سيد حيدر شاھہ اجناڻي

سيد حـيـدر شاھہ اجناڻي: سيد حيدر شاھہ اجناڻيءَ جي ولادت 15 ڊسمبر 1917ع تي ٿي. سندس والد بزرگوار سيد مٺن شاھہ نهايت نيڪ، عابد ۽ باشرع بزرگ هو ۽ پنھنجي حلقهء احباب ۾ امين مشھور هو. سندس شفقت پدريءَ مان گهڻو ڪجهہ پرايائين. سندس شجره نسب، حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان ٿيندو حضرت علي عليہ والسلام سان ملي ٿو. علم و ادب سان چاھہ کيس خانداني ورثي ۾ مليو. 15 سالن جي عمر ۾ ’رشيده‘ عنوان سان افسانو لکيائين. هڪ ڪتاب ’زميندار‘ بہ لکيائين ۽ ’عظيم ترين افڪار‘ نالي ڪتاب ترتيب ڏنائين. سب جج جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين ۽ سيشن جج جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. نهايت جوش ۽ خوش اخلاق ۽ شيرين گفتار شخص ۽ سٺو شاعر هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو، طالب الموليٰ اڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.15  عيسوي

سيد حيدر شاهه اجناڻيءَ جي ولادت 15 ڊسمبر 1917ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جامعي محمد سرور پروفيسر
قاضي عبدالرسول
روشن علي خان ٻوڌراڻي
قاضي نذير پروفيسر
راهب فقير
جلال الدين سيوطي
ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
عبدالرزاق چانڊيو
انور
الطاف سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون