سيد عبدالرحمان شاهه اظهر

سيد عبدالرحمان شاهه ’اظهر‘: سيد عبدالرحمان شاهه ولد جان محمد شاهه 12 ڊسمبر 1931ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پياري ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪيائين. بي. اي ۽ ايم. اي به سنڌ يـونيـورسٽيءَ مان پـاس ڪـيائين. ’اظهر‘ شـاعـر ۽ اديب آهي. شهيد مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد صوفي تي سندس مقالا لکيل آهن.
سيد عبدالرحمٰن شاهه انجمن مخدوم بلاول جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڳوٺ سڌار سنگت پيارو اسٽيشن جو سرپرستِ اعلى به آهي. سندس مشغلو پڙهڻ پڙهائڻ آهي. ٽيچرس ٽريننگ اسڪول دادوءَ ۾ استادن کي تربيت ڏيندو هو. اهو سلسلو ساندهه ڪيترا سال جاري رکيائين. سندس رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ هزارين استاد ٽريننگ وٺي چڪا آهن. اڄ تائين اهي استاد، جيڪي هن ڪاليج مان پڙهي نڪتا، سي سندس عزت ۽ احترام ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.12.12  عيسوي

سيد عبدالرحمان شاهه ولد جان محمد شاهه 12 ڊسمبر 1931ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنجل مير بحر
حمزه علوي
پنهور منظور علي خان
ديبلي ابو موسيٰ
زيب النساء
ساقي عبداللطيف
ڀائي خان
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
دلو راءِ
ڄام آري:
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون