سيد فاضل شاھہ فاضل

سيد فاضل شاھہ ’فاضل‘: نامور شاعر سيد فاضل شاھہ ولد سيد حيدر شاھہ 1836ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا مرزا عيسيٰ خان ترخان جي زماني ۾ ايران مان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيا هئا، جتان پوءِ حيدرآباد لڏي آيا. فاضل شاھہ آخوند محمد صابر هالائيءَ کان قرآن پاڪ پڙهيو. پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مولوي عبدالله ولهاريءَ کان حاصل ڪيائين.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. سندس زماني ۾ ڪنهن بہ پڙهيل ۽ قانون جي واقفڪار کي وقت جو مئجسٽريٽ قانوندانيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندو هو تہ سرڪار ان کي وڪالت جي سند ڏيندي هئي ۽ هو وڪالت ڪري سگهندو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي ’مختيار‘ ڪري سڏيندا هئا. فاضل شاھہ کي بہ اهڙي سنَد مليل هئي ۽ هو وڪالت ڪندو هو. سيد فاضل شاھہ غريبن جا مفت ڪيس وڙهندو هو.
1873ع کان 1878ع تائين حيدرآباد شھر جي جيڪا سٽي سروي ٿي، ان ۾ هن ڪيترن ئي غريبن جي قبضي ڪيل زمين ۽ دڪان بااثر ماڻهن کان مفت ڪيس وڙهي وٺرائي ڏنا.
سيد فاضل شاھہ مسلمانن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي ڪمن ۾ دلچسپي و‎ٺندو هو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، ”فاضل شاھہ حسن علي آفنديءَ جو سنگتي ۽ صحبتي هو ۽ انجمن اسلام جي ڪمن ۾ سندس مدد ڪندڙ هو. وقت جي نامور شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا ۽ هو علم عروض جو اڪابر سمجهيو ويندو هو. محمد صديق ’مسافر‘ پڻ ٻہ سال هن کان علم عروض جا سبق ورتا هئا.“
سـيد فـاضـل شـاھہ جا جيڪي ڪتاب شـايـع ٿـيـل آهن، انـهن ۾: (1) ديوان فاضل (1873ع: (2) سنڌي ٻوليءَ جو پهريون تنقيدي ڪتاب ’ميزان الشعر‘، (3) ’چونڊ ڪافيون‘ ۽ (4) قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ تفسير قابل ذڪر آهن. سندس ڪلام ۾ ڳولڻ سان ڪيترا اهڙا شعر بہ ملن ٿا، جن ۾ غزل جي سموري سونهن سمايل آهي.
سندس ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
برھہ جي بات کان نہ ڪريان بس،
لئون جي لات کان نہ ڪريان بس،
-
محبت مار مار تہ بہ آءُ،
يار جي ذات کان نہ ڪريان بس،
-
منجهہ فراقن سدا ڪري ’فاضل‘،
هاءِ هيهات کان نہ ڪريان بس.
فاضل شاھہ، زندگيءَ جي پوين سالن ۾ زهد ۽ عبادت ڏانهن پاڻ کي گهڻو رجوع ڪيو هو. سڄو ڏينهن مسجد ۾ عبادت ڪندو رهندو هو.
سيد فاضل شاھہ غزل جي ابتدائي اوسر واري دور جو شاعر هو. هن پنھنجي والد جي 1888ع ۾ وفات بعد وڪالت جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو ۽ عالماڻي ۽ فقيراڻي روش اختيار ڪئي. سندس چاچي جي وفات بعد کيس هڪ اسڪول ۾ قاضي ۽ مفتي بہ مقرر ڪيو ويو. هيءُ فتوائن جي ڪم ۾ پنھنجي چاچي جي ڪافي مدد ڪندو هو.
هن 2 ڊسمبر 1901ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو