
سونامي/ سونامي
سونامي/ سنامي (Tsunami): سونامي، جپاني ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’ڪناري جي ڇولي‘. سونامي اهڙي اٿاھہ سامونڊي لھر کي چيو وڃي ٿو، جيڪا 965 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سمنڊ ۾ سوين ڪلوميٽرن تائين سفر ڪري ٿي. سو ناميءَ جي اوچائي 30 ميٽر ۽ لهري ڊيگهہ 200 ڪلوميٽرن تائين ٿئي ٿي ۽ اها عام طور تي 10 کان 60 منٽن تائين بہ رهي سگهي ٿي. اها لھر جڏهن زمين سان ٽڪرائجي ٿي تہ زبردست نقصان ڪري ٿي. سونامي عام طور تي پاڻيءَ اندر زلزلي، ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ يا ساحلي ڇپن ڪرڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. سونامي حقيقت ۾ ڇولين جو هڪ اهڙو سلسلو آهي، جيڪو آهستي آهستي سمنڊ ۾ هر پاسي لهرن جي صورت ۾ پکڙبو زور وٺندو وڃي ٿو. سو ناميءَ کي، ٽائيڊل ويو (Tidal wave) جي نالي سان بہ سڏين ٿا. انساني تاريخ جي بدترين ’سونامي‘ 26 ڊسمبر 2004ع تي 11 ملڪن ۾، 8.9 ريڪٽر اسڪيل جي شدت سان آئي، نتيجي طور ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا، جڏهن تہ ڏھہ لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا. هندي سمنڊ ۾ آيل هن سو ناميءَ جو مرڪز انڊونيشيا جو علائقو سماترا هو. هي زلزلو انڊونيشيا کان ٿيندو ملائيشيا، ٿائيلينڊ، جپان، چين، سري لنڪا، برما، مالديپ، صوماليا، بنگلاديش ۽ ڀارت جي ساحلي پٽيءَ تي پورو ٿيو. آمريڪي تحقيقاتي اداري هڪ جيالاجيڪل سروي ۾ ٻڌايو تہ ڪجهه سامونڊي علائقا صفحهء هستيءَ تان ئي ميسارجي ويا آهن. اهو سونامي، هڪ خطرناڪ قسم جو سامونڊي زلزلو هو، جيڪو عام زلزلن کان قطعي مختلف هو. سماترا ۾ ايندڙ زلزلي بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ سمنڊ جي سطح جي هيٺان 620 ميل ڊگهي پليٽ پنھنجي جاءِ تان سرڪي وئي هئي، جنهن سمنڊ ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي ۽ سامونڊي لهرون وڌيڪ حرڪت ۾ اچي ويون. بين الاقوامي طور سونامي وارننگ اڳواٽ جاري ڪئي وڃي ها تہ اهڙي تباهي شايد نہ اچي سگهي ها. سوناميءَ جي ڪيل تباهيءَ کانپوءِ گڏيل قومن جي اداري سميت سڄيءَ دنيا جي انسان دوست تنظيمن، رضاڪارن ۽ ڪاروباري ڪمپنين متاثر علائقن ۾ ڪئمپون لڳايون ۽ ماڻهن جون طبي، غذائي ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪيون. ٻہ سال اڳ جپان ۾ بہ سوناميءَ تباهي آندي هئي. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي تباهيءَ کانپوءِ هن سو ناميءَ وڏي تباهي آندي هئي. انهيءَ سوناميءَ جي لهرن فوڪوشيما ۽ سينڊ ائي شھر ٻوڙي ڇڏيا هئا.
2004.12.26 عيسوي
انساني تاريخ جي بدترين ’سونامي‘ 26 ڊسمبر 2004ع تي 11 ملڪن ۾، 8.9 ريڪٽر اسڪيل جي شدت سان آئي، نتيجي طور ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا، جڏهن ته ڏهه لک ماڻهو بي گھر ٿي ويا. هندي سمنڊ ۾ آيل هن سو ناميءَ جو مرڪز انڊونيشيا جو علائقو سماترا هو. هي زلزلو انڊونيشيا کان ٿيندو ملائيشيا، ٿائيلينڊ، جپان، چين، سري لنڪا، برما، مالديپ، صوماليا، بنگلاديش ۽ ڀارت جي ساحلي پٽيءَ تي پورو ٿيو.