سيد نذر محمد شاهه

سيد نذر محمد شاهه

سيد نذر محمد شاھہ

سيد نذر محمد شاھہ: نوابشاھہ ضلعي جو مشھور سياستدان سيد نذر محمد شاھہ ولد سيد خير شاھہ، ڊسمبر 1924ع ۾ ڳوٺ قراني، لڳ ڪوئيٽا ۾ ڄائو. هن جا وڏا اصل ڪوئيٽا جا هئا، تنهنڪري هي خاندان ڪوئٽيائي سيد بہ سڏجي ٿو. سندس والد سيد خير شاھہ وڏي دٻدٻي ۽ اثر رسوخ وارو زميندار هو، جنهن جي نالي سان تعلقي نوابشاھہ ۾ خير شاھہ جو ڳوٺ موجود آهي.
سيد نذر شاھہ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوابشاھہ جي مشھور تعليمي اداري، ڊي. سي. هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ داخل ٿيو، جتان 1941ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ خانداني پيشي زمينداريءَ ۾ لڳي ويو. ڪجهہ وقت کانپوءِ سياست ۾ پير پاتائين. لوڪلبورڊ نوابشاھہ جو چيئرمئن بہ ٿي رهيو. 1962ع ۾ اولھہ پاڪستان اسيمبلي ۽ 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 15 مئي 1981ع تي کيس سنڌ حڪومت ۾ ٻيلن، روينيو، مواصلات ۽ ورڪس جو وزير بنايو ويو. 1985ع کانپوءِ هن سياست تان رٽائر ڪيو. شاھہ صاحب هڪ سٺو سماجي ورڪر بہ هو. علائقي ۾ ڪيترا سڌاري جا ڪم ڪرايا، جن ۾ نوابشاھہ جي سول اسپتال جو سڌارو، پنھنجي ۽ دوستن جي خرچ سان ڪيائين. سيد نذر شاھہ علائقي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ ڪري ڪافي اثر رسوخ رکندو هو.
هن 8 نومبر 1994ع تي پنھنجي ڳوٺ خير شاھہ ۾ وفات ڪئي. سندس لائق فرزند سيد شوڪت حسين شاھہ بہ پنھنجي خانداني روايتن سان نڀائيندي علائقي جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ سياسي ميدان ۾ مختلف دورن ۾ وزارتن جا عهدا ماڻي چڪو آهي.


لفظ سيد نذر محمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو