سچـل جـنجهـي

سچـل جـنجهـي

سچل جنجهي

سچـل جـنجهـي: ٿرپارڪر جي سماج سڌارڪ محمد سچل جنجهيءَ، 28 اپريل 1922ع تي ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ جهنجهيءَ ۾، الهڏني جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن وڏا اصل راجسٿاني علائقي جيسلمير جا هئا، جيڪي پوءِ لڏي ڇاڇري تعلقي ۾ ويٺا. سچل جنجهيءَ ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪانڪهيي ۾ پڙهي. قرآن شريف جي تعليم حاجي الھداد جنجهيءَ جي والد حافظ ميگهہ ۽ مولوي عبدالحق کان ورتائين. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري 1945ع ڌاري ماستر مقرر ٿيو. هن نهايت ئي خوش اسلوبيءَ ۽ محنت ڪري ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو. 1949ع ۾ هن ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، 1951ع ۾ ڪاليج ۾ سکيا مڪمل ڪري موٽي آيو ۽ ٻيهر پنهنجيون تعليمي خدمتون انجام ڏيڻ لڳو. ان وچ ۾ سندس پٽ ڄام ساقي سياست ۾ تمام اڳڀرو رهيو. سندس تعلق کاٻي ڌر ’ڪميونسٽ پارٽيءَ‘ سان هئڻ ڪري سرڪار مٿس ڏمريل هئي، جنهنڪري 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سندس گهر تي ڇاپو لڳو ۽ ڪجهہ گهر ڀاتين سميت استاد سچل گرفتار ٿيو ۽ گهر مان هڪ ڪتاب ’هيمون ڪالاڻي‘ هٿ اچڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، اڳتي هلي ضمانت تي آزاد ٿيو. 1971ع واري پاڪ- هند جنگ دوران هن پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي اسلام ڪوٽ کان اولھہ طرف ڳوٺ راڻا ترائيءَ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي ڪجهہ وقت رهڻ کانپوءِ پنھنجي ڀائرن کي آباد ڪري پاڻ اچي حيدرآباد ۾ رهيو. استاد سچل جنجهي هڪ باوقار ۽ سچو انسان ۽ استاد هو. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايو. ان ۾ انگريزي ڪلاس بہ هلايائين ۽ ان کي پرائمريءَ مان مڊل اسڪول جو درجو ڏياريائين ۽ پوءِ هاءِ اسڪول منظور ڪرايائين. ايتري تائين جو جڏهن اسڪول جي عمارت لاءِ سرڪار پلاٽ گهريو تہ ٻئي ڪنهن ڳوٺاڻي جڳھہ نہ ڏني تہ هن پنھنجي ڪل مُوڙي يعني اباڻو سروي نمبر، هاءِ اسڪول جي نالي لکي ڏنو، اڳتي هلي پ پ حڪومت ۾، پير مظهرالحق جي ذاتي دلچسپي وٺڻ سان هاءِ اسڪول کي ’استاد محمد سچل جهنجهيءَ‘ جي نالي سان منسوب ڪيو.
سچل جنجهي عورتن جي تعليم لاءِ پڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سڀ کان اول پنھنجي نياڻي مارئيءَ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اُن سان گڏوگڏ پنھنجي گهر واري مينهن ٻائيءَ کي داخل ڪرايو، جيڪي اڳتي هلي ٻئي استاد ٿيون.
استاد سچل وڏو مهمان نواز ۽ بي باڪ انسان هو. سندس وڏو پٽ مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي ۽ سندس ٻيو پٽ ڊاڪٽر سلطان احمد ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر آهي.
ٿرپارڪر جي هن سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان، 1 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.


لفظ سچل جنجهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

28.04.1922  عيسوي

ٿرپارڪر جي سماج سڌارڪ محمد سچل جنجھيءَ، 28 اپريل 1922ع تي ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ جھنجھيءَ ۾، الهڏني جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


01.12.1991  عيسوي

ٿرپارڪر جي هن سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان، 1 ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاھہ جتي ستي
رمضان ساريو
پرويز مشرف
رياض باقر ڊاڪٽر
تارڙ رفيق احمد
سرهو فقير
شھداد فقير لانگاھہ
محمد يعقوب سولنگي شھيد
الانا ڊاڪٽر غلام علي
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون