سوڍوف، سي. ٿامس

سوڍوف، سي. ٿامس

سوڍوف سي ٿامس

سوڍوف، سي. ٿامس: 2013ع جو نوبل انعام يافتہ جرمن سائنسدان. امريڪا ۽ جرمنيءَ جي ٽن سائنسدانن: ٿامس سي. سوڍوف، جيمس آر. راٿمئن ۽ رينڊي ڊبليو شِڪمئن جي ٽيم کي 2013ع جو ميڊيسن (طب ۽ نفسيات) جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي. سندن طرفان جسم جي اندر خلين/ جيوگهرڙن جي منتقليءَ واري نظام بابت کوجنا (Discoveries of machinery regulating vesicles traffic, a major transport system in human cells) سان ماڻهوءَ جي مدافعتي نظام جي خرابين، زيابيطس ۽ ٻين بيمارين جي علاج ۾ وڏي هٿي ملندي. ان ڪري کين اهو انعام ڏنو ويو آهي. ٿامس سوڍوف، 22 ڊسمبر 1955ع ۾ جرمنيءَ جي شھر گوئٽنجن (Goettingen) ۾ ڄائو. پاڻ هن وقت امريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. هن کوجنا کان اڳ ۾ 1990ع ۾ هن اهو معلوم ڪيو تہ خلين ۾ سگنلن (پيغام رسائيءَ) جو جيڪو نظام آهي، جنهن تحت دمـاغ کـي فوراً ڪــو اطـلاع مـلـي ٿـو تہ اهـو ڪيـئن ردعـمـل ۾ ڪي جـزا (vesicles) خارج ٿو ڪري. هن جي خاص دلچسپي تنتي خلين (nerve cells) جي پاڻ ۾ رابطي واري نظام ۾ هئي. پنھنجي ساٿين سان گڏجي هن انهيءَ تحقيق کي اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار نوبل انعام حاصل ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.22  عيسوي

ٿامس سوڍوف، 22 ڊسمبر 1955ع ۾ جرمنيءَ جي شهر گوئٽنجن (Goettingen) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد صادق ڊاڪٽر سيال
غلام سرور عباسي
فقير محمد خان جوڻيجو
سيد غلام حيدر شاھہ1
پير ڇٽو
جڳديش لڇاڻي
بخش علي جتوئي
قاضي شڪر ﷲ شيرازي
پير فدا محي الدين سرهندي
ارباب فيض محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون