سيد وريل شاهه

سيد وريل شاهه

سيد وريل شاھہ

سيد وريل شاھہ: سيد وريل شاھہ ولد بچل شاھہ نقوي 1907ع ڌاري رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي طور دنيوي تعليم سان گڏ اسلامي تعليم بہ پرايائين. هن 26 سالن جي ڄمار ۾ سياست ۾ پير رکيو ۽ 1933ع ڌاري رتيديري ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ نائب صدر ۽ صدر ٿي رهيو. ان دوران رتيديري شھر جي ترقيءَ ۽ ماڻهن جي فلاح خاطر ڪافي ڪم ڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهيو. سندس سياسي لاڳاپو مسلم ليگ سان هو. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي رهنما فضل قريشيءَ جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو. مسلم ليگ لاڙڪاڻي جو صدر بہ رهيو. وٽس تقرير جو سٺو ڏانءُ هو. علامہ اقبال جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو هئس. هن کي علم، ادب سان خاص لڳاءُ هو ۽ شاعري بہ ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’پياسي‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو سرگرم اڳواڻ سيد بچل شاھہ ۽ ناميارو شاعر سيد غضنفر علي شاھہ ’راجا‘ سندس فرزند آهن، جڏهن تہ نيب جو سابق چيئرمئن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ رشتي ۾ سندس ڀائٽيو آهي.
سيد وريل شاھہ، 17 ڊسمبر 1970ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد وريل شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو