سيد شفقت حسين موسوي: سيد شفقت حسين موسوي ولد سيد عطا حسين موسوي 25 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ جي قديم شھر روهڙي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙي مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1946ع ۾ چيلاسنگهہ ائنڊ سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ 1943ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري قانون جي سند حاصل ڪيائين. قانون جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقاعدي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ پنھنجي وقت جو ناميارو قانوندان ثابت ٿيو.
شاھہ صاحب 1953ع ۾ ملڪ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ سال روهڙيءَ جي تڪ تان بنا مقابلي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ دوران پاڻ پنھنجي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري ان وقت سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالستار پيرزادي جو پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان کان پوءِ شاھہ صاحب 1956ع ۾ پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. سيد شفقت حسين موسوي نہ صرف قانون ۽ سياست جي ميدان ۾ پاڻ موکيو، پر ان سان گڏ تعليمي ميدان ۾ پڻ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ٻہ ڀيرا ميمبر چونڊيو. سکر جي اسلاميہ ڪاليج ۽ اورينٽئل ڪاليج جي بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو ۽ انهيءَ دوران ٻنهي ڪاليجن جي ترقيءَ، فلاح ۽ بھبود لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ان کان سواءِ سکر جي ريڊ ڪراس، فيملي پلاننگ ڪميشن، مهراڻ ڪلچر ايسوسيئشن ۽ روهڙيءَ جي آر. ڊي چنديرام ويم گهر جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو.
شاھہ صاحب راندين ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ بہ حصو ورتو ۽ انهن ڪاميٽين جو پاڻ ڪڏهن صدر تہ ڪڏهن سيڪريٽري ٿي رهيو. هن سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين سان گڏ، علم ادب جي طرف بہ توجھہ ڏنو. ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون لکيائين، جيڪي وقت بوقت ان دور جي ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
سيد شفقت حسين شاھہ، 18 جمادي الاول 1378ھہ بمطابق 30 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي.
1924.12.25 عيسوي
سيد شفقت حسين موسوي ولد سيد عطا حسين موسوي 25 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ جي قديم شهر روهڙي ۾ ڄائو.
1958.11.30 عيسوي
سيد شفقت حسين شاهه، 18 جمادي الاول 1378هه بمطابق 30 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي.