سنگھه (جماعت): ٻڌمت ۾ فقيرن ۽ سنياسين جي گروهه/ جماعت کي ’سنگھه‘ چيو ويندو آهي. گوتم ٻڌ جي زماني کان ئي اهڙا ماڻهو، جيڪي دنيا جي مڙني آسائشن کي تياڳي ٻڌمت جي راهه اختيار ڪندا هئا تن کي باقاعدي هڪ جماعت ۾ شامل ڪيو ويندو هو، ان جماعت کي ’سنگهه‘ چوندا هئا. سڀ کان اول ان سنگهه ۾ اهي چيلا ۽ مريد داخل ٿيندا هئا، جيڪي گوتم کان ڦري ڪري دشت غزالان (هرڻن جي ميدان) ۾ هليا ويندا هئا ۽ پوءِ هوريان هوريان ٻيا ماڻهو به هن جماعت ۾ شريڪ ٿيندا هئا. گوتم ٻڌ جي مري وڃڻ کانپوءِ سندس چيلن، پيروڪارن ۽ معتقدن ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿيندو ويو، جنهن سبب هن مذهب ۾ ’سنگهه‘ جهڙي مذهبي اڳواڻن تي ٻڌل جماعت نروار ٿي. شروعات ۾ سنگھه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪابه ريت رسم ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪي قانون جوڙيا ويا، پر پوءِ انهيءَ جا باقاعدي قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا ويا، اهڙيءَ ريت سنگھه هڪ رٿابند حيثيت اختيار ڪئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنگھه ۾ داخل ٿيڻ جو خواهشمند هوندو هو ته کيس سنگهه جي مقرر ڪيل اصولن ۽ قاعدن کي مڃڻو پوندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرڻ به ضروري هوندو هو. سنگھه فرقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هيٺين شرطن تي پورو لهڻ ضروري سمجھيو ويندو آهي:
• انهيءَ ماڻهوءَ کي ڪنهن به قسم جي وچڙندڙ بيماري جهڙوڪ: سلهه، دق، تپ، مرگهي نه هئڻ گھرجي.
• اهو ماڻهو غلام، قرضدار يا سپاهي نه هئڻ گھرجي.
• اهو پنهنجو جوابدار پاڻ هجي ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان سنگهه ۾ داخل ٿيندو هجي.
• هن پنهنجي والدين کان اجازت ورتي هجي.
جيڪڏهن درخواستگذار انهن چئن ڳالهين کي قبول ڪندو ته سنگھه جي اصولن مطابق ان جو مٿو ڪوڙيو ويندو ۽ هو گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائي، گوشه نشيني اختيار ڪندو ۽ تعليم ۽ عمل وسيلي ڪوشش ڪندو ته هو وڏو درجو حاصل ڪري. ابتدائي دؤر ۾ سنگهه جا سڀ ميمبر برابر سمجھيا ويندا هئا. منجھن ڪنهن کي به امتيازي يا گھٽ حيثيت حاصل نه هئي ۽ نه ڪنهن جو ڪو خاص عهدو يا منصب هو، مگر وقت گذرڻ سان هوريان هوريان انهيءَ ۾ مختلف منزلون پيدا ٿينديون ويون ۽ مختلف قسم جا عهديدار سامهون ايندا ويا. ايستائين جو تبت ۾ عهديدارن جو هڪ منظم سلسلو شروع ٿيو، جيڪو دلائي لاما تائين پکڙجي ويو. سريلنڪا ۾ هن وقت تائين جيڪو طريقو جاري آهي، اهو گھڻوڪري سڀني کان پراڻو آهي، جنهن کي ’تري ٽپڪ‘ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو تت هن ريت آهي.
جيڪو دنيادار، سنگھه ۾ داخل ٿيڻ گھري ٿو ته اهڙو ماڻهو اميدوار بڻجڻ وقت گھٽ ۾ گھٽ اٺن سالن جو هجڻ گھرجي، مگر باقاعدي داخلا انهيءَ وقت ٿيندي، جڏهن اهو ويهن سالن جو ٿيندو. داخلا وقت ڏهن راهبن جو سٿ ويهندو، انهيءَ سٿ جي سرواڻي اهڙو شخص ڪندو، جيڪو گذريل ڏهن سالن کان سنگھه جو ميمبر رهيو هجي. سٿ جي جلسي لاءِ تڏن جون ٻه قطارون هڪٻئي جي آمهون سامهون وڇايون وينديون، سنگھه جا سڀ ڪارڪن انهن تڏن تي اچي ويهندا، سنگھه جو سرواڻ انهن مان هڪ قطار جي مهڙ ۾ ويهندو. اميدوار سادي لباس ۾ گردا دستر هٿ ۾ کڻي داخل ٿيندو، جنهن جي اڳ ۾ هڪ ڀڪشو هوندو، جيڪو اميدوار جو نالو سنگھه ۾ داخل ڪرڻ لاءِ پيش ڪندو. اميدوار، سرواڻ کي سلام ڪندو ۽ کيس ڪا نه ڪا سوکڙي پيش ڪندو. ان کانپوءِ هو ٽي ڀيرا پنهنجي داخلا لاءِ ڪن خاص لفظن ۾ درخواست ڏيندو، جنهن جو مفهوم هي هوندو آهي ته: ”حضور، منهنجي مٿان رحم ڪريو، مون کان هي ڪپڙا وٺو ۽ مون کي سنگھه ۾ داخل ڪريو ته جيئن غم کان آزاد ٿي وڃان ۽ نرواڻ حاصل ڪريان.“ سنگھه جو سرواڻ انهيءَ وقت اميدوار کان گيڙو ڪپڙن جي ڳنڍ وٺندو ۽ ڪجھه خاص شبد انساني جسم جي فاني هجڻ جي باري ۾ پنهنجي زبان مان بيان ڪري اها ڳنڍ اميدوار جي ڳچيءَ ۾ وجھندو، اميدوار اهي گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائي ٻيهر سرواڻ جي سامهون حاضر ٿيندو ۽ گوڏا کوڙي ‘ٽي مامن‘ ۽ ’ڏهه حڪم‘، ٽي دفعا ورجائيندو. اهي ٽي مامن ۽ ڏهه حڪم ٻڌ ڌرم جي ڌرمي ۽ مقدس پستڪ ’تري ٽپڪ‘ ۾ هيٺينءَ ريت ڄاڻايل آهن:
ٽي مامن:
(1) مان ٻڌ ۾ پناهه وٺان ٿو.
(2) مان شريعت ۾ پناهه وٺان ٿو.
(3) مان سنگھه ۾ پناهه وٺان ٿو.
ڏهه حڪم:
(1) ڪنهن به ساهواري کي نه مارڻ، (2) چوري نه ڪرڻ، (3) ناپاڪيءَ کان پرهيز ڪرڻ، (4) نشيدار شين کان پرهيز ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهي نيڪي توڙي ترقيءَ جي رستي تي رنڊڪون وجھن ٿا، (5) ڪوڙ نه ڳالهائڻ، (6) منع ٿيل خاص وقتن تي ڪجھه نه کائڻ، (7) ناچ، گاني ۽ موسيقيءَ کان پرهيز ڪرڻ، (8) سينگار جي خيال سان هار، سرهو تيل ۽ زيور استعمال نه ڪرڻ، (9) ويڪرو يا اوچو پلنگ استعمال نه ڪرڻ، (10) ڪنهن کان به سون، چاندي يا ٻي ڪا قيمتي شيءِ نه وٺڻ.
مٿين حڪمن جو عهد ڪري اميدوار اُٿي سلام ڪندو آهي، ڪمري کان ٻاهري نڪري ويندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت هو باقاعدي اميدوار بڻجي ويندو آهي. اها سندس سنگهه ۾ داخل ٿيڻ جي پهرين منزل هوندي آهي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ڪارڪن ٻڌمت جي ٻيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ ڀڪشو ٿيڻ چاهيندو آهي ته کيس سنگھه ۾ درخواست ڏيڻي پوندي آهي ۽ هو وري سٿ جي سامهون پيش ٿيندو آهي. جيڪڏهن اميدوار سٿ جي اڳيان ويندو ته گيڙو ڪپڙن بجاءِ سادن ڪپڙن ۾ کيس سموريون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون آهن، جيڪي ان پهرين ڏينهن ادا ڪيون هيون، پر هن ڀيري اميدوار مامن ۽ حڪمن جي اقرار کان پوءِ هو ٻاهر نه ويندو، بلڪ سنگھه جي سرواڻ کي گذارش ڪندو ته هو سندس گرو بڻجڻ قبول ڪري، جڏهن سرواڻ رضامندي ظاهر ڪندو ته اميدوار هڪ ڪنڊ ۾ هليو ويندو، جتي هن جي ڳچيءَ ۾ پنڻ وارو ڪشتو وڌو ويندو ۽ پوءِ هڪ راهب، جيڪو انهيءَ جي داخلي جو وڪيل هوندو، اميدوار کي ساڻ وٺي سٿ جي آڏو وڃي بيهندو ۽ ويٺل راهبن مان هڪ راهب اٿي وڃي اميدوار جي ڀرسان بيهندو. اهي ٽئي ڄڻا اهڙي طرح بيهندا، جو اميدوار وچ ۾ ۽ راهب ان جي ساڄي ۽ کاٻي هوندا. اهي راهب اميدوار جا وڪيل سمجھيا ويندا. اهي هن کان هن ريت سوال ڪندا: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تنهنجي گروءَ جو نالو ڇا آهي؟ توکي ڪا وچڙندڙ بيماري ته ناهي؟ تنهنجي والدين توکي داخلا جي اجازت ڏني آهي؟ ڇا تون آزاد آهين ۽ پنهنجي خوشيءَ سان سنگھه ۾ داخل ٿيڻ گھرين ٿو؟ جڏهن کين سڀني سوالن جا تسلي بخش نموني سان جواب ملي ويندا ته اهي سٿ کي پڪ ڏياريندي کيس ڀڪشوءَ جي روپ ۾ سنگھه گروپ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندا آهن. سٿ ان کي سنگھه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندو آهي ۽ اميدوار گوڏا کوڙي ٽي ڀيرا چوندو آهي ته: ”ڀڪشؤو! مان توهان کي داخلا جي درخواست ڏيان ٿو، مون تي ٻاجھه ڪريو ۽ مون کي اٿاريو. اميدوار جا وڪيل ٽي دفعا سٿ کان پڇندا آهن ته ڪنهن کي اميدوار جي سنگھه ۾ شرڪت تي ڪو اعتراض ته ڪونهي؟ جڏهن ڪو به اعتراض سامهون ناهي ايندو ته اهي سرواڻ جي آڏو نوڙت سان جھڪي چوندا آهن ته: ”اميدوار کي سنگھه ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اڄ کان فلاڻو سندس گُرُو آهي. انهيءَ رسم ادا ٿيڻ کانپوءِ ميمبرن مان هڪ ڄڻو اٿي سنگھه جا قاعدا پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ داخل ٿيندڙ اميدوار کي هدايت ڪندو آهي ته انهن قاعدن جي پابندي ڪرڻ لازمي آهي. اهو نئون راهب نئين گروءَ سان گڏ رهندو آهي ۽ انهيءَ جي حڪمن جي پيروي ڪري، گروءَ جي هر طرح خدمت ڪندو آهي. اهڙي نموني جو شروعاتي اميدوار ’سمزه‘ سڏرائيندو آهي، جڏهن ته راهب جو مها ۽ اتم درجو ’سمرن‘ ۽ ’بکشو‘ آهي. سنگھه جي ميمبرن جي باري ۾ تمام گھڻا تفصيلي حڪم ڏنا ويا آهن، جيڪي هر مهيني سندن جلسن ۾ پڙهي ٻڌايا ويندا آهن. انهن حڪمن جو پتو پنجين صدي ق.م تائين ملي ٿو ۽ اُن جي مڃڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي قاعدا خود ٻڌمت جو سرواڻ گوتم ٻڌ مقرر ڪري ويو هو. حڪمن جا تفصيل هيٺينءَ ريت آهن:
(1) خوراڪ: گوتم ٻڌ جي حڪم موجب راهب ٺوس غذا فقط منجھند جو کائي سگھي ٿو، منجھند کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح تائين هو رڳو کير پي سگھي ٿو، يا اهڙي ڪا پاڻياٺ پي سگھي ٿو. نشي کان پرهيز واجب آهي، راهب فقط اها شيءِ کائيندو، جيڪا کيس خيرات ۾ ملندي. پنڻ جو طريقو هي هوندو ته هو پنهنجي ٺڪر جو پيالو کڻي، هر گھر جي دروازي تي وڃي، چپ چاپ بيهندو، جيڪڏهن ڪنهن کيس ڏسي سندس پيالي ۾ ڪجھه وڌو ته هو دعائون ڪندو اڳتي وڌندو، نه ته خاموشيءَ سان انهيءَ دروازي کان ٻئي گهر جي دروازي ڏانهن وڌندو. اهو خيال نه ڪندو ته گھر جو مالڪ امير آهي يا غريب، برهمڻ آهي يا ڀنگي، خيرات ۾ مليل ماني کڻي پنهنجي ڪٽيا/ جھوپڙيءَ ۾ هليو ويندو ۽ اتي ويهي کاڌو کائيندو ۽ لڳاتار اهو سوچيندو رهندو ته جسم ڪيڏو نه ايذائيندڙ آهي، جو انهيءَ جي جياپي لاءِ پنڻو به پوي ٿو. راهبن ۾ جيڪي اوچو مرتبو رکن ٿا، تن لاءِ گوشت کائڻ، دعوتن ۾ وڃڻ ۽ بغير پنڻ واريون شيون کائڻ ممنوع آهن.
(2) قيام (ڊاٻو): ڊاٻي واسطي سڀني کان سٺي جڳهه جھنگ ٻڌايو ويو آهي. اڳئين دؤر ۾ گوتم ٻڌ جي زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو عقيدتمنديءَ وچان ٻڌ جي راهبن لاءِ مَٺ ٺهرائيندا هئا. گوتم جي پيرويءَ ۾ چار مهينا مينهوڳيءِ جي مند ۾ انهن مٺن ۾ ڊاٻي (قيام) ڪرڻ جو حڪم هو. باقي اٺ مهينا تبليغي دورن ۾ وقت گذارڻ لازم هو.
(3) لباس: لباس جي باري ۾ هيءَ هدايت آهي ته جيستائين ٿي سگھي ته ٻين جا لاٿل پراڻا ڪپڙا پاتا وڃن. مگر گوتم جي وقت ۾ ئي راهبن لاءِ گيڙو لباس مقرر ڪيو ويو هو. هي لباس ٽن ڪپڙن، لنگوٽي، گوڏ ۽ هڪ ڊگهي چادر تي مشتمل هوندو آهي، ڊگهي چادر پيرن وٽان ويڙهي کاٻي ڪلهي تي اهڙي نموني سان رکي وڃي، جو ساڄو ڪلهو اگھاڙو رهي. انهن ٽنهي ڪپڙن کي هنڌان هنڌان ڦاڙي سبندا آهن ته جيئن ٻئي ڪنهن ڪم اچي نه سگھن ۽ سونهن جو سبب نه بڻجن.
(4) پرهيزگاري، بک ۽ غريبي: راهبن جي لاءِ جنسي لاڳاپا رکڻ قطعي منع ٿيل آهي ۽ اهو گناهه قتل ۽ چوريءَ جي برابر سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو راهب جنسي گناهه ڪندو ته اهو سنگھه مان ڪڍيو ويندو. غريبيءَ جي حوالي سان به سخت حڪم آهي. راهب پاڻ وٽ هڪ وقت اٺن شين کان وڌيڪ نه ٿو رکي سگھي، يعني ٽي ڪپڙا (لنگوٽي، گوڏ ۽ چادر) هڪ ڪمر بند، هڪ پنڻ جو پيالو، هڪ پاڪي، هڪ سئي ۽ هڪ ڇاڻي رکي سگھي ٿو. ڇاڻيءَ انهيءَ لاءِ رکندو ته جيئن پيئڻ جو پاڻي وغيره ڇاڻي پيئي ته جيئن ڪا ساهواري شيءِ يا جيت سندس پيٽ ۾ نه هليو وڃي ۽ راهب انهيءَ ساهواري جي مرڻ جو باعث نه بڻجي.
(5) فرمانبداري: ٻڌمت موجب فرمانبرداري رڳو شريعت جي لازمي آهي. ڪنهن بزرگ يا پاڻ کان وڏي راهب جي تعظيم ۽ عزت ڪرڻ ڪافي آهي. ڪنهن نئين اميدوار کي به پراڻي کان پراڻو راهب پنهنجي حڪم هيٺ آڻي نه ٿو سگھي ۽ نه وري سنگھه جي ڪارڪنن تي سندس حڪم مڃڻ لاءِ زور ڀري سگھي ٿو. ٻڌمت جي اصولن پٽاندڙ هر راهب جي شخصي ڪردار ۾ فرمانبرداريءَ جي عنصر جو هجڻ لازمي آهي. هڪ نئين راهب جي روزاني زندگي ڌرمي پستڪ ’دنيا چريائن‘ ۾ هن طرح بيان ڪئي وئي آهي:
”هو (راهب) سج اڀرڻ کان اڳ ۾ سنان ڪندو ۽ پوءِ وهاري يعني ٻڌ مندر ۾ ٻهاري ڏيندو. ان کانپوءِ ٻوڌي وڻ جو ٿلهو صاف ڪندو، پيئڻ جو پاڻي ڀريندو، ان کي ڇاڻيندو ۽ واپرائڻ جي لائق بڻائيندو. ڪنهن اڪيلي هنڌ ويهي شريعت جي حڪم تي سوچيندو. ان کانپوءِ باغ مان گل پٽيندو ۽ انهن گلن کي مندر تي نڇاور ڪندو، جتي ٻڌ جا يادگار دفن آهن. گلن جي چادر چاڙهڻ وقت هو گوتم ٻڌ جي عظمت جو اقرار ڪندو ۽ سوچيندو ته گوتم ٻڌ ڪيڏو نه مها هستي هو ۽ هو پاڻ ڪيڏو نه نڪمو ۽ گهٽ آهي. بعد ۾ هو پنڻ جو پيالو کڻي گروءَ سان گڏ پنڻ ويندو، جتان واپسيءَ تي هو پاڻي آڻي گروءَ جا پير ڌوئيندو ۽ کيس کاڌو کارائيندو. گروءَ کي کاڌو کارائڻ کانپوءِ راهب پاڻ کاڌو کائيندو ۽ پوءِ ٻنهي پيالن کي ڌوئي صاف ڪندو. ان کانپوءِ ڪنهن نويڪلي جاءِ تي ويهي ٻڌ ۽ سندس تعليم تي ويچار ڪندو يا ته ٻڌ ڌرم جو ڪو مقدس ڪتاب کڻي گروءَ کان سبق وٺندو يا انهيءَ ڪتاب جو نقل ڪندو ۽ هر وقت انهيءَ ۾ لکيل حڪمن جي معنيٰ ۽ مطلب تي غور ڪندو رهندو. انهن مڙني اصولن جو پورائو ڪندي راهب پنهنجي فرمانبرداريءَ جو ثبوت ڏيندو آهي. سنگھه ۾ گرو چيلي يا ڪارڪن جي حيثيت سان رهندي ڌيان کي تمام گھڻي اهميت حاصل آهي. ٻڌمت ۾ ڌيان جا پنج مختلف قسم ڄاڻايل آهن، جن تي عمل وسيلي راهب يا سنگھه جا ڪارڪن پنهنجن نفساني خواهشن، دنياوي لوڀ، آرام ۽ آسائش جي گھرجن تي ضابطو آڻيندا آهن. ڌيان جا قسم هن ريت آهن:
(1) پتا ڀاونا (محبت جو ڌيان): هن قسم ۾ انهيءَ ڳالهه تي غور ڪيو ويندو آهي ته مصيبت ۽ ڏکن جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪهڙي خوشي حاصل ڪجي، جيڪڏهن اها خوشي سڄي دنيا کي حاصل ٿي وڃي ته ڪيترو نه سٺو. مطلب ته راهب سڄي دنيا جي محبت سان پنهنجي دل کي ٽمٽار ڪندو ۽ سڄي مخلوق جو ڀلو گھرندو.
(2) ڪرونا ڀاونا (همدرديءَ جو ڌيان): ڌيان جي هن عمل ۾ راهب پنهنجو سمورو ڌيان هن نقطي تي مزڪوز ڪندو ته دنيا ڏکن ڏاکڙن سان ڀري پئي آهي، گوتم ٻڌ جي قول موجب ’سروم دکم دکم‘ دنيا جي هر شيءِ ۾ ڏک آهي. اهڙيءَ ريت راهب دنيا جي ستايلن ۽ مجبورن جي درد کي محسوس ڪري پنهنجي دل ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪندو.
(3) مديتا ڀاونا (خوشيءَ جو ڌيان): هن قسم ۾ ٻين جي خوشيءَ جو خيال رکڻ ۽ انهن جي خوشيءَ مان خوشي حاصل ڪرڻ جي نقطي تي ڌيان ڪيو ويندو آهي.
(4) اسوڀ ڀاونا (چوٽڪاري جو ڌيان): ڌيان جي هن قسم ۾ انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪيو ويندو آهي ته جسم ڪيتري قدر خراب شيءِ آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح بيماري ۽ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ جي پابندين مان آزاد ٿيڻ ڪيتري قدر ضروري آهي.
(5) اپڪشا ڀاونا (اطمينان، دماغي ڌيان): هن ڌيان ۾ درويش يا راهب دنيا جي سمورين سٺاين، براين، ڏک، خوشي، صحت، بيماري، دولت ۽ غربت تي غور ڪندو آهي ۽ سندس ڪوشش هوندي آهي ته هو انهن سڀني ڳالهين جو اثر قبول نه ڪري. انهيءَ سلسلي ۾ گوتم جو آخري خطاب ذڪر لائق آهي، جيڪو هن مرڻ کان اڳ ۾ ’ڪوٽا گارا‘ هال ۾ راهبن جي سنگھه ۾ڪيو هو. گوتم ٻڌ جي انهيءَ آخري خطبي کي سنگھه جي فرض جو نچوڙ چئي سگھجي ٿو. ٻڌ ڌرم جي ڌرمي پستڪ ’ٻڌ سوتر‘ ۾ انهن لفظن کي نقل ڪيو ويو آهي، جنهن جو الٿو هيٺينءَ ريت آهي:
”اي درويشو! هن قانون کي، جيڪو مون اوهان آڏو آندو آهي، چڱيءَ طرح ياد ڪريو، انهيءَ تي عمل ڪريو ۽ انهيءَ جي تبليغ ڪريو ته جيئن منهنجو هي مذهب دنيا سان همدردي، ديوتائن ۽ ماڻهن جي فائدي واسطي گھڻو وقت زندهه رهي.“
گوتم ٻڌ موجب اهي چار خلوص ڀريا مراقبا آهن، چار وڏيون ڪوششون آهن. ’ٻوڌيءَ‘ تائين پهچڻ لاءِ چار پيچرا، پنج اخلاقي قوتون آهن، انهن جامع فڪرن ۾ جيڪي ڪجھه چيو ويو آهي، سو مختصر طور هيٺ بيان ڪجي ٿو:
(1) هشت ڦل رستو: چار خلوص مراقبا، (سٿي پٿانا) هي آهن:
(i) جسم جي ڪثافت جي باري ۾
(ii) انهن براين جي باري ۾ جيڪي احساس بعد پيدا ٿينديون آهن.
(iii) خيالن ۽ ويچارن جي اٽل ۽ نا اٽل هجڻ متعلق
(iv) زندگيءَ جي حالتن ۽ پابندين جي باري ۾
(2) چار وڏيون ڪوششون (سمبڌانا) هي آهن:
(i) اها ڪوشش ڪرڻ ته جيئن خراب لڇڻ پيدا نه ٿين.
(ii) پيدا ٿيل خراب لڇڻن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
(iii) غير موجود نيڪين کي نئين سر وجود ۾آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
(iv) انهن نيڪين کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، جيڪي اڳ ۾ موجود هجن.
(3) ولايت جا چار رستا (اڌي پدا):
(1 ) ولايت حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه/ ارادو ڪرڻ.
(2) ولايت جي حاصلات لاءِ رياضتون ڪرڻ
(3) ولايت جي حاصل ڪرڻ لاءِ دل جي پاڪائي
(4) حق جي تلاش ۽ جستجو.
(4) پنج اخلاقي قوتون (پلاني) يا ذهني صلاحيتون (اندر پالي) هي آهن: (i) اعتقاد (ii) چست سرگرميون (iii) ياد (iv) سوچ (v) وجدان.
انهن پنجن اخلاقي سگھن ۽ ذهني صلاحيتن مان اعتقاد کي ڪڍي چار وڌيڪ صفتون شامل ڪيون وڃن ٿيون، يعني مذهبي ڪتابن جي تحقيق، اطمينان /آنند، خوشي ۽ وجدان. انهن کي ست عقل منديون (ٻوڌي رنگي) چئبو آهي.
اهڙيءَ طرح ’سنگهه‘ يا فقيرن جي جماعت ۾ داخلا ٿيندي آهي.