سيد عبدالرحمان شاھہ اظهر

سيد عبدالرحمان شاھہ ’اظهر‘: سيد عبدالرحمان شاھہ ولد جان محمد شاھہ 12 ڊسمبر 1931ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پياري ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪيائين. بي. اي ۽ ايم. اي بہ سنڌ يـونيـورسٽيءَ مان پـاس ڪـيائين. ’اظهر‘ شـاعـر ۽ اديب آهي. شھيد مخدوم بلاول ۽ شاھہ عنايت شھيد صوفي تي سندس مقالا لکيل آهن.
سيد عبدالرحمٰن شاھہ انجمن مخدوم بلاول جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڳوٺ سڌار سنگت پيارو اسٽيشن جو سرپرستِ اعلى بہ آهي. سندس مشغلو پڙهڻ پڙهائڻ آهي. ٽيچرس ٽريننگ اسڪول دادوءَ ۾ استادن کي تربيت ڏيندو هو. اهو سلسلو ساندھہ ڪيترا سال جاري رکيائين. سندس رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ هزارين استاد ٽريننگ وٺي چڪا آهن. اڄ تائين اهي استاد، جيڪي هن ڪاليج مان پڙهي نڪتا، سي سندس عزت ۽ احترام ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.12.12  عيسوي

سيد عبدالرحمان شاهه ولد جان محمد شاهه 12 ڊسمبر 1931ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ سوديشي هوزرِي مل
جواهر لال گنگاراماڻي
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
شاهاڻي صاحب سنگهه
عرفان مهدي
خامنائي سيد علي حسيني
پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو
عثمان مري حاجي
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ
قيصر خان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون