
سيد غلام مصطفيٰ شاهه

سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي هڪ انگريزي ڪتاب جو عڪس

سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ آسڪوپارپولا، علمي بحث مباحثي ۾ مصروف

سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي هڪ انگريزي ڪتاب جو عڪس
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ: سيد غلام مصطفيٰ شاھہ سنڌ جو ناميارو تعليمدان ۽ اسڪالر ٿي گذريو آهي، جنهن جي زندگيءَ تي افسوس تہ گهٽ لکيو ويو آهي. سائين جي. ايم. سيد پنهنجن همعصر دوستن ۽ رفيقن بابت لکيل ڪتاب ’جنب گذاريم جن سـيـن‘ (ٻہ جلد: 1967ع) ۾ بہ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ بابت احوال درج نہ ڪري سگهيو هو. ڏھہ سال پوءِ 1977ع ۾ جي. ايم. سيد اديبن ۽ عالمن جي کيس لکيل خـطـن جو ڪتاب ’اڄ پڻ چـڪـيـم چاڪ‘ ڇپرايو، جنهن ۾ هن سـيـد غلام مصطفيٰ شاھہ جي نون (09) خطن سان گڏ سندس احوال ڏيندي لکيو آهي تہ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ڪراچي ضلعي (جيڪو پوءِ ٺٽو ضلعو ٿيو) جو ويٺل آهي. سنڌ جي مکيہ مخير شخص سيد عبدالرحيم شاھہ سجاول واري جي ڀيڻ جي اولاد مان آهي. تعليمي ماهر آهي. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جو شاگرد، سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال، ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ ۽ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ٿي رهيو آهي. قومي خيال رکڻ ڪري هن گهڻو ئي سَٺو آهي. سندس مون سان، شاھہ صاحب (سيد عبدالرحيم شاھہ) جي ڪري گهاٽا تعلقات رهيا. منهنجيءَ سنگت جي ڪري، اڳ ۾ سرڪار مٿس ڪاوڙيل هئي. انهن کي وڌيڪ ڪاوڙجڻ جو موقعو نہ ڏيڻ جي خيال کان مون سندس احوال ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ڪو نہ ڏنو. پر پاڪستان جي سرڪارن کي مون سان ازلي وير هو، ان ڪري پوءِ بہ هن تي نوازشون ڪندا رهيا ۽ آخر کيس مجبور ڪري ڪڍي ڇڏيائون!“
جي. ايم. سيد جي هن وضاحت مان سنڌ جي هن محب وطن شخصيت بابت گهڻو ڪجهہ معلوم ٿئي ٿو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي اڳوڻي پرنسپال محمد علي شيخ پنھنجي هڪ انگريزي ڪتاب ‘Luminaries of the Land’ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي زندگي، تعليمي ۽ علمي خدمتن بابت لکيو آهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ سجاول جي زميندار سادات خاندان ۾، 18 آڪٽوبر 1918ع تي سيد غلام علي شاھہ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. مروج پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. ان بعد سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1937ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هي امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ورتو هو، جنهن ۾ سموريءَ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. کيس بمبئي يونيورسٽيءَ، اُن ڪاميابيءَ تي اسڪالرشپ ڏني. بعد ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتان 1939ع ۾ انٽرميڊيٽ (سائنس) امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ عليڳڙھہ ويو ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ مان 1941ع ۾ گرئجوئيشن ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن ماڻيائين. ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان 1943ع ۾ غلام مصطفيٰ شاھہ، علم سياسيات ۾ ايم. اي ڪئي، ۽ ساڳئي وقت قانون (L. L. B) جي ڊگري بہ ورتي. ان دؤر ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي سعيي سان، ڪراچي شھر ۾ سنڌ مسلم ڪاليج جو بنياد رکيو ويو. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ کي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. قيام پاڪستان کان هڪ سال اڳ، سال 1946ع ۾ هندستان سرڪار شاھہ صاحب کي تحقيق ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏئي لنڊن موڪليو، جتي ٻہ سال ڊرهم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو ۽ ايم. ايڊ جي ڊگري وٺي وطن موٽي آيو. واپسيءَ تي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد (ڪاري موري) ۾ پروفيسر ٿيو، پر کيس سنڌ مدرسي جي خدمت جي شوق ڊيپوٽيشن وٺڻ تي مجبور ڪيو. 1950ع ۾ سرڪار کان ڊيپوٽيشن وٺي ڪراچيءَ ويو، جتي نو (09) سال سنڌ مدرسي جي سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال رهيو. هتي شاھہ صاحب، مسلم ڪاليج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ هڪ سٺو استاد ۽ بھترين منتظم ثابت ٿيو. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ اولھہ پاڪستان (صوبو) وجود ۾ آيو. 1960ع جي ابتدا ۾ غلام مصطفيٰ شاھہ کي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊئريڪٽر مقرر ڪري لاهور بدلي ڪيو ويو. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ ڊئريڪٽر مقرر ٿيو. ابتدا ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين. ان دؤر ۾ سنڌي اسڪولن جي بچاءَ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين، ڇو تہ ون يونٽ سرڪار خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن مان سنڌي ميڊيم اسڪولن کي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪري رهي هئي. ممتاز دانشور محمد ابراهيم جويي ۽ شاھہ صاحب ڪجهہ ٻين دوستن سان گڏجي ونيونٽ جي خلاف ڳجهي مھم جاري رکي. ونيونٽ سرڪار خفيہ ادارن جي رپورٽن جي آڌار تي محمد ابراهيم جويي کي ڪوهاٽ، ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھہ کي لاهور بدلي ڪري ڇڏيو. ايوب خان جو دؤر، مارچ 1969ع ۾ پورو ٿيو، تڏهن تبديليءَ جو جهوٽو لڳو ۽ ٻنهي جلاوطن سنڌي تعليمي آفيسرن کي بدلي ڪري سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو.
سنڌ جي هن نامور تعليمي آفيسر جو يادگار ۽ سدا حيات ڪم سنڌ يونيورسٽيءَ جي نئين تعمير آهي. علامہ آءِ. آءِ. قاضي هن اداري جو باني وائيس چانسلر هو، پر اها حقيقت آهي تہ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ سـنـڌ يـونيـورســٽـيءَ جـو مـعـمـار عـملـدار هو. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ 30 سيپٽمبر 1969ع کان 05 ڊسمبر 1973ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. ان دؤر ۾ هن پنهنجين خداداد صلاحيتن کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو. رات ڏينهن هڪ ڪري يونيورسٽيءَ جي اڏاوت واري ڪم ۾ تيزي آندائين. جيتوڻيڪ شاھہ صاحب جي اچڻ تائين سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس (ڄام شوري) جو چڱو تعميراتي ڪم ٿي چڪو هو، تڏهن بہ شاھہ صاحب جي اچڻ سان ان ڪم ۾ تيزي آئي. روڊ، رستا، پاڻي، بجلي ۽ وڻڪار جي طرف خاص ڌيان ڏنو ويو. ٿوري عرصي ۾ ڄام شوري جا ننگا جبل، ڇٻر، باغيچن ۽ وڻن جي سائي چادر ۾ ڍڪجي ويا. ملازمن لاءِ رهائشي ڪوارٽر، استادن لاءِ بنگلا ۽ شاگردن جون هاسٽلون، سندس دؤر ۾ يا تہ تعمير ٿيون، يا وري آباد ٿيون. موجودہ ٽيچرس هاسٽل جي سامهون بنگلو نمبر A-1، شروع ۾ شاھہ صاحب جي رهائش گاھہ هو. اتي هاڻي پريس لڳائي وئي آهي. بنگلي A-2 ۾ وائيس چانسلر جي آفيس هئي. بنگلو A-3، ان وقت جي رجسٽرار جو گهر هو. شاھہ صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تڏهن اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کـي بـاھہ ڏنـي وئـي هئـي. بـعـد ۾ ڀُٽـي صـاحــب جي حڪومت کان، سيد صاحب خاص مالي مدد وٺي انڊس هاءِ وي تي سنڌالاجيءَ جي موجودہ جديد عمارت تعمير ڪرائي. ان عمارت جو سنگ بنياد سنڌ جي گورنر ممتاز علي ڀُٽي رکيو هو. سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن جو قيام پڻ شاھہ صاحب دؤر ۾ ممڪن ٿيو. اسماعيلي روحاني اڳواڻ هزهائينيس ڪريم آغا خان جي مالي مدد سان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجودہ عمارت جڙي راس ٿي. آغا خان پنھنجي سِر شاھہ صاحب جي دعوت تي آيو ۽ مرڪزي ڪتب خاني(Central Library) جو سنگ بنياد رکيائين. موجودہ انتظامي بلڊنگ ۽ وي. سي هائوس بہ شاھہ صاحب جي دؤر ۾ تعمير ٿيا. غلام مصطفيٰ شاھہ پهريون وائيس چانسلر هو، جيڪو نئين تعمير ٿيل وي. سي هائوس ۾ رهائش پذير ٿيو. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي جامع مسجد بہ سندس دؤر ۾ ٺھي. علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ سان ڊگهي عرصي جي ساٿ، دوستيءَ ۽ عقيدت جي دعويٰ ڪندڙ پروفيسرن کان علامہ آءِ. آءِ. قاضي فوت ٿيڻ بعد وسري ويو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي دؤر ۾ ئي علامہ صاحب ۽ سندس گهر واري مسز ايلسا جون مزارون تعمير ٿيون ۽ انهن جي مٿان جديد قسم جو عاليشان گنبذ تعمير ٿيو. ان ڏس ۾ سائين جي. ايم. سيد خاص دلچسپي ورتي هئي ۽ مشھور قانوندان اي. ڪي. بروهيءَ مالي مدد فراهم ڪئي هئي. هي مقبرو 1971ع ۾ ٺھي راس ٿيو هو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1951ع کان تدريسي عمل شروع ٿيو هو ۽ مختلف شعبا وجود ۾ آيا، تن ۾ سنڌي شعبو شامل هو. غلام مصطفيٰ شاھہ جي وائيس چانسلر ٿي اچڻ کانپوءِ هن شعبي کي وڌيڪ فعال ۽ سرگرم ڪيو ويو. شعبي جي توسيع ۽ واڌاري ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون، سي شاھہ صاحب، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڪجهہ ٻين دوستن جي مشوري سان ختم ڪرايون. سال 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ، شاھہ صاحب جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ (ادب) ۾ پهرين ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني وئي ۽ ائين اڳتي تحقيق جو رستو هموار ٿيو ۽ بعد ۾ ڳچ سارن استادن کي پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.
شاھہ صاحب جي وائيس چانسلريءَ واري دؤر ۾ شاگردن لاءِ راندين جو ميدان ٺهيو ۽ ان کي ترقي پسند قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نالي سان منسوب ڪيائين. شاھہ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رستن جا نالا سنڌ ۽ پاڪستان جي نامور اڪابرن جي نالي منسوب ڪيا. پاڻ صبح جو سوير اُٿي، ڪڏهن هاسٽلن تي وڃي شاگردن جا حالات معلوم ڪندو هو تہ ڪڏهن وري يونيورسٽي ڪالونيءَ جي خبرچار لهندو هو. تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ پنھنجي آتم ڪٿا ’در در ٺوڪر کائي‘ ۾ غلام مصطفيٰ شاھہ لاءِ لکيو آهي ته، ”شاھہ صاحب، حيدرآباد مان سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري منتقل ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ صرف ايڊيوڪيشن ڪيمپس رهڻ ڏني.“ سندس نظر ۾، ڄڻ تہ ڄام شوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي کڻي اچڻ شاھہ صاحب جو ڪو وڏو گناھہ هو. ان عمل تي حيدرآباد جي آباديءَ جي هڪ خاص طبقي، مزاحمت ۽ واويلا ڪئي هئي. ان وقت ملڪ ۾ جنرل يحييٰ خان جي مارشل لا لڳل هئي. بعد ۾ اوڀر پاڪستان ۾ فوجي آپريشن ٿيو ۽ بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو. شاھہ صاحب ڪراچيءَ ۾ ئي هو، جو پٺيان سنڌ يونيورسٽيءَ (ڄام شوري ڪيمپس) جي ٽرانسپورٽ، پاڻي، فون ۽ بجلي بند ڪري، ڳچ تعداد ۾ پروفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو. شاھہ صاحب کي خبر پئي تہ هڪدم ڄام شوري پهچي، ان مذموم عمل تي سنڌ جي گورنر ۽ يونيورسٽيءَ جي چانسلر جنرل رخمان گل کي هڪ احتجاجي خط لکيائين. حيدرآباد جي ڪن حلقن کي شاھہ صاحب جي يونيورسٽيءَ جي ترقيءَ ۽ تعمير وارو عمل پسند ڪونه آيو هو. اصل ۾ غلام مصطفيٰ شاھہ نوجوان سنڌين کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ملازمتون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان ٻہ ٽڪرا ٿيو. اوڀر پاڪستان، بنگلاديش بنجي ويو ۽ بچي ويل اولھہ پاڪستان ئي ’پاڪستان‘ وڃي رهـيـو. يحـيٰ خـان جـي دؤر جـي پڄـاڻـي ٿـي. جـناب ذوالـفـقـار عـلـي ڀٽـو پاڪستان جو نئون حڪمران ٿيو. هن 1973ع جو آئين ٺهرائي، ملڪ ۾ پارلياماني طرز حڪومت رائج ڪئي. ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وزيراعليٰ هو. هن دؤر ۾ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھہ، نئين آئين (1973ع) جي معمار، وفاقي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ ۽ کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاءِ خاص ڪنووڪيشن ڪوٺايو. ڪجهہ شاگردن، گورنر سنڌ بيگم رعنا لياقت علي توڙي پيرزادي صاحب جي تذليل ڪئي. ان ڪري ڀُٽو سرڪار، شاھہ صاحب تي ناراض ٿي پئي. اهڙيءَ ريت شاگردن جي وچ ۾ ويڇا وڌيا. شاگردن جي هڪ قومپرست ۽ ٻي سپاف نالي پيدا ٿي. قومپرست شاگرد، جي. ايم. سيد جا پوئلڳ هئا ۽ سپاف تي ذوالفقار علي ڀُٽي جي پارٽيءَ جو هٿ هو. ان پسمنظر ۾ يونيورسٽيءَ جو تعليمي ۽ انتظامي ماحول بگڙڻ لڳو. نتيجي طور پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھہ حالتن کان تنگ ٿي، وائيس چانسلريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي ذاتي جيپ ۾ سامان رکي ڪراچيءَ هليو ويو. ٻئي ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي، شاھہ صاحب کي ذاتي طرح فون ڪري استعيفا واپس وٺڻ يا ڪنهن ٻيءَ سٺي ملازمت قبول ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، پر شاھہ صاحب ڪنهن بہ سرڪاري نوڪري ڪرڻ کان معذرت ظاهر ڪئي، بلڪ ڀُٽي صاحب کي چيائين ته، ”باقي زندگي سنڌ لاءِ زندھہ رهبو، سنڌ کي پڙهبو ۽ سنڌ لاءِ لکبو، آءٌ فائيلن ۾ وڌيڪ وقت گم رهڻ نہ ٿو چاهيان.“ ان هوندي بہ شاھہ صاحب 1988ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. شھيد بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو وزيراعظم پاڪستان بڻي، تہ سنڌ جي هن تعليمي ماهر کي وفاقي وزير تعليم ڪيو ويو. شاھہ صاحب وزير تعليم (1988ع- 1990ع) جي حيثيت ۾ پاڪستان جي تعليم ۽ خاص ڪري سنڌ جي تعليمي ترقيءَ ۾ وڏي دلچسپي ورتي. فائين آرٽس ۽ ڊزائين ڪاليج جي قيام لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪروڙين روپين جي گرانٽ فراهم ڪيائين، پر يونيورسٽي انتظاميا اُن پيسي مان ذاتي نفعو تہ ڪمايو، پر فائين آرٽس ڪاليج ٺاهي نہ سگهي. آخرڪار هي ادارو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو. هن وقت هي ڪاليج سپر هاءِ وي تي پراڻي ٽول پلازه ڀرسان هڪ خوبصورت عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اها سنڌ جي اعليٰ تعليم لاءِ شاھہ صاحب جي هيءَ آخري خدمت هئي.
پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھہ رٽائرمينٽ کان پوءِ، ڪراچي شھر ۾ ’شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي‘ وجود ۾ آندي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو دانشورن کي شامل ڪيائين. هيءَ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن، ادبي معاملن ۽ سماجي حالتن تي بحث مباحثي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪندي رهي. هن سوسائٽيءَ ڪجهہ بھترين سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب پڻ شايع ڪيا، پر سوسائٽيءَ جو وڏو ڪارنامو انگريزي زبان ۾، ٽه ماهي جرنل ’سنڌ ڪئارٽرلي‘ (Sindh Quarterly) جو اجراءُ هو. رسالي جا سال ۾ چار پرچا نڪرندا هئا. پهريون پرچو 1975ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ان وقت ڀُٽي صاحب جي حڪومت هئي. اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي سرڪاري ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. پرچي تي بندش هنئي وئي، پر شاھہ صاحب وڏيءَ همت ۽ دليريءَ سان ’سنڌ ڪئارٽرلي‘ کي ٻيهر جاري ڪرائڻ ۾ سوڀارو ٿيو. 1976ع کان هي پرچو باقـاعـدگيءَ سـان ڇپجڻ شروع ٿيو. ڀُٽي صاحب کانپوءِ جـنـرل ضـياءِ الـحـق جـي دؤر (1977ع- 1988ع) ۾ هڪ ڀيرو وري هن پرچي کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر مارشل لا اختيارين کي بہ ان ۾ ناڪامي نصيب ٿي. شاھہ صاحب هن پرچي جا ٻہ آخري پرچا 1998ع ۾ ڪڍيا. ان کانپوءِ پرچو بند ٿي ويو. سنڌ جي هن بھادر انسان، 09 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. وفات کانپوءِ سندس دوستن ڪوشش ڪري سن 2000ع ۾ ’سنڌ ڪئارٽرلي‘ جو ’سيد غلام مصطفيٰ شاھہ يادگار نمبر‘ ڪڍيو. هي هن رسالي جو آخري شمارو هو. تعداد جي لحاظ سان هن تاريخي انگريزي رسالي جا نوي (90) کن پرچا ڇپيا. هونئن تہ هي رسالو هر ان عالم، اديب ۽ اسڪالر لاءِ جاري ٿيو هو، جيڪو سنڌ بابت مواد تيار ڪري، لکي ۽ ڇپرائي. پر هن پرچي جي انفرادي خاصيت خود شاھہ صاحب جا مضمون هوندا هئا. پروفيسر صاحب پاڻ رسالي جو ايڊيٽر هو. ان پسمنظر ۾ هر پرچي ۾ خود شاھہ صاحب جو لکيل اداريو موجود هوندو هو. ايڊيٽر جي اداريي ۾، سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي، اقتصادي، لساني، تعليمي، ثقافتي، قومي ۽ خارجہ پاليسيءَ تي دل کولي لکيو ويندو هو. اڄ پاڪستان کي جيڪي بہ سنگين مسئلا سامهون آهن، تن تي سنڌ جي هن محب وطن دانشور نهايت بيباڪيءَ سان لکيو. ڪاش ويھہ ٽيھہ سال اڳ شاھہ صاحب جي لکيل تحريرن کي پاڪستان جا حڪمران جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان وٺن ها تہ هوند اڄ پاڪستان جي هيءَ بربادي، افراتفري، بدنظمي ۽ ڇڙواڳي مٿاهينءَ سطح تي نہ پهچي ها. شاھہ صاحب جي انگريزي تمام خوبصورت، روان ۽ ڪشش ڪندڙ هئي. هُو رسالو ’سنڌ ڪئارٽرلي‘ شاھہ صاحب جي سنڌ جي حوالي سان هڪ وڏي خدمت آهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ سنڌي زبان ۾ ڪجهہ ڪتاب لکيا، جن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
شاھہ صاحب 1953ع ۾ آمريڪا ۽ يورپ جو تعليمي سفر ڪيو. ان دوران اتي جيڪي ڪجهہ ڪجهہ ڏسندو هو، ان بابت روزانو هڪ عدد خط اخبار ’الوحيد‘ کي لکي موڪليندو هو. اخبار ۾ اهي خط پابنديءَ سان شايع ٿيندا هئا. انهن معلوماتي خطن تي مشتمل ڪتاب ’سير ۽ سفر‘ 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ زوال پذير يورپ ۽ نئين اڀرندڙ آمريڪا جي سماج، تعليم، ثقافت ۽ سياست تي عالمانه نظر وڌل آهي. ڪتاب احسان بدويءَ مرتب ڪيو هو.
’معاشرو ۽ تعليم‘ شاھہ صاحب جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو بہ سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ 6 عدد سماج ۽ علم جي حوالي سان تقريرون آهن، جن ۾ شاھہ صاحب هڪ تعليمي ماهر نظر اچي ٿو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت 1977ع ۾ ختم ٿي. غلام مصطفيٰ شاھہ ٻن سالن کان ’سنڌ ڪئارٽرلي‘ ۾ ڀٽي حڪومت جي خامين تي خوب لکندو رهيو. ڀٽي کانپوءِ فوجي حڪومت آئي تہ سنڌي عوام نسورو آزار ۾ اچي ويو. شاھہ صاحب هڪ مدبر ۽ دلير دانشور طور ڀٽي ۽ ضياء الحق جي دؤر جي ڪَٿ ڪندي هي ڪتاب (سنڌي معاشرو ۽ ان جو مستقبل) ڇپرايو هو. ڪتاب جي ابتدا ۾ فڪر انگيز ’مقدمو‘ لکندي، شاھہ صاحب سنڌي سماج جي انيڪ خرابين جي ڀرپور نشاندهي ڪئي آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ ڪراچيءَ مان مصنف پاڻ ڇپرايو هو.
ســنـڌ جـي هـن ڏاهـي ۽ تـعـلـيـمـي مفڪر، وفاقي وزير تعليم هجڻ واري دؤر ۾، پاڪستان ۾ تعليمي زوال جي سببن تي بہ هڪ انگريزي ڪتاب لکيو هو، جنهن جو سنڌي ترجمو محمد ابراهيم جويي ۽ حبيب ﷲ صديقيءَ گڏجي ڪيو هو ۽ اهو ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ ’پاڪستان جو تعليمي نظام‘ عنوان سان 1990ع ۾ ڇپيو هو. ڪن سببن جي ڪري ڪتاب عام نہ ٿي سگهيو. انهن ڪتابن کان پوءِ آمريڪي فلسفي ول ڊيورانٽ جي مشھور ڪتاب Lessons of History جو سنڌي ترجمو ’تاريخ جا سبق‘ شاھہ صاحب منظر تي آندو. هي ڪتاب شاھہ صاحب ۽ سندس گهر واريءَ عزيزه غلامه مصطفيٰ شاھہ ترجمو ڪيو هو ۽ ’تاريخ جا سبق‘ جي نالي سان 1994ع ۾ ڇپايو هو. سال 1998ع ۾ شاھہ صاحب مشھور تعليمي ماهر ۽ اديب محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ٻہ ڪتاب: ’بدنصيب ٿري‘ ۽ ’سنڌي سٻاجهڙا‘ مرتب ڪري پنھنجي پيش لفظ سان ڇپرايا.
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جا ڪي نصابي ڪتاب بہ ڇپيل آهن. ان کان سواءِ ٻہ عدد ڊڪشنريون ’انگريزي- سنڌي ڊڪشنري‘ (دفتري سنڌي: 1972ع) ۽ ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘ (1976ع، ٻين عالمن جي اشتراڪ سان) پڻ شاھہ صاحب جي ڪريڊٽ تي آهن. ان کان سواءِ هن جا ڪيترا مضمون: ’ڪتاب‘، ’استاد‘ ۽ ’سنڌي معاشرو‘ وغيرہ عنوانن سان پڻ ڇپيا هئا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھہ جا ڪيترا سنڌي مضمون، تقريرون ۽ خطبا توڙي انٽرويو اڃا تائين گڏ ٿي ڇپجي نہ سگهيا آهن. جيڪڏهن انهن کي گڏ ڪري شايع ڪجي تہ سنڌي زبان جي علمي ذخيري ۽ فڪري ادب ۾ گهڻي ڪشادگي پيدا ٿيندي.
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ بنيادي طرح انگريزي زبان جو عالم هو. هن انگريزي زبان ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ آخر تائين هن ٻوليءَ ۾ لکڻ جو عمل جاري رکيائين. سندس لکيل، مرتب ڪيل ۽ ايڊٽ ڪيل انگريزي ڪتابن جو وچور هن طرح آهي:
• A Principals’ Papers
• Towards Understating the Muslims of Sindh
• Legacy of Britain
• Cross in the Subcontinent (The British in the subcontinent)
• Education of Pakistan: An appeal and a prayer
• Bhutto: The Man and the Martyer
• General Zia: His Winged Death and the Aftermath
• Indus Basin: Tragic Sale of Pakistan Waters and Kalabagh Dam
• Aboriginal tribes of India (Edit)
• Corpus of Indus seals and Inscriptions (Co-editor) Vol. 02, Helsinki.
شاھہ صاحب، سنڌ جي معاشري ۽ تعليم جي تباهيءَ، پاڪستاني سياست جي ناڪاري رخن، ڪامورن جي ڇڙواڳي. پاڪستان جي معيشت جي تباهي هجي يا پاڪستاني حاڪمن جي نااهلي، ملڪ جي اڻ وڻندڙ نظام، نام نهاد قومي ٻوليءَ جي برتري ۽ پاڪستان جي مقامي ٻولين جي وجود جي انڪار واري مئسلي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۽ سنڌ جي زراعت جي برباديءَ جو معاملو، ملڪ جي درياهن جي وڪري، تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي معاملي، بنگالي مسلمانن سان ڏاڍاين جي مسئلن، پاڪستان ۾ تعليمي ۽ ثقافتي زوال، سنڌ جي علم ۽ علمي ادارن جي تباهي. فوجي آمريتن جي دؤر ۾ آئين ۽ قانون جي پائمالي، جمهوري دؤر ۾ جمهور جي گلي گهُٽجڻ جي معاملي تي پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ نهايت جرئت سان قلم کنيو ۽ عوامي سجاڳيءَ جا موقعا پيدا ڪيا، حڪومتن جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ دنيا کي پاڪستان جو اصلي چهرو ڏيکارڻ جي جستجو ڪئي.
پروفيسر صاحب هڙاپا ۽ موهن جي دڙي تان لڌل مهرن ۽ لکڻين کي پڙهائڻ لاءِ ڪم جي ابتدا ڪئي. ان ڏس ۾ فن لينڊ جي اسڪالر آسڪو پارپولا جي رٿ تي، يونيسڪو جي تعاون سان هڪ علمي رٿا تيار ڪئي وئي. پراجيڪٽ جي لاءِ ڏوڪڙ پئسي جو بندوبست يونيسڪو کي ڪرڻو هو ۽ باقي گهربل تعاون هندستان ۽ پاڪستان جي سرڪارن کي ڪرڻو هو. مقصد هي هو تہ سڄيءَ دنيا مان سنڌو تھذيب جون مهرون هٿ ڪري اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش، فن لئنڊ جي اداري Academy of Sciences and Letters کي پارپولا جي سرپرستيءَ ۾ ڪرڻي هئي، جيڪو ادارو اڌ صديءَ کان ان ڪم ۽ تحقيق ۾ مصروف هو. The Corpus of Indus seals and Inscriptions (CISI) نالي هن ڪتاب جو پهريون جلد، حڪومت هند جي سهڪار سان 1987ع ۾ شايع ٿيو. هن جلد ۾ جيڪو مواد آهي، ان جو تعلق هندستان ۾ مليل مذڪوره لکتن ۽ مهرن سان آهي. جلد ٻئي جو تعلق پاڪستان ۾مليل آثارن سان هو. هي جلد شايع ڪرڻ ۾ تڏهن آساني پيدا ٿي، جڏهن سيد غلام مصطفيٰ شاھہ وفاقي وزير تعليم هو. هن صاحب پنھنجي وزارت ۽ حڪومت پاڪستان جي ٻين ادارن کان، آسڪو پارپولا کي تڪڙي گهربل مدد فراهم ڪرائي. ان پس منظر ۾ ٻيو جلد 1991ع ۾ ڇپجي نروار ٿيو. هن جلد تي آسڪو پارپولا ۽ غلام مصطفيٰ شاھہ جو مفصل مهاڳ پڙهڻ لائق آهي. رٿا جو ٽيون جلد (متفرقه) جون 2010ع ۾ جاري ٿيو. انڊس مهرن ۽ ڪتبن تي پارپولا سان گڏ ٻين محققن بہ ٽنهي جلدن تي ساٿي ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. انگريزي تصنيف ۽ تاليف ۾ شاھہ صاحب جو هي ڪم وڏي اهميت رکي ٿو.
سـنـڌ جـي هـن عـظيـم انـسـان ڪـيـترن عـلمـي ۽ ادبي ادارن جي سربراھہ ۽ ميمبر طور ڪم ڪيو. شاھہ صاحب هڪ نيم سياسي تنظيم ’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي‘ 1985ع ۾ قائم ڪئي هئي، جيڪا جماعت وڏي عرصي تائين فعال رهي. شاھہ صاحب جي وفات کانپوءِ ان جو سربراھہ سراج الحق ميمڻ ٿيو، جنهن محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين سڄاڻ سنڌين جي مدد سان ان کي فعال رکيو. سوسائٽي ڪڏهن ڪڏهن گڏجاڻيون ڪري، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت غور ويچار ڪري ٺهراءَ ۽ پريس بيان ڪڍي، وقت جي حڪومت جو ڌيان ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هن جماعت بابت سمورو مواد گڏ ڪري شاھہ صاحب هڪ ڪتاب جي صورت ۾ 1998ع ۾ ڇپرائي ڇڏيو ۽ ان کي ’سنڌ ڪئارٽرلي‘
(نمبر 1، سال: 1998ع) جو روپ ڏنو.
شاھہ صاحب بنيادي طرح هڪ زميندار هو. ان کانسواءِ جديد علمن جو اڪابر، تعليمي ماهر ۽ بهتر انگريزي ڳالهائيندڙ اسڪالر هو. ان پسمنظر ۾ هن داناءَ انسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر ڪيو. هر سال يورپ ۽ خاص ڪري فن لينڊ، ناروي، سئيڊن ۽ ڊينمارڪ جي سياحت تي ويندو هو. سندس مقصد رڳو دنيا ڏسڻ نہ هو، پر اتي جي علمي دنيا کي روبرو ڏسڻ ۽ سمجهڻ هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو غلام مصطفيٰ شاھہ هڪ وسيع سوچ ۽ فڪر وارو عالم ٿي گذريو آهي. مذڪوره ملڪن توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس دوستن جو حلقو وسيع هو. سنڌ ۾ اردودان طبقي ۾ ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري، پروفيسر ڪرار حسين، مظهر يوسف ۽ ڊاڪٽر محمود حسين سندس خاص علمي دوست هئا. سينيئر سنڌي اديبن ۾ جي. ايم. سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ابراهيم جويو، ايم. ايڇ. پنهور، پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي توڙي غلام محمد گرامي، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جا هم خيال علمي ۽ ذاتي دوست شمار ٿيندا هئا.
سيد غلام مصطفي شاھہ، 81 سالن جي ڄمار ۾، 09 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڪراچي شھر جي قديم ميوا شاھہ قبرستان ۾ آهي.
1999.10.09 عيسوي
سيد غلام مصطفي شاهه، 81 سالن جي ڄمار ۾، 09 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڪراچي شهر جي قديم ميوا شاهه قبرستان ۾ آهي.