سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ: ميرڪ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه، 24 ڊسمبر 1920ع تي سکر پراڻيءَ ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ هيڊماستر ٿي رٽائر ٿيو. هي فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ تصوف، علم ادب ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي رکندو هو. هن وٽ پنهنجي خاندان جا ڪيترائي ناياب قلمي نسخا شجرا ۽ ٻيو قيمتي مواد موجود هو، جنهن جي آڌار تي ’تاريخ موسوي سادات‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ڪيائين. آزاد طبع ۽ صوفي خيالن جو ماڻهو هو.
هي ڪلاسيڪي موسيقي توڙي سنڌ جي روايتي راڳ جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. سيد منور علي شاهه معصوميءَ کان ڪجهه وقت راڳ جي فن جي سکيا حاصل ڪيائين. هن آخر ۾ پنهنجي خاندان جي بزرگن جي ناراضگيءَ جي ڪري ڳائڻ وڄائڻ ڇڏي ڏنو. سير ۽ سياحت جو شوقين هو. ننڍي کنڊ جي اڪثر اوليائن جي درگاهن جون زيارتون ڪيون هئائين. هن ’تذڪره پوراني سادات‘ لکڻ وقت سيد حسام الدين راشديءَ کان ڪافي مواد گڏ ڪيو هو. سنڌ جي مشهور مؤرخ رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ سان به سندس سٺا تعلقات قائم هئا ۽ کيس موسوي سادات جي مختصر تاريخ لکڻ وقت پڻ مواد ڏنو هئائين.
هن 28 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.
1920.12.24 عيسوي
ميرڪ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد غلام رسول شاهه، 24 ڊسمبر 1920ع تي سکر پراڻيءَ ۾ ڄائو.
1991.12.28 عيسوي
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ 28 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.