سهتا: سهتا، هڪ سماٽ راجپوت قبيلو آهن. مؤرخن جي چوڻ موجب: سنڌ جا سهتا، محمد بن قاسم جي آمد کانپوءِ مسلمان ٿيا، جڏهن ته هندستان ۾ رهندڙ سهتا اڃا هندو آهن. سماٽ قبيلي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته: جادم کي يارهن (11) پٽ: گجپت، کر، منگر، ڀوڀٽ، سمون، هسپت، ڌاريجو، سهتو، سوڍو، صحرائي ۽ راٺوڙ هئا. سهتا جادم جي پٽ سهتي جو اولاد آهن. هندن جي داستانن ۾ لکيل آهي ته: هندو قوم جا ست ورن آهن، جن مان هڪ ورن جو نالو ’سهتو‘، جنهن ورن (ورڻ) جي حسب ۽ نسب سان هي اڄ به سهتا سڏجن ٿا.
ايس. صادق عليءَ جي لکڻ موجب، سام جي هڪ پٽ جو نالو ’ٻڌا‘ هو، جنهن کي 16 پٽ هئا، تن مان هڪ جو نالو ’سهتو‘ هو. انهن سورهن پٽن کي مجموعي طور ’راٺوڙ‘ چوندا هئا. انهن راٺوڙن جي اولاد مان سهتا آهن.
610 هه/ 1313ع ۾ راڻو ڀنوئر سهتو، درٻيلي تي حڪـومت ڪندو هو، جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ سندس اولاد اڄ به هن عـلائـقي ۾ رهي ٿو.
ميان نيڪ محمد سهتي جي لکيل فارسي نسخي موجب، راجا موڙاسنگهه کي 7 پٽ، ڌارو، شورو، ڪونئرو، سهتو، راهو، مڱڻ ۽ اڄڻ هئا. انهن مان سهتي جي اولاد پاڻ کي ’سهتا‘ سڏايو. راجا موڙا سنگهه، مخدوم بن قاسم آڏو اسلام قبول ڪيو. راجا موڙاسنگهه پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي پٽ سهتي کي نوشهري فيروز، موري ۽ ڪنڊياري وارو علائقو جاگير طور عطا ڪيو هو. انهن ٽنهي تعلقن کي گڏي ’ساهتي‘ پرڳڻو چوندا هئا. اهو ساهتي نالو ’سهتا‘ قبيلي تان پيل آهي، جنهن تي سهتا قبيلي جا ماڻهو حڪومت ڪندا هئا. حڪمراني ۽ سرداري جي ڪري سهتا ’ڄام‘ به سڏجن ٿا.
ڪن تاريخي حوالن موجب خانواهڻ، راڻيپور، ۽ درازا شهر سهتن جا ٻڌايل آهن.
سهتن جي خاص پاڙن جو ذڪر هن ريت آهي: (1) آبن (اَبنَ)،
(2) بلال جا، (3) بهڻجاڻي، (4) بيگاڻي، (5) ڀريجا، (6) ترڻا،
(7) کڳر، (8) توڪا، (9) جماڻي، (10) جمڙا، (11) جهيجا، (12) ڄاماڻي، (13) ڇٽاڻي، (14) هُليا، (15) خليفا، (16) خميساڻي، (17) ڏهيا،
(18) ڏيپارجا، (19) ڍوڍا، (20) رڪڻاڻي، (21) رڪڻ پوٽا، (22) ساهل،
(23) ساهيجا، (24) سڌوپوٽا، (25) سڌوجا، (26) سوائي، (27) سيٺر،
(28) شمس، (29) شورا، (30) صدرجا، (31) عليم جا، (32) غيب الدين پوٽا،
(33) کپرجا، (34) مڱڻيجا، (35) موٿڀارجا، (36) موڌيجا، (37) مهرابجا، (38) هنڱورا پوٽڙ.