سيد شاهه محمد شاهه

سيد شاهه محمد شاهه

سيد شاھہ محمد شاھہ

سيد شاھہ محمد شاھہ: تعليمي ماهر، اديب ۽ شاعر سيد شاھہ محمد ولد ارباب علي شاھہ 15 ڊسمبر 1917ع تي ڳوٺ هنڱوري، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو محب شاھہ وقت جو وڏو ڪامل ولي هو. سندس والد بہ عربي ۽ فارسيءَ ۾ شعر گوئي ڪندو هو، حافظ شيرازيءَ جي شاعري کيس اڪثر ياد هئي. شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ پرائمري تعليم ڳوٺ مان وٺي، ثانوي تعليم سکر مان حاصل ڪئي. علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي جي سند امتيازي نمبرن سان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ايم.اي فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ شڪارپور ۽ سکر ضلعي ۾ هيڊماستر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هو سماجي ۽ سياسي ڪارڪن بہ هو، خاڪسار تحريڪ ۾ بہ سندس نمايان خدمتون رهيون. سندس خانداني لڳ لاڳاپا جي. ايم. سيد وارن سان بہ رهيا. هن لائبريري بہ قائم ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ناياب قلمي نسخا ۽ قرآن پاڪ موجود آهن. گهوٽڪيءَ ۾ ملازمت دوران ذاتي ڪوشش وٺي اتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج قائم ڪرايائين، جنهن جو پهريون پرنسپال پاڻ ٿيو. شاھہ صاحب اسڪول انسپيڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بہ ٿي رهيو. آگسٽ 1961 کان آڪٽوبر 1962ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري بہ مقرر رهيو. ڪيترو عرصي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر ۽ حيدرآباد تعليمي بورڊ جو اڪئڊمڪ رڪن رهيو.
سيد شاھہ محمد شاھہ اعلى پايي جو شاعر، اديب ۽ نقاد هو. غزل، نظم، مثنوي ۽ قطعات تي خاص غلبو حاصل هئس. شاعريءَ ۾ ’شاد‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس اولاد مان سيد نور احمد شاھہ، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ٻيو فرزند احمد علي شاھہ ڊاڪٽر آهي.


لفظ سيد شاھہ محمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.15  عيسوي

تعليمي ماهر، اديب ۽ شاعر سيد شاهه محمد ولد ارباب علي شاهه 15 ڊسمبر 1917ع تي ڳوٺ هنڱوري، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شان الحق حقي
شاھہ محمد گاڏهي
ديوان ننديرام
شير مھراڻي، ڊاڪٽر
حميد ڀٽو
حجاب امتياز علي
پريتم ورياڻي
شمس الدين قريشي
خواجہ شمس الدين
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون