سنگهه جماعت

سنگهه (جماعت): ٻڌمت ۾ فقيرن ۽ سنياسين جي گروھہ/ جماعت کي ’سنگهه‘ چيو ويندو آهي. گوتم ٻڌ جي زماني کان ئي اهڙا ماڻهو، جيڪي دنيا جي مڙني آسائشن کي تياڳي ٻڌمت جي راھہ اختيار ڪندا هئا تن کي باقاعدي هڪ جماعت ۾ شامل ڪيو ويندو هو، ان جماعت کي ’سنگهہ‘ چوندا هئا. سڀ کان اول ان سنگهہ ۾ اهي چيلا ۽ مريد داخل ٿيندا هئا، جيڪي گوتم کان ڦري ڪري دشت غزالان (هرڻن جي ميدان) ۾ هليا ويندا هئا ۽ پوءِ هوريان هوريان ٻيا ماڻهو بہ هن جماعت ۾ شريڪ ٿيندا هئا. گوتم ٻڌ جي مري وڃڻ کانپوءِ سندس چيلن، پيروڪارن ۽ معتقدن ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿيندو ويو، جنهن سبب هن مذهب ۾ ’سنگهہ‘ جهڙي مذهبي اڳواڻن تي ٻڌل جماعت نروار ٿي. شروعات ۾ سنگهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪابہ ريت رسم ڪانہ هئي ۽ نہ ئي ڪي قانون جوڙيا ويا، پر پوءِ انهيءَ جا باقاعدي قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا ويا، اهڙيءَ ريت سنگهه هڪ رٿابند حيثيت اختيار ڪئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنگهه ۾ داخل ٿيڻ جو خواهشمند هوندو هو تہ کيس سنگهہ جي مقرر ڪيل اصولن ۽ قاعدن کي مڃڻو پوندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرڻ بہ ضروري هوندو هو. سنگهه فرقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هيٺين شرطن تي پورو لھڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي:
• انهيءَ ماڻهوءَ کي ڪنهن بہ قسم جي وچڙندڙ بيماري جھڙوڪ: سلھہ، دق، تپ، مرگهي نہ هئڻ گهرجي.
• اهو ماڻهو غلام، قرضدار يا سپاهي نہ هئڻ گهرجي.
• اهو پنهنجو جوابدار پاڻ هجي ۽ پنھنجي رضا خوشيءَ سان سنگهہ ۾ داخل ٿيندو هجي.
• هن پنھنجي والدين کان اجازت ورتي هجي.
جيڪڏهن درخواستگذار انهن چئن ڳالهين کي قبول ڪندو تہ سنگهه جي اصولن مطابق ان جو مٿو ڪوڙيو ويندو ۽ هو گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائي، گوشه نشيني اختيار ڪندو ۽ تعليم ۽ عمل وسيلي ڪوشش ڪندو تہ هو وڏو درجو حاصل ڪري. ابتدائي دؤر ۾ سنگهہ جا سڀ ميمبر برابر سمجهيا ويندا هئا. منجهن ڪنهن کي بہ امتيازي يا گهٽ حيثيت حاصل نہ هئي ۽ نہ ڪنهن جو ڪو خاص عهدو يا منصب هو، مگر وقت گذرڻ سان هوريان هوريان انهيءَ ۾ مختلف منزلون پيدا ٿينديون ويون ۽ مختلف قسم جا عهديدار سامهون ايندا ويا. ايستائين جو تبت ۾ عهديدارن جو هڪ منظم سلسلو شروع ٿيو، جيڪو دلائي لاما تائين پکڙجي ويو. سريلنڪا ۾ هن وقت تائين جيڪو طريقو جاري آهي، اهو گهڻوڪري سڀني کان پراڻو آهي، جنهن کي ’تري ٽپڪ‘ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو تت هن ريت آهي.
جيڪو دنيادار، سنگهه ۾ داخل ٿيڻ گهري ٿو تہ اهڙو ماڻهو اميدوار بڻجڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ اٺن سالن جو هجڻ گهرجي، مگر باقاعدي داخلا انهيءَ وقت ٿيندي، جڏهن اهو ويهن سالن جو ٿيندو. داخلا وقت ڏهن راهبن جو سٿ ويهندو، انهيءَ سٿ جي سرواڻي اهڙو شخص ڪندو، جيڪو گذريل ڏهن سالن کان سنگهه جو ميمبر رهيو هجي. سٿ جي جلسي لاءِ تڏن جون ٻہ قطارون هڪٻئي جي آمهون سامهون وڇايون وينديون، سنگهه جا سڀ ڪارڪن انهن تڏن تي اچي ويهندا، سنگهه جو سرواڻ انهن مان هڪ قطار جي مھڙ ۾ ويهندو. اميدوار سادي لباس ۾ گردا دستر هٿ ۾ کڻي داخل ٿيندو، جنهن جي اڳ ۾ هڪ ڀڪشو هوندو، جيڪو اميدوار جو نالو سنگهه ۾ داخل ڪرڻ لاءِ پيش ڪندو. اميدوار، سرواڻ کي سلام ڪندو ۽ کيس ڪا نہ ڪا سوکڙي پيش ڪندو. ان کانپوءِ هو ٽي ڀيرا پنھنجي داخلا لاءِ ڪن خاص لفظن ۾ درخواست ڏيندو، جنهن جو مفهوم هي هوندو آهي تہ: ”حضور، منهنجي مٿان رحم ڪريو، مون کان هي ڪپڙا وٺو ۽ مون کي سنگهه ۾ داخل ڪريو تہ جيئن غم کان آزاد ٿي وڃان ۽ نرواڻ حاصل ڪريان.“ سنگهه جو سرواڻ انهيءَ وقت اميدوار کان گيڙو ڪپڙن جي ڳنڍ وٺندو ۽ ڪجهه خاص شبد انساني جسم جي فاني هجڻ جي باري ۾ پنھنجي زبان مان بيان ڪري اها ڳنڍ اميدوار جي ڳچيءَ ۾ وجهندو، اميدوار اهي گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائي ٻيهر سرواڻ جي سامهون حاضر ٿيندو ۽ گوڏا کوڙي ‘ٽي مامن‘ ۽ ’ڏھہ حڪم‘، ٽي دفعا ورجائيندو. اهي ٽي مامن ۽ ڏھہ حڪم ٻڌ ڌرم جي ڌرمي ۽ مقدس پستڪ ’تري ٽپڪ‘ ۾ هيٺينءَ ريت ڄاڻايل آهن:
ٽي مامن:
(1) مان ٻڌ ۾ پناھہ وٺان ٿو.
(2) مان شريعت ۾ پناھہ وٺان ٿو.
(3) مان سنگهه ۾ پناھہ وٺان ٿو.
ڏھہ حڪم:
(1) ڪنهن بہ ساهواري کي نہ مارڻ، (2) چوري نہ ڪرڻ، (3) ناپاڪيءَ کان پرهيز ڪرڻ، (4) نشيدار شين کان پرهيز ڪرڻ، ڇاڪاڻ تہ اهي نيڪي توڙي ترقيءَ جي رستي تي رنڊڪون وجهن ٿا، (5) ڪوڙ نہ ڳالهائڻ، (6) منع ٿيل خاص وقتن تي ڪجهه نہ کائڻ، (7) ناچ، گاني ۽ موسيقيءَ کان پرهيز ڪرڻ، (8) سينگار جي خيال سان هار، سرهو تيل ۽ زيور استعمال نہ ڪرڻ، (9) ويڪرو يا اوچو پلنگ استعمال نہ ڪرڻ، (10) ڪنهن کان بہ سون، چاندي يا ٻي ڪا قيمتي شيءِ نہ وٺڻ.
مٿين حڪمن جو عھد ڪري اميدوار اُٿي سلام ڪندو آهي، ڪمري کان ٻاهري نڪري ويندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت هو باقاعدي اميدوار بڻجي ويندو آهي. اها سندس سنگهہ ۾ داخل ٿيڻ جي پهرين منزل هوندي آهي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ڪارڪن ٻڌمت جي ٻيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ ڀڪشو ٿيڻ چاهيندو آهي تہ کيس سنگهه ۾ درخواست ڏيڻي پوندي آهي ۽ هو وري سٿ جي سامهون پيش ٿيندو آهي. جيڪڏهن اميدوار سٿ جي اڳيان ويندو تہ گيڙو ڪپڙن بجاءِ سادن ڪپڙن ۾ کيس سموريون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون آهن، جيڪي ان پهرين ڏينهن ادا ڪيون هيون، پر هن ڀيري اميدوار مامن ۽ حڪمن جي اقرار کان پوءِ هو ٻاهر نہ ويندو، بلڪ سنگهه جي سرواڻ کي گذارش ڪندو تہ هو سندس گرو بڻجڻ قبول ڪري، جڏهن سرواڻ رضامندي ظاهر ڪندو تہ اميدوار هڪ ڪنڊ ۾ هليو ويندو، جتي هن جي ڳچيءَ ۾ پنڻ وارو ڪشتو وڌو ويندو ۽ پوءِ هڪ راهب، جيڪو انهيءَ جي داخلي جو وڪيل هوندو، اميدوار کي ساڻ وٺي سٿ جي آڏو وڃي بيهندو ۽ ويٺل راهبن مان هڪ راهب اٿي وڃي اميدوار جي ڀرسان بيهندو. اهي ٽئي ڄڻا اهڙي طرح بيهندا، جو اميدوار وچ ۾ ۽ راهب ان جي ساڄي ۽ کاٻي هوندا. اهي راهب اميدوار جا وڪيل سمجهيا ويندا. اهي هن کان هن ريت سوال ڪندا: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تنھنجي گروءَ جو نالو ڇا آهي؟ توکي ڪا وچڙندڙ بيماري تہ ناهي؟ تنھنجي والدين توکي داخلا جي اجازت ڏني آهي؟ ڇا تون آزاد آهين ۽ پنھنجي خوشيءَ سان سنگهه ۾ داخل ٿيڻ گهرين ٿو؟ جڏهن کين سڀني سوالن جا تسلي بخش نموني سان جواب ملي ويندا تہ اهي سٿ کي پڪ ڏياريندي کيس ڀڪشوءَ جي روپ ۾ سنگهه گروپ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندا آهن. سٿ ان کي سنگهه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندو آهي ۽ اميدوار گوڏا کوڙي ٽي ڀيرا چوندو آهي تہ: ”ڀڪشؤو! مان توهان کي داخلا جي درخواست ڏيان ٿو، مون تي ٻاجهه ڪريو ۽ مون کي اٿاريو. اميدوار جا وڪيل ٽي دفعا سٿ کان پڇندا آهن تہ ڪنهن کي اميدوار جي سنگهه ۾ شرڪت تي ڪو اعتراض تہ ڪونهي؟ جڏهن ڪو بہ اعتراض سامهون ناهي ايندو تہ اهي سرواڻ جي آڏو نوڙت سان جهڪي چوندا آهن تہ: ”اميدوار کي سنگهه ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اڄ کان فلاڻو سندس گُرُو آهي. انهيءَ رسم ادا ٿيڻ کانپوءِ ميمبرن مان هڪ ڄڻو اٿي سنگهه جا قاعدا پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ داخل ٿيندڙ اميدوار کي هدايت ڪندو آهي تہ انهن قاعدن جي پابندي ڪرڻ لازمي آهي. اهو نئون راهب نئين گروءَ سان گڏ رهندو آهي ۽ انهيءَ جي حڪمن جي پيروي ڪري، گروءَ جي هر طرح خدمت ڪندو آهي. اهڙي نموني جو شروعاتي اميدوار ’سمزه‘ سڏرائيندو آهي، جڏهن تہ راهب جو مھا ۽ اتم درجو ’سمرن‘ ۽ ’بکشو‘ آهي. سنگهه جي ميمبرن جي باري ۾ تمام گهڻا تفصيلي حڪم ڏنا ويا آهن، جيڪي هر مهيني سندن جلسن ۾ پڙهي ٻڌايا ويندا آهن. انهن حڪمن جو پتو پنجين صدي ق.م تائين ملي ٿو ۽ اُن جي مڃڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي قاعدا خود ٻڌمت جو سرواڻ گوتم ٻڌ مقرر ڪري ويو هو. حڪمن جا تفصيل هيٺينءَ ريت آهن:
(1) خوراڪ: گوتم ٻڌ جي حڪم موجب راهب ٺوس غذا فقط منجهند جو کائي سگهي ٿو، منجهند کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح تائين هو رڳو کير پي سگهي ٿو، يا اهڙي ڪا پاڻياٺ پي سگهي ٿو. نشي کان پرهيز واجب آهي، راهب فقط اها شيءِ کائيندو، جيڪا کيس خيرات ۾ ملندي. پنڻ جو طريقو هي هوندو تہ هو پنھنجي ٺڪر جو پيالو کڻي، هر گهر جي دروازي تي وڃي، چپ چاپ بيهندو، جيڪڏهن ڪنهن کيس ڏسي سندس پيالي ۾ ڪجهه وڌو تہ هو دعائون ڪندو اڳتي وڌندو، نہ تہ خاموشيءَ سان انهيءَ دروازي کان ٻئي گهر جي دروازي ڏانهن وڌندو. اهو خيال نہ ڪندو تہ گهر جو مالڪ امير آهي يا غريب، برهمڻ آهي يا ڀنگي، خيرات ۾ مليل ماني کڻي پنھنجي ڪٽيا/ جهوپڙيءَ ۾ هليو ويندو ۽ اتي ويهي کاڌو کائيندو ۽ لڳاتار اهو سوچيندو رهندو تہ جسم ڪيڏو نہ ايذائيندڙ آهي، جو انهيءَ جي جياپي لاءِ پنڻو بہ پوي ٿو. راهبن ۾ جيڪي اوچو مرتبو رکن ٿا، تن لاءِ گوشت کائڻ، دعوتن ۾ وڃڻ ۽ بغير پنڻ واريون شيون کائڻ ممنوع آهن.
(2) قيام (ڊاٻو): ڊاٻي واسطي سڀني کان سٺي جڳھہ جهنگ ٻڌايو ويو آهي. اڳئين دؤر ۾ گوتم ٻڌ جي زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو عقيدتمنديءَ وچان ٻڌ جي راهبن لاءِ مَٺ ٺهرائيندا هئا. گوتم جي پيرويءَ ۾ چار مهينا مينهوڳيءِ جي مند ۾ انهن مٺن ۾ ڊاٻي (قيام) ڪرڻ جو حڪم هو. باقي اٺ مهينا تبليغي دورن ۾ وقت گذارڻ لازم هو.
(3) لباس: لباس جي باري ۾ هيءَ هدايت آهي تہ جيستائين ٿي سگهي تہ ٻين جا لاٿل پراڻا ڪپڙا پاتا وڃن. مگر گوتم جي وقت ۾ ئي راهبن لاءِ گيڙو لباس مقرر ڪيو ويو هو. هي لباس ٽن ڪپڙن، لنگوٽي، گوڏ ۽ هڪ ڊگهي چادر تي مشتمل هوندو آهي، ڊگهي چادر پيرن وٽان ويڙهي کاٻي ڪلهي تي اهڙي نموني سان رکي وڃي، جو ساڄو ڪلهو اگهاڙو رهي. انهن ٽنهي ڪپڙن کي هنڌان هنڌان ڦاڙي سبندا آهن تہ جيئن ٻئي ڪنهن ڪم اچي نہ سگهن ۽ سونهن جو سبب نہ بڻجن.
(4) پرهيزگاري، بک ۽ غريبي: راهبن جي لاءِ جنسي لاڳاپا رکڻ قطعي منع ٿيل آهي ۽ اهو گناھہ قتل ۽ چوريءَ جي برابر سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو راهب جنسي گناھہ ڪندو تہ اهو سنگهه مان ڪڍيو ويندو. غريبيءَ جي حوالي سان بہ سخت حڪم آهي. راهب پاڻ وٽ هڪ وقت اٺن شين کان وڌيڪ نہ ٿو رکي سگهي، يعني ٽي ڪپڙا (لنگوٽي، گوڏ ۽ چادر) هڪ ڪمر بند، هڪ پنڻ جو پيالو، هڪ پاڪي، هڪ سئي ۽ هڪ ڇاڻي رکي سگهي ٿو. ڇاڻيءَ انهيءَ لاءِ رکندو تہ جيئن پيئڻ جو پاڻي وغيرہ ڇاڻي پيئي تہ جيئن ڪا ساهواري شيءِ يا جيت سندس پيٽ ۾ نہ هليو وڃي ۽ راهب انهيءَ ساهواري جي مرڻ جو باعث نہ بڻجي.
(5) فرمانبداري: ٻڌمت موجب فرمانبرداري رڳو شريعت جي لازمي آهي. ڪنهن بزرگ يا پاڻ کان وڏي راهب جي تعظيم ۽ عزت ڪرڻ ڪافي آهي. ڪنهن نئين اميدوار کي بہ پراڻي کان پراڻو راهب پنھنجي حڪم هيٺ آڻي نہ ٿو سگهي ۽ نہ وري سنگهه جي ڪارڪنن تي سندس حڪم مڃڻ لاءِ زور ڀري سگهي ٿو. ٻڌمت جي اصولن پٽاندڙ هر راهب جي شخصي ڪردار ۾ فرمانبرداريءَ جي عنصر جو هجڻ لازمي آهي. هڪ نئين راهب جي روزاني زندگي ڌرمي پستڪ ’دنيا چريائن‘ ۾ هن طرح بيان ڪئي وئي آهي:
”هو (راهب) سج اڀرڻ کان اڳ ۾ سنان ڪندو ۽ پوءِ وهاري يعني ٻڌ مندر ۾ ٻهاري ڏيندو. ان کانپوءِ ٻوڌي وڻ جو ٿلهو صاف ڪندو، پيئڻ جو پاڻي ڀريندو، ان کي ڇاڻيندو ۽ واپرائڻ جي لائق بڻائيندو. ڪنهن اڪيلي هنڌ ويهي شريعت جي حڪم تي سوچيندو. ان کانپوءِ باغ مان گل پٽيندو ۽ انهن گلن کي مندر تي نڇاور ڪندو، جتي ٻڌ جا يادگار دفن آهن. گلن جي چادر چاڙهڻ وقت هو گوتم ٻڌ جي عظمت جو اقرار ڪندو ۽ سوچيندو تہ گوتم ٻڌ ڪيڏو نہ مھا هستي هو ۽ هو پاڻ ڪيڏو نہ نڪمو ۽ گهٽ آهي. بعد ۾ هو پنڻ جو پيالو کڻي گروءَ سان گڏ پنڻ ويندو، جتان واپسيءَ تي هو پاڻي آڻي گروءَ جا پير ڌوئيندو ۽ کيس کاڌو کارائيندو. گروءَ کي کاڌو کارائڻ کانپوءِ راهب پاڻ کاڌو کائيندو ۽ پوءِ ٻنهي پيالن کي ڌوئي صاف ڪندو. ان کانپوءِ ڪنهن نويڪلي جاءِ تي ويهي ٻڌ ۽ سندس تعليم تي ويچار ڪندو يا تہ ٻڌ ڌرم جو ڪو مقدس ڪتاب کڻي گروءَ کان سبق وٺندو يا انهيءَ ڪتاب جو نقل ڪندو ۽ هر وقت انهيءَ ۾ لکيل حڪمن جي معنيٰ ۽ مطلب تي غور ڪندو رهندو. انهن مڙني اصولن جو پورائو ڪندي راهب پنھنجي فرمانبرداريءَ جو ثبوت ڏيندو آهي. سنگهه ۾ گرو چيلي يا ڪارڪن جي حيثيت سان رهندي ڌيان کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. ٻڌمت ۾ ڌيان جا پنج مختلف قسم ڄاڻايل آهن، جن تي عمل وسيلي راهب يا سنگهه جا ڪارڪن پنهنجن نفساني خواهشن، دنياوي لوڀ، آرام ۽ آسائش جي گهرجن تي ضابطو آڻيندا آهن. ڌيان جا قسم هن ريت آهن:
(1) پتا ڀاونا (محبت جو ڌيان): هن قسم ۾ انهيءَ ڳالھہ تي غور ڪيو ويندو آهي تہ مصيبت ۽ ڏکن جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪهڙي خوشي حاصل ڪجي، جيڪڏهن اها خوشي سڄي دنيا کي حاصل ٿي وڃي تہ ڪيترو نہ سٺو. مطلب تہ راهب سڄي دنيا جي محبت سان پنھنجي دل کي ٽمٽار ڪندو ۽ سڄي مخلوق جو ڀلو گهرندو.
(2) ڪرونا ڀاونا (همدرديءَ جو ڌيان): ڌيان جي هن عمل ۾ راهب پنهنجو سمورو ڌيان هن نقطي تي مزڪوز ڪندو تہ دنيا ڏکن ڏاکڙن سان ڀري پئي آهي، گوتم ٻڌ جي قول موجب ’سروم دکم دکم‘ دنيا جي هر شيءِ ۾ ڏک آهي. اهڙيءَ ريت راهب دنيا جي ستايلن ۽ مجبورن جي درد کي محسوس ڪري پنھنجي دل ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪندو.
(3) مديتا ڀاونا (خوشيءَ جو ڌيان): هن قسم ۾ ٻين جي خوشيءَ جو خيال رکڻ ۽ انهن جي خوشيءَ مان خوشي حاصل ڪرڻ جي نقطي تي ڌيان ڪيو ويندو آهي.
(4) اسوڀ ڀاونا (چوٽڪاري جو ڌيان): ڌيان جي هن قسم ۾ انهيءَ ڳالھہ تي ويچار ڪيو ويندو آهي تہ جسم ڪيتري قدر خراب شيءِ آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح بيماري ۽ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ جي پابندين مان آزاد ٿيڻ ڪيتري قدر ضروري آهي.
(5) اپڪشا ڀاونا (اطمينان، دماغي ڌيان): هن ڌيان ۾ درويش يا راهب دنيا جي سمورين سٺاين، براين، ڏک، خوشي، صحت، بيماري، دولت ۽ غربت تي غور ڪندو آهي ۽ سندس ڪوشش هوندي آهي تہ هو انهن سڀني ڳالهين جو اثر قبول نہ ڪري. انهيءَ سلسلي ۾ گوتم جو آخري خطاب ذڪر لائق آهي، جيڪو هن مرڻ کان اڳ ۾ ’ڪوٽا گارا‘ هال ۾ راهبن جي سنگهه ۾ڪيو هو. گوتم ٻڌ جي انهيءَ آخري خطبي کي سنگهه جي فرض جو نچوڙ چئي سگهجي ٿو. ٻڌ ڌرم جي ڌرمي پستڪ ’ٻڌ سوتر‘ ۾ انهن لفظن کي نقل ڪيو ويو آهي، جنهن جو الٿو هيٺينءَ ريت آهي:
”اي درويشو! هن قانون کي، جيڪو مون اوهان آڏو آندو آهي، چڱيءَ طرح ياد ڪريو، انهيءَ تي عمل ڪريو ۽ انهيءَ جي تبليغ ڪريو تہ جيئن منهنجو هي مذهب دنيا سان همدردي، ديوتائن ۽ ماڻهن جي فائدي واسطي گهڻو وقت زندھہ رهي.“
گوتم ٻڌ موجب اهي چار خلوص ڀريا مراقبا آهن، چار وڏيون ڪوششون آهن. ’ٻوڌيءَ‘ تائين پهچڻ لاءِ چار پيچرا، پنج اخلاقي قوتون آهن، انهن جامع فڪرن ۾ جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، سو مختصر طور هيٺ بيان ڪجي ٿو:
(1) هشت ڦل رستو: چار خلوص مراقبا، (سٿي پٿانا) هي آهن:
(i) جسم جي ڪثافت جي باري ۾
(ii) انهن براين جي باري ۾ جيڪي احساس بعد پيدا ٿينديون آهن.
(iii) خيالن ۽ ويچارن جي اٽل ۽ نا اٽل هجڻ متعلق
(iv) زندگيءَ جي حالتن ۽ پابندين جي باري ۾
(2) چار وڏيون ڪوششون (سمبڌانا) هي آهن:
(i) اها ڪوشش ڪرڻ تہ جيئن خراب لڇڻ پيدا نہ ٿين.
(ii) پيدا ٿيل خراب لڇڻن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
(iii) غير موجود نيڪين کي نئين سر وجود ۾آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
(iv) انهن نيڪين کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، جيڪي اڳ ۾ موجود هجن.
(3) ولايت جا چار رستا (اڌي پدا):
(1 ) ولايت حاصل ڪرڻ جو پڪو پھہ/ ارادو ڪرڻ.
(2) ولايت جي حاصلات لاءِ رياضتون ڪرڻ
(3) ولايت جي حاصل ڪرڻ لاءِ دل جي پاڪائي
(4) حق جي تلاش ۽ جستجو.
(4) پنج اخلاقي قوتون (پلاني) يا ذهني صلاحيتون (اندر پالي) هي آهن: (i) اعتقاد (ii) چست سرگرميون (iii) ياد (iv) سوچ (v) وجدان.
انهن پنجن اخلاقي سگهن ۽ ذهني صلاحيتن مان اعتقاد کي ڪڍي چار وڌيڪ صفتون شامل ڪيون وڃن ٿيون، يعني مذهبي ڪتابن جي تحقيق، اطمينان /آنند، خوشي ۽ وجدان. انهن کي ست عقل منديون (ٻوڌي رنگي) چئبو آهي.
اهڙيءَ طرح ’سنگهہ‘ يا فقيرن جي جماعت ۾ داخلا ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ٻڌمت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنگهه جماعت
ٻڌمت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون