سيدي علي رئيس جو ڪتاب ’مراءت الممالڪ

سيدي علي رئيس جو ڪتاب ’مراءت الممالڪ

سيدي علي رئيس

سيدي علي رئيس: مشهور جهازران ۽ سياح سيدي علي رئيس جو خاندان درياهي جهازرانيءَ جو اڳواڻ ۽ ان فن ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. هن جي والد جو نالو سيدي حسين رئيس هو. هي عثماني خليفي سليمان ثانيءَ جي دؤر ۾، 1553ع ۾ ترڪيءَ جي بحريه ۾ شامل ٿيو. عدن ۽ مسقط جي سامونڊي ڪنارن تي پرتگالي جهازن جي موجودگيءَ جو ٻڌي، سلطان سليمان پيري بڪ جي ڪمان ۾ بحري ٻيڙا موڪليا. ان بعد قسطنطنيه مان مراد بڪ کي مسقط موڪليو ويو. ليڪن هرمز وٽ پرتگالي ٻيڙن جي حملن ۾ ترڪ ٻيڙا ناس ٿي ويا. جڏهن هيءَ خبر ترڪ دارالخلافه پهتي، تڏهن وڏي ڳڻتي پيدا ٿي. مصر ۾ موجود ترڪ ٻيڙي جي ڪمان سيدي علي رئيس جي حوالي ڪندي، کيس حڪم ڏنو ويو ته هو جلد از جلد ٻيڙي جي سرواڻي ڪري. ان پس منظر ۾ هي صاحب ڊسمبر 1553ع ۾ حلب مان روانو ٿيو ۽ فبروري 1554ع ۾ بصري پهچي ويو. ٻيڙي جي مرمت ڪرائي بصرو ڇڏي چاليهن ڏينهن جي سفر کانپوءِ جاوا پهتو. جاوا جي ڪناري سان پورچوگيزن جي ٻيڙي سان هن جو تصادم ٿيو. زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ سيدي علي رئيس فاتح ٿيو. هو بعد ۾ مسقط پهتو، جتي وري به پورچوگيزن سان سندس ٽڪر ٿيو. ٻنهي ڌرين جو گهڻو نقصان ٿيو. آوارگيءَ جي حالت ۾ ترڪي ٻيڙو مسقط، گوادر ۽ شاربار (ايران) جي وچ ۾ ڀٽڪندو رهيو. گوادر کان يمن ويندي ان کي ناموافق آبهوا سان منهن ڏيڻو پيو. ان ريت اهو سندس ٻيڙو ٿيڙ کائيندو پرتگالي ٻيٽ ڊيو (Dev) پهتو. ترڪ ٻيڙو پوءِ گجرات جي ڪناري تي پهتو. جتي پهچندي هڪ ڪُن ۾ ڦاسي پيو، جنهن ۾ سندن ڪيئي جهاز غرق ٿي ويا. ان بعد ٿڙي ٿاڦڙي وري هڪ ٻئي پرتگالي بندر دَمن تي پهتا. چوماسو شروع ٿي چڪو هو، جنهنڪري ترڪ ٻيڙو ان جي گهيري ۾ اچي ويو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي سيدي علي رئيس پنهنجو سمورو سامان، دمن جي حاڪم ملڪ اسد کي ڏئي بصري پهتو ۽ پوءِ سورت بندر آيو. گجرات جي هن شهر ۾ پهتو ته مسلمانن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. ماڻهن کيس چيو ته اسان گهڻي وقت کان عثماني ٻيڙي جي انتظار ۾ هئاسين ته جيئن اهو اسان کي ڪافرن (پورچوگيزن) کان نجات ڏياري. سلطنت گجرات ۾ ان وقت سياسي انتشار هو. سلطان احمد ثالث
(1554ع-1561ع) ننڍيءَ عمر ۾ حاڪم بنيو هو. سندس وزير ناصرالملڪ بغاوت ڪري، پورچوگيزن کان مدد وٺي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي چڪر ۾ هو. ٻئي طرف سلطان احمد هن ڏس ۾ سيدي علي رئيس کان مدد گهري. ناصر الملڪ ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت سيدي عليءَ کي قتل ڪرائجي. اتفاق سان ناصر الملڪ ٿوري عرصي ۾ فوت ٿيو، ان ڪري سلطان احمد جي مٿي جو سُور لهي ويو. علي رئيس جي ڳچ ماڻهن گجرات ۾ ملازمت ورتي. ڪي ماڻهو وري مختلف بهانن سان کانئس جدا ٿي ويا. ان پسمنظر ۾ علي رئيس ٻيڙي جي نئين تشڪيل جو ارادو ختم ڪيو. نومبر 1554ع ۾ گجرات کي خدا حافظ چئي بلوترا (جوڌپور) پهتو، جتان چمپانير، محمودآباد ۽ پوءِ احمدآباد آيو. گجرات جي تختگاهه احمد آباد ۾ هن سلطان احمد ۽ سندس وزير عمدة الملڪ سان ملاقات ڪئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ موڪل وٺي، علي رئيس جنوري 1555ع ۾ سنڌ جي شهر پارڪر پهتو. سنڌ جا مختلف شهر ڏسندو هُو ٺٽي پهتو. سنڌ کانپوءِ هندستان، افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذربائيجان کان ٿيندو 1557ع ۾ بغداد پهتو. هتان کان ترڪيءَ جي گاديءَ جي هنڌ قسطنطنيه آيو، جتي سلطاني ملازمت ڪندي 1574ع ۾ وفات ڪيائين. سيدي علي رئيس ترڪي ٻوليءَ ۾ چار ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ’مراءت الممالڪ‘ نالي سان آهي. هي هڪ سفرنامو آهي، جنهن ۾ مصنف پنهنجي زندگيءَ جي چئن سالن (1553ع-1556ع) جي تجربن ۽ سير سفر جو احوال لکيو آهي. هن هي ڪتاب 1556ع ۾ لکي سلطان سليمان کي پيش ڪيو هو. ترڪ حاڪم کيس هي ڪتاب لکڻ تي گهڻا انعام اڪرام ڏنا. هي ڪتاب ترڪيءَ کان سواءِ ترجمي جي صورت ۾ دنيا جي ڳچ ٻولين ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ 15 باب آهن. باب ستين ۾ سنڌ جو ذڪر آهي، جڏهن ته باب اٺون هندستان جي باري ۾ آهي.
سيدي علي رئيس سنڌ ۾ پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن (20 ربيع الاول کان 15 شعبان 962هه تائين) رهيو، جيڪو عيسوي حساب سان سن 1555ع ٿئي ٿو. علي رئيس سنڌ بابت لکيل پنهنجي باب ۾ ڪافي دلچسپ ۽ ڪي قدر بنهه نئين معلومات ڏني آهي. اهڙي ڄاڻ اُن دؤر ۾ سنڌ بابت لکيل ڪتابن ۾ به نه ٿي ملي. علي رئيس جي سفرنامي ۾ سنڌ جي مکيه شهرن پارڪر، وڳهه ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ (نصرت آبادٺٽي، نصرپور، جوڻ، فتح باغ، سيوهڻ ۽ بکر توڙي اُچ جو احوال ملي ٿو. سيد علي رئيس جڏهن ٺٽي پهتو هو، تڏهن مرزا عيسيٰ ۽ شاهه حسن ارغون ۾ ويڙهه هلندڙ هئي. سموري خون خرابيءَ جو سيدي علي رئيس اکين ڏٺو شاهد هو. سنڌ اندر امن امان جي خراب حالتن ۽ مختلف قبيلن جي باري ۾ پڻ هي سفرنامو مواد فراهم ڪري ٿو. ٺٽي ۾ رهندي هن ترڪ سياح، حاڪمن ۽ اميرن کان سواءِ عالمن ۽ استادن سان به ملاقاتون ڪيون. ان ڏس ۾ هو شيخ عبدالوهاب پورانيءَ سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو. شيخ ميرڪ محمود ٺٽي جو شيخ الاسلام انهن ڏينهن ۾ (962هه) فوت ٿيو هو. گمان غالب آهي ته هو دُعا لاءِ سندس ڀائٽي ميرڪ عبدالوهاب سان مليو هجي. هن ترڪ سياح، مڪليءَ جو سير به ڪيو، جتي شيخ حماد جمالي ۽ ميرڪ محمود جي مزارن تي به ويو. شاهه حسن ارغون جي وفات ۽ مرزا عيسيٰ تر خان جو حاڪم ٿيڻ، اهي واقعا سندس اکين آڏو ٿيا هئا. مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا صالح سان به هن جي ملاقات ٿي هئي. هي بکر ۾ سلطان محمود جو مهمان ٿيو ۽ پوءِ اچ کان ٿيندو، هندستان هليو ويو. سيدي علي رئيس واحد مصنف آهي، جنهن لکيو آهي ته مرزا شاهه حسن ارغون کي سندس زال حاجي بيگم زهر ڏئي مارايو هو. حاجي بيگم اڳتي هلي مرزا عيسيٰ ترخان سان شادي ڪئي. هي معلومات ان دؤر جي ڪنهن به سنڌي مؤرخ نه ڏني آهي.
اين. ايم. بليموريا، سنڌ جو پهريون اسڪالر آهي، جنهن ’مراءت الممالڪ‘ جو مطالعو ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ بابت ڏنل مواد جي اپٽار ڪئي (حوالو: جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، مارچ 1937ع). ان بعد سنڌ جي ممتاز مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ، سيدي علي رئيس، سندس ڪتاب ۽ ان ۾ سنڌ بابت ڏنل مواد کي، بهتر انداز سان هڪ مضمون جي صورت ۾ پيش ڪيو. راشدي مرحوم جو اهو مضمون رسالي ’مهراڻ‘ (نمبر 1، سال 1971ع) ۾ ’ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ‘ عنوان سان ڇپيو هو، بعد ۾ هي مضمون راشدي صاحب جي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ به شامل ڪيو ويو. هي ڪتاب انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي، سال 1981ع ۾ شايع ڪيو.


لفظ سيدي علي رئيسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو