
سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي
سيد نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ نقوي: نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاھہ نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ نقوي حسب نسب موجب امام تقي عليہ السلام جي اولاد مان هو. سندن مورث اعليٰ، سيد جلال الدين حيدر سُرخ بخاري، اُچ شريف، ضلعي بھاولپور ۾ مدفون آهي. اُن جو پوٽو سيد جلال الدين مخدوم جھانيان مشھور بزرگ اوليائن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهنڪري هن خاندان وارا ’جھانيان پوٽا‘ سڏيا وڃن ٿا.
سيد نجف علي شاھہ جي تعليم اڃا اڌوري ئي هئي تہ سندس والد بزرگوار سيد حسين علي شاھہ وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس دنياوي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو. زمين سنڀالڻي پئي. شاھہ صاحب زراعت جو ماهر هو.
سيد نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ جي خاندان ۾ تصوف ۽ فقر نمايان آهي. سندس وڏا، وقت جي حاڪمن سان لاڳاپا هئڻ جي باوجود، هميشہ فقيرانه زندگي بسر ڪندا رهيا. نجف علي شاھہ جو پورو خاندان، ادبي ۽ علمي حيثيت جي ڪري مشھور آهي. سندس وڏن بزرگن مان ڪيترا صاحبِ تصنيف ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. شاھہ صاحب کي بہ اهو ادبي ۽ علمي ورثو خاندان کان مليو. کيس سنڌي نثر لکڻ ۾ ڪمال حاصل هو. سندس پوري زندگي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي تحقيق ۽ تدوين ۾ صرف ٿي. ان لاءِ هن کي ڏاڍا ڏونگر ڏورڻا پيا. نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ شاھہ لطيف جي ڪلام جو وڏو عاشق هو. بيتن جي معنيٰ جي سمجهاڻين ۽ پڙهڻيءَ تي کيس وڏي مهارت حاصل هئي ۽ اُن تي پنھنجي وقت ۾ سَند تصور ڪيو ويندو هو. شاھہ صاحب جيئن تہ ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مجلسن جو مور هوندو هو، تنهنڪري اڪثر روزانو سندس اوطاق تي شاھہ لطيف جي بيتن تي بحث مباحثا ۽ مناظرا ٿيندا رهندا هئا. سندس انهيءَ محنت جو سرمايو ’ٻاروچي ٻولي‘ نالي ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن جو پهريون جلد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري، ڊسمبر 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪا شاھہ جي پهرين ’ڪنڪارڊنس‘ (Concordance) سڏي سگهجي ٿي. ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب جا باقي جلد سندس خاندان وٽ موجود آهن، جن جي اشاعت سان شاھہ لطيف تي تحقيق جا نوان دروازا کُلي سگهن ٿا. ان کانسواءِ نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ نقويءَ ’جھانيان خاندان‘ بابت هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو بہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪرائي چڪي آهي. شاھہ ڀٽائيءَ جي بيتن جي سمجهاڻين تي اڪثر ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تان سندس تقريرون نشر ٿينديون رهنديون هيون. سيد صاحب جا شاھہ لطيف جي مختلف سُرن ۽ بيتن تي لکيل مضمون، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي سُر وار ڇپيل ڪتابن ۾ موجود آهن. سندس ننڍو ڀاءُ سيد منظور نقوي پڻ شاھہ لطيف جو وڏو ڄاڻو، شارح ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو.
سيد نجف شاھہ ’ڪمتر‘ جي پوري زندگي، سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي خدمت ڪندي گذري. پنھنجي مڪان تي غريب شاگردن کي رهائي، کين هر طرح مالي ۽ اخلاقي مدد ڏئي، اعليٰ عهدن تي پهچائڻ، سندس مشغلو ۽ عبادت هئي. شاعريءَ ۾ ’ڪمتر‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس اولاد مان سيد عنايت حسين شاھہ، سيد اطهر حسين شاھہ ۽ سيد ڪاظم حسين شاھہ، پنھنجي والد ۽ وڏن جون روايتون برقرار رکيو اچن. سيد نجف علي شاھہ ’ڪمتر‘ وڏو عرصو بيمار رهيو، پر خودداري ۽ همت نہ ڇڏيائين. لکڻ پڙهڻ جو شغف آخر تائين برقرار رکيائين.
15 ذوالحج 1404ھہ مطابق 12 سيپٽمبر 1984ع تي اوچتو وفات ڪيائين. شاھہ صاحب جي خواهش هئي تہ ’ٻاروچي ٻولي‘ مڪمل ڪرڻ بعد ’لطيفي لولي‘ ڪتاب لکي، ان ۾ شاھہ جي ڪلام جي ترتيب شاھہ لطيف جي ذهني ارتقا موجب ڏئي، ۽ ٻيو ڪتاب ’پرين پرولي‘ لکي، ان ۾ مولانا رومي، غلام فريد ۽ شاھہ لطيف جي ڪلام جي مماثلت ڏئي، پر سندس زندگيءَ وفا نہ ڪئي ۽ اُهي ٻئي ڪتاب لکي نہ سگهيو. ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب بہ بيماريءَ جي حالت ۾ مڪمل ڪيو هئائين.
1923.04.20 عيسوي
نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
1984.09.12 عيسوي
سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي 15 ذوالحج 1404هه مطابق 12 سيپٽمبر 1984ع تي وفات ڪئي .