
سيف الله ابڙو
سيف ﷲ ابڙو: ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ﷲ ابڙو'>سيف ﷲ ابڙو 20 ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ اگهم 2 وسند شاخ تعلقي رتيديري جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو قلندربخش آهي. هن 1991ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ نوابشاھہ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ سب انجنيئر جي نوڪري ڪئي، چئن سالن تائين ايمانداريءَ سان ذميواريون نڀايائين. بعد ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن 2004ع ۾ سچل اتحاد جي نالي سان هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ تنظيم جي پليٽفارم تان ڪيترن غريبن ۽ ضرورتمندن جي سهائتا ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي غريب ۽ بي سهارا ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، انهن جي لاءِ يونيفارم ۽ ڪتاب وغيرہ جو بندوبست ڪرڻ، ان کان علاوہ هن وقت بوقت پنھنجي ذاتي خرچ تي ڪيترن ئي غريب نياڻين جون شاديون پڻ ڪرايون آهن ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي ڪاروبار کولي ڏيندو آهي. ان کانسواءِ رتيديري شھر ۾ پاڻ هڪ ميڊيڪل ڊسپينسري قائم ڪرايائين ۽ ايمبولينس وغيرہ بہ پنھنجي ذاتي خرچ تي وٺي ڏنائين. ڪيترن ئي گهرن ۾ صاف پاڻيءَ جا نلڪا ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي رهڻ لاءِ گهر پڻ ٺهرائي ڏنائين.
سيف ﷲ ابڙو سياست ۾ بہ حصو وٺندو رهيو آهي. 2010ع وارين ملڪگير ٻوڏ دوران بہ هن لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني ٻوڏ ستايلن ۾ امداد تقسيم ڪئي. پاڻ ڳوٺ اگهم 2، وسند شاخ، تعلقي رتيديري ۾ رهائش پذير آهي.
1969.12.20 عيسوي
ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيف الله ابڙو 20 ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ اگهم 2 وسند شاخ تعلقي رتيديري جي هڪ غريب گھراڻي ۾ جنم ورتو.