سومر فقير هنڱورو

سومر فقير هنڱورو: سومر فقير هنڱورو پنھنجي دور جو سالڪ، باڪمال درويش ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1310ھہ/ 1892ع ڌاري ڳوٺ محمود هنڱوري لڳ سعيدآباد، ضلعي حيدرآباد (موجودہ مٽياريءَ) ۾ محمد موسيٰ هنڱوري جي گهر ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي شھدادپور ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ويٺو. اهو ڳوٺ سندس نالي سان اڄ بہ مشھور آهي. سومر فقير درويش صفت انسان هو. ننڍي هوندي کان ئي سندس روشن دماغ ۾ حصول علم جا واضح آثار موجود هئا، جڏهن سمجهہ لائق ٿيو تہ سندس طبيعت جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو ۽ شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ ڪوٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي بيعت وٺي سندس مريد بڻيو. فقير سومر اعليٰ خوبين وارو آدرشي انسان، پرهيزگار ۽ شريف ۽ نيڪ شخص هو. سندس سخاوت پري پري تائين مشھور هئي. سندس غريب خاني تي لنگر هر وقت هلندو رهندو هو. سندس سخاوت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. انسانيت، سخاوت، ڪرامت ۽ عبادت جا سڀئي گڻ منجهس موجود هئا.
سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375ھہ/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.


لفظ سومر فقير هنڱوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.20  عيسوي

سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375هه/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيري رحمان
الياس
اتم ديارام هنڱوراڻي
سوڀو ڀڳت
ڪمار شاهاڻي
سليم ناصر
ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاھہ
ڄام جرار:
ڇاٻڙيا آرتي
دادوي غلام مصطفيٰ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون