سيد غلام حيدر شاھہ 2

سيد غلام حيدر شاھہ2: سيد غلام حيدر شاھہ، نوابشاھہ جي مشھور زميندار ۽ سياستدان نواب شاھہ جو فرزند هو، جنهن نوابشاھہ، موجودہ نوابشاھہ شھر جي قيام ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر لاءِ پنهنجون زمينون ۽ جائدادون ڏنيون هيون. سيد غلام حيدر شاھہ جو ڀاءُ ٻڍل شاھہ بہ اثر رسوخ وارو زميندار ۽ سياستدان هو. هي مٽياروي سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان آهن. هي ٻئي ڀائر ننڍا ئي هئا تہ سندن والد نواب شاھہ 1904ع ۾ گذاري ويو. ان زماني ۾ نواب شاھہ طرف جون زمينون اڃا پوريءَ طرح آباد نہ ٿيون هيون، پوءِ سدا واھہ ۽ ناري واھہ نڪرڻ ڪري هي خطو سرسبز ٿيو ۽ سندن ملڪيت، زمينون ۽ پيدائش بہ وڌي وئي. ميان غلام حيدر شاھہ، پنھنجي وڏي ڀاءُ ٻڍل شاھہ (وفات: 22 جنوري 1942ع) کان پوءِ راڄ ڀاڳ سان منهن ڏيڻ لڳو. هٿ جو پڪو ۽ ڪفايت شعار هو. ملڪيت گهڻي وڌائي ويو. ميان ٻڍل شاھہ جهڙو اثر پيدا نہ ڪري سگهيو، پر پوءِ بہ ڏيئو ٻاريو ويٺو هو.
غلام حيدر شاھہ، نواب شاھہ ميونسپالٽيءَ ۽ تعلقي لوڪلبورڊ نواب شاھہ جو صدر رهيو. نواب شاھہ ميونسپالٽيءَ جو پهريون ڀيرو 13 آگسٽ 1947ع کان 10 آڪٽوبر 1949ع تائين، ۽ ٻيو ڀيرو 21 ڊسمبر 1952ع کان 20 ڊسمبر 1957ع تائين صدر رهيو. سندس دوستيون ۽ لاڳاپا، گهڻو ڪري ساڳين ماڻهن سان رهيا، جن سان سندس والد ۽ ڀاءُ جا لاڳاپا هئا. 1953ع کان وٺي ونيونٽ ٺھڻ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 11 فبروري 1963ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو