سيد حاجي محمد حافظ شاھہ

سيد حاجي محمد حافظ شاھہ: حافظ شاھہ'>سيد حاجي محمد حافظ شاھہ، سيد الھہ بخش شاھہ جو چوٿون نمبر فرزند، علامہ سيد اسدالله شاھہ حسينيءَ جو ڀاءُ، 20 شوال المڪرم 1287ھہ مطابق 13 جنوري 1871ع تي اڳينءَ ٽکڙ (موجودہ ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ ۾، حافظ يوسف جي مڪتب ۾ پڙهڻ ويهاريو ويو، جتي قرآن ڪريم جي پڙهڻ سان گڏ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ بہ چڱي مهارت حاصل ڪيائين ۽ عربي ’سراجي‘ تائين پڙهيو.
سيد حاجي محمد حافظ شاھہ، طريقت ۾ خواجہ عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿيو. خواجہ صاحب بہ مٿس مهربان هوندو هو. ساڻس گڏ ڪيترا ڀيرا ڪوئيٽا، ڪابل ۽ قنڌار جي سفر تي بہ ويو. حافظ شاھہ جيتوڻيڪ نقشبندي هو، پر راڳ کي روح جي غذا سمجهندو هو. سندس اوطاق تي هميشہ راڳيندڙن، نڙاين ۽ بانسرين وارن جو ميڙ رهندو هو. ڏور بيت چوندڙ سگهڙ ۽ سچيت ماڻهو هميشہ سندس ڪچهريءَ ۾ رهندا هئا. سيد صاحب نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پائيندو هو. خوشبوءِ لڳائڻ سان خاص شوق هوندو هئس. خوش خلق، رلڻو ملڻو ۽ خوش طبع شخص هو. هن ٽکڙ ۾ راندين کي زور وٺايو. اٽي ڏڪر، ونجهہ وٽي ۽ وڏ ڪٻل جا مقابلا ڪرائيندو هو.
ماڻهن جو هڏ ڏوکي هو. جڏهن ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون تہ سيد حافظ شاھہ، لٺ هٿ ۾ کڻي هر ڪنهن غريب جي گهر وڃي سندس خبرگيري ڪندو هو.
حافظ حامد کانپوءِ حافظ شاھہ'>سيد حاجي محمد حافظ شاھہ اهو شاعر هو، جنهن جي ڪلام ۾ سوز ۽ درد هوندو هو. چون ٿا تہ حافظ شاھہ جي شاعريءَ جي شروعات ائين ٿي، جو هڪ ڏينهن سير ۽ تفريح ڪندي، ’جوڻ واھہ‘ جي ڪپ تي اچي نڪتو ۽ اتي هڪ دوشيزہ نازنين ڪپڙن ڌوئندي سندس دل کي ڌتاري ورتو. تنهن کانپوءِ سڄڻ جي سڪ ۾ روئندو رهيو، برھہ ڀڙڪو کاڌو ۽ ان عشق ۾ سڪون ۽ چين وڃائي ويٺو. ڪنهن همدرد جي صلاح سان پنھنجي عشق جو احوال پنھنجي پير طريقت سان اوريائين، جنهن کيس دعا ڪئي ۽ سندس درد ۽ سوز شعر جي صورت اختيار ڪئي. غزل جي ڀيٽ ۾ مداحون ۽ ڪافيون جام لکيائين.
محمد حافظ شاھہ سان موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي گڏ هوندا هئا. پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ کين ياد ڪرائيندو ويندو هو. ڪافيون اول پاڻ سُر سان چوندو هو، پوءِ فقير چوندا هئا. سندس ڪافيون ٽکڙ جي ننڍي وڏي جي زبان زدعام هونديون هيون. عشاء جي نمازکان پوءِ سندس اوطاق تي محفل مچندي هئي.
حافظ شاھہ عوامي شاعر هو. حافظ شاھہ جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. سندس ڪلام عام فھم ۽ سليس آهي. سندس اڪثر ڪلام گم ٿي ويو، پر سندس هٿ آيل ڪلام ’پيام غمگسار‘ جي عنوان سان ڊسمبر 1954ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
حافظ شاھہ، 5 صفر 1337ھہ/ 10 نومبر 1918ع تي وفات ڪئي. کيس حضرت خواجہ عبدالرحمان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد حاجي محمد حافظ شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1871.01.13  عيسوي

سيد حاجي محمد حافظ شاهه، سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند، علامه سيد اسدالله شاهه حسينيءَ جو ڀاءُ، 20 شوال المڪرم 1287هه مطابق 13 جنوري 1871ع تي اڳينءَ ٽکڙ (موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو.


1918.11.10  عيسوي

حافظ شاهه، 5 صفر 1337هه/ 10 نومبر 1918ع تي وفات ڪئي. کيس حضرت خواجه عبدالرحمان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طاهر محمد نسياني مير
شاھہ محمد دودائي
جمن شاھہ جيلاني
جيلاني ولايت شاھہ سيد
راورٽي ميجر هينري جارج
خير محمد لغاري
سيد پير محمد شاھہ
آسودارام سَنت
غلام نبي مگسي
پيرزادو غوث محمد گوهر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون