سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ميرڪ

سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ميرڪ: ميرڪ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ولد رسول شاھہ'>سيد غلام رسول شاھہ، 24 ڊسمبر 1920ع تي سکر پراڻيءَ ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ هيڊماستر ٿي رٽائر ٿيو. هي فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ تصوف، علم ادب ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي رکندو هو. هن وٽ پنھنجي خاندان جا ڪيترائي ناياب قلمي نسخا شجرا ۽ ٻيو قيمتي مواد موجود هو، جنهن جي آڌار تي ’تاريخ موسوي سادات‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ڪيائين. آزاد طبع ۽ صوفي خيالن جو ماڻهو هو.
هي ڪلاسيڪي موسيقي توڙي سنڌ جي روايتي راڳ جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. سيد منور علي شاھہ معصوميءَ کان ڪجهہ وقت راڳ جي فن جي سکيا حاصل ڪيائين. هن آخر ۾ پنھنجي خاندان جي بزرگن جي ناراضگيءَ جي ڪري ڳائڻ وڄائڻ ڇڏي ڏنو. سير ۽ سياحت جو شوقين هو. ننڍي کنڊ جي اڪثر اوليائن جي درگاهن جون زيارتون ڪيون هئائين. هن ’تذڪره پوراني سادات‘ لکڻ وقت سيد حسام الدين راشديءَ کان ڪافي مواد گڏ ڪيو هو. سنڌ جي مشھور مؤرخ رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ سان بہ سندس سٺا تعلقات قائم هئا ۽ کيس موسوي سادات جي مختصر تاريخ لکڻ وقت پڻ مواد ڏنو هئائين.
هن 28 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.12.24  عيسوي

ميرڪ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد غلام رسول شاهه، 24 ڊسمبر 1920ع تي سکر پراڻيءَ ۾ ڄائو.


1991.12.28  عيسوي

سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ 28 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر
علي محمد مست نقشبندي
ڀڳت پرتاب
اوڀايو خشڪ انجنيئر
چارلي نور محمد
جان پولن
جان محمد بلوچ
اچل پرساد سوامي
مير عبدالرزاق سبزواري
پير حسين شاھہ راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون