سياسي پناهه: ’سياسي پناهه‘ هڪ عمل جو نالو آهي، جنهن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Political Asylum’ چئبو آهي. هن عمل وسيلي ڪا به رياست ڪنهن اهڙي فرد کي پناهه ڏيندي آهي، جيڪو پنهنجن سياسي روين يا نظرين جي ڪري پنهنجي آبائي رياست جي عتاب هيٺ آيل هجي يا کيس پنهنجي موقف جي ڪري رياست طرفان سزا ملڻ جو ڊپ هجي. آڳاٽي وقت ۾ بين الاقوامي سياست جي حوالي سان هي عمل گهڻو پيچيدو رهيو، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه مختلف رياستن جي قومي مفادن سان لاڳاپيل هوندي هئي، جنهنڪري رياستن جي وچ ۾ ڪيترن موقعن تي ناراضگيون به پيدا ٿيون.
سماجي سائنسدان ’اوڪونيل‘ مطابق سياسي پناهه بابت ’هيومن رائٽس ڪميشن‘ جي راءِ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ قبول نه ڪيو آهي، ڇو ته عالمي لاڳاپن ۽ جنگي حالتن ۾ ’سياسي پناهه جو تصور‘ مونجهاري جو باعث بڻجي ٿو. ان ڪري ’سياسي پناهه‘ جي حقن بابت گڏيل قومن جي پڌرنامي کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان مڃتا نه ملي سگهي آهي. ان ڪري دنيا جي ملڪن ۾ سياسي پناهه لاءِ قانون جُڙي نه سگهيا آهن، جنهنڪري ٻين ملڪن ۾ ’پناهه وٺندڙ فردن‘ جي معاملن جو انفرادي حيثيت ۾ جائزو وٺڻ کان پوءِ سندن درخواستن تي مختلف فيصلا ڪيا ويندا آهن.
1960ع ڌاري گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ’پناهه جي حقن‘ جي حوالي سان هڪ ڌار پڌرنامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سياسي پناهه گهرندڙ ڪنهن به شخص جي حمايت ڪندي واضح ڪيو هو ته ”ڪابه رياست سياسي پناهه وٺندڙ کي جيستائين پنهنجي رياست ۽ قومي مفادن يا عوامي تحفظ لاءِ خطرو نٿي سمجهي، ان وقت تائين اها رياست کيس سياسي پناهه ڏيڻ واري ذميواريءَ لاءِ پابند آهي ۽ سياسي پناهه وٺندڙ لاءِ ضروري آهي ته هُو جنهن ملڪ ۾ پناهه وٺي ٿو، اُن کي ڪنهن به حوالي سان نقصان نه رسائيندو ۽ ڪي به غير قانوني سرگرميون نه ڪندو.“
دنيا ۾ پهريان ڪهڙي فرد کي ڪڏهن سياسي پناهه ملي، ان بابت تاريخ مان ڪا آگاهي نه ٿي ملي، پر ’سياسي پناهه‘ جو اصطلاح ’سرد جنگ‘ دوران تمام گهڻو ڪتب آندو ويو. سوويت بلاڪ سان لاڳاپيل ملڪن جي شهرين سياسي اختلافن جي بنياد تي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي آمريڪا ۽ اولهه يورپ ڏانهن رخ ڪيو، تڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، جڏهن ته سفارتڪاريءَ ۾ هيءُ اصطلاح، ڪنهن به رياست جي شهريءَ کي سفارتخاني جي حدن ۾ سياسي پناهه ڏيڻ واري عمل لاءِ به استعمال ٿيندو آيو. هي سياسي پناهه سياستدانن توڙي اديبن طرفان ورتي ويندي آهي.