سيد قطب علي شاهه جھانيان

سيد قطب علي شاهه جھانيان

سيد قطب علي شاهه جھانيان جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد قطب علي شاهه جھانيان جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد قطب علي شاھہ جھانيان

سيد قطب علي شاھہ جھانيان: مشھور بزرگ سيد قطب علي شاھہ، جھانيان خاندان جي اولاد مان هو. سندس جنم 21 رمضان 1229ھہ/ 6 سيپٽمبر 1814ع ۾ ٽنڊي جهانيان، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد فتح الدين شاھہ دين درياھہ هو ۽ ٽنڊي جھانيان ۾ رهندو هو. سيد قطب شاھہ جھانيان جو حسب نسب امام نقي رضہ سان ملي ٿو. مخدوم جلال الدين جھانيان ’جھان گشت‘ جي اولاد مان هو. ننڍي هوندي کان ئي وحدانيت ڏانهن مائل هو. روايت موجب شاھہ صاحب 13 سال جي عمر جو هو تہ پنھنجي سؤٽ غلام مرتضيٰ شاھہ ۽ ٻين فقيرن غازي ڪليري ۽ ڀانڊي ڪليريءَ سان گڏجي ميٽ کاڻ ڏانهن ويو ۽ اتي ڪن مريدن جي گهر ۾ ترسيو، هڪ ڏينهن هٿ ڌوئيندي سندس هٿ مڇن کي وڃي لڳو. اهو ڏسي تہ مڇون بہ اچي ويون آهن. پاڻ کي چوڻ لڳو تہ تنهنجو والد اڃا ننڍو هو تہ وڃي ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو هو. توکي حيف آهي، جو هيڏي عمر مفت وڃائي اٿئي. بس انهيءَ ڏينهن ڪپڙا لاهي غريبن کي ڏئي ڇڏيائين. اجرڪ کي ٻہ اڌ ڪري هڪ لانگوٽ ٻَڌائين. هڪ اڌ ڪلهي تي رکي گنجي ٽڪر تي هليو ويو ۽ اتي وڃي ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو.
22 ڊسمبر 1910ع تي وفات ڪيائين. سندس درگاھہ ٽنڊي جھانيان ۾ موجود آهي. هي سنڌ جي انهن روحاني بزرگن مان هو، جنهن جا هزارين سنڌي هندو توڙي مسلمان مريد آهن. اڄ بہ هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آباد سندس عقيدتمند هر سال سندس درگاھہ جي حاضري ڀرڻ ايندا آهن.


لفظ سيد قطب علي شاھہ جھانيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو