سيد محبوب علي شاهه1

سيد محبوب علي شاهه1

سيد محبوب علي شاھہ1

سيد محبوب علي شاھہ1: سيد محبوب علي ولد سردار علي شاھہ بخاري، امرتسر شھر ۾، 9 سيپٽمبر 1902ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم اسلاميہ هاءِ اسڪول هال دروازه، امرتسر مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سندس والد سکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي، جنهنڪري سيد محبوب علي شاھہ بہ سکر ۾ رهڻ لڳو. ان کانپوءِ هن ريلوي اسڪول ۽ پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان نائين جماعت پاس ڪرڻ بعد ميٽرڪ عليڳڙھہ مان پاس ڪئي، جنهن بعد هن مختلف هنڌن تي ڪم ڪيو. ڪجهہ وقت واهن جي کوٽائي ڪندڙ مشينن جي آپريٽر جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. ان کانسواءِ سٺو فٽر، ٽرنر، اسٽيم بوائلر ۽ ڊيزل انجڻ ڊرائيور بہ رهيو. هن بوائلر ڪلاس ڪامپيٽنسيءَ جو امتحان پڻ پاس ڪيو. هي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي جماعت جو هڪ سرگرم رڪن ۽ آزاديءَ جو جذبو رکندڙ ڪارڪن هو. 1925ع ۾ خلافت ڪميٽي سکر جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ’الوحيد‘ جي بورڊ جو ميمبر بڻايو ويو. 1928ع کان 1933ع تائين سکر ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ڪائونسلر رهيو. سيد محبوب علي شاھہ 1930ع ۾ ’مجاهدين اسلام‘ نالي سان رضاڪارن جي هڪ جماعت قائم ڪئي تہ جيئن مسلمانن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ اهي انگريزن جي سازش کي سمجهي سگهن ۽ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪن.
سيد محبوب علي شاھہ، مسلم ليگ جماعت جو ڪارڪن بڻيو. ان کانپوءِ حسين شھيد سهرورديءَ جي عوامي ليگ ۾ بہ شامل ٿيو، پر گڏيل چونڊن جي مخالفت ڪندي ان کان الڳ ٿي ويو. ان کانپوءِ 11 ڊسمبر 1968ع تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ آخر تائين شامل رهيو. سيد محبوب علي شاھہ، طبيه ڪاليج حيدرآباد جو سنديافته طبيب ۽ سٺو فوٽوگرافر هو. هن ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾: (1) نظريہ پاڪستان، (2) اقتصادي مسئلن جو حل، (3) جنگ آزاديءَ جا مجاهد،
(4) خلافت تحريڪ، (5) سکر جون يادگيريون شامل آهن.
پير علي محمد راشدي ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ميان محبوب علي شاھہ قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا قومي ورڪر ساڻس وابستہ رهندا هئا، جن ۾ ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت قريشي ۽ ٻيا شامل هئا.“
محبوب علي شاھہ ٻہ ٽي دفعا اليڪشن ۾ اميدوار بيٺو، پر کٽي نہ سگهيو. سندس طبيعت تي انهن ناڪامين جو وڏو اثر پيو. آخر قوم جي شعور مان نااميد ٿي گوشه نشين ٿي ويو.
سيد محبوب علي شاھہ 30 مئي 1979ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.09.09  عيسوي

سيد محبوب علي ولد سردار علي شاهه بخاري، امرتسر شهر ۾، 9 سيپٽمبر 1902ع تي ڄائو.


1979.05.30  عيسوي

سيد محبوب علي شاهه 30 مئي 1979ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رامچند اوڏ
ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر
انور الدين جتوئي
سيد نظام الدين شاھہ امروٽي مولانا
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
انور ڏنگڙائي
جوکيوعبدالمجيد بکري
آسر داس صوفي
تحريما ميٺا
ابڙو عبدالڪريم چشتي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون