نه؟ پر اصل مسئلو ’دائرو‘ (مهدوي دائرو) هو، جتي غريب غربي کي پناهه، اجهو ۽ ٻه وقت دال مانيءَ سان گڏ وڏيرن جي ظلم کان تحفظ به مليو ٿي. ان ڪري بکر سرڪار جا وڏيرا گڏجي، بکر جي فوجدار سان مليا ۽ ميان شاهه عليءَ جي خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيائون. صدين کان اڄ تائين، وڏيراشاهي هميشه وقت جي حڪومت (Establishment) جو ساٿ پئي ڏنو آهي. ان پسمنظر ۾ بکر جي فوجن ۽ مقامي وڏيرن جي لشڪر ميان شاهه عليءَ جو مقابلو ڪيو. ان لڙائيءَ ۾ شاهه علي مارجي ويو. خداداد خان جي لکڻ موجب هو سن 1068هه/ 1657ع ۾ مارجي ويو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 89، ص 136)
ڪلهوڙا خاندان جي حاڪميت طرف پيش قدمي
ميان نصير محمد: ميان شاهه علي شهيد کي محمد حسن نالي پٽ ٿيو، جو ننڍي هوندي فوت ٿي ويو. ان ڪري 1657ع ۾ سندس ڀائٽيو ميان نصير محمد ڪلهوڙن جو نئون سرواڻ مقرر ٿيو. ميان نصير محمد کان ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ ۾ نئون موڙ آيو. سڀ کان اول ته سندس زندگي ۽ جدوجهد کي مختلف مرحلن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.
مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ڪلهوڙن جو اڳواڻ ٿيڻ کانپوءِ هن (ميان نصير) جي زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. 1068هه ۾ پيراڻي گاديءَ تي ويٺو ته مرشديءَ ۾ پنهنجن وڏن کان به لنگهي ويو. زميندارن ۾ حسد پيدا ٿيو ته هو ٿر هليو ويو. پر گذرسفر جي کوٽ سبب واپس پنهنجي علائقي ۾ پهتو. مير پنهور (پنهورن جو سردار) بکر جي حاڪم جي لشڪر ۽ سبيءَ جي حاڪم مرزا خان پني ۽ مقامي لشڪرن سان گڏجي ميان نصير محمد تي ڪاهي آيا. جنگ کانپوءِ هن کي گرفتار ڪري عالمگير جي درٻار ۾ موڪليو ويو. بعد ۾ هو خودبخود جيل مان آزاد ٿي پنهنجي وطن وري آيو. ٻئي دور ۾ هن جي شهرت ۽ عزت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. اصلوڪو ماڳ هٽڙي فوجو فقير، ۽ ڪاڇو، شاهه عنايت شاهه فقير کي ڏنائين. پاڻ پنهورن جي زمين ۾ اهڙي هنڌ، جنهن جي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي هو، گهارو (ڳاڙهو) نالي شهر ٻڌي ويٺو. فقير جي ڇڙا هئا، انهن شاديون ڪيون ۽ ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا. انهن زمينن وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان عرصي ۾ بکر جي حاڪم مير يعقوب خان (1670-1675ع) سان به جنگيون ڪري سوڀارا ٿيا. پوءِ سيوهڻ جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو ٺيڪي تي ورتائون. فريد ڀاڳت موري مڪن (مورو) ۽ فيروز ويرڙ به ساڳئي خطي ۾ قبضو ڪري نوشهري نالي (نوشهرو فيروز) نالي شهر تعمير ڪرايو. ائين ڪلهوڙن جا گهڻا مرڪز وجود ۾ اچي ويا. پنجٽيهه ڇٽيهه سال راڄ ڪري فاني دنيا ڇڏيائين. ڳاڙهيءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، 258-259)
هونئن ته مير علي شير قانع جي سموري لکت جي گهڻي تاريخي اهميت آهي. البت خودبخود قيد مان آزاد ٿي وطن موٽڻ وارو سوال تشريح طلب آهي. غلام رسول مهر ميان صاحب جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکندي واضح ڪري ٿو ته، جيتوڻيڪ هيءُ خاندان چئن پيڙهين کان عوام جي ارادت ۽ عقيدت جو مرڪز بنيو پئي آيو، ۽ پيري مريديءَ کان سواءِ زمينداري سلسلو به ڪافي وڏي پئماني تي پهچي چڪو هو، مگر انتظام جي لحاظ کان حڪومت جا رنگ روپ اڃا نمايان نه ٿيا هئا. ميان نصير محمد جي زماني ۾ مريدن مان لشڪر تيار ٿي ويا، ۽ انهن جي پوري انتظام، حڪومت جو رنگ اختيار ڪيو.
(تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 148) هتي ٻن سوالن جو جواب ڳولڻ ضروري آهي. اورنگزيب آخري طاقتور مغل شهنشاهه هو ۽ ان جا اڃا ابتدائي ڏينهن هئا، تڏهن ميان نصير محمد پاڻمرادو جيل مان ڪيئن ڀڄي نڪتو ۽ اچي سنڌ ۾ پهتو؟ ٻيو سوال آهي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور ۾، سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي فوج تيار ٿي ۽ ڪڏهن ۽ ڪيئن هن گهراڻي حڪومت جو روپ ورتو؟
پهرئين سوال جو جواب هن ريت ٿي سگهي ٿو. جڏهن نصير محمد گرفتار ٿيو هو، تڏهن کيس دهلي ۽ گواليار ۾ قيد رکيو ويو هو. حقيقت ۾ هن اڳواڻ جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ کيس ابتدا ۾ بکر ۽ پوءِ ملتان ۾ رکيو ويو هوندو. ڇو ته بکر سرڪار (ڊويزن) ان وقت ملتان صوبي جو انتظامي توڙي سياسي حصو هئي. ميان نصير محمد چانڊڪا پرڳڻي مان گرفتار ٿيو ۽ چانڊڪا پرڳڻو وري بکر سرڪار ۾ شامل هو. ان پسمنظر ۾ ميان صاحب يا بکر يا وري ملتان ۾ قيد رکيو ويو هوندو. قيد مان آزاديءَ وارو سوال حل ڪندي، غلام رسول مهر لکي ٿو ته، هن ڏس ۾ امير محمد بهادر خان دائودپوٽي جو ڪردار خاص اهميت رکي ٿو. امير جي اعليٰ همت اهو گوارا نه ڪيو ته ميان کي پريشانيءَ ۽ مصيبت جي وقت ۾ پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏي، بلڪ پاڻ وٽ ترسائي، هن ميان کي معافي وٺرائي ڏني، ۽ پوءِ کيس چانڊڪي جي پرڳڻي ۾ رهايو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، حصو پهريون، سنڌي، ص 157- 158) ميان جي آزاديءَ جي معاملي ۾ في الحال پاڻ وٽ ايترو مواد آهي. ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي گنجائش اڃا باقي آهي!
ٻيو سوال آهي ته مريدن مان فوج ٺهي ۽ پهريون ڀيرو ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون، هيءَ صورتحال ڪيئن ۽ ڪڏهن ممڪن ٿي سگهي؟ ان سوال جو جواب نه ته مير علي شير قانع ڏنو آهي ۽ نه وري غلام رسول مهر ڏئي سگهيو آهي، جنهن ڪلهوڙن جي تاريخ تي مفصل ڪم ڪيو آهي. ميان نصير محمد جي آزادي ۽ وطن موٽڻ کانپوءِ ئي هن چانڊڪا بجاءِ موجوده ميهڙ شهر جي اولهه ۾، پنهنجو مرڪز ’ڳاڙهي‘ طرف منتقل ڪيو.
اورنگزيب جي بادشاهت جي ابتدا، خون خرابي ۽ خواري خجالت سان ٿي. هن جي ڪجهه فيصلن خاص ڪري هندن ۽ سکن جي لاءِ سوچ ۽ پاليسي، ننڍي کنڊ ۾ ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. ڪابل ۽ پشاور ۾ گهرو ويڙهه جي نوبت اچي وئي. شيواجي دکن ۾ مغلن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا. 1669ع جي ڪجهه فرمانن جي پسمنظر ۾، هندن جا مندر ڊاٺا ويا. 1670ع ۾ ڪابل جي حالتن ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ٿي. شيواجي اڳتي وڌي سورت (گجرات) تي حملو ڪيو. بيجاپور پڻ 1672ع ۾ سِول وار جي پوزيشن تي اچي ويو. ان سال شيواجي حبليءَ تي حملو ٿيو. 1674ع ۾ هن وٽ ڪثير لشڪر ۽ وڏي رقم هئي. ان ڪري شهنشاهه (شيواجي) بنجڻ جو اعلان ڪيو. ڪابل کانپوءِ حسن ابدال ۽ پشاور به فسادن جي لپيٽ ۾ اچي ويا. اهڙا اطلاع ملڻ تي اورنگزيب پاڻ حسن ابدال لاءِ نڪتو، جتي هو ڏيڍ سال رهيو. اورنگزيب 1674ع ۽ 1675ع ۾ پشاور واديءَ ۾ موجود آهي. ان دور ۾ هن سنڌ جي حالتن بابت به رپورٽ طلب ڪئي. مقامي زميندار جيڪي پڻ ڪلهوڙا مخالف هئا، انهن به هندستان جي شهنشاهه کي سنڌ جي بدلجندڙ حالتن کان واقف ڪيو هوندو. ان حالت ۾ ميان نصير محمد کي گرفتار ڪري شايد ملتان پهچايو ويو هجي. ان وقت بکر جو نواب مير يعقوب علي هجڻ کپي. اورنگزيب پٺاڻن يا پختونن جي خطي ۾ ڏيڍ سال رهيو. ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي اصول تحت هن پٺاڻن سان صلح ڪيو. اورنگزيب ڏيڍ سال دهليءَ کان دور رهيو. هڪ طرف مرهٽا طاقتور ٿي اڀريا ۽ ٻئي طرف سکن جي تحريڪ به پنهنجي اوج تي پهتي. سندس حڪم تي سکن جي نائين گرو تيغ بهادر کي ڦاسي ڏني وئي، تڏهن سڄو پنجاب ٻري ويو. 1680ع ۾ ڪي ٻيا واقعا به ٿيا. پر اصل خطرو مرهٽا هئا. شيواجي فوت ٿيو ته هن جو پٽ شامڀو جي مرهٽن جو شهنشاهه بنجي ويو. ٻئي طرف خود مغلن جي گهر ۾ به بغاوت ٿي. بادشاهه اجمير ۾ هو جو شهزادي اڪبر بغاوت ڪئي. ٻنهي ڌرين ۾ دنگل ٿيو، پر اڪبر مرهٽن ۽ راجپوتن جي مدد سان دکن پهچي ويو. هي واقعو 11 جنوري 1681ع تي پيش آيو. حالتن جي شدّت ڏسي اورنگزيب، پنهنجي پٽ اعظم جي معرفت ميواڙ جي راجپوتن سان صلح ڪيو. پوءِ اهم مسئلا نبيري اورنگزيب 8 سيپٽمبر 1681ع تي دکن هليو ويو، جتي حياتيءَ جا آخري 26 سال پورا ڪيائين. (ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد چوٿون، ص 222-259)
ميان نصير محمد جي گرفتاري اٽڪل روءِ 1675ع ڌاري ٿي آهي. جڏهن اورنگزيب اتر- اولهه انڊيا ۾ ڪيئي تڪرار نبيريا، ناراض اڳواڻن کي پرچايو ۽ قيد ٿيل ليڊرن کي آزاد ڪيو، تڏهن امڪان آهي ته 1680ع ڌاري ميان نصير محمد ڏانهن به صلح جو هٿ وڌايو ويو. 1681ع تائين ڪن قوتن جي مدد سان، هن (بادشاهه)، ميان نصير محمد سان به ٺاهه ڪيو. ان تحت ميان نصير محمد کي نيم خودمختياري ملڻ سان گڏ حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪجهه علائقا به ڏنا ويا ۽ ڪي وري فقيرن پاڻ همت ڪري هٿ ڪيا ويا. مطلب ته وچ سنڌ ۾ 1681ع ڌاري ميان نصير محمد جي حڪومت قائم ٿي ۽ ان جو تخت گاهه ’ڳاڙهي‘ شهر بنيو. جيئن
مير علي شير قانع لکيو آهي ته، نوشهرو، مورو، لاکاٽ، ساهتي پرڳڻو ۽ ڪي ٻيا علائقا، ميان نصير جي تابع ٿي ويا. هيءَ حاصلات ميان جي آزادي ۽ وطن واپسيءَ کان پوءِ جي آهي. مرڪزي شهر ’ڳاڙهي‘ جو احوال ڏيندي لکيو ويو آهي ته، هو پنهورن جي زمين ۾ اهڙي هنڌ، جنهن جي هڪ پاسي پاڻي ۽ ٻئي پاسي جبل هو، گهاري (ڳاڙهي) نالي شهر ٻڌي ويٺو، ۽ پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ ’هٽڙي‘ فوجو فقير ۽ ڪاڇو عنايت فقير کي ڏنائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 258-259)
ميان نصير محمد هڪ مرشد طور ارڙهن سال گذاريا. 1681ع ۾ کيس حاڪميت ۾ حصو ملڻ کانپوءِ وارو عرصو سترهن سالن تي محيط آهي. ميان صاحب 1692ع ۾ وفات ڪئي، جنهن جي مزار ’ڳاڙهي‘ ۾ آهي، ان جي مٿان سادو قبو اڏيل آهي. جيتوڻيڪ ميان نصير محمد جي تحريڪ ۽ جدوجهد جو مرڪز اتر سنڌ هو، ان هوندي به هيٺينءَ سنڌ (لاڙ) ۾ به هن جي لاءِ وڏي عزت ۽ احترام هو. ميون شاهه عنات رضوي (نصرپور)، شاهه لطيف جو وڏو معاصر اهم ڪلاسيڪي سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ميان نصير کي هيٺينءَ ريت ڳايو آهي:
نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دونس سان، ڦري ٿو فقير،
آهي هيءُ عنات چئي، سندو سنڌ همير،
سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي کرو ٿئون کير،
تن کي گڏيو ڪين گس تي، بدو نه بدگير،
خاصي خداباد منجهه عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجي تجلو.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، مقدمو، ص 50-51)
ميان دين محمد ڪلهوڙو: ميان نصير جي وفات کانپوءِ، سن 1692ع ۾ سندس وڏو پٽ ميان دين محمد خاندان جو اڳواڻ ۽ نئين حڪومت جو سرواڻ بنيو. هن جي طاقت ۽ عزت وڌي ته اصلوڪي دستور موجب، حاڪم ۽ زميندار سندس مخالفت تي ڪمرڪشي بيٺا. مير پنهور ۽ سبيءَ جو حاڪم مرزا خان پني، ميان جي سامهون ٿيا، پر ڪجهه نه ڪري سگهيا. بعد ۾ امير شيخ جهان (بادشاهي اهلڪار) ۽ مير پنهور گڏجي ڪلهوڙن کي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. فيروز ويرڙ ساڻس مقابلو ڪيو. ڪلهوڙن جو لشڪر به ’ڳاڙهي‘ مان پهتو. سخت جنگ ٿي، جنهن ۾ امير شيخ جهان مارجي ويو. هڪ وڌيڪ مغل عملدار الهيار خان ڀڄي جند ڇڏائي. بعد ۾ قنبر خان بروهي به ڪلهوڙن تي ڪاهيو، پر ابتدائي سوڀن کانپوءِ مقامي اڳواڻ ميرڻ شاهه سان صلح ڪري موٽي ويو. آخرڪار پنهور عاجز ٿيا ۽ اچي ميان دين محمد کي پيش پيا. ان دور ۾ سنڌو ماٿر جي سموري علائقي جو وائسراءِ شهزادو معزالدين شهنشاهه اورنگزيب جو پوٽو هو. سنڌ ۾ مغلن جي لاڳيتين شڪستن جو ٻڌي، معزالدين پنهنجي سِر سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. ميان دين محمد پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي کمڻ (کمل)، ۽ قاسم وڪيلن سان گڏ شهزادي جي خدمت ۾ موڪليو. ٻنهي ڌرين جي بکر ۾ ملاقات ٿي. معاملا افهام ۽ تفهيم سان نبيريا. شهزادو واپس ملتان ۽ لاهور وڃڻ لڳو. شاهه بهاري جي وڏي ڀاءُ مقصودي، ميان دين محمد کي اطلاع ڏيڻ بغير، شاهي فوج تي ماٿيلي وٽ حملو ڪيو، آسپاس جي ڳوٺن کي ڦريائين ۽ اچ ۾ قتل عام ڪيائين. معزالدين اها خبر ٻڌي اچي سيوهڻ پهتو. ميان دين محمد ان حالت ۾ پاسيرو ٿي ويو. مغلن جي لشڪر ڳاڙهي ۽ آسپاس جي علائقن کي ڇهه مهينا ڦريو ۽ ناس ڪيو. آخرڪار ميان دين محمد صلح ڪري پيش پيو. ٻين ڪلهوڙن سردارن کي پڪڙڻ لاءِ، معزالدين مختلف طرفن ۾ لشڪر روانا ڪيا. نئن گاج جي ڪنارن سان زبردست لڙايون ٿيون، جن جي قيادت دين محمد جي وچئين ڀاءُ ميان يار محمد ڪئي. مغلن ۽ يار محمد جي لشڪر جي وچ ۾ اهڙي ته جنگ لڳي، جو خون جون نديون وهي هليون. انساني خون ڪيترو وهيو، اُن جو اندازو ڪرڻ به مشڪل آهي. البت ڪلهوڙن جي طرف کان تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير اوٺوال جهڙا بهادر جنگ ڪندي ڪُسي ويا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 260-261) جڏهن ته هندستان ۾ لکيل هڪ تاريخي ڪتاب ۾ اهل سنڌ پاران ڪيل ويڙهه کي نمايان ڪندي، لکيو ويو آهي ته ان جنگ ۾ مغلن جا بهادر سپاهي مثال طور: لطف علي خان، راجا سورج مل ۽ پهاڙ خان، ڪيترن ئي ساٿين سميت مارجي ويا. (خافي خانس هسٽري آف عالمگير، ص 457) روايتن موجب ميان يار محمد، وڏي ڀاءُ ميان دين محمد کي جنگ جاري رکڻ ۽ پيش نه پوڻ جي صلاح ڏني هئي. پر دين محمد ڀاءُ جي صلاح تي عمل نه ڪيو. شاهنواز خان لکي ٿو ته، آخرڪار شهزادي قرآن مجيد وچ ۾ آڻي دين محمد ۽ سندس ٻن عزيزن کي گهرائي ورتو. مقابلو جاري هوندي به شهزادو معزالدين ٽنهي يرغمالين کي ملتان کڻي ويو، جتي کين قتل ڪيو ويو. (ماثرالامراء، جلد اول، اردو، ص 813) شهزادي معزالدين سيوهڻ کان ڳاڙهي ۽ نئن گاج تائين، ڇهه مهينا لڙايون ڪيون، پر پوءِ به ڪلهوڙن کان کٽي نه سگهيو. وري به قرآن مجيد جو سهارو وٺي ميان دين محمد ۽ سندس ٻن عزيزن کي صلح جي بهاني گهرائي، ملتان وٺي وڃي قتل ڪيائين. ابتدا ۾ ميان آدم شاهه کي 1600ع ڌاري ڦاسي ڏني وئي. بعد ۾ 1657ع ۾ ميان شاهه عليءَ کي مقامي زميندارن ۽ عملدارن جي مدد سان مارايو ويو. ميان دين محمد ٽيون ڪلهوڙو اڳواڻ هو، جنهن کي مغلن 1700ع ۾ ملتان ۾ ڦاسي ڏني يا قتل ڪيو. پر پوءِ به ڪلهوڙن جي سنڌ کي حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جاري رهي. ميان دين محمد کي ميان نصير محمد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان سادو قبو اڏيل آهي.
هتي اچي ڪلهوڙن جي شروعاتي حڪومتي دور جي پڄاڻي ٿئي ٿي. البت اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي ته ميين شاهه عنات جي حالتن تي پوري نگاهه هئي. هن شاعر ميان نصير وانگر ميان دين محمد جي قربانين جي به ساراهه ڪئي آهي. ميان دين محمد جي خاتمي تي ڪلهوڙن جي جدوجهد جو دور پورو ٿيو.
ان کانپوءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت شروع ٿيو.
ڪلهوڙا حڪومت جو باقاعده قيام
ميان يار محمد ڪلهوڙو:
ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جو آغاز 1701ع کان ٿيو. ميان صاحب ڪل ارڙهن سال راڄ ڪيو، جن مان نوَ سال تڪليفن ۾، البت آخري نوَ سال ڪي قدر آرام ۽ اطمينان سان گذاريائين. ميان يار محمد جي دور جي ڪجهه مکيه واقعن جو سرسري طور ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
جنهن وقت شهزادي معزالدين سنڌ ۾ تباهي مچائي، ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي کي گرفتار ڪري ملتان روانو ٿيو؛ ان وقت ميان يار محمد جبلن جا لَڪ ٽپي، رياست قلات (بلوچستان) جي حدن ۾ پهتو. بروهي مقابلي لاءِ سنڀري آيا. لڙائي هلندي اتفاقيه مير محراب خان (حاڪم قلات) مارجي ويو. نتيجي طور بروهين ميان يار محمد سان ان شرط تي صلح ڪيو ته سندس ٻه پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ ميان محمد خان ڪلهوڙو وٽن ضمانت طور رهايا. هي واقعو 1111هه (1699ع) ۾ ٿي گذريو آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 262) ياد رهي ته
مير محراب خان کانپوءِ مير سمندر خان قلات جو والي ٿيو. ميان
يار محمد ٻه سال قلات ۾ وڏي تڪليف ۾ گذاريا. اڪثر مريد خادم کانئس پاسيرا ٿي ويا. سندس غير موجودگيءَ سبب سبيءَ جي پٺاڻ حاڪم بختاور خان (پٽ مرزا خان) يار محمد ڪلهوڙي جي علائقن تي قبضو ڪري ورتو، جي اڳ ۾ ميان دين محمد جي حاڪميت ۾ هئا.
ميان يار محمد ٻن سالن کانپوءِ سنڌ وطن ڏي موٽ کاڌي. همعصر مؤرخ مير علي شير قانع صورتحال جو نقشو هن ريت چٽيو آهي. سن 1113هه (1701ع) ۾ ميان يار محمد، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي، مريدن کان بيعت وٺي، التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ کڻي پنهنجي موروثي زمين ڏانهن رخ رکيو. پهريائين زيديءَ کان لنگهي، منزل ڪندا منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ ساوه ڳوٺن ۾ پهتا. جن کي زالون ساڻ هيون، سي اتي رهجي ويا، پاڻ اڳتي وڌي پهريائين قيصر پنهور کان سامتاڻي وٺي، پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. تنهن کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائي سردارن سان اڳتي موڪليائين. جنهن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري، فتحپور جو قلعو ڇڏايو. هن فتح کانپوءِ ميان يار محمد پاڻ به اچي سرائين سان مليو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 262) هتي التماس خان بروهيءَ جو ذڪر ٿيو آهي، جو ڪلهوڙن جي مدد لاءِ قلات کان سنڌ ۾ آيو. جڏهن ميان جو بخت زور ڏٺائين، تڏهن ائين چئي قلات واپس وريو ته اوهان کي منهنجي مدد جي ضرورت ناهي. ميان يار محمد پاڻ ۾ طاقت ۽ مريدن ۾ ڀروسو ڏٺو، تڏهن ئي ته وطن موٽيو، اهڙيءَ حالت ۾ التماس خان جي هاڻي کيس ضرورت نه رهي هئي.
ميان يار محمد جي هنن ابتدائي سوڀن کانپوءِ ٽڙي پکڙي ويل مريد اچي گڏ ٿيا، ۽ ميان صاحب گچيرو فتح ڪري، پنهورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي ’خداآباد‘ نالو رکي، اتي رهڻ لڳو. ڳاڙهي، ڪنڊيارو (ساهتي) ۽ ڪي ٻيا علائقا طاقت جي زور تي هٿ ڪيائين. لاڙڪاڻو، بختاور خان جي ڀاءُ الهه بخش کان کسي ورتائين. هي حالتون ڏسي بختاور خان وري معزالدين شهزادي کي مدد لاءِ پُڪاريو. مغلن جي لشڪر يار محمد تي حملي لاءِ، بختاور خان جي علائقي مان گذرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا ڳالهه پٺاڻ حاڪم کي پسند نه آئي. جڏهن شهزادو، بختاور خان جي علائقي ۾ پهتو ته کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ مقابلي ۾ مارجي ويو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 263) فطري طور تي هن حادثي سبب، ميان يار محمد کي اطمينان ٿيو هوندو ته، سندس هڪ دشمن گهٽجي ويو.
شهزادو هن واقعي کانپوءِ بکر (سکر) پهتو. ميان يار محمد موقعي جو فائدو وٺي شهزادي جي خدمت ۾ وڪيل موڪليا، ان ڪري مغلن جي يار محمد طرف پاليسي تبديل ٿي ۽ وڪيلن جي اچڻ تي ٻئي طرف هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 263) ان دور ۾ بولان لَڪ جي حفاظت مغلن جي لاءِ وڏو مٿي جو سور هو. شهزادي بکر مان فرمان جاري ڪيو ته غازي خان دودائي سبي لَڪ (بولان) جي سنڀال ڪري. هو ناڪام ٿيو ته علائقو بختاور خان جي ڀاءُ الهه بخش کي ڏنو ويو. ان کانپوءِ اسلام خان نهار ۽ قائم خان نهار کي بولان لَڪ جي ذميداري ملي، پر ذميداري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿيا. آخرڪار شهزادو ان نتيجي تي پهتو ته، هيءَ ذميداري نڀائڻ لاءِ ميان يار محمد موزون حاڪم ٿيندو. ان ڪري يار محمد جي نالي فرمان جاري ٿيو ۽ خواهش ظاهر ڪيائين ته يار محمد سان ملڻ جي تمنا رکون ٿا. ميان صاحب ان مقصد لاءِ درٻيلي پهتو ته اهڙو حڪم منسوخ ڪيو ويو. خواجه حسين خان ڪجهه فرمان کڻي ميان سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو.
بولان لڪ جي حفاظت ميان جي حوالي ٿي. ميان يار محمد کي مغل شهنشاهه آخرڪار هن علائقي جي حاڪميت ڏئي کيس ’خدايار خان‘ جو خطاب ڏنو.
ڪلهوڙن کي جيڪي علائقا هٿ آيا، تن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. البت شهزادو معزالدين، سنڌ ۾ قائم نئين مقامي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، مير امين الدين اميرخانيءَ کي خانپور ۽ شڪارپور دائودپوٽن کي ڏئي، بکر کان ملتان روانو ٿيو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ
غلام محمد سُکائيءَ کي ڏئي، شهزادو معزالدين غازي خان جي پٽ شاهه محمد جي مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ ديري غازي خان (؟) پهتو، پر کيس ناڪامي ٿي، پر مير شهداد ٽالپر وڃي شاهه محمد جو ڪم پورو ڪيو. جنهن تي شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو. ٽالپرن کي پٽ باران جي جاگير ملي. خود مغل حڪمران، ڪلهوڙن مان وڌيڪ مطمئن ٿيا. جيڪي شهزادا قلات ۾ هئا، سي پڻ خيريت سان اچي ’خداآباد‘ ۾ پهتا. بعد ۾ بولان لڪ (سبي، گنجابي ۽ ڍاڍر) جي حفاظت به ڪلهوڙن کي ملي. دائودپوٽا مخالفت ۾ آيا، پر شڪست کائي، هميشه لاءِ پيش پيا. (’تحفة الڪرام‘، سنڌي، ص 264)
ڪجهه واقعن جي نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾، تشريح ۽ وضاحت ڪرڻ لازمي آهي:
ميان يار محمد جڏهن قلات ۾ پناهه گزين ٿيو هو، تڏهن کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا هئا. بروهين ميان ۽ سندن ٻچن کي سخت تڪليفون ڏنيون. جڏهن يار محمد وطن موٽي آيو ۽ مغلن سان معاملا طئه ٿي ويا، تڏهن به ميان جو خاندان قلات ۾ يرغمال بنيو رهيو. ميان يار محمد ذاتي ڪوششون ورتيون، پر کيس ناڪامي ٿي. جڏهن مغلن ان ڏس ۾ مداخلت ڪئي، تڏهن وڃي يار محمد جو يرغمالي ڪٽنب آزاد ٿي سنڌ پهتو هو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 202-203)
جڏهن ميان يار محمد کي مغلن پاران شاهي منصب مليو، تڏهن کان دائودپوٽن کي سخت تڪليف پهتي هئي. حالانڪ ڪلهوڙا ۽ دائودپوٽا، پاڻ ۾ عزيز هئا ۽ سندن رت توڙي وڏو ڏاڏو هڪ هئا. ڪلهوڙن جي ڪاميابيءَ کي جيڪڏهن دائودپوٽا پنهنجي ڪاميابي سمجهي، هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿين ها، ته اهي هڪ وڏي طاقت ٿي اڀرن ها، پر افسوس ته ائين نه ٿيو. ان ڏس ۾ مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، معزالدين جڏهن بکر ۾ هو تڏهن شڪارپور دائودپوٽن کي ڏيندو ويو. ٻنهي ڌرين ۾ فتني جي باهه نئين سر ڀڙڪو کاڌو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ ڪڏهن ٿي ان بابت گهٽ ڄاڻ ملي ٿي. ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن ۾ ڇهه ڏينهن جنگ هلي. هڪ مؤرخ لکي ٿو، لاشن جا ڍير لڳي ويا. خون جون نديون وهي هليون. ڪيترن ماڻهن جون حياتيون ختم ٿي ويون. سنجر خان، هوت خان فيروزاڻي، بخشي خان، مڌو خان ۽ خان هالاڻي'>دلاور خان هالاڻي، بندوقون کڻي اهڙي ته شان سان لڙيا، جو آسمان مان سندن بهادريءَ تي تحسين جا آواز اچڻ لڳا.“ (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 237) بعد ۾ امير محمد مبارڪ خان همت ڪري ميان يار محمد کي صلح جو پيغام موڪيو. جڏهن صلح ٿي ويو ته هڪٻئي جا علائقا ۽ حدون به مقرر ڪيون ويون. اڳ ۾ قلات ۽ سنڌ جي جهيڙي جو ذڪر ٿي چڪو آهي. غلام رسول مهر هن عنوان تي مفصّل روشني وڌي آهي. ٻنهي ڌرين ۾ جهڳڙي جو سبب، قلات ۾ ميان يار محمد جي اهل اولاد جي يرغمالي هئي. هي مسئلو پوءِ مغل شاهي مداخلت کانپوءِ حل ٿيو هو. ٻيو مکيه سبب هي هو ته مغلن نهايت مجبوريءَ جي حالت ۾، بولان لڪ جي حفاظت ۽ ذميداري، ڪلهوڙن جي حوالي ڪئي. ان ريت سبي، گنجابي ۽ ڍاڍر جا علائقا، ميان يار محمد کي مليا. ميان صاحب بهتر انداز ۾ اتي جو بندوبست رکيو، امن امان کي بحال ڪيو ۽ لُچ لوفر تي ضابطو آندو. هيءَ حوالگي قلات جي خانن کي راس نه آئي ۽ سندن سنڌ جي حاڪمن سان دشمني ويتر وڌي وئي. يار محمد هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، سمندر خان جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي، عداوت جو بهانو ڳوليندي، پيغام موڪليائين ته جيڪڏهن سمورين عطا ٿيل جاگيرن مان گنجابي کي ڇڏي ڏين ته پنهنجو صلح قائم رهندو. ٻيءَ صورت ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي وڃ. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 197)
ميان يار محمد ۽ مغلن ۾ باقاعدي هڪ معاهدو ٿيو، ان کانپوءِ کيس شاهي مڃتا ملي. معاهدي جا شرط هي هئا:
سرحدي لڪن جي حفاظت ڪئي ويندي.
ملتان ۽ ٺٽي جي نوابن جي ضرورت وقت فوجي مدد ڪئي ويندي.
رستن جي سلامتي يقيني بنائي ويندي.
رعيت جي خوشحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا.
ايران جون خبرون مرڪز ۾ پهچايون وينديون. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 117)
ڪلهوڙن معاهدي جي هر شرط جي پاسداري ڪئي. سرحدي (بولان لڪ) لڪن جي حفاظت ڪئي. سن 1707ع ۾ مغلن جي شهنشاهت جو آخري طاقتور بادشاهه اورنگزيب دکن ۾ وفات ڪري ويو. ان پسمنظر ۾ خود ڪلهوڙن يا سنڌ تان هڪ وڏو بار لهي ويو. جيتوڻيڪ بروهين هنن علائقن ۾، ڪلهوڙن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ 1708ع ۾ فساد ڪرايا، پر ڪلهوڙن کين سختيءَ سان چيڀاٽيو. قبضي ۾ آيل علائقن ۾ امن امان قائم ڪيو ۽ واهه کوٽايا. ان ريت هڪ زرعي انقلاب جي ابتدا ٿي. ميان يار محمد هڪ طاقتور فوجي حڪمران طور نروار ٿيو. 1709ع ۾ ٺٽي صوبي ۾ نومڙين مسئلا پيدا ڪيا. ٺٽي جي گورنر سعيد خان عر خان فوجي مدد لاءِ، يار محمد کي اپيل ڪئي. هندستان مان ايراني شاعر امتياز خان خالص، سن 1710ع ۾ سنڌ مان گذريو. وٽس وڏي رقم هئي. روايتن موجب ميان جي حڪم تي رقم جي لالچ ۾ کيس قتل ڪيو ويو. ليڪن غلام رسول مهر هن ڳالهه کي تسليم نه ٿو ڪري. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 237) جيتوڻيڪ مير علي شير قانع لکيو آهي ته يار محمد ڪل ارڙهن سال حڪومت ڪئي، جنهن مان سندس نوَ سال تڪليف ۽ جدوجهد ۾ گذريا. البت آخري نوَ سال پرامن گذريا. اهو سچ آهي، پر ميان يار محمد جي حياتيءَ ۽ حڪومت جي بِنهه آخري زماني ۾، صوفي شاهه عنايت لانگاهه جي شهادت جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو. ٺٽي صوبي جي حدن ۾ مغل نواب اعظم خان جي دور ۾، ميران پور جهوڪ ۾ شاهه عنايت پيري مريديءَ ۾ سرخرو ٿي اڀريو هو. ان ڪري مقامي پيرن ۽ زميندارن ۾ بي آرامي پکڙي ۽ معاملو وڌي وڃي ٺٽي ۽ دهليءَ جي حاڪمن تائين پهتو. آخرڪار شاهه عنايت جي مريدن ۽ سرڪاري لشڪر ۾ دنگل ٿيا. صوفي صاحب کي قيد ڪري ٺٽي کڻي ويا، جتي هي فقير شهادت جي درجي کي پهتو. هي واقعو 1718ع ۾ پيش آيو. مٿي يار محمد ۽ مغلن ۾ ٿيل معاهدي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان پوئواريءَ ۾ هن دنگل ۾ ڪلهوڙن جو لشڪر به شامل هو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 119-120)
[صوفي شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو ڪلهوڙن جي پيشانيءَ تي داغ آهي. هنن مغل سلطنت کان سنڌ آجي ڪرائڻ جون جيڪي ڪوششون ڪيون، انهن ۾ جيڪڏهن ڪلهوڙا حاڪم شاهه عنايت جي عوامي طاقت کي به پاڻ سان گڏ کڻن ها ته محمد ابراهيم جويي جي لکڻ موجب (حوالو: ’شاهه سچل سامي‘) ڪلهوڙا 20 سال اڳ سنڌ آزاد ڪري وٺن ها، پر ڪلهوڙن هن درويش صفت، هارين جي همدرد کي ڪا اهميت نه ڏني ۽ مقامي زميندارن حمل جت، نور محمد پليجي، سيد عبدالواسع شاهه سان گڏجي مغلن جو ڪمدار ۽ نمڪ خوار بنجي، شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين جي شهادت واري واقعي جو حصو بنجي، هميشه لاءِ لعنتاڻي جو گهانگهو ڳچيءَ ۾ وڌائون.]
ميان يار محمد 14 سيپٽمبر 1719ع تي ارڙهن سالن جي راڄ کانپوءِ هيءَ فاني جهان ڇڏيو. هن کي گاديءَ واري شهر ’خداآباد‘ ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت به اتي ٻه تاريخي يادگار موجود آهن: ميان يار محمد جو مقبرو ۽ جامع مسجد. هينري ڪزنس ٻنهي يادگارن جي وڏي تعريف ڪئي آهي: جامع مسجد ۾ سهڻيون ڪاشيءَ جون سِرون لڳل هيون، جي جاهلن اکيڙي پٽي مسجد جي سونهن خراب ڪئي آهي. ڪاشي ايڏي ته عمدي نموني جي ٺاهي وئي، جنهن جو مثال سڄيءَ سنڌ ۾ شايد ئي ملي. مقبري جي خاصيت هي آهي ته اهو پيڙهه ۾ ڏاڍو موڪرو آهي. هن جي سڄي مهاڙي ڪاشيءَ جي رنگين سرن سان سهڻي نموني سينگاريل آهي. (سنڌ جا قديم آثار، سنڌي ترجمو، ص 283) جنهن وقت
يار محمد ڪلهوڙي وفات ڪئي، ان وقت مغل دور جي سموري بکر ڊويزن، سيوهڻ ۽ سبي، ڍاڍر ۽ گنجابي تائين وارا سڀ علائقا ڪلهوڙن جي حاڪميت هيٺ هئا. ان کانسواءِ ٺٽي صوبي جا به ڪي ٽڪرا، ميان يار محمد کي ملي چڪا هئا. ميان صاحٻ ارڙهن سالن جي حڪومتي دور ۾، امن امان کي وڌ کان وڌ اهميت ڏني. هڪ مؤرخ لکيو آهي ته، امن امان انهيءَ حد تائين پهتل آهي، جو سموري خلق پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي پئي آهي، ۽ رستن جي امن جي هيءَ ڪيفيت آهي، جو ڪو به ماڻهو، اڪيلو، اونداهيءَ جي رات ۾، جيترو به سامان کڻي ويندو هجي، ۽ جتي به سندس دل گهري، بِنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پهچي وڃي ٿو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 294)
[اها راءِ لکندي، فاضل مؤرخ جي ضمير کي، يار محمد ڪلهوڙي جي مغل شاهيءَ جي ڇٽيءَ هيٺ ڪيل حڪمرانيءَ دوران سندن حڪم تي
شاهه عنايت جي شهادت وارو ڪرايل واقعو، چهنڊڙي به نه ٿو هڻي. جنهن هڪ واقعي ڪلهوڙي حاڪم جي ڪردار کي داغدار بنائي ڇڏيو آهي.]
ميان نور محمد ڪلهوڙو: غلام رسول مهر موجب ميان يار محمد کي پنج پٽ هئا. البت ٻيءَ راءِ آهي ته سنڌ جي هن حاڪم کي ست پٽ هئا. ميان صاحب جي وفات کانپوءِ، سندس وڏو پٽ ميان نور محمد پنهنجي علائقي جو حاڪم ٿيو. سندس حڪومت سنڀالڻ جو سن نومبر 1719ع چيو وڃي ٿو. سندس ڀاءُ ميان دائود، سندس حاڪم بنجڻ جي مخالفت ڪئي. ڪي چون ٿا ته مخالفت جو اهو سلسلو ٽي سال هليو، پر عام راءِ موجب ٽن مهينن ۾ قصو ختم ٿي ويو. هڪ موقعي تي ٻنهي ڌرين ۾ مختصر جهڙپون به ٿيون. ڪجهه وقت جهڙپن کانپوءِ دائود، ميان
نور محمد خان جو فرمانبردار بنجي ويو. بهادريءَ جي لحاظ کان انهيءَ دور ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو. (مقالات الشعراءِ، ص 421) ميان نور محمد کي به مختلف موقعن تي انهن ئي مخالفن سان واسطو پيو، جن سان ميان
يار محمد کي منهن مقابل ٿيڻو پيو هو. ان دور ۾ مغليه سلطنت ۾ خون خرابو جاري هو. بهادر شاهه ظفر (اول)، جهاندار شاهه، فرخ سير،
رفيع الدرجات ۽ رفيع الدوله، بادشاهيءَ لاءِ وڙهندا، مرندا ۽ ماريندا رهيا. آخرڪار 1719ع ۾ محمد شاهه (جنهن کي رنگيلو به سڏيندا هئا) دهليءَ جي تخت تي براجمان ٿيو. سنڌ ۾ يار محمد ڪلهوڙي کانپوءِ پڻس
نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو. جڏهن هيءَ خبر دهلي پهتي، تڏهن ميان نور محمد والد جي ڪيل واعدن جي پاسداريءَ جو کين يقين ڏياريو. ان کانپوءِ نور محمد کي به ’خدايار خان‘ جو لقب مليو ۽ ساڳين علائقن جي حڪومت به سندس حوالي ٿي.
آهستي آهستي ڪلهوڙن جي مخالف طاقتن ڪَر کنيو ۽ هن ڏس ۾ ابتدا ۾ دائودپوٽا مخالفت ۾ سامهون آيا. مير علي شير قانع، ان ڏس ۾ مناسب ڄاڻ فراهم ڪئي آهي: دائودپوٽا لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا.
ملا جيئندو ابڙو جهيڙي جي لپيٽ ۾ آيو. مير عبدالواسع خان شڪارپور ۽ خانپور جي آسپاس حاوي هو، ان تي به مصيبت ڪڙڪي. آخرڪار مجبور ٿي شڪارپور جي قلعي کي گهيرو ڪيو ويو. جنگ هلندي دائودپوٽا تنگ ٿي پيش پيا. هي واقعو 1722ع جو آهي. زمين ۽ مختلف علائقن جي تقسيم ۽ حوالگي ڪري، ميان نور محمد امن امان قائم ڪري مطمئن ٿي ويو. چئن سالن کانپوءِ سن 1726ع ۾، دائودپوٽا ٻيهر جنگ لاءِ تيار ٿيا. ميان نور محمد حالتن جو جائزو ورتو ۽ همت سان مقابلي جو فيصلو ڪيو. فيصلو هي ٿيو ته مخالفن کي سخت کان سخت سيکت ڏجي. دائودپوٽا ليڊر، فوج وٺي وڃي دبلي (دٻلي؟) ٻيٽ ۾ پهتا. سخت لڙايون ٿيون. ٻنهي ڌرين جو نقصان ٿيو، پر دائودپوٽا ڳري نقصان هيٺ آيا. نيٺ ڪي سيد وچ ۾ پيا. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ بندي ۽ صلح ٿيو. دائودپوٽا شڪارپور کي ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا. ڪي ته ملتان تائين لڏپلاڻ ڪري ويا. ٻن سالن کانپوءِ ڪي اچي پيش پيا ۽ صلح جي درخواست ڪيائون. ميان نور محمد کين معافي ڏيندي، گذرسفر جا وسيلا مهيا ڪرڻ جو به تاڪيد ڪيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 265-266)
ان کانپوءِ بروهي- ڪلهوڙا تڪرار ڪر کنيو. ميان يار محمد جي دور ۾ به ٻنهي ڌرين ۾ دنگل ٿيو هو. جهيڙي جو مکيه سبب ڪلهوڙن کي بولان لڪ جا علائقا ملڻ هو. سبي، ڍاڍر ۽ گنجابي کان ويندي
ديري غازي خان تائين وارن پرڳڻن کي قلات جو والي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيو هو. سن 1729ع ۾ مراد ڪليري عرف گنجو، سبيءَ تي مقرر ٿيو. هن لاشارين، رندن، مگسين، بليدين، ماڇين ۽ ٻين قبيلن جي سردارن کي ڪلهوڙن جي بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. 1730ع ڌاري ميان نور محمد پاڻ حملو ڪري ڪي علائقا هٿ ڪيا. ان کان ڪجهه اڳ مراد ڪليري ۽ شهباز ڪوهستان يعني مير عبدالله خان ۾ تصادم ٿيو. ميان جي لشڪر اڳتي وڌي، اسماعيل بروهيءَ کي شڪست ڏئي، ڪاڪڙ بروهيءَ کي قتل ڪيو. هن واقعي ’شهباز ڪوهستان‘ کي لوڏي ڇڏيو. نيٺ مير عبدالله خان ٻه نياڻيون ميان جي صاحبزادن کي نڪاح ۾ ڏئي صلح ڪيو. 1731ع ۾ بروهين واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي کي ڦريو. انتقام جي آڳ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو پاڻ لاڙڪاڻي پهتو ۽ لشڪر کي حڪم ڏنائين ته جذپهر پهچو، جتي مير عبدالله خان لشڪر گڏ ڪيو هو. زبردست لڙائي ٿي، جنهن ۾ عبدالله خان مارجي ويو ۽ هميشه لاءِ بروهين جو زور ٽٽي پيو. 1732ع ۾ محمد مرادياب خان ’ڪهيارو‘ وڃي مير عبدالله جي سؤٽ مير مراد علي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. 1733ع ۾ شهزادو خداداد خان به هنن ماڻهن مان شادي ڪري سرخرو ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 266- 267) غلام رسول مهر حالات کي مفصل بحث هيٺ آندو آهي. هن جي لکت موجب بروهين بار بار صلح ڪري ان جي نفي ڪئي. ڪيئي ڀيرا واعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي، بروهي لشڪر (خان آف قلات) سنڌ جي حدن ۾ ڪاهي آيو. ڏاڍمڙسي، ڦرلٽ ۽ قتل عام، هن جو شيوو بنجي ويو. اهڙين حالتن ۾ ميان نور محمد ٻيو ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيو.
غلام رسول مهر ڌرين ۾ ٿيل مختلف جنگين جا تفصيل به ڏنا آهن. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، باب اٺاويهون) سيد مير محمد بلگرامي ان وقت سنڌ ۾ دهلي دربار جو واقع نويس موجود هو. هن روزنامچي جي طرز تي ’تبصرة الناظرين‘ نالي ڪتاب لکيو. راشدي مرحوم پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ’منشور الوصيت ودستور الحڪومت‘ ۾ سيد مير محمد جي ڪتاب مان ڪي ٽڪرا ڏنا آهن. ٻين واقعن کان علاوه ڪلهوڙن جي بروهين سان ٿيل شادين جو ذڪر به سيد صاحب ڪيو آهي. هن سال يعني 1732ع ۾ محمد مرادياب خان جي شادي، مراد علي خان بروهيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. مراد علي خان بروهي، مير عبدالله خان واليءِ قلات جو سوٽ هو. ورندڙ سال يعني 1733ع ۾ خداداد خان، ميان نور محمد جي وچئين پٽ جي شادي عبدالله خان بروهي رئيس قلات جي نياڻيءَ سان ٿي گذري. (منشور الوصيت، سنڌي، ص 97) ان ريت ’تحفة الڪرام‘ جي لکت جي تائيد ۽ تصديق ٿئي ٿي. اهڙين سوڀن کانپوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي، شاهي درٻار مان ’ثابت جنگ‘ خطاب، پنج هزاري منصب ۽ نوبت جو عطيو مليو. ڪلهوڙن حاڪمن مان هي پهريون حڪمران هو، جنهن کي ايڏو وڏو شاهي اعزاز مليو هو.
ايڏيءَ وڏيءَ سوڀ ۽ حاصلات کانپوءِ، کهڙن جي مخدوم عبدالرحمان ۽ مسجد ۾ نماز پڙهندڙن جي شهادت جو واقعو پيش آيو، جنهن جو داغ ميان نور محمد ڪلهوڙي تان اڄ تائين ڌوپي نه سگهيو آهي. ساڳيءَ طرح ان کان اڳ شاهه عنايت ۽ ساٿين جي شهادت جو ڏوهه يار محمد ڪلهوڙي سان گڏ سندس پٽ نور محمد ڪلهوڙي جي کاتي ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ ڳڻيو ويندو.
هي واقعو ميان نور محمد جي وقت ۾ کهڙا شهر ۾ پيش آيو. کهڙن جا مخدوم پڻ ڪجهه مؤرخن جي نظر ۾، سنڌ جي حاڪمن وانگي عباسي ڪلهوڙا هئا. مخدوم عبدالرحمان ۽ ميان نور محمد ۾ ملاقاتون به ٿينديون رهيون هيون، ۽ ٻنهي ۾ خوشگوار لاڳاپا به قائم هئا.
مير علي شير قانع هن واقعي بابت صرف ايترو لکيو آهي ته، هو (مخدوم عبدالرحمان) امر و نحيءَ جو ڏاڍو پابند هو. دين جي فيصلن ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. سنت طريقي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام مبالغو ڪندو هو. هڪ وڏي جماعت سندس اشاري تي هلندي هئي. آخر هڪ هدايت واريءَ جماعت سان اسلام جي حمايت ۾، مسجد اندر نماز پڙهائيندي شهيد ٿيو ۽ دفن ڪيو ويو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 336- 337) هي واقعو 1732ع ۾ پيش آيو. ڪلهوڙن جي تاريخ لکندڙ مولانا
غلام رسول مهر به هن عنوان تي قلم کنيو ۽ مفصّل بحث ڪيو. سندس راءِ موجب مخدوم عبدالرحمان ۽ ميان نور محمد ۾ خوشگوار تعلقات قائم هئا، پر ڪنهن انتظامي مجبوريءَ سبب هي واقعو پيش آيو. کهڙن جي مخدومن جا افغان بادشاهن سان به خاص لاڳاپا هئا. اڄ به سندس خاندان وٽ انهن جا فرمان ۽ دستاويز موجود آهن. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، باب اڻٽيهون)
[مؤرخن سنڌ جي تاريخ لکندي حقيقت کان جنهن نموني منهن موڙ ڪئي آهي، ان سنڌ جي تاريخ جو چهرو مسخ ڪري ڇڏيو آهي. اصل حقيقت اها آهي ته روهڙيءَ جي مسڪين ماڻهن جي حق ۾ مخدوم عبدالرحمان نور محمد ڪلهوڙي کي منهن تي اهڙا حق تي مبني ڳرا لفظ چيا هئا، جن کي بهانو بڻائي، نور محمد ڪلهوڙي جي درٻاري ناظمن، مخدوم عبدالرحمان خلاف ماحول تيار ڪري، کيس مڇرائي، هي واقعو عمل ۾ آڻايو هو، جنهن ۾ نماز پڙهندي مخدوم صاحب سان گڏ 222 بيگناهه ماڻهو شهيد ڪيا ويا هئا.]
پنج سال پوءِ 1737ع (1150هه) ميان نور محمد کي هڪ غير معمولي ڪاميابي حاصل ٿي. [ياد رهي ته 1566ع ۾ ارغونن ۽ ترخانن سنڌ ملڪ کي تقسيم ڪيو. ٺٽي جو علائقو (هيٺين سنڌ) ترخانن جي حاڪميت ۾ آيو. جڏهن ته بکر جو ملڪ (اتر سنڌ) سلطان محمود کي مليو. هندستان جي مغل شهنشاهن به، پهريان بکر تي قبضو ڪيو ۽ ڪجهه سال پوءِ ٺٽي کي فتح ڪيائون. مغلن سنڌ کي صوبي جو درجو نه ڏنو. البت بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي تي جدا جدا صوبيدار (گورنر) يا فوجدار موڪلي حڪومت ڪيائون. ان ڪري ملڪ سنڌ پوڻا ٻه صديون پنهنجي اصلوڪي جاگرافيءَ حالت کان محروم رهيو.] 1737ع (1150هه) ۾ ٺٽي جي آخري مغل نواب صادق علي خان، مرڪز (دهلي) کي اطلاع ڏنو ته، هي ملڪ وڌيڪ اسان جي حڪمرانيءَ جي لائق نه رهيو آهي. ان ڪري بهتر ٿيندو ته مغل سرڪار ملڪ کي آجو ڪري. ان وقت دهليءَ ۾ مقيم سنڌ جي سفير کي طلب ڪري، ڪلهوڙن جي لاءِ ٺٽي جي حاڪميت جو پروانو ڏنو ويو.
قانع لکي ٿو ته، سن 1150هه ۾ ٺٽو پڻ قبضي ۾ آيو، ۽ اتي جي نائبيءَ جو شرف شيخ غلام محمد کي نصيب ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 267) وڌيڪ لکي ٿو ته، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ مٿئين خدايار خان (ميان نور محمد) جي وڪيل (سفير) شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيزالله جي حوالي ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي، هندستاني حاڪمن جي حڪومت ٺٽي مان ختم ٿي وئي، ۽ هميشه لاءِ عباسي گهراڻو بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، 253- 254)
خاطري آهي ته نه رڳو ميان نور محمد، پر سڄيءَ سنڌ لاءِ هي موقعو خوشي، اطمينان ۽ جشن وانگر هو. صدين بعد سموري سنڌ متحد ٿي، ۽ ان جي جاگرافيائي وحدت بحال ٿي. پٿاوالا ان موقعي کي ساراهيندي، ميان نور محمد کي سموري ملڪ سنڌ جي واحد حڪمران جي مڃتا ڏني آهي، ۽ لکيو آهي ته نور محمد ايترو ته مضبوط حاڪم ٿي چڪو هو، جنهن قلات جي خان مير عبدالله کي به قتل ڪري ڇڏيو. (هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ، ص 137)
ليڪن لاڙ ۾ ڪجهه طاقتور رئيسن کي هيءَ تبديلي پسند نه آئي، ڇو ته اهي ڌارين جي راڄ ۾ اڌ آزاد رياستون قائم ڪري، خود انهن علائقن جا مالڪ بنجي چڪا هئا. ان حالت ۾ ميان نور محمد وڏي پٽ مرادياب خان کي 1739ع ۾ ٺٽي موڪليو ته، هو اتي پهچي معاملن کي ڏسي ۽ حل ڪري. همعصر مؤرخ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، هو 1151هه جي ذوالقعد مهيني جي آخر ۾ ٺٽي پهتو، ته ڌاراجا جو حاڪم راڻو اجمال ۽ ڪڪرالي جو ڄام ساڻس ڇيڙڇاڙ ڪرڻ لڳا، ۽ سامونڊي آرماڙ مٺي درياهه ۾ وٺي آيا. جنهنڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيئي جنگيون ۽ چڪريون لڳيون. سندن جهازن، ٺٽي جي گهاٽ وٽ پهچي نصرپور تائين ٻنهي ڪپن تي ڦرلٽ ڪئي. آخر جڏهن هن پاسي کان توبون آڻي ڪناري تي بيهاري ڇوڙيائون، تڏهن شڪست کائي موٽي ويا. پر ڪلهوڙن جي فوج پيڇو ڪري ٻنهي کي زبردستيءَ آڻ مڃائي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 267- 268)
ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد، چاليهه سالن جي مشڪل ترين حڪمراني ۽ صبر آزما تڪليفن کانپوءِ نه رڳو حاڪميت حاصل ڪئي، پر صدين جي ٽٽل ملڪي وحدت کي به بحال ڪري ورتو هو. هاڻي وقت اچي ويو هو ته هو سنڌ جي مفاد ۾ ڪي فيصلا ڪن ۽ سنڌي عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن. پر بدقسمت سنڌ تي هڪ نئين مصيبت نازل ٿي، جنهنڪري ڪلهوڙن جي سموري حاصلات کي وڏو نقصان پهتو. ان مصيبت جو نالو هو نادرشاهه ايراني. نادر ابتدا ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ لٽيرو هو. رستن جي لڪن تي رات جو، پنهنجي ٽولي سان گڏ مسافرن کان ڦرلٽ ڪندو هو. حالتن هن کي هڪ ليڊر طور اڳتي آندو. بعد ۾ هو فوج ۾ ڀرتي ٿيو. تڪڙي ترقي ڪندي فوج ۾ اهم ڪمانڊر بنجي ويو. بادشاهه عباس صفوي (ٽيون) 1735ع ۾ فوت ٿيو ته نادر شاهه افشار پاڻ ايران جو بادشاهه بنجي ويو. افشار خاندان جو هڪ فرد، جو شروع ۾ ڌاڙا هڻندو هو، سو اڄ ايران جو مالڪ بڻجي ويو هو. ايرانين کيس بادشاهه ڪيو، ڇو ته هن ايران کي روسين، افغانن ۽ ترڪن جي حملن کان بچايو هو. نادرشاهه سني مذهب اختيار ڪري عوام کي ان تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. ايران ۾ حالتن کي درست ڪرڻ کانپوءِ، نادر افغانين کي سيکت ڏيڻ لاءِ قنڌار پهتو. جنهن بعد هن بلخ جو رخ ڪيو. ان کانپوءِ نادر خيبر لڪ کان هندستان ۾ داخل ٿيو. مغلن ڪرنال جي جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ پوءِ نادر شاهه سان ٺاهه ڪيو. نادر پوءِ دهليءَ جي تاريخي شهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنهن معمولي واقعي جي ڪري دهليءَ وارن تي سخت ناراض ٿيو، ۽ معاملو وڃي خون خرابي جي حد تائين پهتو. تمام گهڻي خون خرابيءَ ۽ شهر جي دولت جي ڦرمار کانپوءِ، نادر پنهنجي پٽ نصرالله جي شادي، مغل شهنشاهه محمد شاهه جي ڌيءُ سان ڪرائي. هندستان جو ملڪ محمد شاهه جي حوالي ڪري، واپسيءَ جي سفر جي تياري ڪئي ۽ سنڌو درياهه جا اولهه وارا علائقا مملڪت ايران کي تحفو ڪري ڏنا ويا. (تاريخ ايران، جلد دوم، اردو، ص 373-379) مطلب صاف ظاهر آهي ته ”مملڪت سنڌ“، ان جي باشندن ۽ حڪمرانن کي ڪا به خبر نه ڏني وئي ۽ نه ايران جي حوالي ٿي وئي، ۽ سرڪاري طرح اهڙو اطلاع ميان نور محمد کي ڏنو ويو هو.
نادر ايراني نومبر 1739ع ۾ ڪابل پهتو. ميان نور محمد کي ڪابل پهچي ملاقات ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ميان صاحب ائين نه ڪيو ته نادر هڪدم سنڌ طرف وڌڻ جا حڪم جاري ڪيا. نادر پشاور ٽپي سنڌو ماٿر ۾ داخل ٿيو ته، ميان نور محمد جا مخالف: امير صادق محمد خان دائودپوٽو ۽ قلات جو حاڪم محبت خان بروهي، سندس خدمت ۾ پهچي ويا. ذڪريا خان لاهور ۽ ملتان جو ناظم هو، نادر ان لاءِ به سيپٽمبر 1739ع ۾، حڪم جاري ڪيو ته اهو به سنڌ جي مهم ۾ موجود هجي. ذڪريا خان ۽ سندس پت حيات الله خان نادر جي مدد سان سنڌ ۾ داخل ٿي ويا. (انڊو پرشين رليشنس، ص 153- 161)
هڪ همعصر تاريخدان صورت حال جو نقشو ڪجهه هن ريت پيش ڪيو آهي:
هن کانپوءِ نادر شاهه بادشاهه جي اچڻ جا سبب پيدا ٿيا، ۽ اوڏانهن وڪيل اچڻ وڃڻ لڳا... خدايار خان [نور محمد ڪلهوڙو] عمرڪوٽ پهچي اهل و عيال کي تلها (ٿر) روانو ڪيو ۽ جنهن رات جي صبح جو پاڻ نڪرڻ جو ارادو ڪيو هئائين، انهيءَ صبح جو نادر خود اچي ناگهاني آفت وانگيان عمرڪوٽ جي ٻاهران ڪڙڪيو. هاڻي جڏهن ڪم هٿن مان نڪري چڪو، تڏهن لاچار ’خدايار خان‘ گنهگارن وانگيان هٿ ٻڌي سندس آڏو اچي حاضر ٿيو. بادشاهه کيس پاڻ سان وٺي اچي لاڙڪاڻي منزل انداز ٿيو ۽ هڪ ڪروڙ روپيا وٺي، ملڪ ٻيهر کسي بخشي، سيوي (سبي) پٺاڻن، ۽ شڪارپور دائودپوٽن کي ڏئي، عزت افزائيءَ لاءِ کيس ’شاهه قلي خان‘ جو لقب عطا ڪري، سندس ٻن صاحبزادن: محمد مرادياب خان ۽ غلام شاهه کي ضمانت ۾ وٺي، 28 مارچ 1740ع (11 محرم 1153هه) تي لاڙڪاڻي کان واپس موٽيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 267، ص 268) نادر جي سنڌ ۾ هوندي سندس لشڪر ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪاهي پيو. ٺٽي سميت پوري لاڙ ۾ ڦرلٽ ڪيائين. آقا ڪريم اصفهاني ٺٽي جو حاڪم بنجي، چونڊ ماڻهن کي گڏ ڪري نادر جي خدمت ۾ پيش ڪيو. آخرڪار سلطان سامٽيو ٺٽي جو ناظم بنيو ۽ پوءِ مختلف علائقن ۾ جن ماڻهن بدامني پيدا ڪئي، تن کي تنگ ڪري کانئن ڍلون وغيره وصول ڪيون ويون. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو ته، ميان نور محمد ڪلهوڙو بيوس ۽ سموري سنڌ لاوارث ۽ يتيم بنجي چڪي هئي.
سيد مير محمد بلگرامي پنهنجي روزنامچي (تبصرة الناظرين) ۾ سنڌ بابت تمام ڏک سان لکيو آهي ته، جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ڪري قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون. جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ٻُڌائون ته اتي پهچي ان شخص کان اهو گهوڙو کسيائون ٿي. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي، ساڻن ڪنهن طرح پڄي نه ٿي سگهيو... اهڙيءَ طرح ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا جانور ۽ سٺو ڪپڙو هوندو هو، ته اهو به زوريءَ ڦري ٿي ورتائون ... اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور جي ڪري، بنده راقم مير محمد بلگراميءَ جي دل ڀڄي پئي، جو آءٌ به اتي سنڌ ۾ باعيال رهندو هئس. (منشور الوصيت، سنڌي، ص 104- 105)
نادر شاهه دائوپوٽن کي شڪارپور جو علائقو عطا ڪيو. جڏهن ته سبي پٺاڻن کي ملي. حقيقت هيءَ آهي ته سبي، ڍاڍر، گنجابو ويندي بولان لڪ تائين وارا علائقا، قلات جي والي محبت خان کي مليا. ڪجهه مؤرخن علائقن جي حوالگيءَ کي مير عبدالله خان جي خون بها سان تعبير ڪيو آهي. هن مسئلي تي غلام رسول مهر ڀرپور بحث ڪندي، ان کي خون بها سڏڻ غلط قرار ڏنو آهي. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 394- 395، حاشيا) باقي بچيل ملڪ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي بخش ڪيو ويو. ائين ڪرڻ سان سنڌ ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو. شخصي طرح ميان صاحب جو هي نقصان ٿيو ته، ٻه پٽ يرغمال طور ايران موڪليا ويا. چاليهن سالن ۾ مشڪل حالتن ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد سنڌ جي قومي خزاني ۾ وڏي رقم گڏ ڪري ورتي هئي، جنهن مان هڪ ڪروڙ روپيا نادر شاهه کڻي ويو. ويندي هي ايراني ڌاڙيل ميان نور محمد جو ڪتب خانو به پاڻ سان کڻائي ويو. ڪجهه تاريخي حقيقتن کان بيخبر ماڻهو، لکندا آهن ته
نور محمد ڪلهوڙو مقابلو ڪرڻ بجاءِ نادر شاهه کان بچڻ لاءِ عمرڪوٽ هليو ويو هو. ميان صاحب ان ڏس ۾ خود لکي ٿو ته، ”اهي سرائي فقير به سڀ هڪجهڙا نه آهن. ڪي جسم وانگر آهن ته ڪي وقت ٽپائيندڙ. ڪي پنهنجي رت ۽ عزيزن وانگر آهن. انهن مان ڪي منافق، ڪي زماني ساز ۽ ڪي پنهنجي وطن کان ڏکايل ۽ هتي اچي وڏا وار رکائي، پاڻ کي فقير ٿا سڏائين ۽ دربان آهن. جهڙيءَ طرح ظالم ناپاڪ نادر شاهه جي اچڻ تي کيس اسان جا راز ۽ احوال ظاهر ڪيائون. (منشور الوصيت و دستور الحڪومت، فارسي، ص 22) تن مان صاف ظاهر آهي ته ميان نور محمد عمرڪوٽ ڇو ويو ۽ ان جي پسمنظر ۾ ڪهڙا سبب هئا؟
ميان نور محمد ڪلهوڙي هي ڳرو نقصان برداشت ڪندي سنڌ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو طئه ڪيو. البت نادر جي روانگيءَ کانپوءِ 1742ع کان 1747ع تائين ڪن مکيه واقعن جو مختصر ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهندي هيٺ ڏجي ٿو:
1740ع ڌاري نادر شاهه کي بحري ٻيڙو تيار ڪرڻ جو خيال آيو. ان مقصد لاءِ سورت بندر تي جهازن جي تعمير جو حڪم ڏنو ويو هو. ان پس منظر ۾ مظفر علي خان 1742ع ۾ ڪراچيءَ کان ٺٽي پهتو. ميان نور محمد هن جي آجيان لاءِ ٺٽي پهتو ۽ اڍائي مهينا اتي رهيو. نادر شاهه ويندي ويندي شڪارپور دائودپوٽن کي ڏئي ويو هو. 1743ع ۾ ڪي مسئلا پيدا ٿيا، تڏهن سردار طهماسپ قلي خان جلائر، انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ پهتو. خبر نه آهي ڇو ميان نور محمد هيءَ ڳالهه ٻڌي سياسي معاملن کان ڪناره ڪش ٿي ويو، جنهنڪري نئين سر سنڌ ۾ بدانتظامي پيدا ٿي.
ان دور ۾ ايراني سفير (وڪيل) رضا بيگ، ٺٽي جي انتظامن جي نگراني ڪندو رهيو. آخرڪار سردار جلائر ۽ ميان نور محمد ۾ ملاقات ٿي، تڏهن سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪرالله وري اچي ٺٽي جي نظامت سنڀالي. ان وقت عطر خان نالي ٽيون ايراني سردار جي حوالي ڪيو ويو. آهستي آهستي سردار جلائر ۽ امير محمد صادق خان ۾ لاڳاپا بگڙندا ويا. امير صادق محمد پنهنجي پٽ ۽ عزيزن توڙي لشڪر کي هدايتون ڏئي، پاڻ نادر شاهه کي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ خود ايران روانو ٿي ويو. هوڏانهن سردار جلائر سان عطر خان گڏ هو. حالتن جي تقاضا تحت، دائودپوٽن پنهنجن عزيزن ۽ واسطيدارن کي مختلف ماڳن تي پهچائي ڇڏيو هو. ان وچ ۾ صادق محمد خان دائودپوٽي نادر جي خدمت ۾ پهچي، جلائر خان جي ڪيل ظلمن جو داستان بيان ڪيو ۽ حالتن جو نقشو پيش ڪيو. ان وچ ۾ جلائر جي خوف کان شڪارپور خالي ٿي ويو هو. هن ديراوڙ ۽ ستاهي تي حملا ڪري زبردست لڙايون ڪيون. خاص ڪري ديراوڙ جي قلعي کي ته نابود ڪيو ويو. نادر جڏهن حالتن کان واقف ٿيو ته امير محمد صادق خان جي دلجوئي ڪيائين. هن تجويز ڏني ته دائودپوٽا سنڌ کي ڇڏي غزني ۽ آسپاس ۾ اچي آباد ٿين. مرزا عسڪريءَ کي موڪليائين ته هو سنڌ پهچي، سردار جلائر کي به سمجهائي ۽ لڏپلاڻ ۾ دائودپوٽن جي مدد ڪري ٻئي سنڌ پهتا ته طهماسپ جلائر جي نائب هنن جو استقبال ڪيو. روهڙيءَ ۾ صادق محمد خان ۽ ميان نور محمد ۾ برادرانه ملاقات ٿي. صادق محمد خان سنڌ پهچي پٽن سان مشورو ڪيو. سندس پٽ امير بهاول خان هيءَ رٿ نامنظور ڪندي، ايرانين مان مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. ان پس منظر ۾ امير صادق محمد خان ۽ مرزا عسڪر عليءَ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا. مارچ 1745ع (ربيع الاول 1159هه) ۾ معاملا وڌيڪ بگڙي ويا. ٻنهي ڌرين ۾ خونريز جنگ ٿي. لاشن جا ڍير لڳي ويا، جنگ هلندي امير صادق محمد خان مارجي ويو. ڪنهن طرح سان لاش هٿ ڪري، امير بهاول خان ان جو ڪفن دفن ڪرايو. ان بعد آهستي آهستي دائودپوٽا شڪارپور کي ڇڏي، سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر صوبي ملتان جي حدن ۾ هليا ويا. دائودپوٽن کي اهل ملتان ڀليڪار ڪئي، ۽ زمينن جا ٽڪرا ڏنا. ان ريت رياست بهاول پور جو بنياد پيو. امير بهاول خان جي نالي پويان شهر جو نالو به بهاول پور رکيو ويو. هي واقعو 1745ع ۾ رونما ٿيو. سواءِ سنڌ جي ٻين آسپاس جي صوبن ۽ رياستن هن جي قيام جي حمايت ڪئي. دائودپوٽن ٻن صدين کان به وڌيڪ هتي حڪمراني ڪئي. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، باب چوٽيهون) اها جدا ڳالهه آهي ته ڪلهوڙن جي هڪ دشمن مان جند آجي ٿي، پر شڪارپور پوءِ به ڪلهوڙن کي نه ملي. ابتدا ۾ ان تي ايرانين جو قبضو رهيو ۽ پوءِ ڊگهي مدت لاءِ افغان بادشاهن جي تابع رهي.
جڏهن اتر سنڌ ۾ افراتفريءَ واري حالت رهي، تڏهن لوئر سنڌ (لاڙ) ۾، مختلف قبيلن يا انهن جي سردارن، امن امان کي تهس نهس ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي حاڪميت کي، اهي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ڌاراجا (ڏهراج؟) جي واليءَ ان دور ۾ بغاوت ڪئي. ميان خبر ٻڌي ته خداداد خان کي فوج ڏئي ٺٽي موڪليائين. مسو فقير کي برطرف ڪري ٺٽي تي بلاول فقير نائچ کي ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو ويو. هي واقعو 1747ع جو آهي. ڌاراجا جو راڻو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڀڄي ويو. بعد ۾ خداداد خان اٽڪل سان قلعي کي قبضي ۾ آندو. ليڪن شيخ شڪرالله، بجار جوکيي جي ذريعي راڻي کي صلح جو پيغام موڪليو. هو ٻيڙيءَ مان لٿو ته راڻي کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ٻيءَ روايت موجب هي واقعو
ميان غلام شاهه جي دور ۾ ٿيو. ان پس منظر ۾ بجار جوکيي کي ’ڄام‘ جو لقب مليو. علي بندر کان ٽي ڪوهه پري قلعو ڪانجي هو. 1745ع ۾ ميان نور محمد خود تلوار جي زور تي ان کي فتح ڪيو. 1746ع تي ڪي ڪڇي ماڻهو سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي، سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيا. شاهه بهاري لشڪر وٺي کين سيکت ڏني. تاجن منڌري جي سرڪشي به ان دور ۾ ٿي. قلعي ڪانجيءَ جو والي گهڻو بهادر هو. هن کي به آخرڪار گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته ڪانجي قلعو مضبوط هو، ان جي چوطرف سمنڊ وانگيان ڇوليون هڻندڙ پاڻي هو. ڪانجي قلعي جو والي شاطر ۽ بهادر هو، ان ڪري ساڻس ويڙهه ڪري قلعو هٿ ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه هو. مٿان وري ميان نور محمد جي علائقي مان تاجن منڌرو به ڀڄي وڃي، قلعي ڪانجيءَ جي واليءَ وٽ پهتو. ميان نور محمد تاجن جي واپسيءَ لاءِ، مير شاهو بلوچ کي موڪليو. مير صاحب سفارتڪاريءَ ۾ ماهر هو. پر کيس ناڪامي ٿي. ڪانجي قلعي جي سربراهه چيو ته آءٌ ميان جي ماتحت نه آهيان. بلڪ منهنجو تعلق ته ڪڇ جي راجا سان آهي. ميان صاحب کي جڏهن اهي اطلاع مليا ته پاڻ سخت ڪاوڙيو. چونڊ بهادرن جو لشڪر تيار ڪري ان جي ڪمانڊ خود ڪيائين. ڪڇ ۾ زبردست معرڪا ٿيا ۽ ماڻهو مئا. آخرڪار ڪانجي علائقي (يا قلعي) جو سردار ناڪام ٿي، ڪلهوڙن جي لشڪر جي هٿان گرفتار ٿيو. شاهه بهاري جي سفارش تي کيس معافي ملي، ليڪن هن کي قيد ڪيو ويو. اڃا تاجن منڌري جي معاملو رهيل هو. مراد ڪليري وڏي لشڪر سان هن تي حملو ڪيو. تاجن گرفتار ٿي ميان نور محمد جي آڏو پيش ٿيو. ميان هن کي به معاف ڪري ڇڏيو. تاجن پنهنجي وفاداريءَ جي ڀرم تي قائم نه رهي سگهيو ۽ پوءِ قتل ٿي ويو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، باب پنجٽيهون)
مٿي نادر شاهه جي اڀرڻ، هندستان تي حملي ۽ سنڌ ۾ اچڻ بابت ذڪر ٿي چڪو آهي. هن سنڌ کان موٽڻ بعد به فتوحات ۽ خون خرابيءَ جي مشغلي کي جاري رکيو. 1742ع ۾ مٿس قاتلانه حملو ٿيو، پر بچي ويو. ولي عهد مرزا رضا قليءَ تي هن حملي جو شڪ پيو، ان ڪري بنا دير پنهنجي لائق فرزند جون اکيون ڪڍڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن تي هڪدم عمل ڪيو ويو. جڏهن سلطنت ايران ۾ ڪنهن به پاڻ کي محفوظ نه پئي سمجهيو، تڏهن چند سردار ۽ سندس ڪي عزيز خيمي ۾ گهڙي رات جي وقت ۾ کيس قتل ڪري ويا. هي واقعو 10 جون 1747ع (11 جمادي الآخر 1160هه) تي پيش آيو. ان کانپوءِ پيدا ٿيل افراتفريءَ ۾ نادر جا ڪيئي عزيز مارجي ويا. فقط هڪ پوٽو ۽ ڀائٽيو وڃي بچيا، جن ۾ به تفرقو پيدا ٿيو ۽ اقتدار لاءِ ويڙهه ٿي. نادر جيڪا سلطنت ٺاهي هئي، سا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. هند ۽ سنڌ توڙي ٻين هنڌن کان جيڪا دولت هن ميڙي آڻي گڏ ڪئي هئي، سا واريءَ جي ذرڙن وانگر هوا ۾ اڏري وئي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، سنڌي، ص 442) انگريز مؤرخ سائيڪس به نادر جي آخري ڏينهن تي مختصر روشني وڌي آهي. لکي ٿو ته نادر کي قتل ڪندڙن يا سازش ڪندڙن ۾ سندس ڀائٽيو به شامل هو. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته ننڊ پيل نادر تي جڏهن حملي آورن حملو ڪيو ته ان حالت ۾ به هن ٻن ڄڻن کي ماري وڌو. (اي هسٽري آف پرشيا، جلد ٻيو، ص 272- 273)
نادر جي قتل سان سنڌ سک جو ساهه کنيو ۽ اٺ ساله ايراني غلامي ختم ٿي. ميان نور محمد ڪلهوڙو ان صورت ۾ آزاد سنڌ جا خواب ڏسڻ لڳو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان توپن ۽ ٻئي قسم جي انگريزي هٿيارن جا ٻه سودا ڪيا ويا. پهريون سودو 26 جنوري 1748ع تي ۽ ٻيو سودو 21 مارچ 1749ع تي ٿيو. ان مقصد لاءِ شيخ شڪرالله جي معرفت رقم جي ادائگي ڪئي وئي. (بي. ڊي. ميرچنداڻي: سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، جرنل، جنوري 1938ع) ليڪن شخصي طرح سنڌ جي حاڪم لاءِ ٽن پٽن جي واپسيءَ جو مسئلو اهم هو، جيڪي نادر يرغمال طور ايران وٺي ويو هو. ايران ۾ جڏهن نادر جي قتل کانپوءِ ماحول تبديل ٿيو، تڏهن ميان صاحب کي پٽن جي واپسيءَ جي اميد سان گڏ ڪي قدر پريشاني به لاحق ٿي. واقعي کانپوءِ نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن (مرادياب خان، غلام شاهه ۽ عطر خان) صلاح مصلحت ڪئي ته سندن والد صاحب پوڙهو ٿي چڪو آهي، ان ڪري سندن واپسي ان لاءِ لازمي آهي ته جيئن کيس آٿت ۽ سڪون ملي. ٺٽي جو رهاڪو شيخ غلام محمد ابتدا کان وٺي صاحبزادن سان ايران جي قيام وقت گڏ هو. فيصلو ٿيو ته محمد مرادياب خان ۽ شيخ غلام محمد، مسقط کان ٿيندا سنڌ پهچن. جڏهن ته باقي ٻه ڄڻا خشڪيءَ ذريعي وطن واپس ٿين. رستي جي مشڪلاتن جي باوجود غلام شاهه ۽ عطر خان 1749ع ۾ سنڌ پهتا. مرادياب مسقط ۾ هو، جو خبر پهتي ته شيخ غلام محمد کي ڪنهن خنجر هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. هي واقعو 1750ع جو آهي. ميان نور محمد، غلام محمد جي ڀاءُ شيخ شڪرالله کي جهاز ڏنو ته محمد مرادياب خان کي وطن واپس وٺي اچي. بدقسمتيءَ سان شڪرالله کي زهر ڏئي ختم ڪيو ويو. شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪرالله، ميان ڪلهوڙن جي درٻار ۾ خاص رتبو رکندا هئا. ميان نور محمد سندن شهادت کان سال اڳ ’منشور الوصيت و دستور الحڪومت‘ مسودو لکيو، جنهن ۾ پٽن کي وصيت ڪيائين ته: شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪرالله ٻنهي ڀائرن کي ڀائرن مثل اهميت ڏجو. اهي اسان جا فدائي ۽ نمڪ حلال آهن. شيخ غلام محمد ته اسان لاءِ محنتون ڪيون آهن ۽ ظلم سَٺا آهن. (منشور الوصيت، فارسي، 22-23) تاريخ جا طالب علم هن ڳالهه تي پريشان آهن ته مملڪت سنڌ جا هي ٻه اهم ستون ڇو بنا ڪنهن سبب جي، شهيد ڪري رستي تان هٽايا ويا. جهڙيءَ طرح شيخ غلام محمد جي قاتل جو نالو يا قتل جي واقعي جو تفصيل معلوم نه آهي، تهڙيءَ طرح اهو به معلوم نه آهي ته شيخ شڪرالله کي ڪنهن زهر ڏنو، ڇو ڏنو، ۽ هن ڪٿي وفات ڪئي؟
نادرشاهه 1747ع ۾ قتل ٿيو ته سندس افغان سپهه سالار احمد خان ابدالي ايران کي ڇڏي بنا دير قنڌار پهتو. هن قومي اڪابرن کي گڏ ڪري اعلان ڪيو ته، ”تاريخ اڄ اسان کي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ جدا وطن ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي. هي موقعو ضايع ٿي ويو ته وري ڪڏهن اهڙو موقعو نه ملندو. قومي جرڳي سندس ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ هن احمد شاهه جو لقب اختيار ڪري، قنڌار کي پنهنجو مرڪزي شهر مقرر ڪيو. گهڻو پوءِ ڪابل کي افغانستان جو تختگاهه مقرر ڪيو ويو. هن نادر جي سلطنت مان اوڀر طرف وارن علائقن جي ميراث جي دعويٰ ڪئي. ٻين علائقن کان سواءِ سنڌ به هن ۽ هن جي جاءِ نشينن هٿان جيڪي سختيون سٺيون ۽ پريشانيون ڏٺيون، انهن جو داستان به نادري حملي جي داستان کان گهٽ دردناڪ نه آهي.
محمد مرادياب خان والد جي ديدار کان واندو ٿيو ته کيس سڄو دفتر حوالي ڪري خداآباد ۾ ويهاري، شاهنواز خان پاڻ اچي نئين ٻَڌايل شهر محمد آباد ۾ رهيو. صاحبزادو محمد خداداد خان، جيڪو ڀاءُ جي وڏي سفر ڪري وليعهديءَ جو پڳدار ٿيو هو، تنهن جو ڀاءُ جي اچڻ ۽ وليعهدي کسجي وڃڻ ڪري دماغ خراب ٿي پيو، ۽ هندستان هليو ويو. هيڏانهن محمد مرادياب خان حڪومت جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلائي سگهيو، تنهنڪري تخت کانئس کسيو ويو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 271) ياد رهي ته ’محمدآباد‘ جو ڦٽل شهر موري جي ڀرسان آهي. 1753ع جي ابتدا ۾ سردار جهان (افغاني عملدار) جي اچڻ جو ٻڌي ڪجهه ڳڻتي پيدا ٿي، پر جلد ئي ختم ٿي وئي. ساڳئي ئي سال جي آخر ۾ خود بادشاهه جو هن طرف کان ٿيندو، هندستان وڃڻ جو گرماگرم هل ٿيو. محرم سن 1167هه جي چوٿين تاريخ بادشاهه جي آمد جي پڪي خبر ٻڌي [شاهنواز خان] محمدآباد کان ڀٽن (تلها) طرف هليو ويو، ۽ رستي مان تابيعداري ظاهر ڪرڻ ۽ شاهي فوج جي رستي بدلائڻ بابت عرض ڪرڻ واسطي، گدو مل کي وڪيل ڪري، شهنشاهه جي ڪئمپ ۾ پهتو. پر بادشاهه جي مزاج تي ڪاوڙ غالب هجڻ ڪري ٽن ڏينهن تائين حاضري ڪانه ٿيس. آخر جڏهن نوشهري جي سرزمين تي ڇانوڻي لڳي، تڏهن مٿئين وڪيل جي مراد پوري ٿي. پر اتفاقاً، ايتري ۾ ملڪ جو والي جيسلمير جي سامهون ڪور هره جي گهاٽ وٽ، خناق جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، ساڳئي سال جي ٻارهينءَ صفر تي وفات ڪري ويو. (تحفة الڪرام، فارسي، ص 459-460) هيءَ لکت معاصر مؤرخ مير علي شير قانع جي آهي.
هت ٻن ڳالهين جي وضاحت ڪري، پوءِ احمد شاهه ابداليءَ جي حملن ۽ ان جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪبي.
ميان نور محمد جي وفات 09 ڊسمبر 1753ع (12 صفر 1167هه) تي ٿي ۽ وفات بعد هن جي مَيّت آڻي محمدآباد (موري جي ڀرسان) ۾ دفن ڪيو ويو. ميان صاحب هتي رهي چار سال مملڪت سنڌ جو ڪاروبار هلايو هو. سندس مزار تي پوءِ ميان غلام شاهه مقبرو تعمير ڪرايو، جو اڄ تائين موجود آهي. (ڏسو: سنڌ جا قديم آثار، ڪزنس) ميان
نور محمد جي وفات کانپوءِ شهر جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي وئي.
هتي نئين مواد جي آئيني ۾، احمد شاهه ابداليءَ جي حملن ۽ ان جي سنڌ تي پوندڙ اثرن جو سرسري ذڪر ڪجي ٿو:
احمد شاهه ابدالي، 11 مارچ 1748ع تي ننڍي کنڊ تي پهريون حملو ڪيو. سرهند جي نزديڪ مالوپور وٽ هندي لشڪر سان وڙهندي شڪست کاڌائين ۽ پوءِ واپس پنهنجي ملڪ هليو ويو. ان عرصي ۾ هندستان جو آخري مغل بادشاهه، محمد شاهه 15 اپريل 1748ع تي فوت ٿي ويو. جيتوڻيڪ مغلن جو دٻدٻو ۽ شان شوڪت، اورنگزيب جي وفات (1707ع) کانپوءِ هر ايندڙ ڏينهن تي ختم ٿي رهيو هو، تڏهن به محمد شاهه جي هوندي بادشاهت جو ڀرم اڃا برقرار هو. جنهن کانئس پوءِ سندس پٽ احمد شاهه بادشاهه بنيو. 1749ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ ٻيو حملو ڪيو، جنهن ۾ لاهور جي گورنر معين الملڪ سندس مقابلو ڪيو، پر مرڪز کان مدد نه ملڻ سبب ڪي علائقا، افغان حاڪم کي ڏئي نجات حاصل ڪيائين. 1752ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ، هندستان تي ٽيون حملو ڪيو. معين الملڪ وري به مقابلو ڪيو، پر کيس دهلي سرڪار ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي. ان صورت ۾ هن صلح جو فيصلو ڪيو. احمد شاهه ابداليءَ کيس عزت ڏني ۽ ساڳئي وقت لاهور ۽ ملتان جو گورنر به مقرر ڪيو. ابداليءَ، پنهنجو سفير قلندر بيگ دهلي روانو ڪيو. هن 13 اپرل 1752ع تي مغل بادشاهه احمد شاهه سان ملاقات ڪري سندس آڏو ڪي مطالبا پيش ڪيا. مغل بادشاهه احمد شاهه هڪ به سوال ڪرڻ کان سواءِ، ڪاغذن تي صحي ڪئي. ان ريت ستلج پار جا سمورا علائقا احمد شاهه ابداليءَ جي حوالي ٿي ويا. (ملتان انڊر دي افغانز، ص 46)
جيتوڻيڪ 1740ع کان سنڌ جو ملڪ، ايراني مملڪت جي اثر هيٺ هو، پر 1747ع ۾ نادر جي قتل کانپوءِ، اٽڪل روءِ پنج سال ميان نور محمد ڪلهوڙي ملڪ تي آزاديءَ سان راڄ ڪيو ۽ ان جي ڀلي لاءِ ڪي فيصلا به ڪيا ۽ ڪجهه قدم به کنيا. ليڪن اپريل 1752ع [جي معاهدي] ۾ ٻن بادشاهن وچ ۾ ٿيل فيصلن کانپوءِ، افغانن طرفان تابيعداري ۽ گنج (ڏوڪڙ) جو مطالبو ڪيو ويو. ڀائي خان ڪلهوڙي جي قيادت ۾ هڪ وفد افغانستان ويو. وفد جي آجيان ٿي ۽ سنڌ کي افغانستان جي باجگذار [ڍل ڀريندڙ ملڪ] طور قبول ڪيو ويو. احمد شاهه ابداليءَ، سنڌ جي حاڪم نور محمد ڪلهوڙي لاءِ ’شاهه نواز خان‘ جو لقب تجويز ڪيو. سنڌ پاران شيخ محمد محفوظ ’سرخوش‘ سفير ڪري موڪليو ويو. مير علي شير قانع جي لکت مٿي ڏئي ابداليءَ سان گڏ ابداليءَ جي حملن جو احوال به پيش ڪيو ويو آهي.
13 اپريل 1752ع جي معاهدي کانپوءِ، ڪشمير، پنجاب، ملتان ۽ سنڌ جهڙوڪر هڪ فيڊريشن بنجي، افغانستان ۾ شامل ٿيا. غلام رسول مهر تحقيق آهي ته، احمد شاهه ابدالي سنڌ ۾ نه آيو هو. پر خبر نه آهي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جو ميان نور محمد کي ملڪ ڇڏڻو پيو. سندس وفات 9 ڊسمبر 1753ع تي ٿي. ميان صاحب هڪ مدبر حڪمران هو. هن پنجٽيهه سال سنڌ تي راڄ ڪيو. ٻئي ڪنهن به ڪلهوڙي حاڪم کي ايترو وقت حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه مليو. هن جي دور ۾ سنڌ ٻن صدين (1556ع) کانپوءِ وري متحد ٿي هئي. نادر شاهه جي حملي کانپوءِ سنڌ مغل بالادستيءَ مان ڪجهه قدر آجي ٿي. ان کانپوءِ نادر جهڙي ظالم سان ميان صاحب جو تعلق جُڙيو ۽ ميان جي دل مان دهليءَ جو خوف ختم ٿيو. هن نادر جي زبردست مخالفت ڪئي، جنهن جي کيس ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي. نادر جي قتل کانپوءِ آزاد سنڌ جو خواب پورو ٿيندي ڏسڻ ۾ پئي آيو، ليڪن افغان ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيو ته اهو خواب اڌورو رهجي ويو. احمد شاهه ابدالي [يا سندس سردار] سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو جيسلمير ۾ فوت ٿيو. سندس وفات کانپوءِ سنڌ ملڪ ڪجهه سالن لاءِ امن امان جي پريشاني ڏٺي. جيسين ميان غلام شاهه سنڌ جو حاڪم بنيو، ايسين تائين بدامني، لاقانونيت ۽ ڦرلٽ جو دور جاري رهيو.
محمد مرادياب خان: محمد مرادياب خان 1753ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو، ۽ چار سال حڪومت ڪري 1757ع ۾ معزول ڪيو ويو. سندس دور جو مختصر احوال هن ريت آهي:
جڏهن ديوان گدو مل افغان حاڪمن سان شرطه طئه ڪرائي ورتا. تڏهن مرادياب خان لاءِ رستو هموار ٿيو. ليڪن هو سنڌ جي واليءَ طور ڪم ڪار بهتر نموني هلائي نه سگهيو. خود سندس حڪومت جي ابتدا به سٺي نه ٿي.
نور محمد ڪلهوڙي جي دربدريءَ دوران وفات کانپوءِ اميرن اتفاق راءِ سان 13 ڊسمبر 1753ع تي محمد مرادياب خان کي نئون والي مقرر ڪيو. مرادياب خان، ابداليءَ جي حملي جو ٻڌي، والد کان جدا ٿي عمرڪوٽ هليو ويو هو، متان اڳ وانگر کيس وري يرغمال نه ٿيڻو پوي. افغان بادشاهه سنڌ جو مسئلو اسماعيل خان پني جي حوالي ڪري ڇڏيو. افغان عملدارن سڄيءَ سنڌ ۾ ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. پيدا ٿيل حالتن جو نقشو ڪجهه هن ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسماعيل خان پني نوشهري کان محمدآباد پهتو. هن هڪ وفد سيد شاهه محمد جي قيادت ۾ ٺٽي موڪليو. افغانن جي هڪ جَٿي وڃي ٿر ۾ ڦرلٽ ڪئي. اسماعيل جي موڪليل ماڻهن کانپوءِ، خزانه آفيسر گل محمد خان جي پاران صالح خان ڍل وصول ڪرڻ لاءِ ٺٽي پهتو. ان کان اڳ محمد بيگ شامل ٺٽي پهتو ۽ آقا محمد صالح کي ٺٽي جو حاڪم بنايو. محمد بيگ مکيه ماڻهو چونڊ ڪيا ۽ ٺٽي مان بادشاهه سان ملائڻ لاءِ وٺي ويو. اسماعيل جي ماڻهن صالح کي بيدخل ڪيو. محمد بيگ شاملو ڪيمپ تي پهتو ۽ عتاب ۾ آيو. ڇو ته هن ٺٽي لاءِ پنهنجي ليکي فيصلا ڪيا هئا. بعد ۾ قاضي محمد محفوظ ڍل لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ ٺٽي جي مکيه ماڻهن کي وري سڏ ٿيو. قاضي محفوظ جو پٽ ديوانيءَ جي مامري تي جُنبيل هو ته، ٻئي طرف ديوان گدومل نئين حاڪم جو مسئلو حل ڪرائي ورتو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 272-273) ميان عطر خان کي ضمانت ۾ ڏنو ويو. مرادياب لاءِ حڪومت جو پروانو ۽ ’سربلند خان‘ جو خطاب به ڏنو ويو. ٺٽي ۽ افغانن جي حوالي سان مٿي ٿيل گفتگو، هن نتيجي تي پهچائي ٿي ته افغانن کي ڏوڪڙ، مال متاع ۽ ڦرلٽ جي سامان سان دلچسپي هئي. ٺٽي ۾ بهتري يا سنڌ ۾ حالتن جو سڌارو، سندن پروگرام ۾ شامل نه هو. نئين حاڪم [محمد مرادياب خان] کي عمرڪوٽ ۾ حڪومت جو پروانو پهچايو ويو. ٺٽي جا مکيه ماڻهو حاڪم کي ڏسڻ لاءِ، شهر مان روانا ٿي ويا. نئين حاڪم نصرپور پهچي حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون. اتي ئي هن نئون شهر ’مرادآباد‘ اڏڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کي دارالحڪومت جو درجو مليو. محمد مرادياب کي حڪمران طور هڪ حاصلات ٿي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ساڳئي ئي سال جي پڇاڙيءَ ۾، ڪڪرالي جي ڄام جي مهم ڏانهن توجهه ڪري، مناسب لڙاين ۽ صائب تدبيرن سان، سندس شان و شوڪت ختم ڪري، کيس ڪوداريه (ڪراچي؟) کان ديري ڏانهن ڀڄائي، خورد، اوڇه، لنجاري، ميران ۽ ڪجي جي زمين هٿ ڪيائين. ڪجي کي ڇانوڻي مقرر ڪري، هر هنڌ محڪم قلعا ٺهرائي، انهن کي مضبوط ڪرايائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 274) هن کانپوءِ ٻه سال وڌيڪ ملڪ کي آرام سان هلايائين. چوٿين سال روش بدلائي اهڙو نمونو اختيار ڪيائين، جو ملڪ جي زوال جو ڪارڻ بنيو. سردارن ۽ عام رعيت کي تڪليف ڏنائين. جنهن صورت ۾ [افغان] بادشاهي ماڻهن جي تسلط ۽ زبردستيءَ کان تنگ ٿي پيو هو، تنهنڪري ملڪ کي صاف ٻُهاري، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري وڃڻ جو پڪو خيال ڪيائين. انهيءَ ڪري خزانو مسقط بندر ڏانهن روانو ڪندو رهيو. جنهن صورت ۾ سڀئي ڪَڪ ٿي پيا هئا، تنهنڪري پاڻ ۾ ٺهراءَ ڪري، ميان غلام شاهه خان کي حاڪم تسليم ڪري، ان جي بيعت ڪري، 29 آگسٽ 1757ع (13 ذوالحج 1170هه) جي رات، پنهنجو انتظام پڪو ڪري، صبح جو سندس حويليءَ تي ڪاهي، کيس سندس پٽن سميت قيد ڪيائون. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 274)
ان حقيقت جي اوک ڊوک ڪجي ته (1) محمد مرادياب خان ڀڄڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ (2) ته ان مقصد لاءِ مسقط جو انتخاب ڇو ڪيو ويو؟ علي شير قانع لکيو آهي ته، جنهن صورت ۾ هو بادشاهي ماڻهن جي تسلط ۽ زبردستيءَ کان تنگ ٿي پيو هو، تنهنڪري ملڪ کي صاف ٻهاري، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري وڃڻ جو پڪو خيال ڪيائين.
(تحفة الڪرام، سنڌي، ص 274) ميان نور محمد کانپوءِ جيڪا ملڪي حالتن ۾ خرابي پيدا ٿي هئي، سا محمد مرادياب جي والي بنجڻ سان به ختم نه ٿي هئي. افغان برابر ملڪ کي ڦري رهيا هئا ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي وڌيڪ ڍل ۽ خراج جو مطالبو ٿي رهيو هو. ان پس منظر ۾ سنڌ جي حاڪم ملڪ ڇڏي ڀڄڻ ۾ عافيت سمجهي. ٻيو سوال آهي ته ان مقصد لاءِ مسقط جو انتخاب ڇو ڪيو ويو؟ تازي تحقيق موجب مرادياب خان، مسقط جي امام احمد بن سعيد جي ڌيءُ سان شادي ڪري وطن واپس ٿيو هو. (دي ڊچ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ ديول سنڌ، ص 40)
ان ريت ميان نور محمد جي وڏي پٽ، محمد مرادياب خان جي چار ساله ناڪام حڪومت پوري ٿي. سنڌ جو هي بدنصيب شهزادو معزول ٿيڻ کانپوءِ، جون 1758ع (شوال 1171هه) ۾ فوت ٿيو. سندس لاش ميان يار محمد ڪلهوڙي جي قبي (خداآباد، موجوده ضلعي دادو) جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو (پهريون ڀيرو): ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد کانپوءِ، ميان غلام شاهه هن خاندان جو آخري طاقتور، دلير ۽ ذهين حڪمران ٿي گذريو آهي. غلام شاهه ميان نور محمد جو پٽ هو. کانئس پوءِ به ڪلهوڙا حڪمران ٿيا، پر ذڪر ڪيل ٽنهي جي جوڙ جو حاڪم هن خاندان ۾ پيدا نه ٿي سگهيو. بار بار افغان مداخلت سبب، سنڌ ۾ پائدار حڪومت نه پئي ٺهي سگهي. ان ڪري غلام شاهه حڪمرانيءَ جا چار دور ڏٺا. آگسٽ 1757ع ۾ غلام شاهه حڪومت سنڀالي، مهينو پوءِ سنڌو درياهه ’مرادآباد‘ کي ٻوڙي ڇڏيو. ان ڪري ميان صاحب والد جي شهر ’محمدآباد‘ جي ڀرسان ’الهه آباد‘ جو نئون شهر تعمير ڪرايو، ۽ اتي وڃي ڪيمپ ڪيائين. احمد يار خان، مرادياب جو سڳو ڀاءُ هو، ان غلام شاهه جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو. شاهه بهاري جو پٽ مقصودو فقير به احمديار خان سان گڏ هو. پر پوءِ پيءُ جي سمجهائڻ تي اچي غلام شاهه وٽ حاضر ٿيو. ميان عطر خان افغان درٻار ۾ ويٺو هو، ان حڪومت جو پروانو پاڻ لاءِ حاصل ڪري ورتو. غلام شاهه اها خبر ٻڌي نومبر 1757ع ۾ ٿر ڏي هليو ويو. مقصودو فقير، مرادياب خان کي آزاد ڪرائي، محمد عطر خان جي استقبال ۾ لڳي ويو. غلام شاهه هن ڀيري صرف ٽي مهينا حڪومت ڪئي. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 146)
محمد عطر خان (پهريون ڀيرو): محمد عطر خان، افغانن کان حڪومت جو پروانو کڻي اچي نوشهري پهتو. ڪجهه وقت کانپوءِ محمد مرادياب خان به پهچي ويو. هن سمجهيو ته حڪومت جو پروانو مون لاءِ آيو آهي. پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي. عطر خان ته وڏي ڀاءُ سان به ملڻ گوارا نه ڪيو، ۽ حڪم ڪيائين ته کيس خداآباد ۾ رهايو وڃي. محمد عطر خان بيوس حاڪم هو. سندس ڪو به حڪم هلي نه پئي سگهيو. افغاني عملدار وڌيڪ محصولن ۽ ڍلن جي وصوليءَ لاءِ ملڪ ۾ ڪاهي پيا. ميان غلام شاهه ٿر مان اڌيپور (راجسٿان) هليو ويو، جتان پوءِ بهاول پور پهتو. اتي ٽي مهينا رهي جنگ جي تياري ڪيائين. محمد سرفراز خان کي ٻارن ٻچن سميت، بهاول پور ۾ ڇڏي مئي 1758ع ۾ سنڌ طرف ڪوچ ڪيائين. مهيني جي آخر ۾ روهڙيءَ جي ٻاهران، امرڪس واهه جي ڪناري تي محمد عطر خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ لڙائي ٿي. شروع ۾ تيرن تفنگن جي لڙائي ٿي. پوءِ غلام شاهه جي لشڪر واهه ٽپي هٿئون هٿ لڙائي شروع ڪئي. محمد عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودو فقير جنگ جو ميدان ڇڏي، ڀڄي جان بچائي. محمد عطر خان جو ڇهن مهينن جو ناڪام حڪومتي دور پورو ٿيو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 147)
ميان غلام شاهه خان (ٻيو ڀيرو): جون 1758ع جي عيد جي ڏينهن تي، ميان غلام شاهه سرخرو ٿي سينگاري ڪيمپ ۾ اچي پهتو. امير بهاول پور محمد مبارڪ خان هن جنگ ۾ ميان غلام شاهه جي مدد ڪئي هئي. هتان کان غلام شاهه جو ٻيو دور حڪومت شروع ٿئي ٿو. ميان صاحب روهڙيءَ کان سيوهڻ پهتو. تازو فوت ٿي ويل محمد مرادياب خان (جون 1758ع)، جي تعزيت لاءِ، خداآباد روانو ٿيو. اتان کان ’الهه آباد‘ ويو ۽ پڻ ’محمدآباد‘ ويو. سال جا باقي ڏينهن خيريت سان گذريا. اهو ئي دور آهي، جڏهن انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ سنڌ ۾ واپاري تعلق وري پيدا ٿيو. سنڌ اندر ڪمپنيءَ پنهنجا واپاري مرڪز کوليا. ڪمپني عملدارن ۽ سنڌ جي حاڪم ۾ پهريون معاهدو 22 سيپٽمبر 1758ع تي ٿيو. (ايڇ. ٽي. سورلي: شاهه عبداللطيف آف ڀٽ، ص 50) ساڳئي سال ۾ مختلف طريقن سان حالتن کي خراب ڪيو ويو. احمديار خان ۽ عطر خان شڪست کائي، سنڌ کي ڇڏي افغانستان وڃڻ لاءِ، قلات پهچي ويا. اتي جو حاڪم محمد نصير خان، ميان غلام شاهه جو دوست هو. ان ٻنهي ڀائرن کي افغانستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. احمد شاهه ابداليءَ حالات معلوم ڪري احمديار خان کي درٻار ۾ يرغمال رکيو ۽ حڪومت جو پروانو ٻيهر ميان عطر خان جي نالي جاري ڪيو. هي واقعو ڊسمبر 1758ع ۾ پيش آيو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 148)
محمد عطر خان (ٻيو ڀيرو): عطر خان ٻيو ڀيرو حاڪم ٿي آيو ته وري افغانن ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي. سنڌ ملڪ تي ڄڻ هڪ عذاب ٽٽي پيو. ان صورت حال جو فائدو وٺندو جوکيا قبيلي جي ماڻهن ٺٽي شهر تي حملو ڪيو ۽ ڏينهن ڏٺي جو گهرن ۾ گهڙي مولا ٺٽي محلي ۾ ڦرلٽ ڪيائون. ميان غلام شاهه جو عطرخان جي پرواني جو ٻڌو، سو وچ سنڌ ڇڏي لاڙ جي شهر ڪجي (ڪجو) پهتو. شهر جو نالو بدلائي
’شاهه ڳڙهه‘ رکيائين. ان جي بلڪل سامهون ’شاهه بندر‘ تعمير ڪرايائين. هڻي وڻندڙ جايون ٺهرائي، محمد سرفراز کي اهل اولاد سان اتي رهڻ جو حڪم ڏنائين. اطلاع پهتو ته عطر خان، مقصودي فقير کي وٺي چاچڪان طرف وڌي رهيو آهي. ميان غلام شاهه به لشڪر ڪاهي اچي سندس سامهون ٿيو. جنگ جي تياري ٿي وئي. خيرخواهه وچ ۾ پيا ۽ صلح ٿي ويو. ملڪ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. شاهه ڳڙهه کان نصرپور تائين ملڪ ميان غلام شاهه کي مليو. ٺٽو شهر به ان ۾ اچي ٿي ويو. جڏهن ته باقي سڄو ملڪ محمد عطر خان کي مليو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 277- 278)
محمد عطر خان ۽ ميان غلام شاهه خان (ٽيون ڀيرو): ڊسمبر 1758ع جي ٺاهه موجب ملڪ جا ٽي حصا ڪيا ويا. ميان غلام شاهه اتان موٽي شاهه ڳڙهه هليو آيو. محمد عطر خان نوشهري پهتو. ٻنهي ڀائرن کي سنڌ تي حڪمرانيءَ جو هي ٽيون موقعو مليو هو. امن جي نالي تي ملڪ تقسيم ٿيو، پر اهو مقصد به حاصل نه ٿيو. احمديار خان افغان درٻار ۾ هو، جنهن کي هيءَ ڳالهه نه وڻي. بادشاهه کي به پڪ ٿي ته عطر خان کان ملڪ نه هلندو. ان ڪري حڪومت جو پروانو احمديار خان کي ڏنو ويو. هن پنهنجو پٽ درٻار ۾ يرغمال طور ڇڏيو ۽ پاڻ حڪومت جو پروانو کڻي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. (تحفةالڪرام، سنڌي، ص 278) سنڌ جي اڳ ۾ ئي تقسيم ٿي چڪي هئي. افغان سڄيءَ سنڌ کي ڦري لٽي رهيا هئا. هر طرف بدامني ۽ غير يقيني حالتون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. ان وقت ٺٽي جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ملڪ ۾ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ فرمان جاري ڪرايو. هي فرمان 31 مارچ 1759ع (02 شعبان 1172هه) تي جاري ڪيو ويو. (پيغام لطيف، ص 54-55) ميان غلام شاهه کي ملڪي خرابي ۽ احمد يار خان جي سرگرمين جا اطلاع مليا. تڏهن پاڻ سموري سنڌ ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جي ارادي سان، اپريل 1759ع ۾ شاهه ڳڙهه کان لشڪر وٺي نڪري پيو. محمد عطر خان کي ٻنهي ڀائرن جي سرگرمين جو اطلاع مليو ته نوشهرو (فيروز) ڇڏي ڀڄي ويو. احمديار خان کي رستي ۾ غلام شاهه جي فوجي چرپر جي خبر پهتي ته، هن به سنڌ ڏانهن نه اچڻ جو فيصلو ڪيو. 28 مئي 1759ع تي، ميان غلام شاهه نصرپور جي آسپاس هو ته کيس ڀائرن جي باري ۾ اطلاع مليا. هن اڳتي وڏي عيد جي ڏينهن (01 شوال 1172هه) سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. (تحفةالڪرام، سنڌي، ص 278)
ميان غلام شاهه خان (چوٿون ڀيرو): مرادياب خان جي معزوليءَ کان (1757ع) وٺي، ميان غلام شاهه جو چوٿون ڀيرو حڪمران بنجڻ تائين (1759ع)، لڳ ڀڳ ٻن سالن جو عرصو ٿئي ٿو. ان عرصي ۾ سنڌ ڪيئي ڀيرا اقتداري ايوانن ۾ تبديلي ڏٺي. ليڪن هر ڀيري اصلاح بجاءِ سياست ۽ سماج ۾، بگاڙ ۽ خرابي پيدا ٿيندي وئي. خزاني جي بربادي ۽ عام ماڻهن کان ڦرلٽ جاري رهي. ان ڪري سنڌي عوام ڪنهن طاقتور حاڪم جي تلاش ۽ انتظار ۾ رهيو. ميان غلام شاهه چوٿون ڀيرو حاڪم ٿيو، تڏهن ڪي قدر هتان جي عوام سک جو ساهه کنيو ۽ کين اميد پيدا ٿي ته هاڻي حالتن ۾ سڌارو ايندو. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته بي بندوبستيءَ جي دور ۾ جوکيا قبيلي جي ماڻهن، ٺٽي شهر جي مولا ٺٽي محلي ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦرلٽ ڪئي هئي. حاڪمن جي بي ڌيانيءَ سبب پٺاڻن هٿان اهڙو ته ظلم ٿيو هو، جنهن جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. نئين تبديليءَ جي پس منظر ۾، عطر خان خط موڪليو ته ”آءٌ ملڪ مان نڪري وڃان ٿو، اوهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي.“ ميان صاحب همٿ ڪري ڀاءُ جي رهيل ساٿين کي هٿ ڪيو. ان ريت غلام شاهه بلڪل سوڀارو حاڪم ٿي نروار ٿيو ۽ لشڪر وٺي لاڙڪاڻي پهتو. اتي جي انتظامن کي ٺيڪ ڪري، خداآباد طرف ڪوچ ڪيائين. لاقانونيت وارن ڏينهن ۾ خداآباد کي جن کوسن سردارن بريءَ طرح ڦريو هو، تن ترار جو لقمو بنائي، سندن ڳوٺن ۾ سزا طور لشڪر مقرر ڪيائين. تنهن کانپوءِ سيوهڻ طرف روانو ٿيو. فتحمند لشڪر، کوسن جي ڳوٺن جي وچ واري جويا قلعي ۽ نلي لڪ تي ڪاهه ڪري، مخالفن کي قيد ڪري ۽ پوءِ قتل ڪري سوڀارو ٿي موٽي آيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 278-279) محمد عطر خان سنڌ مان نڪري بهاولپور هليو ويو. احمديار خان لاءِ مشهور ٿيو ته اهو هندستان هليو ويو آهي. هن [عطر خان] عطر خان فوجي مدد لاءِ امير بهاول پور محمد مبارڪ خان کي اپيل ڪئي. پر هن ميان غلام شاهه سان دوستي هجڻ سبب ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. البت هڪ مقامي زميندار بهادر خان دائودپوٽي، امير بهاول پور جي منع جي باوجود به عطر خان جي مدد ڪئي ۽ لشڪر وٺي اٻاوڙي پهچي ويو. ميان غلام شاهه کي هي خبرون مليون ته فوج وٺي اٻاوڙي پهچي ويو. ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ ٿي. بهادر خان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ عطر خان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. بهاولپوري تذڪرن ۾ پڻ هن واقعي جو ذڪر موجود آهي. بهادر خان جي مارجڻ بعد ميان غلام شاهه ڳڙهي اختيار خان (شايد امير بهادر جي بستيءَ) کي تاراج ڪرڻ لاءِ، اٻاوڙي مان لشڪر وٺي بهاول پور طرف روانو ٿيو. ليڪن امير محمد مبارڪ خان جي وچ ۾ پوڻ تي ميان صاحب سنڌ طرف واپسي ڪئي. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 151-152)
ان دور ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ تبديلي نمودار ٿي. هي هڪ اهم واقعو آهي. اڄوڪي دور ۾ سنڌو درياهه حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچان وهي ٿو. پر سال 58-1759ع کان اڳ، هن هنڌان فقط درياهه جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن ۾ پاڻي گهٽ هوندو هو، جنهن مان ماڻهو سواءِ ڪنهن خوف جي ايندا ويندا هئا. اصل درياهه موجوده حيدرآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو. درياهه جي هن ڦيرڦار سنڌ جي جاگرافيائي صورت تي تمام وڏو اثر وڌو آهي. ڦليلي نالي ڦاٽ تڏهن وجود ۾ آيو، ان ڪري ئي اڳتي هلي ميان غلام شاهه کي ’حيدرآباد‘ شهر جي قيام ۾ مدد ملي. (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 118-120)
ميان غلام شاهه هر لحاظ کان سوڀارو ٿي، 19 آڪٽوبر 1759ع تي، الهه آباد کي ڇڏي نئين وسايل شهر ’شاهه پور‘ ۾ اچي لٿو، جتي مضبوط ڇانوڻي قائم ڪئي وئي. شاهه ڳڙهه کان پنهنجن ٻارن ٻچن کي به اتي گهرائي ورتائين. ان کانپوءِ لاڙ ۾ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر ڏي متوجهه ٿيو. ڄام جي خلاف 1760ع جي وچ ڌاري قدم کنيو ويو. ڄام کي شڪست آئي، پر ميان صاحب کي تسلي نه ٿي. 8 ڊسمبر 1760ع تي فوجي معرڪي کانپوءِ، ڄام پنهنجو ’آباد‘ وارو قلعو ڇڏي هميشه لاءِ ڪڇ ملڪ ڏانهن هليو ويو. البت ڄام جو پٽ ’هر دور جي‘ اڳ وانگر ميان جي ملازمت ۾ رهيو. آگسٽ 1761ع (1175هه) ۾ احمد شاهه ابدالي بادشاهه پاران، کيس مڃتا طور ’شاهه وردي خان‘ جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڳچ نوازشون عطا ٿيون. دائودپوٽن خانپور ۾ مسئلو پيدا ڪيو ته، سندن سيکت ڏيڻ لاءِ فوج وٺي ان طرف ويو. اُچ جي ساداتن سندن سفارش ڪئي، ان ڪري معاملي کي درگذر ڪري واپس موٽي آيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 279-280) بهاول پور جي ماخذن ۾ ڄاڻايل آهي ته دائودپوٽن هي مسئلو، محمد عطر خان جي تابيعداريءَ ۾ ڪيو هو، جنهن اڃا اقتدار جي خواهش کي سيني ۾ سانڍي رکيو هو.
ڪڇ ۽ سنڌ پاڙيسري ملڪ رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ مختلف وقتن تي لاڳاپا رهيا آهن. (ايم. ايڇ پنهور: سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، سنڌي، مختلف صفحا) ميان غلام شاهه جي دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن ۾ بگاڙ اچي ويو. معاصر مؤرخ مير علي شير قانع هن ڏس ۾ قلم کنيو آهي. آڪٽوبر 1762ع (ربيع الثاني 1176هه) ۾ ڪڇ جي ماڻهن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ رستي ۾ ’سندري‘ جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل ڇهه هزار ماڻهو ترار جو کاڄ ٿيا. اتان سوڀارو ٿي، اڳتي وک وڌائي، يلغار ڪري وڃي ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو. [رستي ۾] ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابيعدار ٿيا. بستا بندر ۽ لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخرڪار ڪڇ جي راءِ جي نيزاريءَ ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي مٿئين سال جي 02 رجب/ 17 جنوري 1763ع تي شاهه پور پهتو. ٻه سال پوءِ وري ڪڇ تي حملي جو اتفاق ٿيو. رستي ۾ ’مورو جي‘ جو قلعو زبردستيءَ فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل انداز ٿيا. ڪڇ جي راءِ وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن تي صلح ڪري پوئتي واڳون واريائون. مير
علي شير قانع وڌيڪ لکي ٿو ته، ڪڇ کان موٽڻ تي گهڻي مٽي ۽ واءُ لڳڻ ڪري، پراڻي شاهه پور کان نئين شاهه پور لڏي آيا. افغان بادشاهه پاران هنن سوڀن تي کيس اڳئين لقب سان گڏ ’صمصام الدولھ‘ جو خطاب پڻ مليو. ان دور ۾ مقصودو فقير گذاري ويو ته محمد عطر خان اڪيلو ٿي اچي ميان غلام شاهه جي خدمت ۾ پيش ٿيو. ميان صاحب کيس معاف ڪري ڀاڪر پاتو ۽ طرحين طرحين نوازشون ڪيائين.
خدا پاڪ جي فضل سان ميان غلام شاهه جو بخت بالا ٿيندو ويو.
(تحفة الڪرام، سنڌي، ص 280- 281)
انگريز ليکڪ جيمس برنس ڪڇ ۾ رهيو هو. ڊاڪٽر هو ۽ ڪجهه وقت حيدرآباد جي ميرن جي درٻار ۾ به رهيو هو. قانع رڳو ڪڇ ۽ سنڌ جي لڙاين جو احوال ڏنو آهي. البت ان جي سببن تي روشني نه وڌي آهي، پر برنس لکي ٿو ته: ”ڏيسل کانپوءِ ڪڇ ۾ لڪا جي راءِ بڻيو. ان بعد راءِ گوري ٿيو. لڪا جي، پنهنجي وزير راءِ پونجا کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. پر سيٺ پونجا ڀڄي اچي سنڌ پهتو. پونجا کانپوءِ جيونسنگهه وزير مقرر ٿيو. هيءَ ڳالهه وري پونجا کي پسند نه آئي. هن پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ٿي. سنڌي لشڪر ڪڇ کي فتح ڪرڻ وارو هو، پر پونجا جي مداخلت تي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿي ويو.“ (سنڌ جي درٻار، سنڌي، ص 121- 124)
صلح جي شرطن ۾ طئه ٿيو ته راءِ جي ڀيڻ سان ميان غلام شاهه جي شادي ٿيندي. لکپت ۽ بستا بندر سنڌ جي قبضي ۾ رهندا. سيٺ پونجا کي وري ڪڇ ۾ وزير بنايو ويندو. برنس وڌيڪ لکي ٿو ته، سنڌ جي حاڪم واپس ٿيندي لکپت ۾ پنج هزار فوجين جو جَٿو ڇڏيو. لکپت ان دور ۾ هڪ معمولي ڳوٺ هو. سنڌو درياهه جي اوڀارين شاخ لکپت جي ڀرسان وهندي هئي. ميان جي حڪم تي ان شاخ کي بند ڏنو ويو. ان ريت پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بند ٿي ويو. ان سبب هڪ زرخيز علائقو ڪلراٺو ٿي ويو. هتان سارين جي پيدائش مان ڀڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي اپت ٿيندي هئي. (سنڌ جي درٻار، ص 124)
سنڌ پاران ڪڇ تي ٻي ڪاهه 1764ع ۾ ٿي. ان جو پسمنظر ڏيندي جيمس برنس لکيو آهي ته، اصل ۾ ڪڇ جو راءُ وعدي مخالف نڪتو. هن سيٺ پونجا کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف رشتي (شادي) بابت ڪيل انجام به نه پاڙيو. ميان غلام شاهه پنجاهه هزار لشڪر وٺي ڪڇ ڏانهن وڌيو. لکپت کان وڌي قلعي ’موروجي‘ تي حملو ڪيو ويو. ڪڇين جو وڏو تعداد مارجي ويو ۽ قلعو فتح ٿي ويو. ڪڇ جي راءِ کوهن ۾ زهر وجهرائي، سنڌي لشڪر لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. ليڪن ميان صاحب رستو تبديل ڪري ڀڄ طرف وڌيو. ڀڄ کان پنج ڪوهه پري هو ته راءِ جي طرفان صلح جو پيغام پهتو. راءِ پنهنجي سؤٽ جي نياڻي، ميان غلام شاهه جي نڪاح ۾ ڏيڻي ڪئي. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) هن شاديءَ متعلق هڪ راءِ هن ريت به ملي ٿي: ڪڇ تي ٻي ڪاهه وقت ميان کي کوکرن جي سردار جي ڌيءُ ڏني وئي. راءِ کانپوءِ ڪڇ جي گاديءَ تي کوکرن جو حق سمجهيو ويندو هو. هي راءِ درست نه آهي. ابتدائي ٺاهه ۾ طئي ٿيو هو ته راءِ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيندو. ليڪن ان تي عمل نه ٿيو. ٻئي حملي کانپوءِ راءِ پنهنجي والد جي سؤٽ ايسوجيءَ جي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو. هيءَ شادي 1770ع ۾ ٿي. شاديءَ جي تاريخ تي مؤرخن ۾ اختلاف آهن. شاديءَ جي موقعي تي ٻنهي طرفن کان ڪيتريون رسمون بجا آنديون ويون. هن حرم کي ’سنڌ راڻي‘ جو لقب مليو. ان دور ۾ ميان صاحب بستا بندر ۽ لکپت بندر جا علائقا، ڪڇ جي حاڪم کي موٽائي ڏنا. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 155- 160)
ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ لاڳيتو استحڪام ۽ وسعت ايندي وئي. 1767ع ۾ بادشاهه ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان جي حڪومت به ميان غلام شاهه جي حوالي ڪئي. سنڌ جو حاڪم پنهنجي سر سيپٽمبر 1767ع ۾ ديرن طرف روانو ٿيو. ٽي مهينا اتي رهي فسادين کي ناس ڪري، بندوبست ٺيڪ ڪري پنهنجا فوجي جٿا مقرر ڪري، ميان صاحب 09 ڊسمبر 1767ع تي واپس موٽي آيو. ياد رهي ته يار محمد ڪلهوڙي ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ بولان لَڪ تائين وارا سمورا علائقا ’ميان ڪلهوڙن‘ جي بندوبست ۾ هئا، پر 1740ع ۾ نادر شاهه اُهي علائقا قلات جي واليءَ کي ڏئي ڇڏيا هئا. ميان صاحب وطن پهتو ته فسادي وري نروار ٿيا. نصرت نالي هڪ بدنام فسادي باهه ٻاري ڏني. ان ڪري 1768ع ۾ هي علائقا ميان کان واپس وٺي سردار جهان خان جي حوالي ڪيا ويا هئا. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 471) 1768ع ۾ ٺٽي جي امن لاءِ خطرو پيدا ٿيو. نومڙيا قبيلي جي سردار گهڻي لشڪر سان بجار خان جوکيي تي حملو ڪيو. بجار خان بچاءَ خاطر ٺٽي طرف ڀڳو. ميان غلام شاهه کي هي اطلاع مليو ته پاڻ ڇهه هزار فوج ٺٽي جي بچاءَ ۽ نومڙين جي تاديب لاءِ موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيائين. جهيڙي جي خاتمي کانپوءِ به، ٻه هزار لشڪر مستقل طور ٺٽي ۾ رکيو ويو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 158- 159)
ميان غلام شاهه حڪومت ورتي تڏهن ’مرادآباد‘ سرڪاري مرڪز هو. هي شهر ٻڏي ويو ته ’الهه آباد‘ جو ماڳ وجود ۾ آيو. ان کانپوءِ ’شاهه پور‘ جي نالي سان ٻه شهر تعمير ٿيا. ميان غلام شاهه حڪومتي اوج جي وقت ۾، هڪ نئين شهر ۽ قلعي جي اڏاوت جو فيصلو ڪيو. عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته، هڪ ڏينهن ميان غلام شاهه پنهنجن مدبرن سان صلاح ڪئي ته، ’اسان جا ابا ڏاڏا، الله جي رحمت سان، ڪجهه پيڙهين کان سنڌ جي حڪومت تي فائز آهن، پر انهن ڪا به اهڙي مستحڪم اڏاوت نه ڪرائي آهي، جا مشڪل وقت ۾ اسان جي ڪم اچي. اسين چاهيون ٿا ته ڪنهن سٺي ماڳ تي هڪ اهڙو قلعو اڏايون، جو رهنديءَ دنيا تائين اسان جو يادگار رهي. (تاريخ بلوچي، اردو ترجمو، ص 15) قديم شهر ’نيرون ڪوٽ‘ [نوٽ: ان سان محقق اختلاف رکن ٿا ته نيرون، رنيڪوٽ هو ۽ هي هنڌ گنجي ٽڪر وارو هو] جي سرزمين تي شهر ۽ قلعي جي تعمير جو حڪم ڏنو ويو. هن سال ۾ ئي هڪ مضبوط قلعو جڙي راس ٿيو ۽ ان تي ’حيدرآباد‘ نالو رکيو ويو. قلعي جي سامهون ٽڪر جي مٿان شهر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايو ويو. سنڌ جو حاڪم سيد غلام شاهه ذوالحج مهيني ۾ ديري (ديره غازي خان) کان موٽي اچي هن قلعي ۾ رهيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 281) ياد رهي ته قلعي جي تعمير جو فيصلو ذوالقعد 1182هه/ مارچ 1769ع ۾ ٿي چڪو هو.
سوال آهي ته ٻن مهينن اندر هڪ عاليشان قلعو جڙي راس ٿيو. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم سوال آهي ته غلام شاهه ديري (ديري غازي خان) کان موٽي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، ان نڪتي مان هن اهم سوال جو جواب ملي ٿو. ميان غلام شاهه کي ’ديرو غازي خان‘ سن 1770ع ۾ مليو هو. ميان صاحب انتظام درست ڪرڻ لاءِ ان طرف ويل هو. ان دور ۾ هو ملتان جي حڪومت ۾ به ڀائيوار هو. (تحفةالڪرام، سنڌي، ص 281) امڪان آهي ته ميان صاحب ديري غازي خان کان مارچ 1770ع (ذوالحج 1183هه) ۾ واپس آيو ۽ سڌو اچي نئين تختگاهه ۾ رهيو. هيگ ان پسمنظر ۾ حيدرآباد جي تعمير جو سال 1770ع تجويز ڪيو آهي، جيڪو وڌيڪ درست ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 121)
ميان صاحب حيدرآباد ۾ هو ته مئي 1770ع (محرم 1184هه) ۾ حبيب فقير نائچ کي ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو ويو. هن سال وري ديره غازي خان جو انتظام ميان صاحب کان واپس وٺي، سردار جهان خان کي ڏنو ويو. هيءُ علائقو هڪ سال اڳ ميان کي مليو هو. پاڻ اتي وڃي انتظام کي درست ڪري موٽيو هو. ميان غلام شاهه ذڪر هيٺ دور ۾، پنهنجي عروج کي پهتو هو. هن کي سنڌ ۾ افغان تسلط بلڪل پسند نه هو. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت سوچيندو رهندو هو. هڪ موقعي تي درٻار ۾ نامور اميرن ۽ سپهه سالارن کي چيائين ته تيار رهو، اسين ڪيڏي مهل به احمدآباد (قنڌار) کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري سگهون ٿا. (تاريخ بلوچي، ص 16) آزاديءَ جي تڙپ ۽ افغان ڏچي مان ڇوٽڪارو، غلام شاهه جي هڪ وڏي خواهش هئي. اهڙي شاهدي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رپورٽن مان به ملي ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾ قلات جو خان مير نصير خان بروهي هو. ابتدا کان ڪلهوڙا- بروهي لاڳاپا سٺا نه رهيا هئا، پر مير نصير خان سنڌ جي حاڪم سان بهتر تعلقات لاءِ، 07 مئي 1772ع تي هڪ عهدنامو ڪيو. ان ريت پوءِ هر مشڪل وقت ۾، خان قلات، ڪلهوڙا حاڪمن جي مدد ڪئي.
1772ع (1186هه) ۾ غلام شاهه تي فالج جو موتمار حملو ٿيو. هن بيماريءَ سبب ميان 01 آگسٽ 1772ع (02 جمادي الاول 1186هه) تي وفات ڪري ويو. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 473- 474) ميان صاحب کي پنهنجي ئي تعمير ڪرايل شهر (حيدرآباد) ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪلهوڙا حاڪمن ۾ ميان غلام شاهه پهريون حاڪم آهي، جنهن جي مقبري تي سنگ مرمر جو پٿر استعمال ٿيل آهي. مقبري جو گنبذ 1920ع ڌاري ڪِري پيو هو. (سنڌ جو سيلاني، ص 128) پر اڄ تائين ان جي تعمير نه ٿي سگهي آهي. غلام شاهه جي وفات سان هڪ مدبر، معاملي فهم، دور انديش ۽ باهمت حڪمران جو دور پورو ٿيو. سفارت، سياست ۽ فوجي طاقت ۾ کيس گهڻيون سوڀون حاصل ٿيون. هي افغان تسلط جي خلاف هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارندن جي ارادن کان به واقف هو. آزادي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ سندس جستجو قابل تعريف رهي. ارمان اهو آهي ته اهڙي مدبر حاڪم جي ڄمار گهڻي نه ٿي. جيتوڻيڪ ميان محمد سرفراز به هڪ معتبر حڪمران طور اڀريو، پر زماني ۽ حالتن سندس ساٿ نه ڏنو.
ميان محمد سرفراز خان: محمد سرفراز خان ڪلهوڙو حڪومت تي ويٺو ته، ٻه مهينا پوءِ 17 آڪٽوبر 1774ع تي احمد شاهه ابدالي فوت ٿيو. اقتدار لاءِ افغانن سان جنگ ٿي ۽ خون خرابو ٿيو. آخرڪار تيمور افغانستان جو نئون بادشاهه بنجي ويو. هن سنڌ طرف ڌيان ڏنو. هن محمد سرفراز خان کي حڪومت جي سند، ’خدايار خاني‘ لقب، ۽ ديري غازي خان جو علائقو عطا ڪيو. (تحفةالڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 475-476)
تيمور سنڌ جي نئين حاڪم کي ديري غازي خان جو علائقو سپرد ڪيو، جيڪو اتي پنج مهينا (فبروري 1773ع کان جولاءِ 1773ع) رهي معاملن کي ٺيڪ ڪري حيدرآباد موٽي آيو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 164)
30 مارچ 1773ع تي، قلات جي حاڪم مير نصير خان، ميان سرفراز خان سان دوستي ۽ صلح جو پيمان دستخط ڪيو. ديري غازي خان کان موٽي اچڻ کانپوءِ، ڏيڍ سال جو عرصو امن جو گذريو. شايد ان ئي دور ۾ حيدرآباد جي علائقي ۾ ’سرفراز واهه‘ جي کوٽائي ٿي. (شاهه عبداللطيف آف ڀٽ، ص 129) جيمس برنس لکي ٿو ته، ميان سرفراز جي دور ۾، ڪڇ تي ٻه حملا ڪيا ويا. سرفراز وڏو لشڪر وٺي آيو هو. ان ڪري ملڪ جو وڏو حصو ويران ٿي ويو. (سنڌ جي درٻار، سنڌي ترجمو، ص 123- 124) حقيقت ۾ ميان سرفراز هڪ ڀيرو ڪڇ تي حملو ڪيو هو. هن کي ٻئي حملي جو موقعو ئي نه مليو هو. مير علي شير قانع ان ڏس ۾ لکي ٿو ته، آڪٽوبر 1774ع (شعبان 1188هه) سرفراز خان، ڪڇ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. ڪڇ جي حاڪم مقابلي بجاءِ استقبال ڪيو. ان کانپوءِ پاڻ گجرات طرف روانو ٿيو. اتي جي آسپاس جي جاڙيجي سردار ناتھ جي [ناٿا جي]، خوب خدمتون بجا آنديون. ڪنٺ ڪوٽ جي دائود جي جاڙيجي، پنهنجي ڌيءَ ميان جي نڪاح ۾ ڏني. ميان سرفراز گهڻي ڪامراني ۽ سوڀ سان، ڊسمبر 1774ع ۾ وطن موٽي آيو. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 476)
ميان سرفراز به وڏن جي پيرويءَ ۾، پنهنجو نئون شهر ٻڌڻ جو ارادو ڪيو هو. ڪڇ ڏانهن وڃڻ کان اڳ هن نئين شهر تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هي شهر هالا جي ڀرسان وجود ۾ آيو ۽ ان جو نالو ’خداآباد‘ [نئين] رکيو ويو. ميان صاحب ڪڇ کان موٽيو ته سِڌو اچي پنهنجي تعمير ڪرايل شهر (خداآباد) ۾ منزل ڪيائين. ميان سرفراز هتي رهندي 8-9 مهينا اطمينان سان گذاريا. مير علي شير قانع پنهنجو تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ (راشدي ايڊيشن) هن واقعي تي ختم ڪندي، ٺٽي جي ناظمن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
حبيب فقير نائچ، محمد حسين، حبيب فقير (ٻيهر) ۽ مراد فقير نظاماڻي.
خداآباد ۾ رهندي ڪلهوڙن جي زوال جو آغاز ٿي ويو. هن ڏس ۾ راجا (راڄو) ليکي ۽ مير بهرام ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جيڪي درٻار جا اهم رُڪن هئا. ديوان گدومل صلح لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، جنهن مقصد لاءِ ڪلام مجيد تي عهدنامو به ڪيو ويو. ليڪن ميان سرفراز ۽ ٽالپرن ۾ ٺاهه نه ٿي سگهيو. مير محمد بخش ٽالپر جي راءِ آهي ته ميان سرفراز واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نه هو. هن جي خيال ۾ قرآن مجيد تي ڪو به صلح نه ٿيو هو. هن جي راءِ مان ائين ٿو لڳي ته خود ٽالپرن ۾ اختلاف هئا، جن مسئلن کي وجود ۾ آندو. (تاريخ ميران سنڌ، ص 22- 25) تي، خداآباد ۾، درٻار ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار مارجي ويا. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، باب اٺون، مختلف صفحا) ليڪن همعصر ماخذن ۾ فتني جا ڪي ٻيا سبب به ملن ٿا. عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته، خود ٽالپرن ۾ نفاق پيدا ٿيو. سبب هي آهي ته مير بهرام کان اهم عهدو کسي ڄام فيروز ٽالپر کي ڏنو ويو. (تاريخ بلوچي، اردو، ص 20-21) ايسٽ وڪ جو اظهار هن ريت آهي: مير بهرام، جيڪو ٻروچن جو رئيس هو، تنهن کي ٻه پٽ هئا: مير بجر خان ۽ مير صوبدار خان. مير بجر خان جي غير حاضريءَ ۾، جو ان وقت گهرو نااتفاقيءَ سبب حج تي ويل هو، محمد سرفراز خان، مير بهرام ۽ مير صوبدار کي مارائي ڇڏيو. (نئين مصر جا پراڻا ورق، سنڌي ترجمو، ص 379) هن پسمنظر ۾ سنڌ جي درٻار ۾ بغاوت شروع ٿي وئي. مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾، واپاري عهدنامه ٿيا. ميان سرفراز جي دور ۾ آڪٽوبر 1775ع ۾، ڪمپني سنڌ ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪيو ۽ ٺٽي ۾ موجود ڪوٺين کي ختم ڪيو ويو. (سنڌ- برطانيا لاڳاپا، انگريزي، ص 50) ان لاءِ سرفراز ڪلهوڙي جي پاليسين کي ذميوار سڏيو وڃي ٿو.
ميرن جي قتل کانپوءِ ٽالپرن مير فتح خان جي قيادت ۾ بغاوت ڪئي ۽ ميان سرفراز کي معزول ڪري حيدرآباد جي قلعي ۾ نظربند ڪيو ويو. ان ريت ميان سرفراز جي حڪومت جو ٽي سالا دور پورو ٿيو. هي واقعو آگسٽ 1775ع ۾ ٿي گذريو. ميان يار محمد 1701ع کان اقتدار ۾ آيو. مرادياب جي چئن سالن کي ڇڏي، ميان سرفراز جي معزولي يعني 1775ع تائين، پنجهتر سالن جو دور، نه رڳو ڪلهوڙن پر سنڌ جي تاريخ ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. ان کانپوءِ ڪلهوڙا حڪومتي دور جو زوال شروع ٿي ويو.
آخري ڪلهوڙا درو ۽ حڪومت جو زوال:
ميان محمود خان: هي ميان غلام شاهه جو ٻيو نمبر پٽ ۽ محمد سرفراز جو ننڍو ڀاءُ هو. سرفراز جي معزوليءَ کان پوءِ ٽالپرن محمود خان کي حڪومت جي پڳ ٻڌائي. مير فتح خان اقتدار ۾ شرڪت نه ڪئي ۽
مير بجار جو انتظار ڪرڻ لڳو، جو حج تي ويل هو. سڀ ڪجهه راڄي ليکيءَ جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ هو حڪومت جو اعليٰ نگران بنجي ويو. تاجو ليکي (راڄي ليکيءَ جي پٽ) حيدرآباد کان سمنڊ تائين وارو علائقو سنڀاليو. غلام رسول مهر هن ڏس ۾ مير فتح خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ٽالپرن جي خون خرابي جو ذميوار راجا ليکي بنيو، تڏهن اقتدار جي واڳ هن جي هٿ ۾ ڇو ڏني وئي؟ محمد سرفراز کي معزول ڇو ڪيو ويو؟ ليکي خاندان کي ايتري ڇوٽ ڇو ڏني وئي. ڇا اهو بهتر نه هو ته مير بجار جي واپسيءَ تائين، مير فتح خان ڪو به قدم نه کڻي ها. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي ص 632-635) مير بجار خان پهتو ته ميان محمود خان کي هٽائي، ميان غلام نبيءَ کي تخت نشين ڪيو ويو. هو ميان غلام شاهه جو ڀاءُ هو. برٽن جي راءِ آهي ته محمود خان ڏهه مهينا حڪومت ڪئي. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون، سنڌي، ترجمه، ص 21)
ميان غلام نبي خان: امڪاني طرح ميان صاحب ربيع الآخر 1190هه/ مئي 1776ع ڌاري سنڌ جو حاڪم بنيو هوندو. ميان غلام نبيءَ لاءِ لکيو ويو آهي: ”غلام نبي وڏو حليم ۽ بردبار ماڻهو هو. هن جو ظاهر توڙي باطن سينگاريل هو. راڄي ليکيءَ کان بيزار هو. راجا جڏهن به مير صاحبن جي شڪايت ڪندو هو ته، وقت جو حاڪم منهن ڦيري ڇڏيندو هو.“ هن ليکي خاندان بجاءِ اختيار، ميان عبدالنبيءَ کي ڏنا، جو هن جو سڳو ڀاءُ هو. ميان عطر خان ۽ محمود خان کي خدا آباد مان حيدرآباد موڪليو ويو، جتي انهن کي به ميان سرفراز ۽ سندس پٽ مير محمد سان گڏ قلعي ۾ نظربند رکيو ويو. (تاريخ بلوچي، ص 35) ياد رهي ته هي سياسي تبديلي مصلحت خاطر تڏهن ٿي، جڏهن مير بجار حج پڙهي سنڌ موٽي آيو. هِت سوال اُُڀري ٿو ته مير بجار حج پڙهي ڪهڙي رستي سان سنڌ پهتو هو. انگريز ليکڪ پوسٽنس جو خيال آهي ته مير بجار عربستان کان مسقط پهتو، جتي کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ليڪن هو بچي ويو. (پرسنل آبزرويشن آن سنڌ، ص 177) عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته مير بجار ڪيچ کان ڪوهستان ۽ پوءِ قلات پهتو. هن قلات جي حاڪم مير نصير خان کان فوجي مدد طلب ڪئي، پر هن انڪار ڪيو. ڇو ته مير نصير خان ۽ ڪلهوڙا حاڪمن ۾ دوستيءَ جا معاهدا ٿيل هئا. بعد ۾ مير بجار سيوهڻ پهتو، جتي ٽالپر سردار به ساڻس اچي مليا ۽ سنڌ ملڪ جي حالتن تي غور ويچار ڪيو ويو. (تاريخ بلوچي، 32) عبدالمجيد جوکئي جي همعصر مير عظيم الدين جي راءِ آهي ته، قلات جي حڪمران، مير بجار کي ڪلهوڙن جي برخلاف فوجي مدد جي آڇ ڪئي، ليڪن بجار هيءَ مدد قبول نه ڪئي. (فتح نامه، فارسي، ص 42) عظيم الدين جي ڀيٽ ۾، عبدالمجيد جوکيي جي راءِ وڌيڪ درست آهي. مير بجار حج کان موٽندي، قلات فوجي مدد لاءِ آيو. ليڪن مير نصير خان جي انڪار تي هو سيوهڻ پهتو. اتي ٽالپر سردار گڏ ٿيا ۽ صلاح مصلحت بعد خدا آباد (هالا) پهتا. ان دور ۾ راڄي ليکي وڏي ڄمار ۾ فوت ٿيو. ان جي موت لاءِ به متضاد رايا ملن ٿا، پر حقيقت ۾ وڏيءَ عمر ۾ سياسي حالتن جي دٻاءَ تحت، هن 1776ع ۾ وفات ڪئي. (تاريخ بلوچي، ص 36) مير بجار خدا آباد کان ٻارهن ميل پري تنبو هڻي ويهي رهيو. ٽالپر کيس راڄڌانيءَ تي حملي لاءِ چوندا رهيا، پر هو حالتن جو جائزو وٺندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ جي فرمانروا حڪم جاري ڪيو ته، مير بجار جنگ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون، يا وري منزل کڻي ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃي. (اي هسٽري آف سنڌ، 172) فرمان جاري ٿيو ته بجار سامان کڻي لشڪر کي وٺي عمرڪوٽ ڏي روانو ٿيو. ان وقت سنڌ جي حاڪم پاران اتي کوسا مقرر ٿيل هئا. بجار جي اچڻ جو ٻڌي کوسا ڪوٽ خالي ڪري ويا، جنهن تي ٽالپرن قبضو ڪري ورتو. اهڙو اطلاع ’خدا آباد‘ پهتو ته ميان غلام نبي عملي طرح سرگرم ٿي ويو. تاجو ليکي، محراب جتوئي ۽ ٻيا جنگ جي تيارين ۾ لڳي ويا.
الهه بخش جنجهڻ اڳتي وڌي سياڻپ سان عمرڪوٽ جو قبضو ڇڏايو. ان طرح ٽالپر قلعو ڇڏي هليا ويا. حالتن جي سنگيني ڏسي مير بجار به جنگ جي تياري شروع ڪري ڏني. ڪجهه ڌرين ڪوشش ورتي ته جنگ بجاءِ صلح ٿي وڃي. پر ائين نه ٿي سگهيو. ٽالپرن وٽ ڇهه هزار لشڪر هو. سرڪاري ڌر وٽ ٽيهن هزارن جو شڪر موجود هو. لانياري- شهدادپور وٽ خوفناڪ جنگ ٿي. جنگ ۾ ٽالپرن جي سرسي ٿي. سرڪاري ڌر جو اهم رڪن پيروز پتافي جنگ ۾ مارجي ويو. ڪلهوڙن جا ڪي اهم ڪمانڊر مير بجار جي ڪئمپ ۾ پهتا. تڏهن ميان غلام نبي قرآن مجيد ڏئي، ڪي ماڻهو مير بجار ڏي موڪليا. ان حالت ۾ ميان غلام نبيءَ تي حملو ٿيو. هو سخت زخمي ٿي ڪري پيو ۽ چند گهڙين ۾ فوت ٿي ويو. [اهو سال 1777ع/ 1191هه هو] هن جو ميت ڪفن دفن لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 659-667) سوال آهي ته ميان غلام نبيءَ کي ڪنهن قتل ڪيو؟ ڪي چون ٿا ته ان جو ذميوار خود مير بجار آهي. جڏهن ته ٻي راءِ موجب هي ڪم تاجو ليکيءَ ڪيو ۽ پوءِ شاهه ڳڙهه هليو ويو. سندس گرفتاريءَ لاءِ ماڻهو موڪليا ويا. هي واقعو 1776ع ۾ ٿي گذريو.
ميان عبدالنبي خان (پهريون ڀيرو): مير بجار لشڪر وٺي خدا آباد (هالا) پهتو. فيصلو ٿيو ته ميان سرفراز کي قيد مان ڪڍي تخت تي وهارجي. حيدرآباد جي قلعي جو بندوبست، ميان نور محمد جي آخري پٽ ميان عبدالنبيءَ جي هٿ ۾ هو. هن کي اهڙا اطلاع مليا ته، چئن شهزادن:
عطر خان، ميان سرفراز، ميان محمد (سرفراز جو ڀاءُ) ۽ محمد خان (ميان سرفراز جو پٽ)، جي قتل جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي عمل به ٿيو. هي حڪم ميان غلام نبيءَ جي سڳي ڀاءُ عبدالنبيءَ ڏنو ۽ ان تي عمل جوڻيجا برادريءَ جي ڪجهه فردن ڪيو، جي هنن جا ناناڻا هئا. اها خبر خدا آباد پهتي ته مير بجار چيو ته هاڻي حڪومت عبدالنبيءَ کي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. ان ريت عبدالنبيءَ کي خدا آباد آندو ويو. مخدوم نوح جي درگاهه ۾ نئين حاڪم جي دستار بندي ٿي بعد ۾ کيس خدا آباد جي سرفراز محل ۾ آندو ويو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 174-175)
ميان عبدالنبي 1777ع (1191هه) ۾ سنڌ جو حڪمران بنيو ۽ پهريون ڀيرو چار سال سنڌ جو حاڪم رهيو. هن حڪمران جو دور هر لحاظ کان تعريف لائق نه آهي. هن دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون، آخرڪار ڪلهوڙا خاندان جي حاڪميت خاتمي طرف وڌڻ لڳي. ميان عبدالنبي حڪومت جي انتظام کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. الهه بخش جنجهڻ ۽ تاجو ليکي درٻار ۾ آندا ويا. هڪ کي قيد رکڻ ۽ ٻئي (تاجو) کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، البت مير بجار جي سفارش تي ٻنهي جي جان بخشي ٿي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 160) اڍائي سال کن امن ۽ انتظام جا گذري ويا. سنڌ واسين کي ڪي قدر اطمينان ٿيو ته ملڪ ۾ هاڻي سک ۽ سانت آهي. ميان سرفراز جي معزوليءَ کان پوءِ بي يقينيءَ سبب حالتون بگڙي ۽ ملڪ جي پيداوار ختم ٿي چڪي هئي. ان پس منظر ۾ افغانن کي خراج ملڻ بند ٿي ويو هو. ان کان سواءِ عزت يار خان (پٽ احمد يار خان پٽ ميان نور محمد) ڪلهوڙو ورهين کان وٺي افعان درٻار ۾ موجود هو. عزت يار خان افغانن کي وڏيون لالچون ڏئي پنهنجي لاءِ حڪومت جو پروانو حاصل ڪيو ۽ افغان سپهه سالار محفوظ خان سان گڏ سنڌ لاءِ روانو ٿيو ته جيئن کيس حڪومت وٺي ڏئي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ص 160) سنڌو ماٿريءَ جي ٻين حاڪمن کي به محفوظ خان جي مدد لاءِ تاڪيد ڪيو ويو. ٽيهه هزار لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو. مير بجار ۽ ميان عبدالنبي وڏو لشڪر وٺي سکر پهتا. لکي ۽ شڪارپور جي وچ ۾ ڇتي جنگ لڳي. افعانن کي شڪست ملي ۽ انهن ڀڄي اچي شڪارپور جي قلعي ۾ پناهه ورتي. ڪي نامور افغان ڪمانڊر، سنڌ جي قيادت آڏو پيش ٿيا، جن کي تحفا ڏئي واپس روانو ڪيو ويو. (اي هسٽري آف سنڌ، 176-177) بهاولپور جو نواب، عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ روهڙيءَ پهتو، پر ايسين معاملو ختم ٿي چڪو هو. نواب صاحب کي عزت بخشي، تحفا تحائف ڏئي بهاولپور روانو ڪيو ويو. هي واقعو 1193هه/ 1779ع ۾ پيش آيو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، ص 693)
افغان لشڪر جي شڪست جو ٻڌي تيمور (افعان بادشاهه) تپي باهه ٿي ويو ۽ هن خود سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. ميان عبدالنبي وزيراعظم شير خان کي خط لکي صفائي پيش ڪئي، پر ان جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هو وڏي لشڪر سان سنڌ لاءِ روانو ٿي ويو. تيمور سنڌ ڏانهن ايندي سکر پهتو. مير بجار درياهه تي ٻيڙين جي پل تعمير ڪرائي، جا خود تيمور کي ڪم آئي. مير بجار ۽ ٻين بهترين سفارتڪاريءَ ذريعي معاملي کي ٿڌو ڪيو ۽ جنگ ٿيندي ٿيندي ٽري وئي. ڏيتي ليتي ۽ مستقبل جي واعدن موجب، تيمور ملڪ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو. حڪومت جو پروانو ميان عبدالنبيءَ لاءِ جاري ٿيو. هن کي ’معتمد الدوله شاهنواز خان فيروز جنگ‘ جو خطاب مليو. ان سان گڏ هاٿي، سوني جُهلَ ۽ عراقي گهوڙا به تحفا ڏنا ويا. تيمور جو سنڌ تي هي جملو 1780ع ۾ ٿيو هو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 615-697)
هنن حملن ۽ ڪاهن کان پوءِ عبدالنبي ۽ مير بجار جو هڪ ٻئي تي اعتماد وڌي ويو. مير بجار سنڌ جي اڇي، ڪاري جو مالڪ بنجي ويو. هن امن امان کي ٺيڪ ڪيو. عدل ۽ انصاف کي بحال ڪيو. سموري ملڪ کي دشمنن ۽ ظالمن جي گرفت مان آجو ڪري امن جو مرڪز بنائي ڇڏيو. (تاريخ بلوچي، ص 45) سن 1780ع ۾ مير بجار جوڌپور جي سرحد تي هڪ قلعو ٺهرايو. هي قلعو پوءِ ’ميرڳڙهه‘ سڏجڻ ۾ آيو. قلعو کپري تعلقي جي دنگ وٽ، سابق رياست خيرپور جي حد ۾ ڳوٺ پيرائوءَ ۾ تعمير ڪرايو ويو. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 185) سنڌ جا معاملا نهايت ٺيڪ ٺاڪ هلي رهيا هئا، ته اوچتو درٻار ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ميان عبدالنبي ۽ مير بجار هڪ ٻئي جا دشمن بنجي ويا. دشمنيءَ جا مختلف سبب بيان ڪيا وڃن ٿا. هڪ راءِ آهي ته ميان عبدالنبي، مير بجار جي دليري ۽ دانائيءَ کان ڊڄندو رهيو. ان ڪري جوڌپور جي راجا وٽان جلاد گهرائي، هن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 160-161) هي واقعو 1780ع ۾ پيش آيو. مير بجار جي مزار خداآباد (هالا) ۾ موجود آهي.
ميان صادق علي: ميان صادق علي، ميان يار محمد جو پوٽو ۽ ميان غلام حسين جو پٽ هو. طاقت جو محور ٽالپر ئي هئا. جڏهن ڪلهوڙا خاندان ۾ ٻيو معتبر ۽ مدبر ماڻهو نه رهيو، تڏهن مجبور ٿي ميان صادق عليءَ کي پڳ ٻڌائي وئي. بجار جي مارجڻ وقت سندس پٽ مير عبدالله تختگاهه ۾ نه هو. جڏهن هيءَ خبر عام ٿي ته مير عبدالله خان خداآباد طرف وڌي رهيو آهي. تڏهن ميان عبدالنبي نومڙين جي مدد سان ڪنڪر (ڪونڪر) کان قلات هليو ويو ۽ پٽن کي جوڌپور روانو ڪري ڇڏيائين. ٻئي طرف ميان جا گهر ڀاتي پوکران رستي جوڌپور پهتا.
(اي هسٽري آف سنڌ، ص 180) ٽالپرن مير عبدالله کي پنهنجو سردار چونڊيو. حاڪم ميان صادق علي ٿيو ته مير عبدالله خان حڪومت جو سرپرست بنجي ويو. ان وقت جوڌپور جي لشڪر جا سنڌ طرف وڌڻ جا اطلاع پهتا. سنڌ جا اڳواڻ فوج وٺي سرحد طرف روانا ٿيا. هي حملو ميان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ ڪيو ويو هو. جوڌپور جي راجا جو پٽ لشڪر جي قيادت ڪري رهيو هو. 1781ع ۾ موجوده کپري تعلقي جي چودڳي ڳوٺ وٽ، جوڌپور ۽ سنڌ جي لشڪر ۾ معرڪو ٿيو. سنڌ جي لشڪر جنگ کٽي ۽ جوڌپوري لڙائي هارائي ميدان ڇڏي ويا. سنڌ جي فوج کي غنيمت جو گهڻو مال هٿ آيو. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 186) خود ميان عبدالنبي رياست قلات جي لشڪر سان لاڙڪاڻي طرف ظاهر ٿيو. قلات جي حاڪم جو نياڻو زرڪ خان زهري به ميان جي مدد ۾ موجود هو. حالڪه پل وٽ مير عبدالله ۽ ميان صادق علي، قلات جي لشڪر جي دوبدو ٿيا. جنگ هلندي ميان عبدالنبي، ميان صادق عليءَ کي گوشائتو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. زبردست جنگ ٿي ان ۾ زرڪ خان زهري، محراب جتوئي ۽ آڍو جتوئي مارجي ويا. عبدالنبي جنگ هارائي قلات هليو ويو. رياست پاران هن جي خرچ پکي لاءِ حاجي پور تعلقي جي محصول جو اڌ مقرر ڪيو ويو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 726-728) جنگ کانپوءِ ڪلهوڙو حاڪم لشڪر سميت خدا آباد (هالا) پهتو.
مير عبدالله خان فرمان جاري ڪري ڪي محصول ختم ڪيا. عبدالنبي وڃي افغان درٻار ۾ نڪتو. مدد خان جي نالي فرمان جاري ٿيو ته، لشڪر وٺي سنڌ پهچي عبدالنبيءَ کي حڪومت وٺي ڏي. (تاريخ بلوچي، ص 56) سنڌو ماٿر جي ٻين والين کي به عبدالنبي ۽ مدد خان جي مدد لاءِ حڪم ڏنا ويا. اهڙي خبر خداآباد پهتي ته مير عبدالله خان، ٻين ٽالپرن سان مشورو ڪيو. مير فتح خان جي راءِ هئي ته بادشاهي لشڪر جي سامهون ڪيئن ٿجي. ان هوندي به مير عبدالله خان لشڪر وٺي مدد خان پٺاڻ جي پيڇي ۾ نڪتو. مير فتح خان ۽ مرزا فقير خداآباد ۾ رهيا، پر پوءِ به اهي فوج وٺي وڃي مير عبدالله خان سان مليا. طئي ٿيو ته مدد خان اڳرائي ڪري حملو ڪيو ته جنگ ڪنداسين. ائين ٿو ڏسجي ته ٽالپر پاڻ ۾ متفق نه ٿيا ۽ پوءِ عمرڪوٽ هليا ويا. مدد خان، ٽالپرن کي چوائي موڪليو ته، آءٌ جنگ لاءِ نه آيو آهيان. مون کي درياهه رستي خداآباد وڃڻ جي اجازت ڏيو. اتي خزانو پوريل آهي، اهو هٿ ڪري آءٌ واپس هليو ويندس. عبدالنبي خداآباد پهچي پنهنجن ماڻهن کي چيو ته، وڃو آسپاس جي ڳوٺن مان ڦرلٽ ڪري ڪجهه کڻي اچو ته مدد خان جو پيٽ ڀريون. خدا جي مخلوق وڏي ڏچي ۾ اچي وئي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، 733-742) ظلم ۽ زيادتين جا اطلاع پهتا ته مير پريشان ٿيا. مير فتح خان ۽ مير عبدالله ۾ تلخ ڪلامي ٿي. عبدالله خان عمرڪوٽ ڇڏي جنگ لاءِ نڪري پيو. وري به مير فتح خان پوئتي رهجي ويو. مير الهداد ذريعي ظالم حملي آور ڏي پيغام موڪليو ويو ته، تو واعدا ڪري ماڻهن کي ماري ۽ ڦريو آهي. مير عبدالله کي حملي آور پيغام موڪليو ته درٻار مان حڪم پهتو آهي ته، سنڌ ۾ اقتدار مير (عبدالله) کي ڏئي، خراج جو بندوبست ڪري، ڪجهه واعدا وٺي صلح صفائي ڪري موٽي اچو. اوهين اچو ته گفتگو ڪري مسئلي جو ڪو حل ڪڍون. مير فتح وري به صلح لاءِ تيار ٿي ويو. البت عبدالله خان جنگ جي تياري ڪئي. فتح خان ۽ باگو خان وري به عمرڪوٽ هليا ويا. جنگ جي تياريءَ لاءِ ٽالپرن جو لشڪر عبدالله خان جي قيادت ۾ دين ڳڙهه روانو ٿي ويو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 746-750) ميرن ۾ نفاق جي خبر مدد خان کي پئي ته، هو تيزيءَ سان عمرڪوٽ پهتو. مير فتح علي ان ڳالهين لاءِ افغان ڪئمپ ۾ پهتو ته کيس گرفتار ڪري قابو ڪيو ويو. افغان لشڪر کيس روهڙي کڻي آيو. مٿس زور ڀريو ويو ته تون هاڻي قيدي آهين. ڇوٽڪاري لاءِ ٻه لک روپيا ڏي. مجرم جي حيثيت ۾ معافي وٺ. خط لکي سڀني ميرن کي هتي طلب ڪري وٺ. قيدي فتح خان خط لکيا، پر رات جو کيس ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو. صبح جو هيءَ خبر مدد خان کي پئي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. بنا دير هن مير عبدالله خان ڏانهن وڪيل موڪليو ته مير فتح خان جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪجو. اچو ته صلح صفائي ڪري، اقتدار اوهان جي حوالي ڪري، آءٌ افغانستان پهچي بادشاهه کي سموري معاملي جي رپورٽ پيش ڪريان. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 751-759) مير عبدالله خان، وڪيل کي بي عزتو ڪري واپس ڪيو ۽ پاڻ جنگ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. مدد خان کي جنگ جي خاطري ٿي ته، ميان عبدالنبيءَ کي اڪيلو ڇڏي، پاڻ اٻاوڙي مان منزل کڻي درياهه ٽپي افغانستان هليو ويو. مدد خان سنڌ ۾ جيڪا بربادي آندي، ان جو تفصيل جدا جدا ڪتابن ۾ موجود آهي. خداداد خان موجب مدد خان سنڌ ۾ 1781ع (1195هه) ۾ آيو، ۽ هڪ سال رهي اهل سنڌ جي بربادي ڪيائين. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ڇاپو، ص 164)
ميان عبدالنبي خان (ٻيو ڀيرو): مدد خان سنڌ مان روانو ٿيو ته ميان عبدالنبي وري پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون. عبدالنبي لشڪر گڏ ڪري معرڪي لاءِ روانو ٿيو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ راڻيپور وٽ جنگ لڳي. ان جنگ ۾ ٽالپرن جي سرسي ٿي. بهاولپور جو والي
محمد بهاول خان ثاني وچ ۾ پيو. نواب صاحب ڪوششون وٺي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرايو. ان پسمنظر ۾ ميان عبدالنبي ٻيهر سنڌ جو حاڪم بنجي ويو. مملڪت جو انتظام عبدالله خان ٽالپر جي حوالي ڪيو ويو. صلح ۽ ٺاهه کانپوءِ ٻئي ڌريون خداآباد (هالا) روانيون ٿيون. ذڪر هيٺ دور بابت معاصر مؤرخن، وڏي غفلت ۽ لاپرواهي ڪئي آهي. ان ڪري هي چئي نه ٿو سگهجي ته، عبدالنبي ٻيو ڀيرو ڪهڙي تاريخ، ڪهڙي مهيني ۽ ڪهڙي سال ۾ سنڌ جو حاڪم بنيو. شايد هو 1781ع جي آخر ڌاري حڪمران بنيو هجي. هِت هڪ ٻيو سوال به اڀري ٿو ته، جنگ چالڪ کانپوءِ ڪٿي به ميان صادق عليءَ جو ذڪر نه ٿو ملي. مٿي ٿيل ذڪر موجب، چالڪ واري جنگ ۾ ميان صادق عليءَ کي ميان عبدالنبي گوشائتو ڪري ڇڏيو. مدد خان واري دور ۾ هڪ طرف سنڌ جي بربادي ٿيندي رهي ۽ ٻئي طرف هڪ شهر کان ٻئي ماڳ تائين، گهمندا ڦرندا ۽ صلاحون ڪندا رهيا. ان مذڪور ۾ به ميان صادق عليءَ جو نالو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. مدد خان ۽ عبدالنبي گڏ هجن يا مير عبدالله ۽ عبدالنبي جي ٺاهه ۽ صلح جو معاملو هجي، پر ڪٿي به صادق عليءَ جو نالو نشانبر نه ٿو ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته هو غريب قربانيءَ جو ٻڪرو بنجي ويو هجي. چالڪ جي جنگ ۾ قلات جي حاڪم جو ناٺي مير زرڪ خان مارجي ويو هو. عبدالنبي وري حاڪم ٿي ويٺو، تڏهن خون بها طور ڪراچي بندر (علائقو)، خان قلات جي حوالي ڪيو ويو. (يادگيريون، سنڌي ترجمو، ص 57) سنڌ وطن لاءِ هي فيصلو هر لحاظ کان نهايت خطرناڪ هو. ڇهه مهينا خير خوبيءَ سان گذريا. حالانڪ ٽالپر ۽ ڪلهوڙا عام هلت چلت واري پيرويءَ ۾ ڏٺا ويا. پر ٻنهي ڌرين جون دليون صاف نه هيون. هڪ ڀيرو سنڌ جي حاڪم، مير عبدالله خان کي اعتماد ۾ به ورتو. ان کانپوءِ مير فتح خان ۽ مير عبدالله درٻار ۾ ايندا ويندا رهيا. هڪ موقعي تي ميان عبدالنبي، مير عبدالله کي چيو ته، حڪومت جون واڳون تو وٽ آهن، خزانو تو وٽ آهي. افغانن کي خراج ۽ ملازمن کي پگهارون نه مليون آهن. ائين گفتگو ڪندي مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان جي گرفتاري عمل ۾ آئي. (تاريخ بلوچي، ص 65) بعد ۾ ٻنهي ميرن کي قتل ڪيو ويو. ان کان سواءِ مير مرزو به ماريو ويو. (فتح نامه، فارسي، ص 99، حاشيو) ميرن جي مارجڻ کانپوءِ ميان عبدالنبي، خداآباد کي ڇڏي حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. ڌڱاڻو جتوئي ۽ پيروز ڪليري، چئن هزارن جي لشڪر سان، هن جي حفاظت ڪندا رهيا. (تاريخ بلوچي، ص 69) حيدرآباد پهچڻ کانپوءِ ميان عبدالنبي، امڪاني جنگ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون. مير عبدالله جي جاءِ تي ڌڱاڻو جتوئي حڪومت جو وزير مقرر ڪيو ويو.
ٽي چار لک سالانه آمدنيءَ واري لاکاٽ جي جاگير هن کي ملي. ٻيءَ روايت موجب ميان جي ماءُ، محمد حسن کهاوڙ کي حرمسراءِ جي دروازي تي سڏايو. هن کان وفاداريءَ جو قسم وٺي ’امير الامراءِ‘ جو لقب ڏنو ۽ قيمتي خلعت ۽ ڪلنگي ڏنا ويا. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 772، ص 775) ان دور ۾ ميان صاحب عمرڪوٽ جو قلعو (علائقو) جوڌپور جي راجا بجي سنگهه کي ڏنو ۽ هن کان فوجي مدد جي طلب ڪئي. ڦلوسنگهه جي قيادت ۾ هڪ لشڪر ٿر ۾ پهتو، پر ميان وٽان خرچ نه ملڻ ڪري جوڌپوري لشڪر واپس هليو ويو. پوءِ به عمرڪوٽ جوڌپور جي قبضي ۾ رهيو. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 190-191)
هالاڻيءَ جي جنگ ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو: جنهن وقت خداآباد ۾ خون خرابو ٿيو، ان وقت ٽالپر سردار ٽنڊي مٺا خان جوڻيجي ۾ موجود هئا. مکيه مير ٽالپر فوجي مدد لاءِ بهاول پور روانو ٿيو، ليڪن اهڙي اميد نه ڏسي مايوس ٿي موٽيا. ٽالپرن فيصلو ڪيو ته پنهنجن وسيلن تي ڀاڙي ڪلهوڙن سان جنگ ڪرڻي پوندي. (تاريخ بلوچي، ص 69) ياد رهي ته ان وقت نواب محمد بهاول خان ثاني (وفات: 1809)، بهاولپور جو امير هو، جنهن ڪلهوڙن جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن جي فوجي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيو. مير فتح علي خان سنڌ طرف روانو ٿيو. لاڙ جي بلوچن کي به اتر ڏي اچڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. ڪلهوڙن پاران ڌڱاڻو جتوئي ۽ پيروز ڪليريءَ کي حڪم ٿيو ته ٽالپرن جي چرپر تي نگاهه رکن. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ته جنگ شروع ٿي وئي. ليڪن ڪلهوڙن جو لشڪر ميدان ڇڏي ڀڳو. ميان عبدالنبيءَ جي سامهون آيا ته ان به جتوئي ۽ ڪليريءَ جي بي عزت ڪئي. (تاريخ بلوچي، ص 70) هن جنگ بابت غلام رسول مهر لکي ٿو ته، ٽالپرن ٻار ٻچا دين ڳڙهه پهچايا. مير فتح علي خان وٽ ڇهه هزار بلوچ هئا. هن سان ڪي ٻيا ٽالپر امير به هئا. مير سهراب وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ ونگي (لاڙ) موڪليو ويو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 771) ميان جي لشڪر ۽ ٽالپرن ۾ معرڪو ٿيو. ڪلهوڙن جي هار ٿي. هي جنگ ڪٿي ٿي، ان بابت ڄاڻ موجود ڪونهي. ٽالپرن ٻار ٻچا دين ڳڙهه پهچايا ۽ پاڻ لشڪر سميت اٻاوڙي ۽ پوءِ ميرپور پهتا. ان ريت گمان غالب آهي ته هي جنگ ميرپور ۽ ڏهرڪيءَ جي آسپاس ٿي هوندي.
ان کانپوءِ ٻنهي ڌرين باقاعدي جنگ جي تياري شروع ڪري ڏني. تاريخن ۾ هيءَ جنگ ’هالاڻيءَ جي جنگ‘ جي نالي سان مشهور آهي. ميان عبدالنبي خود وڏو لشڪر وٺي حيدرآباد کان روانو ٿيو. لشڪر ۾ جهنجڻ، اوٺوال، کوسا، کهاوڙ ۽ سامٽيا شامل هئا. انهن وٽ ڳريون توپون، زبردست گرز ۽ جنگ جو ٻيو ڪافي سامان موجود هو. (تاريخ بلوچي، ص 71) هالاڻيءَ جي آسپاس ٻئي لشڪر هڪٻئي کي آمهون سامهون ٿيا. مير سهراب ڏي جلد لشڪر وٺي اچڻ جو پيغام موڪليو ويو. ٽالپرن جي لشڪر ۾ مري، نظاماڻي، لغاري، جمالي، کٽياڻ ۽ کوکر شامل هئا. (تاريخ بلوچي، ص 71) جنگ جي شروعات ۾ محمد حسن کهاوڙ ۽ محمد باقر کهاوڙ دليريءَ سان وڙهيا. بلوچ شڪست کائي رهيا هئا. اسماعيل کٽياڻ ۽ قائم خان مريءَ اعلان ڪيو ته بلوچ هاڻي ڪيڏي به وڃي نه ٿا سگهن. وڙهي مري يا جنگ کٽي پاڻ ملهايو. پوءِ ته زبردست جنگ شروع ٿي وئي. ٻنهي کهاوڙ ڀائرن کي زرهون پاتل هيون. اهي قائم مري ۽ اسماعيل کٽياڻ جي هٿ لڳا، جن کي زندهه ماريو ويو. مراد علي ڪليري، فريد سامٽيو ۽ ٻيا سردار به وڙهندي مارجي ويا. بعد ۾ قائم مري به وڙهندي مارجي ويو. ڪجهه ٻيا سالار به ڪتب آيا. بلوچي لشڪر هيبت پکيڙڻ لاءِ کهاوڙ ڀائرن (محمد حسن ۽ محمد باقر) جون سسيون ڪپي، نيزن تي ٽنگي ميدان تي گهمايون ويون. هي منظر ڏسي ڪلهوڙن جو لشڪر ڀڄڻ لڳو. ميان عبدالنبي به هي حالت ڏسي ميدان مان نڪري ويو. (تاريخ بلوچي، ص 72) ٻين ماخذن جي آڌار تي هن جنگ بابت ڪجهه وڌيڪ نڪتا پڻ ملن ٿا. عبدالنبي ڪلهوڙي هالاڻيءَ جي جنگ لاءِ، محمد حسن کهاوڙ کي سپهه سالار مقرر ڪيو هو. ليکي، کوسا، نومڙيا ۽ افغان ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ شامل هئا. سردار خان ۽ اسحاق شاهه کي محمد حسن جو مددگار مقرر ڪيو ويو. سرڪاري لشڪر ۾ ٽيهه هزار سپاهه هو. ان کان سواءِ ميان عبدالنبي وڌيڪ لشڪر گڏ ڪري ساڻن شامل ٿيو. آخرڪار هالاڻيءَ وٽ اچي منزل انداز ٿيا. الهداد ليکي، غلام حسين جهنجڻ، تاجو سامٽيو، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز ڪليري، ۽ پيروز (فيروز؟) ٽالپر سرڪاري لشڪر جو حصو هئا. لڙائي شروع ٿي ته ٽالپرن وٽ به ٽيهن هزارن بلوچن جو لشڪر هو. ابتدا ۾ توبن ۽ بندوقن جي لڙائي ٿي. بعد ۾ مير فتح علي خان گهوڙي تان لهي هٿو هٿ ويڙهه شروع ڪئي. خيري مريءَ هٿان محمد حسن مارجي ويو. پوءِ محمد باقر کهاوڙ سپهه سالار ٿيو. اهو به جنگ ڪندي مارجي ويو. تاجو ليکيءَ جي ڀاءُ الهداد کي مير غلام عليءَ قتل ڪيو. تاجو سامٽيو، مير سهراب هٿان پورو ٿيو. مير الهه يار، مير ٺاري، ۽ مير باگي به گهڻن کي ماري پورو ڪيو. نيٺ ڪلهوڙن جي لشڪر ڀاڄ کاڌي ۽ پوءِ عبدالنبي پاڻ به ميدان ڇڏي ڀڄي ويو ۽ سنڌ ڇڏي قلات هليو ويو. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 775- 779) ميان صاحب ميڙ منٿ کانپوءِ قلات جو لشڪر وٺي آيو. پر کين خرچ پکو نه مليو ته اهي واپس هليا ويا. خان قلات انهن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ عام ڦرلٽ کان پرهيز ڪئي وڃي. هن دور ۾ جوڌپوري به ميان جي مدد لاءِ اڳتي وڌيا. مير سهراب جو ڀاءُ مير غلام محمد عمرڪوٽ طرف جوڌپور جي لشڪر هٿان مارجي ويو. هي واقعو 1783ع (1197هه) ۾ ٿي گذريو. اهو ئي جنگ هالاڻيءَ جو سال به تسليم ڪيو وڃي ٿو.
عبدالمجيد جوکيو هن دور کي ڏسڻ وارن مؤرخن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن جنگ کانپوءِ جي صورتحال ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي: ميان عبدالنبي ڪجهه وقت کانپوءِ مراد عليءَ جي قيادت ۾ بروهين جو لشڪر وٺي جنگ لاءِ سنڌ طرف وڌيو. هي اطلاع ٻڌي غريب ۽ شريف خاندان ائين ڀڄڻ شروع ٿيا، جيئن مدد خان جي زماني ۾ ڀڳا هئا. عبدالنبيءَ کي ميرن جي چرپر جو اطلاع مليو ته ٺيڙهيءَ (سيوهڻ تعلقي ۾ هڪ ديهه جو نالو) کان واپس ٿيڻ لڳو. واپس ٿيندي ئي سن، سيوهڻ ۽ چانڊڪي تائين، گهڻي ڦرلٽ ڪري انهن علائقن کي ويران ڪيو ويو. ٽالپرن جي پيڇي ۾ ويل رند، گبول، شهواڻي ۽ نوحاني قبيلن؛ ساون فصلن، پوکن، ڳوٺن ۽ شريف ماڻهن کي ڦريو. ڳوٺ ۽ عمارتون تاراج ڪيون ويون. کاڌي پيتي جي اڻاٺ سبب اڪثر ماڻهو مري ويا. ايڏو ته ڏڪر پيو، جو تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي. (تاريخ بلوچي، ص 73) ان ريت ڪلهوڙن جي هڪ صديءَ جي حڪمراني پوري ٿي. ٽالپرن اڳتي وڌي سنڌ جي حڪومت جي دعويٰ ڪئي. مير فتح علي خان کي ٽالپر گهراڻي جو پهريون حاڪم تسليم ڪيو ويو آهي.
ميان عبدالنبيءَ جون ڪوششون ۽ وفات: هالاڻيءَ جي جنگ ۾ جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو آهي، ٽالپرن جي سوڀ ٿي ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي لشڪر شڪست کاڌي. ان کانپوءِ ميان صاحب فوجي مدد لاءِ، قلات پهچي ويو. جوڌپوري به ميان جي مدد ۾ عمرڪوٽ پهتا. ليڪن شڪست هاڻي عبدالنبيءَ جو نصيب ٿي چڪي هئي. ان حالت ۾ ڪٿان به سوڀ ۽ ڪامراني ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. ان پس منظر ۾ ميان صاحب فوجي مدد ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ، هڪ ڀيرو وري افغان درٻار ڏي واجهايو. ان مقصد لاءِ هن پنهنجي وڪيلن (سفيرن) کي متحّرڪ ڪيو. ان سڄي مامري ۾ به قلات جي والي مير نصير خان، ميان عبدالنبيءَ جي رهائش ۽ گذرسفر جي لاءِ پور '>حاجي پور (راڄڻ پور) ۾ بندوبست ڪيو. ان کانپوءِ مير فتح علي خان، حيدرآباد شهر کي فتح ڪري قلعي کي پنهنجي ضابطي ۾ آندو. نئين حاڪم ميان عبدالنبيءَ جي اهل و عيال کي عزت ۽ احترام سان حاجي پور موڪلي ڏنو. مائي بهو بيگم عرف ’صاحب دولت‘ ميان غلام شاهه جي وڏي زال هئي. هيءَ عورت نثار خان گوجر جي ڌيءُ ۽ نواب الهداد جي سڳي ڀيڻ هئي. نواب صاحب ان وقت بهاول پور ۾ هو، ان ڪري ’صاحب دولت‘ به اوڏانهن هلي وئي. ميان سرفراز جي بيگم سون ٻائي به بهاول پور پهتي. هن مائيءَ جي والد جو نالو نورنگ خان جسڪاڻي هو. عبدالنبي ۽ ٽالپرن ۾ اقتدار لاءِ آخري ڪوشش افغانستان ۾ ٿي. افغان درٻار کي نوَ لک روپيه درڪار هئا. اقتدار جي خواهشمندن وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾ عبدالنبي ناڪام ٿيو. جڏهن ته ٽالپري وڪيلن، جن ۾ آغا ابراهيم شاهه اهميت وارو هو، ان نوَ لک روپيه گڏ ڪري درٻار ۾ جمع ڪرايا. ان پسمنظر ۾ حڪومت جو پروانو مير فتح علي خان جي نالي جاري ٿيو. پرواني سان گڏ، خلعت، ڪلنگي ۽ خاص گهوڙو به مليا. ميان عبدالنبيءَ لاءِ ديره غازي خان جي محصول مان هڪ لک روپيه سالانه رقم مقرر ٿي ۽ هو حاجي پور ۾ رهي پيو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 781-783) جيتوڻيڪ ميان عبدالنبي سنڌ مان خارج ٿي چڪو هو، تڏهن به هن پنهنجي ڪوشش جاري رکي. افغان درٻار ۾ محفوظ خان نالي امير هن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. اهڙو تفصيل عظيم الدين ٺٽويءَ ’فتح نامه‘ ۾ ڏنو آهي. جڏهن مير فتح علي خان کي اها ڄاڻ ملي ته، هن سمورا تفصيل ۽ ماجرا، پنهنجن وڪيلن معرفت افغان درٻار کي موڪلي ڏنا ۽ ميان عبدالنبيءَ جي سنڌ واپسيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. افغان بادشاهه ڏٺو ته درٻار ۾ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا حامي موجود آهن. هر پارٽي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏوڪڙ پئسي جو استعمال به ڪندي ٿي رهي. ان ڪري بادشاهه سنڌ جا ٻه حصا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هڪ حصو ٽالپرن لاءِ، ۽ ٻيو عبدالنبيءَ لاءِ. ان وقت ميان جي گذارش تي بوستان خان ۽ اخلاص خان کي اڳواڻ بنائي، افغاني فوج سان سنڌ روانو ڪيو ويو ته، اهي وڃي ٽالپرن جي ڀيٽ ۾ ميان عبدالنبيءَ جي مدد ڪن. هيءَ خبر مير فتح علي خان ٻڌي ته چاليهن هزارن جو لشڪر گڏ ڪري، جنگ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو ۽ ان مقصد لاءِ هن روهڙيءَ جو رخ رکيو. عبدالنبيءَ جو بهترين افغان مددگار محفوظ خان فوت ٿي چڪو هو، ان ڪري افغان خود پريشان ٿي ويا ته ڇا ڪجي؟ اهي ڪوٽ مٺڻ تائين پهچي چڪا هئا. فرمان جاري ٿيو ته جنگ ڪرڻ کان سواءِ افغان لشڪر واپس موٽي اچي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 784-787) ڪجهه عرصي کانپوءِ ٽالپرن ۾ اختلافن جون خبرون اچڻ لڳيون. ان پس منظر ۾ هن پنهنجي وڪيل قمرالدين جي معرفت سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. آخرڪار 1788ع ۾ عبدالنبيءَ جي حق ۾ فرمان جاري ٿيو. ڪجهه افغان لشڪر به موڪليو ويو ته سنڌ فتح ڪرڻ ۾ عبدالنبيءَ جي مدد ڪري. رياست بهاول پور جي حاڪم کي به هن ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. ميان عبدالنبي افغاني لشڪر سان گڏ بهاول پور پهتو. رياست جو حاڪم بهاول پور ڇڏي ديراوڙ هليو ويو. مير سهراب کي به مدد لاءِ چيو، پر هن انڪار ڪيو. افغان نهايت بي رحميءَ سان، سنڌي عوام سان پيش آيا. ظلم ۽ ستم، ڦرلٽ، ساڙ۽ ٻار ۽ خون خرابو افغانن لاءِ ڪو مسئلو نه هو. بهرحال افغان بهاول پور ڇڏي روهڙيءَ ۽ پوءِ منزل به منزل هالا پهتا. مير فتح علي خان کي پيغام موڪليو ويو ته جنگ تان هٿ کڻي، اقتدار ميان عبدالنبيءَ جي حوالي ڪيو وڃي. هي تيمور بادشاهه جو حڪم آهي. ٻيءَ صورت ۾ نهايت خراب نتيجا نڪرندا. مير فتح علي ٻار ٻچا جيسلمير موڪلي ڏنا ۽ پاڻ جنگ جي تياري شروع ڪيائين. مير سهراب خان هن حالت ۾ مير کي ڇڏي شاهه ڳڙهه طرف هليو ويو. هيءَ خبر مير فتح علي خان کي پئي ته، چيائين ته منهنجو خدا مون سان گڏ آهي. آءٌ افغانن سان جنگ ڪندس. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ ٿي. افغانن جنگ هارائي ۽ ميرن لڙائي کٽي. هي واقعو 1789ع جو آهي. افغان لشڪر وڌيڪ جنگ کي جاري رکڻ کان انڪار ڪيو ۽ واپس پنهنجي ملڪ هليا ويا. آخرڪار تيمور خود لشڪر سان بهاول پور پهتو، جو پوءِ واپس موٽي ويو. ٽالپرن جي وڪيل سفارتڪاريءَ ذريعي معاملو حل ڪيو ۽ عبدالنبيءَ جو باب پورو ٿي ويو. عبدالنبي پريشان ٿي حاجي پور پهتو. ملتان ۾ هن جو وڪيل لالا عزت راءِ هو، ان کي به واپس اچڻ لاءِ چيائين. (حوالو ساڳيو، ص 787- 797) پوءِ به ميان عبدالنبي ڪوششون ڪندو رهيو. جدوجهد ڪندي نيٺ هن 1805ع ۾ وفات ڪئي. کيس حاجي پور ۾ دفن ڪيو ويو. هڪ راءِ موجب ميان کي ٽي پٽ ٿيا ۽ ٻيءَ راءِ موجب کيس چار پٽ هئا. ميان جو اولاد اڄ به حاجي پور ۾ رهي ٿو.
ڪلهوڙا دور جا ڪجهه مکيه ماڻهو
ڪلهوڙا دور جي مجموعي مطالعي کانپوءِ، اهو ڏسڻ لازمي آهي ته، هن دور ۾ ڪهڙا مشاهير پيدا ٿيا، جن سماج جي مختلف پهلوئن جي خدمت ڪئي. نه رڳو تاريخ ۾ پنهنجي نالي کي روشن ڪيو، پر انهن جي وجود سان خود ڪلهوڙن جو زمانو به اتهاس ۾ اجاگر ٿي ويو. هونئن ته هي دور مردم خيز زمانو ٿي گذريو آهي، پر ڪجهه ماڻهن جي پيدا ٿيڻ سان، ڪلهوڙا دور کي سموري اسلامي توڙي تاريخي دور ۾ خاص اهميت ملي آهي. هيٺ ڪجهه مشاهيرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
شاهه بهارو: شاهه بهارو ذات جو جنجهڻ هو. پنهنجي دور جو نامور سپهه سالار ٿي گذريو آهي. قلات جي بروهين سان جنگ هجي يا شڪارپور جي دائودپوٽن جو مسئلو هجي. شاهه بهارو هر محاذ تي سرخرو ٿي موٽيو. ڪلهوڙا دور ۾ هن کي لاڙڪاڻي جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ان ريت هن اتي ڪوٽ قلعا ۽ واهه کوٽايا. سندس وفات 1736ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي. ليڪن حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سنڌ جو هي سپوت 1757ع (1170هه) تائين زندهه هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 275) ان کانپوءِ ڪنهن سال ۾ هن فاني جهان ڇڏيو. سندس مزار لاڙڪاڻي شهر ۾ آهي، جنهن تي ميان غلام شاهه عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو.
مير متارو: مير متارو بنيادي طرح هن جو تعلق غير فوجي (Civil) عملي سان هو ۽ لڪياري ساداتن مان هو. کيس وزير ۽ سفير وارو مرتبو حاصل هو. درٻاري لکپڙهه ۾ به سندس مکيه حصو رهندو هو. ان سان گڏ هن ۾ هڪ فوجي جرنيل واريون صلاحيتون به موجود هيون. ڪجهه جنگين ۾ به حصو ورتائين. سندس وفات 1748ع ۾ ٿي. (مقالات الشعراءِ، ص 224-225) سندس مزار دولتپور صفن (ضلعي شهيد بينظيرآباد) ۾ مين روڊ سان آهي. مير متاري جو اصل نالو سيد لطف الله هو.
مير شهداد خان ٽالپر: ڪلهوڙا دور جو ناليرو فوجي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو هوتڪ خان هو. جوان ٿيو ته شهداد خان کي مغلن جي سرپرستي حاصل ٿي ۽ کيس پٽ باران (هالا) جو علائقو جاگير طور ڏنو ويو. ان ڪري مير شهداد خان، مغل مخالف طاقت کي سختيءَ سان چيڀاٽيو. بعد ۾ هو ميان يار محمد ڪلهوڙي جي درٻار سان وابسته ٿي ويو. هن ڪيترن معرڪن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. صوفي شاهه عنايت (جهوڪ) جي شهادت ۾ حاڪمن سان گڏ مير شهداد به مکيه ڪردار ادا ڪيو. (1718ع) [۽ قرآن پاڪ وچ ۾ وجهي، صوفيءَ سان دغا ڪيائين] شڪارپور ۾ ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن ۾ دنگل ٿيا، تن ۾ به مير شهداد ڪردار ادا ڪيو. سانگهڙ ضلعي ۾ موجود ’شهدادپور‘ جو شهر به هن تعمير ڪرايو هو. هن 1734ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه پور چاڪر جي ڀرسان آهي. کيس چار پٽ: ڄام نندو، چاڪر خان، بهرام خان ۽ خير محمد جي نالي سان ٿيا. ڪلهوڙن کيس ’برخوردار‘ جو لقب ڏنو هو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 279-281)
مراد ڪليري: ميان نور محمد جي دور جو ناليوارو فوجي ٿي گذريو آهي. ميان صاحب پاران هو سبيءَ جو ناظم هو. هن پنهنجي همت، انتظامي صلاحيتن، ۽ سٺين تدبيرن جي ڪري، ڪلهوڙا حڪومت کي مضبوط ڪيو. سبي، ڍاڍر ۽ گنجابي ۾ مکيه مکيه سردارن کي وفادار بنايو ۽ مطيع ڪيو. جڏهن عبدالله خان بروهي سنڌ فتح ڪرڻ جي ارادي سان، وڏو لشڪر وٺي نڪتو تڏهن شروع ۾ مراد ڪليريءَ سندس مزاحمت ڪئي. بعد ۾ ميان نور محمد سندس مدد لاءِ چاليهن هزارن جو لشڪر موڪلي ڏنو. آخرڪار جنگ ۾ عبدالله خان بروهي مارجي ويو. نادر جي حملي وقت مراد ڪليري، بولان لڪ جي حفاظت تي مقرر هو. قلعي ڪانجيءَ جي جنگ ۾ به حصو ورتائين. هيءَ جنگ 1746ع ۾ ٿي. (واليءِ سنڌ، ميان نور محمد ڪلهوڙو، ص 168-169)
ڄام نندو: مير شهداد خان جو وڏو پٽ هو. والد جي وفات کانپوءِ ميان نور محمد کيس مير شهداد جي منصب تي آندو. مختلف جنگين ۾ ڪردار ادا ڪيائين. نادر شاهه 1740ع ۾ سنڌ تي حملي آور ٿي، مرادياب ۽ ميان غلام شاهه کي يرغمال طور ايران وٺي ٿي ويو، تڏهن سنڌ جو جيڪو فوجي جٿو شهزادن سان گڏ ايران ويو، ان جو اڳواڻ ڄام نندو هو. سندس وفات به ايران ۾ ٿي. (واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ص 169)
مير بهرام: مير شهداد خان جو پٽ هو. ڄام نندو ايران ويو ته، کيس اهو منصب مليو. قلات جي مشهور جنگ ۾ به هن ڪردار ادا ڪيو. هن ڪڇي، ديرن جي جنگين ۽ ڪڇ جي لڙائيءَ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ به جنگين ۾ حصو ورتائين. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ 1775ع ۾ کيس درٻار ۾ قتل ڪيو ويو. (جنت السنڌ، ص 542)
مير چاڪر خان: هي به مير شهداد جو پٽ هو. والد وانگر بهادر هو. ميان نور محمد جي فوج ۾ رهي ڪيترين جنگي محاذن تي وڙهي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. خان قلات جي لشڪر سان ٿيل جنگ ۾ نمايان سوڀ پاتائين، جنهن ۾ عبدالله خان مارجي ويو هو. ميان صاحب وٽ هن لاءِ وڏي عزت هئي. کيس جداگانه جاگير به مليل هئي. شاهپور چاڪر شهر سندس ٻڌرايل آهي. (واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ص 170-171)
بلاول خان نائچ: هي به ڪلهوڙا دور جو ناليرو عملدار ٿي گذريو آهي. هن خاص ڪري ٺٽي ۽ ان جي آسپاس ۾ ٿيل حڪومت مخالف سرگرمين کي هن چيڀاٽڻ ۾ حصو ورتو. جڏهن 1747ع ۾ ڌاراجه جي راڻي جي اشاري سان، جبل جي ماڻهن مسئلا پيدا ڪيا ۽ ٺٽي تي ڪاهي آيا، تڏهن مسو فقير ٺٽي جو حاڪم هو ۽ سندن مقابلو نه ڪري سگهيو. ان اطلاع ملڻ تي بلاول نائچ کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. هو راڻي جي قلعي تي ڪاهي ويو. راڻو قلعو ڇڏي ڀڄي ويو. هن وڏي همت سان قلعو هٿ ڪري ميان نور محمد جي پٽ خداداد خان جي حوالي ڪيو. بعد ۾ شيخ شڪرالله بجار جوکئي جي هٿان راڻي کي مارايو. ان ريت بلاول فقير جوکيي، ميان ڪلهوڙن جي حڪومت ۾، ملندڙ هر ذميواريءَ کي پورو ڪيو. (واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ص 172)
مسو فقير سامٽيو: هي سلطان فقير جو پٽ هو، جيڪو ٺٽي ۾ ناظم هو، سندس وفات کانپوءِ پٽس مسو فقير کي ٺٽي جو اعليٰ منتظم مقرر ڪيو ويو. مسو فقير هڪ دلير انسان هو. راڻي ڏهراج (ڌاراجه) سن 1744ع ۾ ڪجهه ڪوهستاني گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. اتفاق سان مسو فقير مقابلو نه ڪري سگهيو. ان وقت ميان صاحب کيس معزول ڪري، ٺٽي تي بلاول نائچ کي مقرر ڪيو، جنهن راڻي جي لشڪر کي ڀڄائي، ٺٽي شهر ۾ امن امان قائم ڪرايو. (واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ص 173)
مير عبدالله خان: مير بجار جي قتل کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾، مير عبدالله خان ٽالپرن جو سردار بنجي ويو. بهاول پور جي نواب ڪردار ادا ڪرڻ بعد ميان عبدالنبي ٻيهر سنڌ جو حڪمران بنجي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ لاڳاپا بهتر پئي هليا، پر شڪ شبها موجود هئا. اوچتو حالتن موڙ کاڌو ۽ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان کي گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ عبدالنبيءَ جي حڪم تي ٻنهي ميرن کي ختم ڪيو ويو. هي واقعو 1782ع ۾ ٿي گذريو. ان واقعي هالاڻيءَ جي جنگ لاءِ جواز پيدا ڪيو. جنگ ٿي، جنهن ۾ ٽالپرن کٽيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو. ڪلهوڙن جي سؤ ساله حڪومت پوري ٿي.
عزت خان نومڙيو: نومڙيا اصل ۾ لس ٻيلي جا حڪمران هئا. ملڪ پاهڙ خان فوت ٿيو ته حڪومت سندس ننڍي پٽ عزت خان کي ملي، پر سمورن معاملن جي نگراني عزت خان جي ماءُ مائي چاڳلي ڪندي رهي. 1742ع ۾ ڪوريجا خاندان لسٻيلي جي حڪومت تي قبضو ڪيو. ان ڪري مائي چاڳلي راڄ ڀاڳ سان، سنڌ جي ڪوهستان طرف ڪوچ ڪيو. ملڪ عزت خان جوان ٿيو ته کيس ميان غلام شاهه جي سرپرستي حاصل ٿي. (تاريخ بلوچي، ص 13) بعد ۾ هي خاندان آخر تائين ڪلهوڙن جو وفادار رهيو. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ به نومڙيا، ڪلهوڙن جي لشڪر سان گڏ رهيا. ملڪ عزت خان 1776ع ۾ فوت ٿيو. مائي چاڳلي ۽ عزت خان جون مزارون بوائز ڪاليج ڪوٽڙيءَ جي ڀرسان موجود آهن.
بجار جوکيو: ملير (ڪراچيءَ) جي علائقي جو بهادر انسان ٿي گذريو. لاڙ پٽ ۾ مختلف ڪلهوڙا مخالف قبيلن کي مطيع ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. ڪي چون ٿا ته بجار کي ميان نور محمد ڪلهوڙي اڳتي آندو. ٻيءَ روايت موجب هن کي ميان غلام شاهه جي سرپرستي حاصل رهي. ان کانپوءِ بجار جو گهر جوکين جو سردار گهراڻو سڏيو ويو. ۽ هن کي ڄام جو لقب به حاصل رهيو. (يادگيريون، سنڌي ترجمو، ص 56-57)
شيخ غلام محمد ولد شيخ عبدالله: جڏهن 1737ع ۾ ٺٽي جو صوبو ڪلهوڙن کي مليو، تڏهن ميان نور محمد، شيخ غلام محمد کي ٺٽي جو پهريون ناظم مقرر ڪيو. مرادياب ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان گڏ غلام محمد به ايران ويو هو. نادر جي قتل کانپوءِ مرادياب مسقط کان ٿيندو سنڌ پهتو هو. تڏهن مسقط ۾ ئي شيخ غلام محمد شهادت پاتي. هن کي ڪنهن خنجر هڻي قتل ڪيو. ميان نور محمد کيس گهڻي عزت ڏيندي ’برخوردار‘ جو لقب ڏنو هو. (منشور الوصيت و دستور الحڪومت، سنڌي ترجمو، ص 49 ۽ پڻ حاشيا ص 49)
شيخ شڪرالله: هي شيخ غلام محمد جو ننڍو ڀاءُ هو. جڏهن سندس ڀاءُ جي شهادت جي خبر سنڌ پهتي، تڏهن مرادياب کي وٺي اچڻ لاءِ، ميان نور محمد هڪ جهاز سان، شيخ شڪرالله کي موڪليو. ليڪن هي به رستي ۾ پورو ڪيو ويو.هن جي شهادت زهر سان ٿي. ميان نور محمد (ٻنهي ڀائرن جي شهادت کان اڳ) ٻنهي ڀائرن لاءِ لکيو هو ته برخوردار شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪرالله کي ڀائرن وانگر ڄاڻجو، جو اهي نمڪ حلال، ۽ سرويچ آهن. شيخ غلام محمد ته اسان جي ڪري جفائون به ڏٺيون آهن ۽ تڪليفون به سٺيون آهن. (منشور الصويت، ص 49)
ديوان گدومل: ديوان گدومل اهو ڪردار آهي، جو ڪلهوڙا دور ۾ بلند درجي تي پهتو. هن بابت پهريون حوالو 1753ع ۾ ملي ٿو، جڏهن احمد شاهه ابدالي سنڌ تي حملي آور ٿيو. گدومل وڪيل طور احمد شاهه جي درٻار ۾ ڪلهوڙن پاران پيش ٿيو. بعد ۾ ديوان صاحب وڪيل يا سفير طور افغان درٻار ۾ گهڻو وقت رهيو ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي مدد ڪيائين. 1783ع ۾ ڪلهوڙن هارايو ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. حالات تبديل ٿيا ته ديوان گدومل ڪلهوڙن بجاءِ، ٽالپرن جي حمايت ڪئي ۽ افغان درٻار ۾ سندن لاءِ نرم گوشو پيدا ڪيو. مير فتح علي خان مٿس گهڻو ڀروسو ڪندو هو. ليڪن مير غلام علي خان کي مٿس شڪ هو، سو آخرڪار هن کي مارائي وڌائين. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 291-292) حيدرآباد جي ڀرسان درياهه جي ڪناري سان هن هڪ بستي تعمير ڪئي، جنهن کي ’گدو بندر‘ جو نالو ڏنو ويو. (وڌيڪ ڏسو: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد پنجون، ص: 259)
راجا (راڄو) ليکي: موجوده دور جي مورخن هن نالي کي راڄي ليکيءَ طور نروار ڪيو آهي. عام راءِ موجب ليکي خاندان ڪلهوڙن جي درٻار ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. ان ڪري سندن اصل ذات لِڪي وئي، ۽ اهي ’ليکي‘ مشهور ٿيا. هن جو ذڪر سڀ کان اول، ميان يار محمد جي دور ۾ ملي ٿو. معزالدين جي معرڪي کانپوءِ ميان صاحب مايوس ٿي قلات هليو ويو. بعد ۾ راڄو ليکي قلات ويو ۽ ميان يار محمد کي سنڌ جي حالتن کان واقف ڪري واپس وٺي آيو. ان پسمنظر ۾ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي. ميان نور محمد جي دور ۾ به سندس اهميت برقرار رهي. دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن ۾ دنگل ٿيا ته انهن ۾ به هي شامل رهيا. مرادياب خان معزول ٿيو ته سنڌ ۾ سياسي حالتون خراب ٿي ويون. ان افراتفريءَ جي دور ۾ به، هي مدبر اڳواڻ ميان غلام شاهه سان گڏ هو. غلام شاهه جي دور ۾ درٻار تي مڪمل حاوي رهيو. ميان سرفراز جي دور ۾ ليکي- ٽالپر تڪرار جو الزام راجا ليکيءَ تي هنيو وڃي ٿو. زماني جون ڪيئي هيٺاهيون مٿاهيون ڏسي، راجا ليکي 1776ع ۾ هي فاني جهان ڇڏيو. (تحفة الڪرام، فارسي، حاشيو، ص 466)
وڌيڪ ڏسو: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد ڇهون، راڄو ليکي، ص: 56)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: سنڌ جو سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه ڪريم جي اولاد مان، 1690ع ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات 1752ع ۾ ٿي ۽ سندس مدفن سڄيءَ دنيا ۾ ’ڀٽ شاهه‘ طور مشهور آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري شاهه لطيف ذريعي فني ۽ فڪري معراج کي پهتي. سندس شعر ۾ سنڌ وطن ۽ سنڌي عوام سان پيار جو بي مثال اظهار ڏسجي ٿو. شاهه صاحب جي ڪلام کي ’شاهه جو رسالو‘ سڏجي ٿو. (وڌيڪ ڏسندا: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ڏهون)
خواجه محمد زمان: لنواريءَ وارو مشهور بزرگ. نقشبندي سلسلي جو صوفي هو. سن 1774ع ۾ وفات ڪيائين. خواجه صاحب جي خاص خليفي عبدالرحيم گرهوڙي، سندس ڪلام ۽ قولن کي عربي زبان ۾ سهيڙيو. هن جا چوراسي سنڌي بيت مليا آهن. بيتن ۾ اعليٰ فڪر ۽ پختي ٻولي ڪتب آندل آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي، خواجه مرحوم جو سنڌي ڪلام ’ابيات سنڌي‘ جي نالي سان ترتيب ڏئي 1939ع ۾ ڇپرايو هو. (وڌيڪ ڏسو: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد چوٿون، ص: 528)
فقير عبدالرحيم گرهوڙي: ذات جو مڱريو هو ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو خاص خليفو ٿي گذريو آهي. مرشد جو ڪلام گڏ ڪيائين ۽ پاڻ به اعليٰ درجي جي سنڌي شاعري ڪيائين. ڊاڪٽر دائودپوٽي ’ڪلام گرهوڙي‘ وڏي جاکوڙ سان 1956ع ۾ ڇپرايو. گرهوڙي فقير فڪري طور تي ڀٽائي صاحب کي ۽ عملي طور تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي ويجهو ڏسجي ٿو. هيءُ عالم فاضل انسان 1778ع ۾ شهيد ٿيو. (ڏسندا: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، ايندڙ جلد)
روحل فقير: ذات جو زنگيجو هو. سندس تعلق عمرڪوٽ ويجهو پدمات سان چيو وڃي ٿو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ سندس ملازم بنيو، ليڪن پوءِ نوڪري ڇڏي جهوڪ شريف هليو ويو. اُتان تصوف جون منزلون طئه ڪري، اتر سنڌ ڏي ’ڪنڊڙيءَ‘ وڃي پهتو. روحل فقير جي ڪلام ۾ تصوف ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. سن 1804ع ۾ روحل فقير هيءُ فاني جهان ڇڏيو. مختلف عالمن، روحل فقير جو ڪلام گڏ ڪيو آهي. روحل هندي زبان ۾ به شعر ڇڏيو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد ڇهون، ص: 303)
مراد فقير: روحل فقير جو عزيز هو. سندس شعر نهايت معياري آهي. سنڌي زبان سان گڏ سرائڪي ٻوليءَ ۾ به شاعري ڪيائين. هن روحل فقير کان اڳ 1796ع ۾ وفات ڪئي. کيس ’ڪوٽلي‘ ۾ دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ روحل فقير ڪوٽلي ڇڏي ’ڪنڊڙي‘ وڃي وسائي.
منشي عبدالرئوف: ذات جو سهتو ۽ هڱورجا شهر جو رهاڪو هو. ٻيءَ روايت موجب سندس تعلق سيوهڻ سان هو. ابتدا ۾ خانپور جي عملدار بختيار خان جو ملازم هو. بعد ۾ اچي ڪلهوڙن جو ملازم بنيو. ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي دور ۾ مير منشي ۽ وزير ٿيو. پنهنجي وقت جو بينظير انشاء پرواز هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، 339-340) منشي عبدالرئوف آڪٽوبر 1727ع ۾ فوت ٿيو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 840) سندس پٽ منشي محمد وفا به سرڪاري آفيسر هو. سندس خطن جو مجموعو منشي وفا ’گلدستهء نوبهار‘ جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو اڻ ڇپيل آهي. ان ۾ ڪلهوڙا دور جي اتهاس بابت ججهو مواد موجود آهي. منشي عبدالرئوف لاثاني انشاء نويس هو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: ذات جو پنهور هو. بٺوري ۾ ميان عبدالغفور جي گهر ۾ 1692ع ۾ پيدا ٿيو. ٺٽي ۾ مختلف عالمن کان تعليم ورتائين. تعليم جي تڪميل کانپوءِ بٺوري ويو، پر پوءِ هميشه لاءِ اچي ٺٽي ۾ رهيو. هتي اچي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. ڪيئي نوجوان هن جي درس مان عالم ٿي نڪتا. ان سان گڏ ’جامع خسرو‘ ۾ وعظ ۽ تقريرون ڪري اسلام جي اشاعت لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. محمد هاشم ٺٽويءَ جي سوانح جو خاص پهلو تصنيف ۽ تاليف آهي. هن ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا. انهن ۾ عربي ڪتابن جو تعداد گهڻو آهي. فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ به ڪجهه ڪتاب لکيائين. سن 1761ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي مزار ’مڪلي‘ قبرستان ۾ موجود آهي. (ڊاڪٽر محمد ادريس جو مقالو، رسالو ’مهراڻ‘، نمبر 2-3، سال 2003ع)
وڌيڪ ڏسو: ’ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد ٻيو، ص: 548)
باغ علي ’خائف‘: باغ عليءَ بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪونهي. البت هي سنڌي هو ۽ ڪلهوڙن جو سرڪاري مؤرخ ٿي گذريو. ان ڏس ۾ هن ’نامهء نغز‘ (فارسي) ڪتاب لکيو. هي ڪلهوڙن جي تاريخ متعلق نظم ۾ تيار ڪيو ويو. پير حسام الدين، ڪتاب کي وڏي اهميت ڏني آهي. هي ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي.
محسن: ڪلهوڙا دور جي هن لاثاني فارسي گو شاعر جو تعلق ٺٽي سان هو. هن ٻائيتاليهن سالن جي ڄمار ۾ 1750ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام محمد حبيب الله راشديءَ ايڊٽ ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بـورڊ 1963ع ۾ شايع ڪيو. ابتـدا ۾ هُـو ٺـٽـي جـي مـغـل نـوابـن جي
مدح سرائي ڪندو هو. بعد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شان ۾ قصيدا چيائين.
شاهه الله علوي'>فقير الله علوي: افغانستان مان اچي سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ آباد ٿيو. هن ڪيئي ڪتاب لکيا، جي اڪثر عربي زبان ۾ آهن. انهن ڪتابن جو تعلق تصوف ۽ مذهبيات سان آهي. البت هن جا فارسي زبان ۾ لکيل خط سنڌ جي حوالي سان اهميت رکن ٿا. اهي خط ’مڪتوبات شاهه الله علوي'>فقير الله علوي‘ جي نالي سان هڪ صدي اڳ لاهور مان ڇپيا هئا.
دين محمد صديقي: مخدوم صاحب اصل پاٽ جو هو ۽ پوءِ سيوهڻ طرف لڏي آيو. وقت جو نامور عالم ۽ صوفي ٿي گذريو. ميان نور محمد سان بهتر لاڳاپا هئس، ان ڪري سيوهڻ جي فتويٰ ۽ قضا مخدوم دين محمد جي حوالي هئي. ميان صاحب شرعي مسئلن ۾ کانئس مدد ۽ مشورو وٺندو هو. مخدوم صاحب 1778ع ۾ وفات ڪئي. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 304)
مخدوم معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين ٺٽوي ذات جو لاکو (دل لاکو) هو. مخدوم صاحب جو ڏاڏو پٽ باران مان لڏي ٺٽي آيو. مخدوم محمد معين جي والد جو نالو محمد امين ۽ ڏاڏي جو نالو مخدوم طالب الله هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان تحريري معرڪا ڪيائين. شاهه لطيف سان گهاٽي دوستي هئس. حاڪمن سان به بهتر لاڳاپا رکيائين. تصوف ۾ دلچسپيءَ جي باوجود به، درس تدريس ۽ تصنيف سان شغل رکيائين. هن جي وفات 1747ع ۾ ٿي. (تحفةالڪرام، سنڌي، ص 563-564) هن جي مزار مڪليءَ تي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٺٽوي، مخدوم معين، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص: 547)
مير علي شير قانع: ٺٽي سان تعلق رکندڙ، ڪلهوڙا دور جو ڀلوڙ مؤرخ، اديب، تذڪره نويس ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پير حسام الدين راشدي، سموري زندگي، مير علي شير جي زندگي ۽ لکيل ڪتابن کي اجاگر ڪرڻ ۾ صرف ڪئي. سندس لکيل ڪتاب: ’تحفة الڪرام‘، ’مقالات الشعراءِ‘، ’مڪلي نامھ‘، ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ سنڌ جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي سڀ فارسي زبان ۾ آهن. پهريان ٽي ڪتاب راشدي صاحب ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپرايا. جڏهن ته ’معيار سالڪان طريقت‘ ڊاڪٽر خضر نوشاهي ايڊٽ ڪري لاهور مان ڇپرايو. مير علي شير قانع 1727ع ۾ پيدا ٿيو، ٽيهٺ سالن جي ڄمار پاتي ۽ 1788ع ۾ فوت ٿيو. مڪليءَ تي شڪرالاهي خاندان جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
ميون عيسيٰ: شاهه لطيف جو وڏو معاصر هو. هن جو شعر نهايت معياري آهي. ممتاز مرزا جي ترتيب سان ’ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت‘ سال 1993ع ۾ ڇپيا آهن.
ڪلهوڙا دور حڪومت، هڪ مختصر جائزو:
هر حڪومتي دور وانگر ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ به ڪي خوبيون ۽ ڪجهه خاميون به هيون. خوبين جي ڪثرت جي بنياد تي حڪومتون ٺهنديون ۽ مضبوط ٿينديون آهن. البت جڏهن برايون وڌنديون آهن ته حڪومتون ۽ خاص ڪري شخصي حڪومتون ڊهنديون آهن. اهو قاعدو قانون ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ سان به لاڳو آهي. مورخن جي نظر ۾ ڪلهوڙا حاڪمن خاص ڪري ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي دور ۾ ’سنڌ جي جاگرافيائي وحدت‘ جي بحاليءَ کي اهميت رهي. ياد رهي ته 1555ع ۾ ترخانن جي حڪومت شروع ٿيندي، سنڌ جا ٻه حصا ڪيا ويا هئا. بکر سرڪار سلطان محمود جي حوالي ٿي، جڏهن هو 1574ع ۾ فوت ٿيو ته اڪبراعظم جي لشڪر ان علائقي تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ هڪ سرڪار (ڊويزن) جي حيثيت ۾ ان کي ملتان صوبي ۾ شامل ڪيو ويو. 1555ع جي تقسيم جي نتيجي ۾ باقي ملڪ ترخانن کي مليو. جيتوڻيڪ 1591ع ۾ اڪبر جي لشڪر ترخانن جي علائقي ٺٽي کي فتح ڪري، مغل شهنشاهيت سان ملائي ڇڏيو، پر پوءِ به ترخانن جي حاڪميت برقرار رهي. 1612ع ۾ آخري ترخان حاڪم مرزا غازي بيگ فوت ٿيو. ان وقت جهانگير ٺٽي کي صوبي جو درجو ڏئي، دهليءَ کان سڌا گورنر (صوبيدار) موڪلڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ ارغونن ۽ ترخانن کي چونڊي چونڊي سنڌ مان ڪڍي هندستان پهچايو ويو. سيوستان (سيوهڻ) سرڪار ۽ لاهري بندر مرڪزي علائقن ۾ شمار ڪيا ويا. ٺٽو، چاچڪان، نصرپور ۽ چاڪر هالا- يعني چئن ڊويزنن (سرڪارن) تي مشتمل ’ٺٽو‘ صوبو وجود ۾ آندو ويو. مغل دور ۾ هندستان ۾ جيڪي به تاريخي ڪتاب لکيا ويا، تن ۾ ٺٽي، بکر ۽ سيوستان جو احوال ته ملي ٿو،
پر ’سنڌ‘ نالو ائين غائب ڪيو ويو، جيئن پوءِ ويجهي دور ۾ ون يونٽ جي دور ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو.
سن 1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو حاڪم ٿيو ته سندس حڪومت جي ابتدا اتر سنڌ کان ٿي. آهستي آهستي هن سبيءَ تائين اهي علائقا هٿ ڪري ورتا، جي سلطان محمود جي حاڪميت ۾ هئا. 1719ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور آيو ته ڪلهوڙن جي حڪومتي علائقن ۾ بتدريج توسيع ايندي وئي. محمد شاهه (مغل بادشاهه) جي دور ۾، آخري مغل حاڪم نواب صادق علي خان، دهلي سرڪار کي آگاهه ڪيو ته هاڻي سنڌ ۾ مغلن جو حڪم هلڻ محال آهي. ان پسمنظر ۾ مغلن 1737ع ۾ فرمان جاري ڪري، ٺٽي جو صوبو به ميان ڪلهوڙن جي حوالي ڪيو. ان سال کان مغل عملدارن جو سنڌ ۾ اچڻ بند ٿي ويو ۽ سنڌ جي ڏيهي حاڪمن ٺٽي لاءِ پنهنجا نائب مقرر ڪرڻ شروع ڪيا. مطلب ته ٻن صدين کانپوءِ سنڌ جو نالو وري بحال ٿيو.
غلام رسول مهر لکيو آهي ته، ڪلهوڙن جو هيءُ نهايت اهم ملڪي ڪارنامو آهي، جيڪو هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ روشن رهندو. افسوس جو اڄ تائين ان جي اهميت جو صحيح اندازو نه ڪيو ويو آهي. (تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 817) 1757ع ۾ مرادياب جي معزوليءَ کانپوءِ سنڌ جي وحدت کي نقصان پهتو. ليڪن بعد ۾ ميان غلام شاهه حالتن کي سنڀاليندي سنڌ جي ايڪي کي بحال ڪري ورتو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي تائين بولان لڪ تائين جا علائقا سنڌ ۾ شامل هئا، جيڪي پوءِ 1740ع ۾ نادر شاهه سنڌ کان کسي خان قلات جي حوالي ڪيا هئا. ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دورن ۾ ديرو غازي خان ۽ ديرو اسماعيل خان، ڪجهه وقت لاءِ سنڌ جي حدن ۾ شامل رهيا. ميان عبدالنبي ڪلهوڙي آخري ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو شهر خان قلات کي ۽ عمرڪوٽ جو علائقو جوڌپور جي راجا جي حوالي ڪري، سنڌ جي سرحدن سان وڏي زيادتي ڪئي.
ڪلهوڙا دور جي تاريخي جاگرافيءَ جو هڪ اهم واقعو سنڌو درياهه جي رستي تبديل ٿيڻ جو آهي. هي واقعو 9-1758ع ۾ وقوع پذير آهي. ان وقت شينهن درياهه'>سنڌو شينهن درياهه هالا کان اچي، سيکاٽ کان مڙي، نصرپور پهچي، پوءِ لاڙ ۾ وڃي مختلف ڇاڙهن ۾ تقسيم ٿي سمنڊ ۾ ڪِرندو هو. پوءِ ڄاڻايل سال ۾ سنڌو درياهه سيکاٽ- نصرپور وارو رستو (route) ڇڏي، موجوده حيدرآباد- ڪوٽڙيءَ وارو رستو اختيار ڪيو.
(دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ص 118) موجوده دور جي نامور محقق ايم. ايڇ. پنهور جي راءِ آهي ته، سنڌو درياهه جي هن عمل سان لاڙ پٽ ۾ لکين ايڪڙ زمين زراعت جي لائق نه رهي.
ميان يار محمد کي حڪومت جو پروانو ڪجهه شرطن تي مليو هو. ان ۾ هڪ شرط امن امان جي بحالي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ هو. لاشڪ ته ڪلهوڙن ان ڏس ۾ ڪوشش ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو. هڪ خط ۾ يار محمد لکيو هو ته، خدا جي عنايت ۽ [مغل] شهنشاهه جي اقبال جي برڪت سان رستن جو امن ۽ رعيت جي ڀلائي تمام اعليٰ درجي تي پهتل آهي. مسافر توڙي مقامي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪاروبار کي لڳل آهن. (سنڌ جي تاريخ- ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو، سنڌي، ص 818-819) ظاهر آهي ته جنهن خطي ۾ امن امان جي صورت بهتر هوندي، اتي ئي زراعت، ڪاريگري ۽ صنعت به اسرندي ته، ثقافتي سرگرميون وڌنديون ۽ نِت نوان ڪاروباري مرڪز به اڀرندا.
ڪلهوڙا دور جو ٻيو اهم ڪارنامو آبپاشي نظام جي بحالي آهي. ايڇ. ٽي. سورلي جي لکڻ موجب مغلن جي دور ۾، سنڌ ۾ پوري جو پورو آبپاشي نظام ختم ٿي چڪو هو. (شاهه عبداللطيف آف ڀٽ، ص 113) سورلي ۽ ليمبرڪ، توڙي ايس پي ڇٻلاڻيءَ هن ڏس ۾ ڪلهوڙن جي واکاڻ ڪندي سندن پاران آبپاشي انتظام تي مڪمل توجهه ڏيڻ ۽ ان جي بحاليءَ جو ذڪر چٽن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ترجمو، ص 38) ڊاڪٽر ليمبرڪ جي راءِ موجب ڪلهوڙا شروع کان وٺي آبادگار ۽ زميندار هئا. اڃا حڪومت ۾ به نه آيا هئا ته، چانڊڪي ۾ گهاڙ واهه کوٽائي هن پرڳڻي کي آباد ڪيو هئائون. بعد ۾ آبپاشي نظام جي سڌاري طرف توجهه ڏئي، اڪثر ڪئنال ۽ واهه ڪڍرائي، سنڌ جي زراعت کي ترقي ڏنائون. هن ڏس ۾ خاص ڪردار ميان نور محمد ڪلهوڙي جو آهي. سنڌ ۾ جديد آبپاشي نظام جو باني کيس تسليم ڪيو وڃي ٿو. هن جي زماني ۾ اڪثر واهه اتر سنڌ ۾ ٺهيا، جتي سڀ کان اول سندس اقتدار جي شروعات ٿي. (ارلي ڪئنال اِريگيشن اِن سنڌ، ص 17) موجوده دور جي اهم محقق ۽ انجنيئر ايم. ايڇ. پنهور جي راءِ ۾، ڪلهوڙا بهترين اڏيندڙ هئا. سندن ڪاميابيءَ جو راز ان ۾ هو ته انهن ڪئنال سسٽم کي تڪڙو بحال ڪيو ۽ اتي آبادگارن کي آباد ڪيو. 1757ع تائين ڪلهوڙن جي آبپاشي ۽ زراعت عروج کي پهتا. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 328) اهو ئي آبپاشي بندوبست هو، جنهن جي وجود جي ڪري سنڌ جي زراعت تڪڙي ترقي ڪئي ۽ مجموعي طرح سان ڪلهوڙن جي دور ۾ اقتصادي واڌاري جون منزلون طئه ڪيون ويون. ليڪن ٽالپرن واري دور ۾ ڪلهوڙن جو اڏيل آبپاشي نظام ناس ٿي ويو. سبب هي هو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ ملڪ متحد هو، جڏهن ته ٽالپرن جي دور ۾ ملڪ کي ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايو ويو. ان جي ڪري آبپاشي بندوبست کي به گهڻو نقصان پهتو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، 329) آبپاشي نظام جي بحاليءَ سان، نِت نوان ڳوٺ توڙي شهر وجود ۾ آيا. سنڌو درياهه ۾ سياسي تبديليءَ جي ڪري سنڌ جي نقشي ۾ نواڻ آئي. ٺٽي، نصرپور ۽ بکر جي زوال سان روهڙي ۽ سکر کي اهميت ملي. شڪارپور جو شهر هونئن ته دائودپوٽن تعمير ڪرايو هو، پر ان جي سياسي توڙي ڪاروباري اهميت ڪلهوڙن جي دور ۾ نروار ٿي. ان ڏس ۾ ڪلاڊ مارڪو وٽس گهڻو ڪم ڪيو آهي. (دي گلوبل ورلڊ آف انڊين مرچنس، ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، 2000ع) سنڌو درياهه جي رخ جي تبديليءَ سان حيدرآباد جو شهر وجود ۾ آيو. ميان غلام شاهه جي حڪم سان هن شهر جو بنياد (1768ع) رکيو ويو. شهر ۽ قلعي جي تعمير 1769ع ۾ ٿي. جيتوڻيڪ هي شهر ماضيءَ ۾ سنڌ جو تختگاهه رهيو آهي ۽ اڄ ڪراچي شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي. پر پوءِ به هي شهر (حيدرآباد)، سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ علم ادب جو اهم مرڪز آهي. ان جي ڀرسان درياهه جي ڪناري تي ديوان گدو مل هڪ بستي آباد ڪئي هئي، جا پوءِ گدوبندر جي نالي سان مشهور ٿي. گدو بندر جي آمهون سامهون (وچ ۾ درياهه) نومڙيا قبيلي ڪوٽڙي شهر کي آباد ڪيو هو، جو پڻ اڃا موجود آهي.
نهري نظام جي واڌ ويجهه سان، مغل دور ۾ سنڌ جي ختم ٿيل زراعت کي به اڀرڻ جو موقعو مليو. ان دور ۾ ڪيتري زمين زراعت هيٺ هئي، ان لاءِ يقين سان ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي. ليمبرڪ جي لکڻ موجب ڪلهوڙا دور ۾ ڪل ٽيهه لک ايڪڙ زمين پوکيءَ هيٺ هئي. ان جي ڀيٽ ۾ ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ جي راءِ آهي ته، ذڪر هيٺ دور ۾ ايڪيهه لک ايڪڙ زمين پوک هيٺ هئي. ايم. ايڇ پنهور ليمبرڪ جي ڀيٽ ۾ ڇٻلاڻيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس راءِ موجب 1758ع ۾ سنڌ جو آبپاشي نظام ۽ زراعت اوج کي پهتي. ڇو ته سنڌو درياهه جي رستي تبديل ٿيڻ ڪري آبپاشي ۽ زراعت کي وڏو نقصان پهتو. ان دور ۾ به خريف ۽ ربيع جا فصل ٿيندا هئا. خريف جو فصل ڀلو ٿيندو هو ڇو ته، ان مرحلي تي وافر مقدار ۾ پاڻي موجود هوندو هو. ڪٿي ڪٿي ٽيون فصل به ٿيندو هو، جنهن کي ’آڌائون‘ چوندا هئا. خريف ۾ ڪپهه ۽ ڪمند، چانور ۽ مڱ پوکبا هئا. ٿوري مقدار ۾ تماڪ به ٿيندو هو. ربيع يا چيٽ ۾ ڪڻڪ، جوَ، نير، سرنهن، چڻا ۽ مٽر پوکيا ويندا هئا. ٿوري مقدار ۾ ڀنگ ۽ ڏوڏي به پوکبي هئي. هيرڻ جي پوک دائمي فصل ليکيو ويندو هو. ڪپهه ۽ نير جي فصل جي وڏي اهميت هوندي هئي. لاڙ جو علائقو باغن ۽ ميون جي آباديءَ لاءِ مشهور هو. (ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 330- 331) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي درست لکيو آهي ته، سنڌ جو زرعي عروج ابتدائي ڪلهوڙن جي دور ۾ ڏٺو ويو. غلام شاهه کانپوءِ گهرو لڙاين ۽ بيروني حملن، سنڌ جي زرعي وهنوار کي ڪاپاري نقصان پهچايو. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ص 53، 57، 71) جڏهن زراعت ترقي ڪري ۽ نِت نوان شهري مرڪز اڀرن، تڏهن صنعتون ۽ صنعتي مرڪزن جو اڀرڻ اڻٽر آهي. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي درست لکي ٿو ته، هندستان جي ٻين پرڳڻن وانگر، سنڌ جا شهر به آدمشماري، صنعت ۽ واپار جا مکيه مرڪز هئا. واپار ۽ صنعت جي وڌڻ سان نوان نوان شهر ۽ قصبا پيدا ٿيا ۽ پراڻا شهر وڌيڪ وڏا (هي غلط آهي) ٿيندا ويا. ٻهراڙين مان آبادي اچي شهرن ۾ گڏ ٿي. جڏهن صنعت ۽ واپار پوئتي پوڻ شروع ٿيا ته آباد ۽ آسودا شهر به ڦٽڻ لڳا. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ص 73) ڪلهوڙ ادور ۾ صنعت ۽ تجارت جا خاص مرڪز هي هئا: ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، روهڙي، بکر، سکر، ڪنڊيارو، درٻيلو، گمبٽ، بوبڪ ۽ سن. هن ڏس ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جو به ذڪر ٿئي ٿو، جي بلڪل نوان مرڪز هئا. ان کانسواءِ کهڙا، راڻيپور، هالا، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو به صنعتي ۽ تجارتي اهميت وارا شهر هئا. ان دور ۾ اورنگا بندر، شاهه بندر، ڪراچي ۽ علي بندر جي ذريعي سنڌ جو ڏيساور سان واپار ٿيندو هو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ان ڏس ۾ لکي ٿو ته، سنڌ مان ڪافي انداز ۾ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو، ريشمي شيون، نير، شورو، کلون ۽ چمڙي جو سامان، چوپايو مال، کير مان ٺهندڙ شيون، آفيم، اناج، مڇي ۽ ڪي ٻيون شيون برآمد ڪيون وينديون هيون. موٽ ۾ سنڌ مان ٻاهران ڌاتو، شيهو، ٽِن، لوهه، رڪ، سون، چاندي، آسائشي سامان، وڏي بر وارو ڪپڙو، اوني سامان، ريشمي ڪپڙو، بخمل، موتي، قيمتي پٿر، مصالحا، ڪارا مرچ، لونگ، دال چيني، جافر، دستڪاريءَ لاءِ گهربل سامان، ميوا ۽ کجي وغيره درآمد ڪيا ويندا هئا. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ص 154-155) هونئن ته اٽڪل روءِ سنڌ جي اردگرد ملڪن ۽ علائقن سان واپاري ڏي وٺ هئي. پر اهو سلسلو يورپ تائين وڃي پهتو هو. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪارندا، مرادياب خان جي دور ۾ سنڌ آيا هئا. (دي ڊچ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ ديول سنڌ، 1983) ان کان سواءِ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني (انگريز) به سنڌ ۾ واپار لاءِ پهتي هئي. ڪمپنيءَ ڪاروبار جو مرڪز ٺٽي کي بنايو. 1758ع ۾ انگريزن ميان غلام شاهه سان واپاري معاهدا ڪيا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1775ع ۾ سنڌ مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪيو. (اي هسٽري آف برٽش رليشنس وٿ سنڌ،41-51) انگريز واپاري ڪمپني سنڌ مان نير ۽ قلمي شورو، وڏي مقدار ۾ خريد ڪندي هئي. هڪ سوال آهي ته ان دور ۾ سنڌ جي قومي آمدني ڪيتري هئي؟ تخمينو ڪيو ويو آهي ته اهو اسي لک روپيا ساليانو هوندو.
سنڌ اندر ڪلهوڙا دور ۾ دهلي بادشاهت جا نادري ۽ افغاني سڪا رائج هئا. روايتون آهن ته ميان غلام شاهه، حيدرآباد ۾ ضرب خانو قائم ڪيو هو، پر سندس نالي ۾ ٺهيل ڪنهن به سڪي جو اڃا پتو پئجي نه سگهيو آهي. ان وقت جي سنڌ جي آدمشماريءَ بابت به مختلف اندازا لڳايا ويا آهن.
ايڇ. ٽي. سورلي موجب ان دور ۾ سنڌ ۾ ڏهه لک انسان رهندا هئا. ايس. پي. ڇٻلاڻي موجب مغل دور ۾ سنڌ جي آبادي ويهه لک هئي. جڏهن ته ڪلهوڙا دور ۾ اها وڌي ٽيهن لکن کي پهتي. ايم ايڇ پنهور، ڇٻلاڻيءَ کي ويجهو ڏسي ٿو. سن 1757ع ۾ ڪلهوڙن جو اوج هو. ان وقت آباد زمين ايڪويهه لک ايڪڙ ۽ آدم شماري ٽيهه لک هئي. (هسٽري آف سنڌ اريگيشن، ص 68) قومون ۽ قبيلا ڪنهن به ملڪ جي سماج جي تعمير ۾ مکيه اهميت رکن ٿا. سمن ڄامن کانپوءِ 1701ع ۾ (يعني 180 سال پوءِ) وري سنڌ ۾ ڏيهي حڪومت وجود ۾ آئي هئي. ڪلهوڙا حاڪمن سنڌي قبيلن کي اهو درجو ۽ فائدو نه ڏنو. هنن فوج ۾ اهم عهدا سرائي ٻروچن کي ڏنا، ان ڪري وڏيون وڏيون جاگيرون به کين مليون. ميان ڪلهوڙن مذهبي تعصب کان هٽي، اهم حڪومتي عهدن تي هندن کي به مقرر ڪيو، جنهن جو وڏو مثال ديوان گدو مل آهي.
ڪلهوڙا دور تي پهريون ڀيرو مفصل ڪم غلام رسول مهر ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇاپيو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، حصو ڇهون، ٻه جلد) مهر مرحوم ڪلهوڙا دور جي انتظامي ڍانچي ۽ حڪومتي ادارن ۾ گهٽ دلچسپي ورتي. ڪتاب پڙهي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اها فقيرن جو هڪ ميڙاڪو هئي. حقيقت ۾ ڪلهوڙن وٽ حڪومت هلائڻ لاءِ هڪ مڪمل انتظامي ڍانچو موجود هو. دراصل ڪلهوڙن کي حڪومت، دهليءَ جي مغلن کان منتقل ٿي هئي ۽ مغلن وٽ مرڪزي حڪومت جو هڪ مڪمل ادارو موجود هو. ان کان سواءِ صوبائي حڪومتون هلائڻ لاءِ به سندن هڪ نظام موجود هو. ليکڪ پي. سَارن اُن بابت اطمينان جوڳي تحقيق پيش ڪئي آهي. (دي پراونشل گورنمينٽ آف دي مغلز، دهلي 1988ع) جڏهن ڪلهوڙن کي سموري سنڌ جو انتظام مليو، تڏهن جزوي ترميمن سان انهن به، پنهنجي حڪومت جو ڍانچو، مغلن جي صوبائي حڪومتي بندوبست کي آڏو رکي قائم ڪيو. ان ۾ ڏيهي ضرورتن کي مدنظر ضرور رکيو ويو هو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پهريون ڀيرو ان کي مفصل طرح نروار ڪيو آهي. (ڪلهوڙا دور حڪومت، باب پنجون) ڪلهوڙا دور جي نون ۽ پراڻن شهرن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ڪجهه وڌيڪ شهر هيٺيان هئا: خداآباد (دادو)، محمدآباد (مورو)، الهه آباد، نوشهروفيروز، شاهه ڳڙهه، شاهه پور (اول)، شاهه پور (دوم)، حيدرآباد ۽ خداآباد (هالا). هنن شهرن ۾ خداآباد (دادو) کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. هن شهر ۾ ميان يار محمد جو مقبرو ۽ خداآباد جي جامع مسجد موجود آهي. ڪزنس موجب خداآباد جي مسجد تي لڳل ڪاشي، سنڌ ۾ ٺهندڙ ڪاشيءَ جو بهترين نمونو آهي. (دي انٽيڪئيٽيز آف سنڌ، ص 161-162) ذڪر هيٺ دور ۾ سنڌ جي انتظامي ونڊ ورڇ، جا ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۽ ’آئين اڪبري‘ ۾ ڏنل آهي، ان ۾ پڻ تبديلي اچڻ شروع ٿي. ڪلهوڙا فن تعمير ۾ خاص دلچسپي رکندڙ هئا. ان ڏس ۾ گهڻو ڪردار ميان غلام شاهه جو ڏسجي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهاري جو مقبرو، آدم شاهه جو مقبرو (سکر)، ڳاڙهيءَ جا آثار، حيدرآباد ۾ ميان غلام نبي، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز جو مقبرو، ڪلهوڙن جي فن تعمير جا يادگار اهڃاڻ آهن!
(مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت/ ميرن جي صاحبي