سن

سن (سنڌوءَ جو قديم بندر): سن، سنڌ جو قديم شهر، سنڌو درياھہ جو پراڻو بندر ۽ سنڌ جو اهم پرڳڻو رهيو آهي. سن جي قدامت صدين تي محيط آهي. نئن رني ڪوٽ، جنهن کي نئن موهن بہ سڏيو ويو آهي. ان کي قديم وقت کان نئن سن بہ سڏيو وڃي ٿو. هي نئن سن جي قدامت جي ساکي آهي ۽ سن شھر جي اتر طرف کان لڳولڳ صدين کان وٺي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. هن نئن جو پاڻي ايڏي تيزيءَ ۽ ڇوھہ سان درياھہ ۾ داخل ٿيندو آهي، جو جبلن تان آندل پٿر درياھہ جي ٻئي پار پڄاڻي ڇڏيندي آهي. چيو وڃي ٿو تہ ماضيءَ ۾ هيءَ نئن شينهن بہ لوڙهي ايندي هئي. سن جو شھر ستين عيسوي صديءَ ۾ بہ سن بندر، شھر ۽ تڙ جو وجود هو. عام طرح سن جي قدامت سيوهڻ برابر ليکي ويندي آهي. رني ڪوٽ کي محققن روڻ ڪوٽ، راڻي ڪوٽ ۽ نئن رني ڪوٽ جي نالن سان بہ سڏيو آهي، پر هن ڪوٽ جي نسبت ’نئن رني‘ جي نالي سان ’رنيڪوٽ‘ سڏي وئي. ’ران‘ لفظ جي قديم پهلويءَ ۾ معنيٰ ’پاڻي‘ آهي. رني ڪوٽ جي اڀرندي دروازي کي ’سن دروازو‘ نالو سن جي عظمت جو اهڃاڻ آهي. مغلن جي دؤر ۾ سيوهڻ کانپوءِ وڏو انتظامي پرڳڻو سن هو، جتي مغلن جا گورنر رهندا هئا. سنڌ جا مرد مجاهد، جيڪي حملي آورن سان مهاڏو اٽڪائيندا هئا ۽ ڍل يا ڏن نہ ڀريندا هئا، تن ۾ سن جا رهاڪو بہ شامل هئا. سن ارغونن جي دؤر ۾ پرڳڻو هو. ارغونن جو وڏو مخالف شاھہ حيدر سنائي هو، جنهن شاھہ بيگ ارغون جي مرشد ميران محمد مهدوي جونپوريءَ جي ارغون تسلط کي سنڌ ۾ قائم رکڻ لاءِ مذهبي تحريڪ جو داعي بنجي سنڌ ۾ آيو تہ دولھہ دريا خان ۽ ڄام نظام الدين جي هدايتن تي محب وطن سيد حيدر سنائي جونپوريءَ سان سن وٽ درياهي جنگ ڪري سندن ٻيڙا ساڙايا. سيد حيدر سنائيءَ جي درگاھہ اڄ بہ سن ۾ موجود آهي، جتي هر سال عرس ٿيندو آهي. سائين جي. ايم. سيد، شاھہ حيدر سنائيءَ جو چوڏهون سجادہ نشين هو. شاھہ ارغون سان جنگ ۾ حيدر سنائي، مخدوم بلاول جو ساٿي هو ۽ سندس چوڻ تي ٿر جي راڻي رڻمل پنهنجن دلير ساٿين ۽ ساهتيءَ جي سهمتن سان گڏجي جنگ ۾ حصو ورتو هو. پهرين ٽلٽيءَ جي جنگ ۾ شاھہ بيگ جي پٽ شڪست کاڌي هئي ۽ ارغونن جي لشڪر ڳاهن جي ڳوٺ ۾ وڃي دم پٽيو هو، چند ڏينهن کانپوءِ سيوهڻ مان ترخانن، ارغونن ۽ خشڪي توڙي ٻيڙين رستي هڪ وڏو لشڪر وٺي رات جو ٽلٽيءَ کي گهيرو ڪيو. پرھہ ڦٽيءَ جو جنگ لڳي، جنهن ۾ ارغونن سنڌي سپوتن تي پوئين پاسي کان حملو ڪيو. هن ٽلٽيءَ واري جنگ ۾ راڻو رڻمل، سھتا ۽ ٻيا ڪيترا سورما شھيد ٿي ويا. هن جنگ کان ٿورو عرصو پوءِ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هو. سيد حيدر سنائي مخدوم بلاول جو وڏو خليفو ۽ دوست هو.
سن جا ملاح اوائلي دؤر کان وٺي سامونڊي وڻجارا ۽ ٻيڙائتا هئا. سمنڊ جي واپار سان گڏ سن بندر تي بہ سٺو واپار هلندو هو. سن جا ميمڻ ۽ هندو وڏا سکر ۽ واپاري ماڻهو هئا، جن جو دنيا سان واپار هلندو هو. ربيع جي فصل ۾ چيٽ، ڄانڀو، سرنهن، توريو، ايلسي، چڻا، مٽر، جوَ، ڏيساور موڪليندا هئا. مال ذخيرو ڪرائي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هزارين بلڪ لکين مڻ مال جو سودو ڪري، ٻيڙين رستي ٻين شهرن ۽ ملڪن ڏانهن موڪلي ڏيندا هئا. خريف ۾ جوئر، ٻاجهري، مڪئي، تر، منڱ، راهان، سن ۽ پسگردائيءَ ۾ جام ٿيندا هئا، جيڪي واپاري خريدي ٻاهر موڪليندا هئا. ڪدو بہ سن جي آسپاس ڏاڍا ٿيندا هئا، جيڪي ٻيڙين رستي کڄي شاھہ بندر ويندا هئا. سن کان ميها بہ ٻيڙين رستي ٻاهر ويندا هئا. سن بندر کان گهڻو زمانو اڳي ٻيڙين رستي ڪاڇي ان، اٺن ۽ گهوڙن جا چانديءَ جا ساز، ڏاندن ۽ اٺن جون جهلون، ڪاڇي جا اٺ سن بندر تان سامونڊي ٻيڙين تي نار جي ملڪن ڏانهن عرب سوداگر وٺي ويندا هئا. هتان ڪاڇي جا اٺ، جن کي ’ڪاڇي اٺ‘ چئبو هو، اهي لس پنڌ ۾ تکا ٿيندا هئا. ان دؤر ۾ سنڌ جا ماڻهو اٺن جا سٺا نسل ڌاريندا هئا. ڪنهن زماني ۾ سن ۾ ان تورڻ جون پيش جون ڇليون، گلن سان ڏاڍيون سهڻيون ٺهنديون هيون. وڏا ڇٻا، جن ۾ پلا ۽ مڇيون ڏيساورو وجهي موڪلبا هئا، سي بہ ٺهندا هئا. اهو ڇلين ۽ ڇٻن جو واپار سن کان سکر ۽ شاھہ بندر تائين سنڌوءَ جي سمورن بندرن سان ٻيڙين رستي هلندو هو. پيش جو ڪم تہ ويجهي ماضيءَ تائين بہ سن ۾ ٿيندو هو. سن نئن جو ذڪر چچ نامہ ۾ بہ آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ سن نئن قديم زماني کان وهندي رهي آهي. چچ نامہ ۾ ذڪر آهي تہ ديبل کان سيوهڻ وڃڻ لاءِ هڪ ندي وهيل هئي، ان ڪري ڪجهہ عرصو عربن جو لشڪر ترسي پيو. اها نئن دراصل سن نئن هئي، جيڪا برساتن ۾ ندين وانگر وهندي هئي. اها نئن ايڏي تہ ڇوهي وهندي هئي، جو وهڪري ۾ ان مان ٻيڙي ٽپي نہ سگهندي. اڄ بہ هن نئن جي تک جو اهو حال آهي، جو ڪجهہ سال اڳ تائين جڏهن اِن نئن تي سن سامهون پل ٺهيل نہ هئي تہ اها نئن گوڏي جيڏي پاڻيءَ ۾ ان جي ڀريل ٽرڪ اونڌي ڪري ڇڏيندي هئي. مغلن جي دؤر حڪومت ۾ سن پرڳڻي ۾ لڪيءَ کان ٻڍاپور ۽ انڙپور تائين وارو علائقو سن جي گورنر جي هٿ هيٺ رهندو هو. سن جا رهواسي ارڏا هوندا هئا. نادر شاھہ جي وقت ۾ اهڙا تاريخي حوالا ملن ٿا. خود سن ۾ ڇانوڻي قائم هئي، ۽ سائين جي. ايم. سيد جي والد محمد شاھہ جي نظرداريءَ لاءِ پوليس مقرر هوندي هئي. انگريز دؤر ۾ بہ سن واپاري مرڪز هو. سن بندر تي سنائي ملاحن کانسواءِ سنڌو درياھہ جي ٻين ڪيترن تڙن جون ٻيڙيون اچي بيهنديون هيون. ڪي مال کڻي اينديون هيون تہ ڪي سن تڙ تان ڀرجي ٻين بندرن لاءِ وينديون هيون. هڪ زماني ۾ سن پتڻ جي پاتڻين جون خاص پتڻ لاءِ چار ٻيڙيون وڏيون هونديون هيون. سنڌ جو مشھور پتڻ آهي، جيڪو ڪنهن بہ دؤر ۾ بہ بند نہ ٿيو آهي. 1983ع ۾ ڌاڙيلن جي دؤر ۾ ڪجهہ وقت لاءِ بندر ٿيو هو، جو (درياھہ پار) ٻيلي ۾ ڪي ڀاڳيلا ڌاڙيل اچي رهيا هئا. سن انگريزن جي دؤر کان سياست جو مرڪز رهيو آهي. سائين جي. ايم. سيد، مهاتما گانڌيءَ سان 1921ع ۾ سن ريلوي اسٽيشن تي 16 سالن جي عمر ۾ ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس تحريڪ کان متاثر ٿي سن ۾ آڏاڻا قائم ڪرايائين، جتي کاڌيءَ جو ڪپڙو ٺهندو هو. ترڪن لاءِ 1919ع ۾ ننڍي ڄمار ۾ سن مان چندو گڏ ڪرايائين. قيام پاڪستان کان اڳ سائين جي. ايم. سيد ڪانگريس، سنڌ عوامي محاذ، مسلم ليگ پارٽين سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1943ع ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. 1946ع ۾ وزيراعظم ۽ ليبر رهڻ وقت سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ ۽ ٻيا ڪيترا علمي ادبي ادارا قائم ڪرايائين. سائين جي. ايم. سيد جي والد جي ارڏائيءَ سبب انگريزن مٿس نظرداريءَ لاءِ سن شھر ۾ ’چٽي پوليس‘ مقرر ڪئي هئي.
سن شھر جا هندو ڪلهوڙن جي حڪومت خداآباد لڏي آيا هئا، جن جو مکي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو صلاحڪار هو. سن اڄ تائين تعلقي جو وڏو واپاري مرڪز هئڻ سان گڏ علمي، تعليمي ۽ سياسي مرڪز پڻ آهي. سن شھر جي آدمشماري 30،000 کان مٿي آهي. ڊگري ڪاليج، بوائز هاءِ اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، پنج پرائمري اسڪول، اسپتال، جانورن جي اسپتال، زرعي مرڪز، ٿاڻو، واٽر سپلاءِ ۽ بجليءَ جي سهوليت موجود آهي.


لفظ سن ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو