سيد صدرالدين شاهه

سيد صدرالدين شاهه

سيد صدرالدين شاهه

سيد صدرالدين شاهه: نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاهه، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو. شروعاتي ديني تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ پرائمري جا چار درجا به پڙهيو. ان کانپوءِ عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. پاڻ درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عبدالستار ثانيءَ جو دست بيعت ٿيو. نهايت عابد، زاهد، نماز، روزي ۽ تهجد جو پابند هو. تجل شريف جي مسجد ۾ امامت ڪندو هو. سلام الله شاهه جي تڪيي تي وچينءَ جي نماز کان پوءِ مراقبي ۾ ويهندو هو. ان کانسواءِ حڪمت به ڪندو هو. حڪيم شمس الدين جي دواخاني تي طب جي سکيا ورتائين. سندس طبي خدمتون مشهور آهن. سٺو شاعر به هو. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي، حمد، نعت، منقنت، قصيدا، نوحا، ڪافيون ۽ غزل چيائين. پنجتن ۽ 12 امامن سان گهڻي عقيدت رکندو هو. آخري وقت ۾ کيس فالج ٿيو ۽ هن 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام الله شاهه جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.


لفظ سيد صدرالدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.25  عيسوي

نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاهه، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو.


2003.01.25  عيسوي

سيد صدرالدين شاهه 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام الله شاهه جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر چولياڻي
خير شاهه 1
باغي حليم
اڪبر ساگر
در محمد فقير
چڱو جت
راءِ بهادر سيٺ وشنداس
علي محمد ساغر سيوهاڻي
عراقي فخرالدين شيخ
ناشاد رضوان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون