
سچيتا ڪرپلاڻي
سچيتا ڪرپلاڻي: مشھور سياستدان سچيتا ڪرپلاڻيءَ، 25 جون 1908ع تي ڀارتي رياست هريانا جي علائقي امبالا ۾ هڪ بنگالي ڊاڪٽر ايس. اين. نجمدار جي گهر ۾ جنم ورتو. سچيتا هوش سنڀاليندي ئي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ دهليءَ جي بھترين تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن باقاعدي سياست ۾ حصو ورتو. انگريزن خلاف ’ڀارت خالي ڪريو تحريڪ‘ (Quit India Movement) ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. اهڙيءَ طرح سچيتا جي سرگرمين کي ڏسي مهاتما گانڌيءَ کيس انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي رڪنيت ڏني ۽ جلد ئي هوءَ ڪانگريس جي مک اڳواڻن ۾شمار ٿيڻ لڳي. انهيءَ زماني ۾ ئي هن مشھور سنڌي سوشلسٽ اڳواڻ آچاريه ڪرپلاڻيءَ سان شادي ڪئي. هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ نہ صرف سندس والد پر مڙس بہ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. سچيتا جو مڙس آچاريه جيوترام ڀڳوانداس ڪرپلاڻي حيدرآباد سنڌ جو ڄاول هو، گانڌيءَ جي آفريڪا کان ڀارت اچڻ وقت هن گجرات ۾ گانڌيءَ جي آشرم جو ڪم شروع ڪيو. آچاريه پاڻ بہ آزادي پسند انقلابي اڳواڻ هو. (ڏسو: آچاريه ڪرپلاڻي، جلد پهريون) تنهنڪري هن پنھنجي گهرواريءَ جي ڀرپور همت افزائي ڪئي. مهاتما گانڌيءَ 1946ع ۾ سچيتا ڪرپلاڻيءَ جي حوصلي ۽ همت کي ڏسي کيس گانڌي نيشنل ميموريل ٽرسٽ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري مقرر ڪيو. هن ان پليٽ فارم تان پوري هندستان جا دورا ڪيا ۽ آزاديءَ جو پيغام پھچايو. جڏهن گانڌيءَ کي انگريز سرڪار گرفتار ڪيو تہ سچيتا، اوشتا، مهتا ۽ ارونا ئي هيون، جن آزاديءَ جي جدوجھد کي ماٺو ٿيڻ نہ ڏنو. 1946ع ۾ هن کي انڊين نيشنل ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سرگرمين کي ڏسي انگريز سرڪار کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو، جڏهن هوءَ جيل کان ٻاهر آئي تہ اڃا وڌيڪ متحرڪ ٿي. ان بعد کيس ڪانگريس جي صدر مقرر ڪيو ويو. 15-آگسٽ 1947ع تي ڀارت جي آزاديءَ واري ڏينهن ڀارتي اسيمبليءَ ۾ وندي ماترم ڳائيندي پاڻ روئي پئي هئي. اهي لڙڪ سالن جي جدوجھد بعد ڪاميابيءَ ۽ افسوس جا هئا. هڪ پاسي هندستان آزاد ٿيو هو تہ ٻئي پاسي ورهاڱي سبب سنڌ جدا ٿي هئي. سچيتا ڀارتي آئيني ڪاميٽيءَ جي ميمبر پڻ هئي. ڀارت جي آئين ٺاهڻ ۾ سندس ڪردار سڀني کان مٿيرو آهي. آزاديءَ کانپوءِ 1952ع ۾ سچيتا ڪرپلاڻي اتر پرديش رياست ۾ سياست جاري رکي ۽ لوڪ سڀا جي نشست تي چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿي اسيمبليءَ ۾ پهتي. کيس سمال انڊسٽريءَ جو وزير مقرر ڪيو ويو. ان دوران نهروءَ سان اختلاف ٿيڻ ڪري هوءَ ڪانگريس کان پاسيري بہ ٿي وئي. هن 1951ع ۾ ڪانگريس جي ميمبرشپ تان استعيفا لکي ڏني. ان بعد هن هڪ نئين پارٽي ٺاهي، جنهن جو نالو سوشلسٽ پارٽي آف انڊيا رکيو ويو. 1963ع جي چونڊن کانپوءِ سچيتا ڪرپلاڻي اتر پرديش جي وزيراعليٰ چـونڊجـي وئي. اهـڙيءَ طرح هـن ڀارت جي پهـرين سنڌي وزيراعليٰ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. 1967ع کانپوءِ هن ٻيهر مرڪزي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو. 1970ع ۾ هيءَ مخالف ڌر جي اڳواڻ چونڊجي وئي ۽ هن سڀ کان پهرين گرفتار ٿيندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو بہ اعزاز حاصل ڪيو. مخالف ڌر ۾ هجي يا حڪومت ۾ هن پنهنجو ڪردار هميشہ بھترين طريقي سان ادا ڪيو. هوءَ اسيمبيليءَ ۾ ڳالهائڻ دوران سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندي هئي، هوءَ ڪنهن قسم جي سوديبازي نہ ڪندي هئي. اهو ئي سبب هو جو هن جا ڪيترا ڀيرا پنھنجي پارٽي اڳواڻن سان بہ اختلاف ٿيندا رهندا هئا. عمر جي آخري حصي ۾ بہ هوءَ خاموش نہ ويٺي، جڏهن دهليءَ ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ شروع ٿي تہ ان ۾ بہ شامل ٿي. هوءَ سڄي زندگي سماج سيوڪ رهي. جڏهن اتر پرديش جي وزير اعليٰ هئي، تڏهن بہ پنھنجي گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي. سچيتا پهرين ڊسمبر 1974ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي.
25.06.1908 عيسوي
مشهور سياستدان سچيتا ڪرپلاڻيءَ، 25 جون 1908ع تي ڀارتي رياست هريانا جي علائقي امبالا ۾ هڪ بنگالي ڊاڪٽر ايس. اين. نجمدار جي گھر ۾ جنم ورتو.
01.12.1974 عيسوي
سچيتا پهرين ڊسمبر 1974ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي.