
سهراب فقير
سهراب فقير (راڳي): سنڌ جي ناليواري صوفي فنڪار سهراب فقير جو جنم 1934ع ڌاري ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ حمل فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والـد نـاليواري بزرگ شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو طالب ۽ سٺو راڳي هو. هن اسڪولي تعليم ٻن ٽن درجن تائين حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي راڳ طرف مائل هو. اٺن سالن جي عمر ۾ پنھنجي والد ۽ چاچن سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيائين. موسيقيءَ سان سهراب فقير جو وڌندڙ شوق ڏسي، سندس والد کيس روهڙيءَ ۾ خانصاحب کيتي خان جي حوالي ڪيو، جنهن کان هن راڳ جي باقاعدہ تعليم حاصل ڪئي. شروع ۾ سهراب فقير استاد کيتي خان سان گڏ طبلو وڄائيندو هو. ڪجهہ وقت بعد استاد جي اجازت سان ڳوٺ واپس آيو ۽ پنھنجي مرشد خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي درگاھہ تي پهريون ڪلام ’ڪڍي قدم ڪايا کان ٻاهر ڪر، تڏهن هر جاءِ ايندءِ حق نظر‘ ڳايو، ۽ پوءِ مختلف درگاهن تي صوفي ڪلام ڳائڻ لڳو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الھہ بخش شاھہ بخاريءَ متعارف ڪرايو. هن ريڊيو تي پهريون ڪلام غمدل فقير جو ’ڳليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گهمايم‘ ڳايو. سهراب فقير پنھنجي دؤر جو سرموڙ صوفي راڳي ٿي گذريو آهي. هيءُ پنھنجي ساٿين سان سُنگ جي صورت ۾، يڪتاري ۽ کڙتال تي صوفي شاعرن جو ڪلام پنھنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندو هو. سندس ڳائڻ ۾ ايترو تہ اثر هو، جو محفل ۾ ويٺل ماڻهو وجد ۾ اچي ڦيريون پائيندا هئا. سهراب فقير باجي تي اڪيلو بہ ڳائيندو هو. سر ۽ تار جو نهايت ئي ڪاريگر هو. هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ توڙي ملڪ کان ٻاهر لنڊن، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس، اٽلي، ڊيمنارڪ، سوئيزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندستان ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو. سهراب فقير جا وڌ کان وڌ ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور تي رڪارڊ ٿيا، جڏهن تہ سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن کانسواءِ بھاولپور ريڊيو اسٽيشن تي پڻ سندس پنج ڪلام رڪارڊ ٿيا. سهراب فقير جا ڪيترائي صوفي ڪلام آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان پڻ نشر ٿيندا رهيا. کيس شاھہ لطيف، سچل سرمست ۽ قلندر شھباز جي سالياني عرس جي موقعي تي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. سندس مشھور ڪلامن ۾ ’ڳليان پريم ننگر ديان‘، ’رخ رانجهن ماھہ منير هويا‘، ’ميڏا روح منگدا محبوب آوي‘ بيحد مقبول ٿيا. سندس فن جي مڃتا ۾ کيس صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، شاھہ لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، لعل شھباز قلندر اوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور اوارڊ سميت ٻيا ڪيترا ڏيهي توڙي پرڏيهي اوارڊ مليا. هڪ ڀيري کيس هڪ محفل ۾ هڪ لک 36 هزار نقد انعام پڻ مليو. اها محفل گهوٽڪيءَ جي سردار غلام محمد خان مھر جي ڳوٺ ۾ ٿي هئي. سندس شاگردن ۾ رجب علي(فرزند)، علي گل فقير، فقير قلندر بخش خاصخيلي، گلبهار جويو، جمال فقير، سيد باقر علي شاھہ ،سلامت سهراب فقير(فرزند) قابل ذڪر آهن. پوئين دور ۾ کيس فالج ٿي پيو ۽ سندس ڳلو ڳائڻ کان ويهي ويو. سهراب فقير 75 سالن جي ڄمار ۾، 23 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ وڏا ٽالپر، ضلعي خيرپور ۾ آهي. سندس ٻہ پٽ رجب علي ۽ سلامت سهراب هن وقت فن جي دنيا سان لاڳاپيل آهن.
2009.10.23 عيسوي
سنڌ جي ناليواري صوفي فنڪار سهراب فقير جو جنم 1934ع ڌاري ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ حمل فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿيو.سهراب فقير 75 سالن جي ڄمار ۾، 23 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي.