سيوهڻ شهر

سيوهڻ شهر

سيوهڻ  ۾ ڪاٺ جي ڍانچي واري هڪ آڳاٽي عمارت

سيوهڻ ۾ ڪاٺ جي ڍانچي واري هڪ آڳاٽي عمارت

بودلي بهار جي ڪافي

بودلي بهار جي ڪافي

ڀوري بادل شير جي ڪافي

ڀوري بادل شير جي ڪافي

پٺاڻ جي ڪافي

پٺاڻ جي ڪافي

سيوهڻ

سيوهڻ: سيوهڻ شھر سنڌ جي وچولي حصي ۾ سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد آهي، جيڪو سنڌونديءَ جو ڏنل تحفو آهي. بيهڪ جي لحاظ کان سيوهڻ 26.26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.50 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي ڪراچيءَ کان اتر، اوڀر ۾ اٽڪل 180 ميلن ۽ دادوءَ کان اولھہ ڏکڻ ۾ اٽڪل 30 ميلن جي مفاصلي تي ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هيءُ شھر هن وقت خشڪي، ريل، درياهي ۽ هوائي رستي سان ملڪ جي مکيہ شهرن سان ڳنڍيل آهي. شھر جي اوڀر ۾ سنڌو درياھہ، اتر اولھہ ۾ اڙل واھہ، اولھہ ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ ۽ ڏکڻ ۾ ڀڳو ٽوڙو (ٺوڙهو) جبل، لڪي ۽ نيرون جبلن جون قطارون آهن، اٽڪل اڌ ميل جي مفاصلي تي اتر اوڀر ۾ سنڌو درياھہ وهي ٿو. شھر جي وچ ۾ حضرت لال شھباز قلندر جو عاليشان مقبرو آهي. شھر جي ڀر ۾ اتر طرف پراڻو قلعو، ڏکڻ ۾ چوٿنڀي، اوڀر ۾ لال باغ، شھر ۾ چوطرف اوليائن بزرگن، عاشقن، وارن، صوفين، عالمن درويشن، مجذوبن ۽ فقيرن جون آخري آرامگاهون آهن. سيوهڻ جي مٽيءَ ۾ لعل شھباز جھڙا قلندر، بودلي بھار جھڙا سڪندر، ڇٽي عمراڻي جھڙا جُنگ جوان، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي- نعمان ثاني جھڙا فقيھ ۽ ڪامل مدفون آهن. شھر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون، درسگاهون، تجارتي ۽ هنري مرڪز موجود آهن. هن وقت شھر جي پکيڙ چئن چورس ڪلوميٽرن ۾ آهي ۽ اُن ۾ اندازً ٽي لک ماڻهو رهن ٿا، پراڻي وقت ۾ سيوهڻ شھر ڪيترن بادشاهن جو صدين تائين صدر مقام، تختگاھہ ۽ سنڌ حڪومت جو پرڳڻو رهيو آهي، جنهن ڪري ٻاهرين فاتحن، حاڪمن، شهنشاهن ۽ بادشاهن سيوهڻ تي قابض ٿيڻ لاءِ چڙهايون ۽ حملا ڪيا ۽ ان کي پنھنجي هٿ هيٺ آندو. هتان جي قلعي کي ڪيترائي ڀيرا ڊاٺو ويو، ٺاهيو ويو ۽ مرمت ڪئي وئي، قلعي جي آسپاس ڳوٺن ۽ آبادين ۽ فصلن کي ڪافي ڀيرا ناس ڪيو ويو. جبل، منڇر ڍنڍ، درياھہ ۽ پراڻي قلعي، هن شھر جو هر وقت قدرتي دفاع پئي ڪيو آهي، جنهنڪري هن شھر کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪي حملي آور ڪامياب ٿيا تہ ڪي ناڪام رهيا. سيوهڻ جي فوجي اهميت ڪري اسلام کان اڳ سڪندراعظم سيوهڻ جو قلعو فتح ڪيو هو ۽ ان جي مرمت ڪرائي هئي، مُحمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو تہ ان جو توجھہ هڪدم سيوهڻ فتح ڪرڻ طرف ڇڪيو. سومرن لاڙکي وسايو تہ سمن وري سيوهڻ کي پنھنجي قبضي ۾ رکيو. جلال الدين خوارزم شاھہ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن بہ هن پهريائين سيوهڻ تي اچي قبضو ڪيو. ٺٽي فتح ڪرڻ کان اڳ شاھہ بيگ ارغون سيوهڻ ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا هئا. معزول شهنشاھہ همايون بہ هن قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنھنجي فوج مارائي هئي. عبدالرحيم خان خانان سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ رکيو هو. دارا شڪوہ کي جڏهن اورنگزيب عالمگير (ڀاءٌ) جي ڇاڙتن مارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هن سيوهڻ ۾ پنھنجي زال نادرہ بيگم سميت پناھہ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مغلن جي آخري ڏينهن ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي سيوهڻ بجاءِ دادوءَ جي ڀرسان خداآباد شھر اڏائي ان کي صدر مقام مقرر ڪيو تہ سيوهڻ جي اهميت گهٽجڻ لڳي.
سيوهڻ جا مشائخ: سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سيوهڻ ۾ بہ اوليائن ۽ مشائخن اچي تبليغ ڪئي ۽ حق جي تلقين ڪيائون. سڀ کان پهرين اسان کي عباسي گورنرن جي دور ۾ ڇٽو امراڻي ۽ سيد علي مڪي جا نالا ملن ٿا.
سومرن جي دور ۾ مشائخن ۽ عالمن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز، سيد علي مست، شيخ علي بغدادي، مخدوم علي سيوستاني، سيد عبدالله ابدال، سڪندر بودلو بهار، سيد مير ڪلان، سيد ڀورا بادل شير، سيد صلاح الدين شاھہ، سيد جتي ستي'>ابراهيم شاھہ جتي ستي، شاھہ گودڙيو ۽ سيد جمن شاھہ جتي ستي جا نالا ملن ٿا.
ارغونن جي دور حڪومت ۾ هتان جي مشائخن ۾ سيد حيدر شاھہ سنائي،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عبدالڪريم عرف ميران محمد بوبڪائي، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، ملا ابوالفتح فتحي، حيدر هروي، عبدالعزيز محدث ابهري، سيد مير علي صغير،قاضي ڏتو سيوهاڻي'> قاضي ڏتو سيوهاڻي، شيخ ٽوپڻ، قاضي ادريس سيوستاني، قاضي عبداللطيف، قاضي قاضن، قاضي نصرالله سيوستان، شيخ موسيٰ بوبڪائي، قاضي عبدالله درٻيلوي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
ترخان دور ۾ حڪيم محمد عثمان بوبڪائي، مخدوم عباسي هنڱورجائي، شيخ قاضي مبارڪ پاٽائي، عضنفر بيگ، رستم بيگ ۽ قاضي ابراهيم جھڙا نامور بزرگ ملن ٿا.
مغل گورنرن جي دور ۾ سيوهڻ جون نامور شخصيتون:
شيخ ابوالفيض فيضي: هي شيخ مبارڪ بن شيخ خضر جو وڏو پٽ هو. شيخ مبارڪ اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو، پر پنھنجي علمي لياقت سبب کيس آگري سڏايو ويو، جتي پنجاھہ سال رهيو ۽ اتي ئي 954ھہ/ 1544ع ۾ فيضيءَ کي پٽ ڄائو. اڪبر جي درٻار تائين ابو الفيض پنھنجي علمي قابليت سبب رسيو ۽ ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب مليس. هن ڪيترا ڪتاب لکيا، پر سڀ کان مشھور ۽ لاجواب ڪتاب ’سواطع الھام‘ قرآن پاڪ جو بي نقط تفسير آهي. اڪبر بادشاھہ جي نو رتنن مان هڪ هو ۽ هن 1004ھہ/ 1595ع ۾ وفات ڪئي.
علامہ شيخ ابو الفضل: علامہ ابوالفضل آگري ۾ 958ھہ/ 1548ع ۾ ڄائو. هي بہ پنھنجي ڀاءُ فيضيءَ وانگر وڏو عالم هو. هي اڪبر جي درٻار ۾ پهرين هڪ هزاري منصب، پوءِ ٻہ هزاري منصب ۽ آخر ۾ اڪبر سندس علمي قابليت کي مدنظر رکندي کيس ’مير منشي ممالڪ ڪل هندستان‘ مقرر ڪيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ’آئين اڪبري‘ ۽ ’اڪبر نامہ‘ گهڻو مشھور ٿيا. ابو الفضل کي شھزادي جھانگير سازش ڪري 1011ھہ/ 1602ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.
انهن کان سواءِ مغل گورنرن جي دور ۾ شيخ خضر، شيخ مبارڪ سيوستاني، سيد عبداللطيف بخاري، شيخ يوسف پاٽائي، اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي، ملا محب علي سنڌي، مخدوم جھان سنڌي، مير عبدالله سلطان سبزواري، شيخ موسيٰ سيوستاني، شيخ خضر سيوستاني، قاضي سائين ڏنو، ميان مير سيوستاني، بيبي جمال خاتون سيوستاني، شيخ عبدالعزيز، مفتي عبدالواحد ڪبير، شيخ الاسلام مخدوم محمد مراد انصاري، مخدوم حامد بوبڪائي، فقير عبدالرحيم عارب ڪاشيگر، مير حيدر شاھہ، محمد انس سيوستاني، مخدوم عبدالحليم سيوستاني، سيد حسن شاھہ بخاري،شيخ محمد مريد سيوهاڻي'> شيخ محمد مريد سيوهاڻي، شيخ محمد محفوظ سيوستاني، درويش ابراهيم، درويش يحيٰ، وجيھہ الدين سيوستاني ۽ شيخ ابوبڪر سيوستاني جھڙا جيد عالم ۽ مشائخ ملن ٿا.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي، مخدوم عبدالواحد صديقي، مخدوم حسن سيوستاني قاري، مخدوم محمد مراد صديقي، مخدوم محمد صالح صوفي، مخدوم محمد مجذوب، نور محمد سيوستاني ۽ ملا محمد سيوهاڻي ملن ٿا.
پاڪستان ٺھڻ کان وٺي هن وقت تائين سيوهڻ تعلقي جي مشھور بزرگ، عالم، مشاهير، قلم ڪار، اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ سيد گل محمد شاھہ لڪياري، سيد موٽيل شاھہ سبزواري، پير الاهي بخش، حاجي عبدالرحمان ميمڻ، حافظ قاري مخدوم غلام عمر، حاجي پير بخش شاھہ، الحاج مولوي فيض محمد سندو، صالح محمد شاھہ نئينگ وارو، سيد جيئندل شاھہ لڪياري، حاجي حبيب شاھہ، جي. ايم. سيد، سيد محمد عالم شاھہ شيرازي، الحاج مولوي عبدالباقي چند، الحاج مولوي محمد علي سندو، حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو، حڪيم ثناءُ ترڪ، فقير غلام حسين سيلاني، علي محمد ساغر سيوهاڻي، در محمد قريشي بوبڪائي، سيد فيروز حسين شاھہ ’ثاثير‘ سيوهاڻي، سيد فيروز حسين شاھہ ظفر سيوهاڻي، سيد مظهر لڪياري، پروفيسر محبوب علي چنا، حاجي گل محمد کوسو، حاجي محمد قريشي، فقير حسين بخش ’خادم‘ سروري، شھباز علي ’ملازم‘ سروري، مخدوم محمد مراد صديقي، سيد صادق علي شاھہ سبزواري، سيد عزت علي شاھہ سبزواري، مخدوم عبدالرحمٰن عباسي، احمد علي قريشي، دادن فقير سولنگي، غلام نبي ’ناز‘ ڀٽي، حاجي عالم چنو، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، تاج صحرائي، سيد عبدالله شاھہ (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير)، مظهرالحق صديقي، حاجي غلام حيدر سولنگي، مصطفيٰ قريشي، پروفيسر فتح صديقي، حاجي خان پنهور ۽ نظير حيات سيوهاڻي.
سيوهڻ مان لڌل سڪا: سيوهڻ راڄڌانيءَ ۾ وقت جي حاڪم جو سڪو رائج هو. ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان اهڙا سڪا مليا آهن:
سلطان شھاب الدين محمد بن سام غوريءَ جي سڪن تي عربيءَ ۾ عبارت لکيل آهي. سڪا ٽامي جا آهن. سڪن جي هڪ طرف ’ابو المظفر محمد بن سام‘ ۽ ٻئي طرف ’السلطان المعظم معزالدنيا والدين‘ لکيل آهي. ناصرالدين قباچه جي نالي سان هڪ ننڍڙو ٽامي جو سڪو مليو آهي جنهن جي هڪ طرف لکيل آهي: ’جه (قباچه)‘، سڪي جي ٻئي طرف گول دائري ۾ ’صر (ناصرالدين)‘ لکيل آهي.
سيوهڻ مان علاوالدين مسعود شاھہ جو جاري ڪيل ٽامي جو بہ هڪ سڪو لڌو آهي، جنهن جي هڪ طرف ڍڳي جي تصوير جي مٿان هنديءَ ۾ ’علاوالدين‘ لکيل آهي. ٻئي طرف گهوڙي سوار جي سامهون ’شري هميره‘ لکيل آهي.
ناصرالدين محمود جو پڻ ٽامي جو سڪو مليو آهي، ان جي چوڪنڊي ۾ ’السلطان الاعظم ناصرالدنيا والدين‘ لکيل آهي. ٻئي طرف گهوڙي سوار جي مٿان عربيءَ ۾ محمود ۽ سامهون هنديءَ ۾ ’شري هميره‘ لکيل آهي.
غياث الدين بلبن جا دهليءَ کان جاري ڪيل ٽامي جا ٻہ سڪا بہ مليا آهن:
(1) هڪ سڪي جي هڪ طرف لکيل آهي ’السلطان الاعظم غياث الدنيا والدين‘ ۽ ٻئي پاسي گول دائري ۾ ’بلبن‘ ۽ ان جي چوڌاري هنديءَ ۾ ’شري سلطان غياث الدين‘ لکيل آهي.
(2) هن سڪي تي هڪ طرف ’السلطان الاعظام‘ لکيل آهي ۽ ٻئي طرف ’غياث الدنيا والدين‘ لکيل آهي.
معزالدين ڪيقباد جو جاري ڪيل سڪو بہ سيوهڻ مان هٿ آيو آهي. اهو سڪو ٽامي جو آهي. ان جي هڪ طرف ’السلطان الاعظم‘ ۽ ٻئي طرف ’معزالدين والدين‘ لکيل آهي.
سيوهڻ جون ڪافيون: ڪافي ان درگاھہ يا هنڌ کي چيو ويندو آهي، جتي ڪنهن بزرگ پنھنجي مخصوص مڪتب فڪر جا اهڙا تہ پوئلڳ ڇڏيا هجن، جيڪي اڄ تائين انهيءَ بزرگ جي نالي تي ان جي مزار يا ان سان منسوب هنڌ تي هڪ جماعت جي صورت ۾ رهندا هجن ۽ انهيءَ بزرگ جي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ رکندا آهن. سيوهڻ ۾ اهي سموريون ڪافيون قلندري فقرائن جي رهاشگاهون آهن، اهي ڪافيون هي آهن:
ابدال (دونهين واري ڪافي): هن ڪافيءَ ۾ عبدالله شاھہ ابدال ۽ ٻين ابدالي سرگروهن جون تربتون آهن، عبدالله شاھہ ابدال قلندر لعل شھباز سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ انهيءَ هن ڪافيءَ جو بنياد وڌو هو. هيءَ ڪافي، قلندر جي درگاھہ جي ڏکڻ ۾ آهي. هتي لعل شھباز جي دونهين آهي، جنهنڪري هي ’دونهينءَ واري ڪافي‘ پڻ سڏجي ٿي. هن ڪافيءَ جو سرگروه فقير شير ابدال آهي.
اولادي امير/ شاھہ صلاح الدين جي ڪافي: شاھہ صلاح الدين دراصل لڪياري ساداتن جو پيشوا هو، جيڪو شاھہ صدرالدين لڪياريءَ جي حڪم تي قلندر لعل شھباز سان گڏ لڪيءَ کان سيوهڻ آيو هو. شاھہ صلاح الدين جنهن جاءِ تي پنهنجو آستانو قائم ڪيو، ان کي ’شاھہ صلاح الدين يا اولادي امير‘ جي ڪافي چون ٿا. لعل شھباز جي رحلت کانپوءِ شاھہ صلاح الدين، ڏاڏي ابراهيم جتي ستيءَ جو طالب ٿيو. هن ڪافيءَ سان ست ڪافيون منسلڪ آهن ۽ اهي سڀئي سيد محمد مراد شاھہ لڪياريءَ جي سرپرستيءَ ۾ آهن.
جمن جتي ستيءَ جي ڪافي: هي ڪافي اڙل جي ڪپ تي آهي ۽ اها اولادي امير ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
