
سـون ورنـي ڪـنوار
سـون ورنـي ڪـنوار (ڪتاب): هـي نـاول هـند جـي سـنـڌي ليکڪا ’رتنا گوديا رولاڪ‘ جو آهي. ڪتاب جو انتساب هن پنھنجي مٺڙيءَ ماءُ ۽ انهن سڀني نرسن ۽ ڊاڪٽرن جي نالي ڪيو آهي، جن دکايل انسانن جي شيوا ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ گورڌن شرما ’گهايل‘ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”ناول جي اڻت ڪاريگريءَ سان ڪيل آهي.... هي ناول استري پاترن (عورت ڪردارن) تي ٻڌل آهي، ’مڻي‘ هن رچنا جو روح آهي، مڻيءَ کانسواءِ ’جسو‘، ’ميندي‘، ’نرملا‘، ’جمنا‘، ’وڀا‘، ’ڪامني‘، مارٽن‘ مڻيءَ جون ٽي ڌيئر ۽ ڪڪيءَ جي ماءُ وغيرہ عورت ڪردار آهن، جيڪي قلم جي قوت ۽ قلمڪار جي قابليت سان کڄي بيٺا آهن. ناول ۾ مردن جا ڪردار بہ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ناول ۾ زمان ۽ مڪان جو بہ خيال رکيو ويو آهي. سنڌ جي الڳ الڳ شهرن ۽ جڳهن ، حيدرآباد، سکر، ڪراچي، منهوڙي ۽ ڦليليءَ جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي تہ لنڊن، جرمني، ڪلڪتي، نيپال وغيرہ جو بيان ڪري ليکڪا پنھنجي ذاتي آمودن جي ڄاڻ بہ ڏني آهي. ناول ۾ گفتگو جو انگ ڪجهه ڪمزور لڳي ٿو، البت ٻولي ٻهڳڻي آهي. هي هڪ با مقصد ناول آهي.“
ڊيمي سائيز جي 220 صفحن تي مشتمل هي ناول، سنڌي ادبي سڀا، پوني، ڊسمبر 2002ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.