سوئيڪارنو

سوئيڪارنو

سوئيڪارنو جي ڌيءَ ميگهاوتي

سوئيڪارنو جي ڌيءَ ميگهاوتي

سوئيڪارنو

سوئيڪارنو (Sukarno): انڊونيشيا جي قومپرست تحريڪ جو اڳواڻ ۽ انڊونيشيا جو پهريون صدر سوئيڪارنو، 1901ع ۾ اوڀر جاوا جي شھر سورابيا ۾ پيدا ٿيو. هن جديد ڊچ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1926ع ۾ هن اتان جي ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ مان گرئجوئيشن ڪئي. هي نوجوانيءَ ۾ ئي قومپرست سياست ۾ سرگرم ٿيو. هن آرڪيٽيڪچر بجاءِ سياست کي پنهنجو مستقبل بنايو. 1927ع ۾ سوئيڪارنو انڊونيشيائي نيشنلسٽ پارٽيءَ (پي. اين. آءِ) جو بنياد وڌو ۽ ان جو پهريون سربراھہ بڻيو. پارٽيءَ جو مقصد ڊچن خلاف عوامي جدوجھد ذريعي خودمختياري حاصل ڪرڻ هو. بھترين مقرر هئڻ جي ڪري هي جلد عوام ۾ مقبول ٿي ويو.
1929ع ۾ ڊچن کيس امن امان ۾ خلل وجهڻ جي الزام هيٺ جيل ۾ وڌو تہ پي. اين. آءِ منتشر ٿي وئي. 1931ع ۾ آزاد ٿيڻ کانپوءِ سوئيڪارنو ٻيهر سياسي سرگرميون شروع ڪيون، پر 1933ع ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪري جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطنيءَ وقت هي ملڪ جو اهم سياستدان بڻجي چڪو هو.
1942ع ۾ جڏهن جپان انڊونيشيا تي حملو ڪري، قبضو ڪيو تہ سوئڪارنو واپس جڪارتا آيو ۽ هن جپاني حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو. جنهن لاءِ اڳتي هلي هن چيو تہ جپانين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ڪري ئي انڊونيشيائي آزاديءَ جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان کي قابضن کان ڇڏرائڻ جي قابل بڻيو.
1944ع ۾ انڊونيشيا جي آزاديءَ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي تہ سوئڪارنو اُن جو اهم ميمبر ٿي سامهون آيو. جولاءِ 1945ع ۾ سوئڪارنو هڪ تقرير دوران نئين رياست جي قيام جا پنج اصول مقرر ڪيا: (1) قومپرستي، (2) انسان دوستي، (3) جمهوريت، (4) سماجي انصاف ۽ (5) خدا تي ايمان.
17 آگسٽ 1945ع ۾ جيئن ئي جپانين، اتحادين اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا تہ سوئڪارنو ۽ سندس قومپرست ساٿي محمد خطا انڊونيشيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن عبوري پارليامينٽ هڪ آئين منظور ڪيو ۽ سوئڪارنو کي انڊونيشيا جو صدر چونڊيو.
آئين جي ديباچي ۾ اهي پنج ئي اصول شامل هئا ۽ صدر کي تمام گهڻا اختيار بہ ڏنا ويا. ڊچ حاڪمن ان آزاديءَ کي رد ڪري ڇڏيو. پنجن سالن تائين انڊونيشيا ۽ نيڌرلينڊ پاڻ ۾ وڙهندا ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا. نيٺ ڊسمبر 1949ع ۾ ڊچن انڊونيشيا جي آزادي قبول ڪري ورتي، پر نيوگني جو اولھہ اڌ ساڳيءَ طرح تڪراري رهيو. جيتوڻيڪ سوئڪارنو ڊچ مخالف قومي جدوجھد جي هڪ اهم علامت هو، پر جلد ئي مخالفن آڏو سياسي مات کائي ويو. 1949ع ۾ اهم اختيار وزيراعظم کي حاصل ٿي ويا. 1950ع جي وچ واري ڏهاڪي تائين سوئڪارنو نمائشي صدر رهجي ويو. 1957ع کانپوءِ انڊونيشيا جو سياسي نظام وکرڻ لڳو ۽ سماٽر اوسولاويسيءَ ۾ فوجي بغاوتون ٿيون تہ هن پنهنجو سياسي ڪردار مڃرايو. 1959ع ۾ سوئڪارنو انڊونيشيا جو 1945ع وارو آئين بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ هي مڪمل اختيارن جو مالڪ بڻجي ويو. مغربي پارلياماني جمهوريت کي انڊونيشيائي ضرورتن لاءِ غير موزون قرار ڏيندي ’محدود جمهوريت‘ جو نظام متعارف ڪرايائين، جيڪو روايتي انڊونيشيائي قدرن کي اجاڳر ڪري رهيو هو. مثال طور: ووٽ بجاءِ صلاح مشوري ۽ اتفاق راءِ ذريعـي فيصلا ڪرڻ. هن قومپرستي، مذهب ۽ ڪميونزم کي ٽي اهـم ٿـنـڀ قرار ڏنو.
1965ع ۾ سوئيڪارنو گڏيل قومن جي اداري کي مغربي طاقتن جي اثر هيٺ هئڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ انڊونيشيا جي ميمبرشپ ختم ڪرائي ڇڏي، بعد ۾ هن انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، اتر ويٽنام ۽ اتر ڪوريا جي ڪميونسٽ حڪومتن سان گڏجي هڪ اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
30 سيپٽمبر 1965ع تي جنرل سوهارتو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوجي دستي سوئيڪارنو جو تختو اونڌو ڪيو ۽ سوهارتو ملڪ جو قائم مقام صدر بڻجي ويو. 1968ع ۾ سوهارتو باقاعدي صدارت جو عهدو سنڀاليو ۽ سوئيڪارنو کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. سوئيڪارنو 1970ع ۾ نظربنديءَ دوران وفات ڪري ويو. سرڪاري ڪوششن جي باوجود 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سوئيڪارنو جي شخصيت سندس ڌيءَ جي روپ ۾ هڪ ڀيرو وري نين اميدن جي ترجمان بڻجي وئي. سوئيڪارنو جي وڏي ڌيءُ ميگهاوتي جمهوريت جي حامي تحريڪ جو اهم ڪردار بڻجي وئي. نتيجي ۾ 1998ع ۾ سوهارتو کي استعيفا ڏيڻي پئي. ميگهاوتي 1999ع ۾ انڊونيشيا جي نائب صدر ٿي ۽ 2001ع ۾ صدر بڻي.


لفظ سوئيڪارنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو