سوامي هردارام: سوامي هردارام 21 سيپٽمبر 1906ع تي نوابشاھہ ضلعي جي ڳوٺ ڀنگو ۾ شري شجرام جي گهر ۾ ڄائو. سوامي شڪتيءَ جو مالڪ هو. هو ساري ڄمار ٻال برهمچاري ۽ سچو ڪرم يوگي ٿي رهيو. هن پنھنجي گروءَ بابا هريرام جي خوب سيوا ڪئي. 14 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ کيس ان وٽان رهنمائي ملي. سوامي هردارام گرو گرنٿ صاحب جو نہ صرف گهرو اڀياس ڪيو، پر ان جي واڻيءَ تي عمل پڻ ڪندو رهندو هو.
اجمير ۾ پشڪر روڊ تي برپا ڪيل آشرم ۽ بئرا ڳڙھہ جا اسڪول سندس ڪوششن جو ثمر آهي. بئرا ڳڙھہ ۾ سندس سهائتا سان ڪئين اسڪول کوليا ويا. هن سنت ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، هر مهيني غريب بيواھہ عورتن جي اناج، دوا درمل ۽ ڪپڙي وغيرہ جي گهرج پوري ڪرڻ ۽ ڏکويلن جي سيوا ڪرڻ سندس فطرت هئي. بئرا ڳڙھہ ۾ ساڌو واسواڻي ڪاليج بہ سندس ئي ڪوشش سان قائم ٿيو. هيءُ تياڳي، ويراڳي، سادگيءَ جي صورت ۽ نمرتا جي مورت هو. سوامي هر سال ڊسمبر جي پوئين هفتي ۾ ست ڏينهن رام ڌُني، اکنڊ روپ سان لڳائيندو هو. اُتي هن هڪ علاج جو مرڪز پڻ قائم ڪيو، جتي قدرتي علاج ٿيندو رهندو آهي.