گلاب شاھہ جي ڪافي: هيءَ ڪافي قلندر لعل شھباز جي درگاھہ جي آمهون سامهون آهي ۽ هي بہ اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
مير حيدر بگاشير جي ڪافي: هن ڪافيءَ جو سرگروھہ فقير محرم شاھہ آهي ۽ هيءَ بہ اولادي امير ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
بودلي بھار جي ڪافي: بودلي سڪندر بھار جي ڪافي قلعي جي مکيہ دروازي وٽ لعل شهاز قلندر جي اتر اولھہ ۾ قلعي جي ويجهو آهي. هي ڪافي اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
نهال شاھہ نوريءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
ابراهيم جتي ستيءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي قلندر لعل شھباز جي درگاھہ جي اتر پاسي آهي ۽ هيءَ بہ اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
سبزواري ڪافي: هيءَ ڪافي درگاھہ جي آسپاس ۾ آهي ۽ اها بہ اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
ڪچهريءَ واري ڪافي: هن ڪافيءَ بابت مشھور آهي تہ قلندر لعل شھباز پنهنجن ساٿين، مريدن ۽ فقيرن سان گڏجي هن هنڌ تي ڪچهري ڪندو هو، انهيءَ نسبت سبب ان آستاني کي ’ڪچهريءَ واري ڪافي‘ چون ٿا. قلندر لعل شھباز جي رهائش بہ ان ڪافيءَ ۾ هوندي هئي. سندس 72 لنگ بہ ان ۾ دفن آهن. اها ڪافي قلندر لعل شھباز جي درگاھہ جي اتر اولھہ ۾ ڀرسان آهي. هن ڪافيءَ جون ٻہ شاخون: (1) سخي پاڻ سلطان جي ڪافي ۽ دودو مرد حقانيءَ جي ڪافي.
سخي پاڻ سلطان جي ڪافي: هن ڪافيءَ ۾ سيد عبدالرزاق جيلاني مدفون آهي ۽ هن جا ٻہ پٽ سيوهڻ ۾ مدفون آهن، جن کي ’پير پوٽا‘ چون ٿا.
دودو مرد حقانيءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي دادو روڊ لڳ آهي ۽ اها ڪچهري ڪافيءَ جي شاخ آهي.
ڀوري بادل شير جي ڪافي: هيءَ ڪافي سيد ڀوري بادل شير بخاريءَ جي آهي ۽ قلندر لعل شھباز جي درگاھہ جي اوڀر ۾، شاهي قديم علم پاڪ وٽ آهي. سيد ڀورو بادل شير بخاري ڏاڏي ابراهيم جتي ستيءَ جو طالب هو. هن ڪافيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ شينهن موجود هوندا هئا.
سخي سرور/ پٺاڻ جي ڪافي: هيءَ ڪافي 1973ع ۾ وجود ۾ آئي، جڏهن هڪ فقير طبيعت نادر شاھہ پٺاڻ 1973ع ڌاري گذاري ويو. سندس وفات کانپوءِ سندس ڀائٽيو سندس گادي نشين ٿيو. هو ديري غازي خان واري پاسي جو پٺاڻ هو. هتي ڪافي لنگر هلي ٿو. پٺاڻ جي ڪافي هاڻي سڄي پاڪستان جي پٺاڻن ۾ مشھور آهي. نادر شاھہ پٺاڻ هڪ درويش صفت انسان هو ۽ هو قلندر جي درگاھہ تي عقيدت وچان ٻهاري پيو ڏيندو هو. انهيءَ عقيدتمنديءَ سبب اڄ سندس نالي پٺيان هي ڪافي مشھور آهي، جتي سوين ماڻهو اچن ٿا.
(15) نهال شاھہ نوري جي ڪافي، (16) امام علي شاھہ جي ڪافي، (17) نور شاھہ ڪربلائيءَ جي ڪافي، (18) شاھہ جھانيان جي ڪافي،
(19) فقير لعل داس جي ڪافي.
ياد رکڻ گهرجي تہ ٻہ ڪافيون: ’سخي پاڻ سلطان شاھہ ڪافي‘ ۽ ’شاھہ نصير واري ڪافي‘، قلندري سلسلي سان منسلڪ ڪونه آهن. هنن ڪافين جا فقير نہ تِلُ ڪن نہ ڌمال، صرف مينديءَ جي رسم ۾ حصو وٺندا آهن.


لفظ سيوهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو