سکر شهر جو هڪ منظر

سکر شهر جو هڪ منظر

سکر شهر

سکر شهر

سکر شهر

سکر شهر

سکر شهر

سکر شهر

سکر بئراج

سکر بئراج

سکر شھر

سکر (شھر): سنڌو درياھہ جي ساڄي ڪپ تي واقع سنڌ جو هيءُ خوبصورت شھر هڪ زماني ۾ مصروف بندر پڻ رهيو آهي. سنڌ جو هي ٽيون نمبر وڏو شھر 27.69 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.84 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. سمنڊ جي سطح کان سراسري 200 فوٽ مٿانهين تي موجود هي شھر اتر سنڌ جو سڀ کان وڏو ڪاروباري مرڪز آهي. قدرتي طور سکر شھر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، هڪ جابلو ٽڪرين وارو ۽ ٻيو ميداني علائقو، جتي سرڪاري دفتر، ڪورٽون، ميونسپالٽيءَ جون آفيسون، شاپنگ سينٽر، اسڪول، ڪاليج، ڪارخانا، بجلي گهر، هوٽل، راندين جو ميدان، پارڪ، بئنڪون، گهر، بنگلا، ولين جا مقبرا، ايئر پورٽ ۽ ٻيون ديدہ زيب عمارتون ٺهيل آهن. تازن انگن اکرن موجب هن شھر جي آبادي 417923 آهي. هتان جي موسم اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾سرد ٿئي ٿي. سکر شھر روڊ ۽ ريل رستي سڄي ملڪ سان جڙيل آهي، هتي ايئرپورٽ بہ قائم آهي.
سکر جي مختصر تاريخ: هي شھر قدامت جي لحاظ کان جهونو شھر آهي. سکر جي نالي بابت مختلف تاريخن ۾ مختلف روايتون مليون آهن. سکر بابت آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڇپايل محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب (Sukkur: Then & now) موجب، جي. اين مهتا 1910ع ۾ جڏهن بمبئي سرڪار پاران هتي جاچ آفيسر ٿي آيو تہ هن سکر بابت پنھنجي رپورٽ ۾ هن طرح لکيو: ”چيو وڃي ٿو تہ هيءَ وسندي 375ع ڌاري هندو برهمڻ ويرڀام (بيرمانجي) آباد ڪئي ۽ سندس وفات کانپوءِ 492ع ڌاري سندس پوين هن وسنديءَ کي ’شڪر‘ جو نالو ڏنو، جو بيرمانجي شڪروار (جمعي جي ڏينهن) ديهانت ڪيو، جيڪو لفظ اڳتي بگڙجي سکر ٿيو. انهيءَ سميت ٻيون بہ ڪي ڪمزور ۽ من گهڙت روايتون بہ لکيون ويون آهن. جيئن چيو ويو تہ محمد بن قاسم هن علائقي جي ويجهو پهتو تہ هتان جي گرم آبهوا ڏسي چيائين ”کانه هــٰذا سقر“ يعني تہ دوزخ جهڙو آهي ۽ پوءِ سقر لفظ بگڙجي سکر ٿيو. پر انهيءَ روايـت کـي نــامـيـاري مـحـقـق رحـيـمـداد مـولائـي شيدائي ڪمزور ۽ من گهڙت قرار ڏيندي لکيو تہ: ”محمد بن قاسم 6 صديون اڳ آيو، ۽ هو سکر نہ بلڪ اروڙ کانپوءِ ملتان ڪاھہ ڪري ويو هو.“ پر ان جي بر عڪس هندستان جي ورهاڱي کان ڏهاڪو سال اڳ جي آيل اسڪول جي هڪ هـنـدو مـاستر پرسرام ويرومل مستند، سکر شھر جي مختصر تاريخ ’سکر سونهارو‘ Sukker the sweet) (نالي سان تصنيف ڪئي، ان حاشيي ۾ حوالو تہ ڪونه ڏنو اٿائين، پر لکيائين تہ: ”محمد بن قاسم ٿڪو ماندو جڏهن هتي پهتو تہ هتان جي شادابيءَ کي ڏسي خداوند ڪريم جو شڪر ادا ڪيائين ۽ سندس لفظ ’شڪر‘ بدلجي سکر ٿيو. ان کان علاوہ سکر ۾ ڪمند جي پوک ۽ ڳاڙهي کنڊ (شڪر) بہ ٺهندي هئي، جنهنڪري بہ شڪر لفظ ڦري سکر ٿيو هوندو. ڪي وري لکن ٿا تہ سکين ستابن ماڻهن جي ڪري ’سُکر‘ لفظ پوءِ سکر بڻيو. جڏهن تہ المسعودي سکر کي ’شاڪرا‘ لکيو آهي. تاريخ طاهري ۾ ’شڪوره‘ ۽ چچ نامہ ۾ وري ’سڪه‘ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ اهو لفظ بحث سمجهندي اڪثر مؤرخن ان کي اهميت نہ ڏني. مولائي شيدائيءَ ’سکر‘ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ڄاڻايو آهي، جنهن جي معنى شريف، صحتمند، فارغ البال، بيان ڪئي اٿائين. گهڻن اوليائن جي موجودگيءَ سبب هن شھر کي سکر شريف بہ لکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سکر ۽ روهڙيءَ وچ ۾ واقع ننڍڙو ٻيٽ بکر بہ سکر جي اچار جهڙو آهي.
787ع ڌاري خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابو تراب اروڙ جي ويرانيءَ بعد هتي شھر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو ’فرشه‘ رکيائين. پوءِ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سيد محمد مڪيءَ جي اچڻ بعد ان جو نالو ’بکر‘ ٿيو. سومرن جي دور ۾ سنڌ اندر پهرين سھروردي صوفي خانقاھہ بہ بکر ۾ قائم ٿي. بکر جي قلعي ۾ مغل رهندا هئا. انهيءَ قلعي کي ڪنهن وقت مرڪزي حيثيت حاصل هئي، جو فوجي مهمون هتان روانيون ٿينديون هيون. (وڌيڪ ڏسو: بکر، جلد پهريون)
نئين سکر جي ابتدا: سکر جي نئين تعميري ابتدا 1842ع ڌاري ٿئي ٿي، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضي بعد سکر کي فوجي لشڪر جو هيڊ ڪوارٽر بڻايو. انهيءَ کان اڳ رياست خيرپور جي ميرن جي اجازت سان هتي هڪ فوجي ڇانوڻيءَ جو قيام عمل ۾ آيو هو، انگريزن جي قبضي ۾ پراڻو سکر هو، نئين سکر جو وجود بعد ۾ ٿيو. جتي اڳ ۾ گهاٽو جهنگ هو ۽ خوفناڪ جانور بہ اتي رهندا هئا. انگريزن انهيءَ جهنگ کي ڪٽرائي صاف ڪيو ۽ اتي هنن ملٽريءَ جو مرڪز قائم ڪيو، جنهن بعد آبادي وڌندي وئي ۽ هي شھر تعميري ترقيءَ تي گامزن ٿيو. عاليشان محلاتون، پهاڙين تي سرڪاري دفتر ۽ رهائشگاهون تعمير ٿيون. 1845ع ڌاري هڪ مهلڪ بيماريءَ منهن ڪڍيو، جنهنڪري 500 کان وڌيڪ فوجي مري ويا. اهو ڏسي چارلس نيپئر باقي فوج کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو. 1842ع ۾ سکر شھر شڪارپور ضلعي ۾ هو ۽ 1883ع ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻيو. ڪي محقق ان جو سال 1901ع پڻ لکن ٿا. جنهن بعد وڌيڪ ترقي ٿي ۽ شڪارپور جي تجارت بہ گهڻي ڀاڱي سکر ۾ منتقل ٿي.
سکر جي تڏهوڪي حاڪم ميئو صاحب شھر کي ترقي وٺرائي، بندر تي وڻ پوکرايائين، ماڻهن کي مفت پلاٽ بہ ڏنائين. 1887ع ۾ ڪراچي، ڪوٽڙي، ملتان ۽ لاهور وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي تہ سکر ۾ ٻين شهرن جي آمدرفت بہ گهڻي ٿي. هي سنڌوءَ ڪناري هئڻ ڪري اهم بندرگاھہ ليکجڻ لڳو. 1924ع ۾ سکر بئراج جو ڪم شروع ٿيو، جنهنڪري وسيع علائقي جو آبپاشي نظام بهتر ٿيو، انهيءَ کان اڳ 1889ع ۾ لئنسڊائون پل تيار ٿي تہ سکر شھر روهڙي رستي ملتان سان ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍجي ويو. شھر جي اولھہ ۾ نئين وسندي آباد ٿي، جنهن کي ’بئراج ڪالوني‘ جو نالو ڏنو ويو.
لئنسڊائون پل: هي شھر لئنسڊائون پل ۽ سکر بئراج جي ڪري بہ مشھور آهي، اهي ٻئي تعمير جا نادر نمونا آهن. لئنسڊائون پل دنيا جي ٻيو نمبر اهڙي پل ليکي وڃي ٿي، جنهن کي متحرڪ يعني (Suspention Bridge) چيو وڃي ٿو، اها پل مضبوط گارڊرن تي بيٺل آهي، هيءَ پل سکر ۽ روهڙيءَ کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. 1879ع کان 1889ع تائين ريلوي جا سامان ۽ مسافر مال بردار جھاز انهيءَ پل ذريعي گذاريا ويندا هئا. بمبئيءَ جي گورنر مارچ 1889ع ۾ پل جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي ان جو افتتاح ڪيو، جنهن تي نالو بہ گورنر ’لارڊ لئنسڊائون‘ جي پٺيان ’لئنسڊائون پُل‘ رکيل آهي.
روهڙيءَ پاسي کان اها پل بنا ٿنڀن جي ٺهيل آهي، انڪري پهريون ڀيرو جڏهن ان تان ريل جي انجڻ کي گذارڻو هو تہ ڊرائيور انڪار ڪيو ۽ بعد ۾ هڪ قيدي، جيڪو شيدي نسل مان هو، ان حامي ڀري ۽ بئلسٽ ٽرين انهيءَ پل تان گذاري ڏيکاريائين. موٽ ۾ کيس انعام بہ مليو ۽ قيد مان آزادي بہ ڏني وئي. انهيءَ واقعي بعد ماڻهن جو خوف گهٽ ٿيو ۽ سکر-روهڙيءَ وچ ۾ آمدرفت انهيءَ پل ذريعي ٿيڻ لڳي. لڳ ڀڳ سوا صدي گذرڻ باوجود لئنسڊائون پل هڪ خوبصورت ڏيک ڏئي ٿي، پر اڄڪلھہ ان تان بس ۽ ٽرڪ وغيرہ جي گذرڻ تي پابندي مڙهيل آهي. اڄ هيءَ پل صرف عام گذرگاھہ لاءِ آهي، ڇاڪاڻ تہ 1967ع ۾ پُل جي ڀرسان ئي ٿوري تبديليءَ سان ريلوي ڪراسنگ لاءِ الڳ پل ٺاهي وئي، جنهن جو نالو ’ايوب پل‘ رکيو ويو.
لئنسڊائون پل ڀرسان درياھہ جي ٻيٽ ۾ موجود ٽڪريءَ تي ساڌٻيلو آستان، ستين جو آستان، بابا بنکنڊيءَ جو مندر بہ ڏسڻ وٽان آهن. ساڌٻيلي ۾ هر سال ميلو بہ مچي ٿو، جنهن ۾ هند سنڌ جا ياتري اچن ٿا.
سکر جي لائيڊ بئراج دنيا جي وڏين بئراجن ۾ شمار ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو بئراج بہ دنيا جي معيار موجب آبپاشيءَ جو وڏو نظام فراهم ڪري ٿو. انهيءَ بئراج جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1932ع ۾ پورو ٿيو. بمبئيءَ جي گورنر لائيڊ جي نالي سان منسوب انهيءَ بئراج کي ميٽوڙي رنگ جي پٿر ۽ فولاد سان ٺاهيو ويو آهي. سکر بئراج جي ڊيگهه 4725 فوٽ آهي، ان جا 66 دروازا آهن، هر دروازو 22 وال ڊگهو آهي. هي سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان 60 فوٽ ڊگهي SPAN تي تعمير ڪيل آهي. سکر بئراج جي تعمير بعد پاڻيءَ جي ورهاست جو نظام ۽ زرعي انقلاب آيو، انهيءَ مان سنڌ جا اڪثر ضلعا زرخيز ٿين ٿا ۽ سيلابي وهڪرن کي پڻ برداشت ڪري ٿو. سنڌو درياءَ جو خوبصورت نظارو بہ سکر بئراج وٽان ڏسجي ٿو، درياھہ جي ڪناري ’لب مهراڻ‘ نالي پارڪ پڻ ٺاهيو ويو آهي (وڌيڪ ڏسو: سکر لائيڊ بئراج).
سکر جي سونهن بابت ڪئپٽن پوسٽن لکيو هو تہ: ”سنڌو نديءَ جي گذرگاهن ۾ شايد ئي اهڙو ڪو دلڪش هنڌ هجي، جهڙو حسين منظر سکر وٽان نظر اچي ٿو.“ ديوان ڏيارام گدو مل ڪجهه عرصو هتي رهيو ۽ سکر جي چانڊوڪي راتين کي نہ وساري سگهيو. اهڙي طرح هڪ انگريز سياح سکر بابت لکيو تہ: ”جيڪڏهن ڪو لئنسڊائون پل تي چڙهي ڏسندو تہ هڪ طرف روهڙي شھر ۽ ٻئي طرف سکر شهر، وچ تي ساڌ ٻيلو هڪ عجيب خوبصورتي نظر ايندي. اگر هي شھر يورپين وٽ هجي ها ۽ ان جي هنج ۾ درياھہ وهي ها تہ اتان جا ماڻهو توڙي حڪومت لکين پائونڊ خرچ ڪري ان جي خوبصورتيءَ کي وڌائين ها.“
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز وڪالت دوران ڳچ عرصو سکر ۾ گذاريو، پير علي محمد راشدي ’زميندار‘ اخبار ڪڍڻ وقت سکر ۾ ئي رهندو هو، ناميارو ترقي پسند اديب رشيد ڀٽي بہ سکر ۾ رهندو هو، سندس وڏن جو تعلق اروڙ سان هو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد بہ گهڻو وقت سکر ۾ گذاريو ’المناراخبار جي ايڊيٽر حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جي پريس بہ سکر ۾ هئي.
موجودہ دور جي شاعرن ۽ اديبن ۾ فتاح ملڪ، اياز گل، ادل سومري، ممتاز صحرائي، شوڪت خواجائي (مرحوم)، مھر خادم، نعيم شيخ ۽ ٻين جو تعلق بہ سکر سان رهيو آهي. سنڌ جي ديش ڀڳت بھادر شھيد هيمون ڪالاڻيءَ جو گهر بہ سکر ۾ هو.
سکر بئراج سان لڳو لڳ درياھہ جي کاٻي ڪپ تي سکر سينٽرل جيل جي عمارت واقع آهي، جيڪا 1938ع ۾ ٺھي هئي. اتان ئي خيرپور ضلعي طرف بہ رستو وڃي ٿو. شھر جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ اڄ بہ ماڻهو معصوم شاھہ جي مناري تي چڙهي، درياھہ جي ڪناري تي آباد هن شھر جو نظارو ڪن ٿا. هي منارو مير معصوم شاھہ بکريءَ آباد ڪرايو، جيڪو اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ 1594ع ڌاري ٺھڻ شروع ٿيو ۽ 1617ع ۾ ٺھي راس ٿيو. انهيءَ مناري جي ڊيگهه بہ 84 فوٽ، بنيادي قطر جي ويڪر بہ 84 فوٽ، جڏهن تہ چڙهڻ لاءِ ڏاڪا بہ 84 ٺهيل اٿس.
سکر جو مرڪزي ٽاور ’گهنٽا گهر‘ سندر داس ڏيئو مل جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو وچ شھر ۾ وڪٽوريا مارڪيٽ ٻاهران تعمير ڪيو ويو. 90 فوٽ ڊگهو ۽ 35 فوٽ ويڪرو هي ٽاور 1937ع ۾ ٺھي راس ٿيو، جيڪو سندر داس جي ياد ۾ سندر شيوڪ سڀا ۽ سيٺ واڌو مل نيڀائومل جي خرچ تي تعمير ٿيو. رات جي وقت روشنين سان چمڪندڙ هن ٽاور جو افتتاح تڏهوڪي ڪليڪٽر ميرچنداڻيءَ ڪيو. انهيءَ کانسواءِ سکر شھر ۾ سبزي، اناج، مرچن، مصالحن توڙي فروٽ جي وڏي مارڪيٽ قائم آهي. اليڪٽرانڪس ماڪيٽ، گارمينٽس مارڪيٽ سميت ڪئسٽن ۽ سي ڊيز جي هول سيل جو ڪاروبار بہ هتي عروج تي آهي. سکر پريس ڪلب ليوڪس پارڪ جي ڀرسان ٺهيل آهي. ساڳئي ئي علائقي ۾ رومن ڪئٿولڪ چرچ بہ موجود آهي، جيڪا 1885ع ۾ ٺهي، جڏهن تہ چرچ آف انگلنڊ، سٽي ڪورٽ ڀرسان ٺهيل آهي، جيڪا 1888ع جي تعمير آهي. انهن ٻنهي کان اڳ 1880ع ۾ وري انگلش چرچ ٺهي، جيڪا امپيريل بئنڪ جي سامهون آهي. سول اسپتال سکر 1880ع ۾ پراڻي سکر ڀرسان ريلوي لائين لڳ پهاڙيءَ تي ٺاهي وئي، پهريان اها فوجي بئرڪ هئي. سول اسپتال اڄ بہ انهيءَ هنڌ تي آهي. ساڳئيءَ پهاڙيءَ تي ڪمشنر آفيس بہ ٺهيل آهي. سکر جي جنرل پوسٽ آفيس 1929ع کان قائم آهي، اها عمارت چاندواني گرلس اسڪول جي سامهون موجود آهي. ڀرسان نم واري چاڙهيءَ جو علائقو موجود آهي، اتي ڪتاب گهر ۽ اسٽيشنريءَ جي مارڪيٽ آهي. اهي گهٽيون هيٺ لهندي صرافه بازار ۽ شاهي بازار ڏانهن وڃن ٿيون، جتي ڪپڙن، جوتن ۽ سونارن جا دڪان آهن. ڪليڪٽر آفيس ڀرسان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي عاليشان عمارت آهي، جيڪا 1939ع ۾ ٺهي، ان وچ ۾ قيصر هال بہ ٺاهيو ويو، جيڪو لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ خانبهادر قيصر خان جي نالي منسوب آهي. عيدگاھہ سکر جي سامهون پهاڙيءَ تي لٽريسي ٽاور 1940ع ۾ ٺهيو، جيڪو سکر جي ڪليڪٽر ٽي. ٽي. ڪوٺاوال جي ڪوششن سان تعليم جي آگاهيءَ وارن مقصدن تحت ٺاهيو ويو. ان وقت جي وزير تعليم پير الاهي بخش پاران جھالت خلاف مھم هلائي وئي هئي. سکر کي ميونسپالٽيءَ جو حق 1856ع ۾ حاصل ٿيو، 1911ع ۾ سکر ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ خود مقرر ڪرڻ جو حق مليو، جنهن تحت ڀوڄسنگهه پهريون پريزيڊنٽ مقرر ٿيو. سکر جي قديم جنرل لائبرري 1835ع ۾ قائم ٿي، جيڪا انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ پنھنجي ملازمن لاءِ قائم ڪئي. اهو ٽالپرن جو دور هو. پهريان ان لائبرريءَ ۾ انگريزي ڪتابن جو گهڻو تعداد هو، بعد ۾ فارسي، عربي ڪتاب ۽ ناياب نسخا بہ رکيا ويا. 1893ع ۾ ان جي رجسٽريشن جنرل لائبرريءَ جي حيثيت ۾ ٿي. بعد ۾ سنڌي قلمي نسخا ۽ ڪي ڇپيل ڪتاب بہ اچڻ لڳا. هن وقت لائبرريءَ ۾ چاليهن هزارن کان وڌيڪ ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي داخلا ٿي چڪي آهي. سکر جي مشھور مسجد منزل گاھہ بندر روڊ سان لڳ قائم آهي، انگريزن انهيءَ مسجد کي 1843ع ۾ پنھنجي تحويل ۾ وٺي هندن جي دلجوئي تہ ڪئي، پر وقفي وقفي سان مسجد جي آزاديءَ لاءِ مسلمان 1920ع ۽ 1937ع ۾ سرگرم رهيا. 1938ع ۾ شھيد بخش سومري جي وزارت دوران ان تحريڪ زور ورتو. بعد ۾ 1941ع ڌاري مسجد منزل گاھہ مسلمانن جي قبضي ۾ آئي ۽ ان ۾ باقاعدگيءَ سان نماز شروع ٿي. ان موقعي تي فساد بہ ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب کي جيڪو نقصان پھچايو آهي، ان جو ازالو اڃا نہ ٿي سگهيو.
سکر ۾ تفريحي مرڪز جيتوڻيڪ گهٽ آهن، پر تنهن هوندي بہ ماڻهو شام جي وقت لب مهراڻ، ليوڪس پارڪ، قاسم پارڪ يا فاسٽ فوڊ جي مرڪزن جو رخ ڪن ٿا. سکر هن وقت ڊويزن ۽ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو (وڌيڪ ڏسو سکر ضلعو).
سکـر جـي اتـر ۾ جيـڪـب آبـاد ۽ شڪـارپـور، ڏکـڻ ۾ خيرپور، اوڀر ۾ گهوٽڪي ۽ اولھہ ۾ لاڙڪاڻي جون حدون ملن ٿيون. ڪاروباري حوالي سان هن وقت هي شھر شاهوڪار آهي، جڏهن تہ تعليمي ادارن ۽ صنعتي پيداوار جو بہ مرڪز آهي. هتي هڪ ميڊيڪل ڪاليج بہ قائم ٿي چڪو آهي، جڏهن تہ نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽيءَ جي قيام جو اعلان پڻ ٿيو آهي. ان کانسواءِ آءِ. بي. اي سکر، پبلڪ اسڪول، اسلاميہ ڪاليج،ڪيترائي هاءِ اسڪول، مڊل ۽ پرائمري اسڪول بہ قائم آهن. سکر ۾ سيمينٽ، کنڊ، چانورن جي ڇڙائي، بسڪيٽ، مشروب ۽ ٻيون صنعتون بہ قائم آهن. هتي کير، منرل واٽر ۽ آڪسيجن گئس جا پلانٽ بہ آهن. سکر ۾ ٻيڙيون ٺاهڻ وارا ڪاريگر بہ گهڻي تعداد ۾ موجود آهن، جن جون ٺاهيل ٻيڙيون مقامي ملاح بہ استعمال ڪن تہ اهي ٻاهران آرڊر تي بہ ٺاهيون وڃن ٿيون. هتي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ’ڇوهارا منڊي‘ بہ قائم آهي. سکر وٽ درياھہ ۾ دنيا مان ختم ٿي ويل ’انڌي ٻلهڻ‘ جي ناياب نسل جي افزائش بہ ٿئي ٿي، جنهن کي ’انڊس ڊولفن‘ (Indus Dolfin) چيو وڃي ٿو.
سکر گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن توڙي عام ماڻهن لاءِ موجود ماڳن جو وچور هن ريت آهي: (1) معصوم شاھہ جو منارو، (2) آدم شاھہ جو مقبرو، (3) سيد مڪي شاھہ جي درگاھہ، (4) عبدالباقي پوراني جو مقبرو،
(5) مسجد منزل گاھہ، (6) هشت پهلو گنبذ (منزل گاھہ)، (7) شاھہ خيرالدين جو مقبرو، (8) شاھہ جو اوتارو/ لطيف جو مقام، (9) ساڌ ٻيلو (وڌيڪ ڏسو: بابا بنکنڊي، جلد پهريون)، (10) لئنسڊائون پل،
(11) جامع مسجد، (12) لب مهراڻ، (13) ميونسپل اسڪول، (14) شاھہ جو اوتارو نزد ٿرمل پاور، (15) لاکو پير، (16) بکر جا قديم آثار ۽ قلعو،
(17) مرزا صلاح الدين بکري، (18) مرزا نوح بکري، (19) خواجہ خضر جو آستانو، (20) محبوب ڳوٺ وارو قبرستان، (21) لاکين جو دڙو،
(22) عيد گاھہ ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ آهن.
سکر بئراج: سکر بئراج دنيا جي عجائبات ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. 13 جنوري 1932ع تي گورنر لائيڊ جارج ڪئنالن جي وهائڻ جو پهريون ڀيرو افتتاح ڪيو. هن بئراج جي ڊيگهہ 4925 فوٽ، يا هڪ ميل، يعني سوا ڪلو ميٽر آهي. ان وقت هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو بئراج تسليم ڪيو ويو. هينئر دنيا جو ٻيو نمبر ۽ ائيشيا جو وڏي ۾ وڏو بئراج آهي. هن بئراج کي 66 فولادي دروازا آهن. هر هڪ دروازو 60 فوٽ ويڪرو آهي ۽ هر دروازي جو وزن 50 ٽن آهي. هڪ دروزي تي ان وقت اندازاً هڪ لک روپيا خرچ آيو. دروازن کي بجلي کان علاوہ هٿ سان بہ هيٺ مٿي ڪري سگهجي ٿو. 60 چڪر هٿ سان ڏبا تہ در هڪ انچ هيٺ يا مٿي ٿيندو. اهڙيءَ طرح دروازو هڪ انچ مٿي کڄڻ سان 2 سو ڪيوسڪ پاڻي خارج ٿيندو. 1985ع ۽ 1986ع ۾ بـئـراج جا ٽوٽـل دروازا تبديـل ڪـيا ويا. 1983ع ۾ 31 نمبر دروازو ٽٽي پيو هو. پاسي کان 3 واھہ، کيرٿر ڪئنال، رئيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال نڪرن ٿا. جڏهن تہ کاٻي طرف کان 9 واھہ، ايسٽرن نارا ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ، روهڙي ڪئنال ۽ خيرپرو خيبر ويسٽ نڪرن ٿا ۽ واٽر ڪورسن جي ڊيگهہ 47800 ميل آهي. شروع ۾ هن بئراج جي رٿا تي 54 لک ايڪر زمين آباد ٿيندي هئي. ۽ هاڻي 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. هي بئراج سنڌ جي اپت ۾ 33 سيڪڙو چانور، 35 سيڪڙو ڪپھہ، 55 سيڪڙو ڪمند ۽ 85 سيڪڙو ڪڻڪ ڏئي ٿو. انگريز انجينئرن سنڌو ماٿري کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام ڏنو، هنن واهن جي کوٽائي ۽ انهن ۾ پاڻي وهائڻ جو هڪ اصول بہ ڏنو، جيڪو هاڻي جتي ڪٿي رائج آهي. هن بئراج تي اٽڪل 25 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيو. اهو قرض هند سرڪار کي 75 سالن ۾ وصول ڪرڻو هو. پر هن بئراج جي جاري ٿيڻ سان هن صوبي جي زرعي اپت ۾ ايترو تہ اضافو ٿيو، جو سمورو خرچ لھي ويو. سنڌو جا ٻيا بئراج ورهاڱي کان پوءِ تعمير ڪيا ويا آهن. انهن سڀني کان سکر وارو بئراج وڌيڪ خوبصورت ۽ من موهيندڙ آهي. هيءُ ماڳ ميداني علائقن جي ٻين مڙني جاين کان وڌيڪ سھڻو آهي. ڇاڪاڻ تہ سنڌو ٻين هنڌن تان وارياسن ڀٽن کان ور وڪڙ ڪري وهندي آهي. پر هتي ٻن ٽڪرين وچان وهي ٿي ۽ لائيڊ بئراج جو ان هنڌ تي ٺاهڻ جو جواز ڪوٽڏجيءَ جي ٽڪرين جي موجودگي آهي، جيڪي انهيءَ بئراج لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون. هن بئراج جي ٺھڻ سان سنڌ ۾ وڏو زرعي انقلاب اچي ويو ڇو تہ هن بئراج جي تعمير سنڌ جي پيداواري قوتن ۾ اضافو آندو. حقيقت ۾ هي بئراج سنڌوءَ تي اڏيل سڀ کان پهريون ۽ سڀني کان وڏو بئراج آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو تہ يه بئراج سنڌوءَ جي سڀني بئراجن جي ماءُ آهي. گڊو بئراج 1963ع ۾ ۽ ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ جڙي راس ٿيا. سنڌي ماڻهو لائيڊ بئراج کي ’سنڌ جو ساھہ‘ سڏين ٿا. هن بئراج جي شروع ٿيڻ سان سنڌ ۾ جيڪا خوشحالي آئي ۽ سنڌ جي حيثيت کي جيڪا اهميت ملي، ان جا اثر اڄ بہ اسان جي سامهون آهن.
ثقافتي لحاظ کان هي بئراج نقصانڪار بہ ثابت ٿيو. خاص طور تي سنڌوءَ جا 3 قديم وهڪرا گهاڙ واھہ، سنڌ واھہ ۽ نارو واھہ جي وڏن حصن کي دادو ڪئنال، رئيس ڪئنال ۽ کير ٿر ڪئنال ۾ ڪيو ويو. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو تہ ’انهيءَ زمين ۾ (1931ع) سکر بئراج مڪمل ٿي. ۽ لاڙڪاڻي مان گهاڙ واھہ بٺ بڻجي ويو. ۽ شڪارپور مان سنڌواھہ سُڪو، ڀرن ۽ ڀڪن تي جيڪي سوَن سالن جا وڏا وڻ وڻڪار لايون بيٺا هئا، سي ڪجهہ سڪي ۽ سڙي ويا. ڪن کي سرڪار نيلام ڪري ڇڏيو. انهن ئي وڻن جون ڇانوان بي مثل ۽ انهن جي پاڇن جون تنوارون تن کي تازگي ڏئي ڇڏينديون هيون. لائيڊ بئراج ملڪ جي آبپاشيءَ جو فخر ۽ آبپاشيءَ جي ئي لحاظ کان پنھنجي نوعيت جو وڏو ڪارنامو آهي. ايراضي، جيڪا هن عظيم منصوبي جي تحت اچي ٿي، سا لڳ ڀڳ، برطانيہ جي ٽئين حصي ايراضيءَ جي برابر آهي ۽ هن منصوبي تحت ايندڙ، نون توڙي پراڻن واٽر ڪورسن جي ٽوٽل ڊيگهہ سڄي دنيا کي ٻہ ڀيرا گهيري ۾ آڻي سگهي ٿي. لائيڊ بئراج سنڌو تي ڪراچيءَ کان اتر اوڀر ۾ تقريباً 300 ڪلوميٽر پري ۽ درياھہ جي شروع کان اندازاً 14-15 سؤ ڪلوميٽر پوءِ واقع آهي. لائيڊ بئراج سنڌ جي وڏي ايراضيءَ کي پنھنجي ٻنهي پاسن کان آباد ڪري ٿي. گڏوگڏ سرحد ۽ بلوچستان جي ڪجهہ ايراضي پڻ سنڌو نديءَ جو پاڻي سيراب ڪري ٿو.“
سنڌ جي ٽوٽل ايراضي 46944 چورس ميل آهي. سنڌ جي لڳ ڀڳ اڌ ايراضي جبلن ۽ ريگستانن والاري رکي آهي. باقي سرسبز زمين سان والاريل ميداني علائقو آهي، جيڪو دنيا جي بھترين زرعي زمينن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جيئن تہ بارش جي بہ گهڻي کوٽ آهي. تنهن ڪري زرعي آبادي کي پاڻي مهيا ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو هي بئراج آهي.
بئراج ٺھڻ کان اڳ سنڌونديءَ جي ڇڙواڳ وهڪري هتان جي ماڻهن لاءِ مصيبت ڪري ڇڏي هئي. ڪڏهن تہ پاڻي جام هئڻ ڪري ٻوڏون اينديون هيون تہ ڪڏهن وري ڏڪر پئجي ويندو هو. تنهن ڪري ماڻهن جي معاشي حالت نهايت ابتر ۽ رحم جوڳي رهندي هئي. بئراج نہ هئڻ ڪري ڪئنالن يا واهن ۾ پاڻيءَ جي دستيابي ٻارهو ئي يقيني نہ هوندي هئي، جنهنڪري فصلن کي سخت ڌچڪو لڳندو هو. ڪي فصل تہ پاڻي نہ ملڻ ڪري پچڻ کان اڳ ۾ ئي سڙي ويندا آهن، پر ڪن سالن ۾ پاڻي ٻارهو ئي موجود هوندو هو تہ وڌ ۾ وڌ 36 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي هئي.
لائيڊ بئراج سنڌونديءَ مٿان لئنسڊائون پل کان ٺيڪ 3 ميل بلڪل سڌي لائين ۾ ٺاهيو ويو آهي. بئراج جي ريگيوليٽر جي منهن جي وچ واري ڊيگهہ 4725 فوٽ آهي، جڏهن تہ پل جي دروازي ۽ ٽرمنل ٽاور جي ٻنهي پاسن کان ڊيگهہ 4925 فوٽ آهي.
بئراج ڇاهٺ دروازن تي مشتمل آهي، هر دروازو سٺ فوٽ ويڪرو آهي ۽ ٽن حصن ۾ مٿئين پاسي کان ٻن الڳ ديوارن ذريعي ورهايو ويو آهي. ساڄو پاڪيٽ پنجن حصن، کاٻو پاڪيٽ ستن حصن ۽ مرڪزي ٻانڌو 54 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. مرڪزي حصو وري هڪ ٻئي کان 25 فوٽ ٿلهن ۽ 97 فوٽ ڊگهن پشتن وارن پيل پاون وسيلي ڌار ڪيا ويا آهن. جڏهن تہ ٻيا عام پيل پاوا 10 فوٽ ٿلها ۽ 77 فوٽ ڊگها آهن. پشتي وارو پيل پائو نمبر 32، 190 فوٽ ڊگهو آهي. جنهن ۾ 8 پائيپ لڳل آهن، جيئن مٿان ايندڙ پاڻي جو دٻاءُ نمايان ٿي سگهي. اصل ڊزائن مطابق کڏ واري ٻانڌي کي آر. ايل 1700 فوٽ، مٿين پاسي کان فرش ڏنل هو ۽ هيٺئين پاسي جي لاهين آر. ايل 172.39 ڏانهن هئي. هيٺاهين موري جي بناوت بہ ائين ئي آهي. فقط مٿين پاسي کان ڊيگهہ ڪجهہ وڏڀري هجڻ جي. شروع ۾ رٿيل ٻانڌي متعلق ڪجهہ مونجهارا هئا. تنهن ڪري هندستان جي شھر پونا ۾ ان ڏس ۾ ڪجهہ تجربا ڪيا ويا ۽ اهو طئي ڪيو ويو تہ اڳ ۾ ئي تعمير ٿيل ٻانڌن کي آر. ايل 177.0 وٽ مٿي ڪي وڃي کڏا اڃا جيڪي تعمير ٿيڻا هئا، تن کي مٿين پاسي کان آر. ايل 171.0 وٽ هيٺ ڪيو ويو ۽ هيٺئين پاسي کان لاهينءَ کي
آر. ايل 170 تئين لانهوارو ڪيو ويو. پاڻيءَ جي لنگهہ واري فرش مٿان هڪ فوٽ 3 انچ ٿلهو سيمينٽ ۽ بجري جو تھہ چاڙهيو ويو. ان تھہ مٿان روي 6 فوٽ ڊگا ۽ 5 فوٽ ٿلها بلاڪ چاڙهيا ويا. انهن بلاڪن جون وٿيون سيمنٽ ۽ بجريءَ سان بند ڪيون ويون. ان سموري فرش بنديءَ جو هڪ مقصد اهو بہ هو تہ جيئن مٿان کان ايندڙ واري ۽ مٿي بنا ورڪ جي هيٺ درياھہ ۾ لڙهي وڃي.
مکيہ ٻانڌي وٽ دروازن جي اوچائي 18.5 فوٽ آهي ۽ موريءَ وٽ انهن جي اوچائي 22.5 فوٽ آهي. اهي دروازا بجليءَ ذريعي ۽ هٿ سان پڻ هلايا ويندا آهن. ڊزائن نيل جي سطح 195.5 فوٽ آهي. پر عام طور اها سطح 97.5 فوٽ رهندي آهي. ٿلهو فرش ماهر تعميرات پلائيٽ جي ’ڪريپ نظرئي‘ (Creep theory) مطابق ٿلهو ٻڌو ويو آهي. جيئن مٿان ايندڙ پاڻيءَ جي دٻاءَ کان محفوظ رهي سگهي. دروازن جي هيٺين پاسن کان ٿيل پٿر جو ڪم 11 فوٽ ٿلهو آهي. اها ٿولھہ وزن جي لحاظ کان ڪجهہ وڌيڪ آهي.
ڪئنال: سـنڌوندي جي کاٻي پاسي کان چار ڪئنال نڪرن ٿا. اهي هي آهن، اوڀر نارا، خيرپور فيڊر اوڀر ناري مان 13649 ڪيوسڪ، خيرپور فيڊر اولھہ مان 1940 ڪيوسڪ پاڻي جو نيڪال ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح کاٻي پاسي جي ڪئنالن مان ٽوٽل پاڻيءَ جو نيڪال 28570 ڪيوسڪ ٿئي ٿو، پر آبڪلاڻيءَ ۾ اهو 29452 ڪيوسڪ تائين نڪري سگهندو آهي. ساڄي پاسي کان هي ڪئنال نڪرن ٿا، نارٿ ويسٽرن ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال، نارٿ ويسٽرن ڪئنال مان 5152 ڪيوسڪ رائيس ڪئنال مان 10658 ڪيوسڪ ۽ دادو ڪئنال مان 3150 ڪيوسڪ پاڻي جو اخراج ٿئي ٿو. يعني ٽوٽل 18966 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿئي ٿو. پر آبڪلاڻي ۾ اهو نيڪال 25380 ڪيوسڪ تائين پهچندو آهي. نارٿ ويسٽرن ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ٻارهوئي وهندڙ ڪئنال آهن، جڏهن تہ رائس ڪئنال ٻارهوئي وهندڙ ڪئنال نہ آهي. انهن ڪئنالن جو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهڙي طرح 8.24 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. انهن ڪئنالن جي ساڄي پاسي جي ديوارن جي ڊيگهہ 1640 فوٽ آهي. کاٻي پاسي جي ديوارن جي ڊيگهہ 1922 فوٽ آهي. انهن ديوارن جي چوٽيءَ جي سطح 2005 فوٽ آهي.
گائيڊ بئنڪ: پل جي مٿئين پاسي جي کاٻي هٿ واري گائيڊ بئنڪ جي ڊيگهہ 3.25 ميل ۽ ساڄي پاسي جي ڊيگهہ رڳو هڪ ميل آهي. پل جي هيٺين پاسي جي کاٻي هٿ واري گائيڊ بئنڪ جي ڊيگهه 1700 فوٽ ۽ ساڄي پاسي جي ڊيگهہ 1800 فوٽ آهي. مٿئين پاسي وارن گائيڊ بئنڪن جي چوٽيءَ جو فاصلو 3500 فوٽ ۽ هيٺئين پاسي وارن گائيڊ بئنڪن جي چوٽيءَ جو فاصلو 3500 فوٽ ۽ هيٺئين پاسي وارن گائيڊ بئنڪن جي چوٽيءَ جو فاصلو 5200 فوٽ آهي. انهن جي چوٽيءَ جي ويڪر 40 فوٽ آهي. ان سان گڏوگڏ ان چوٽيءَ تي ٺهيل فوٽ پيريءَ جي مٿين پاسي کان ويڪر 4 فوٽ ۽ هيٺين پاسي کان 5 فوٽ آهي.
دروازا: بئراج ۽ ڪئنال هيڊ ريگيوليٽر دروازا ’رانسمنس ريپئرس لميٽڊ آف انگلينڊ‘ نالي ڪمپنيءَ جا ٺهيل آهن. بئراج جي ڪائونٽر ويٽ (Counter Weight) جو وزن دروازي کان ٻيڻُ آهي. ان جي ڊيگهہ دروازي جي اڌ جيتري آهي تہ جيئن بئراج جي دروازي جي اوچائي گهٽيل رهي. ڪئنالن کي ٽه- ٻوڪي دروازا لڳايا ويا آهن. بئراج جا ڪائونٽر ويٽ اسٽيل جا ٺهيل آهن. جڏهن تہ سيمنٽ ۽ بجريءَ جا ٺهيل ڪائونٽر ويٽ دروازن جي چوٽين ۽ وچ تي لڳايا ويا آهن. ڪئنالن جا تري وارا دروازا عمودي ۽ اسڪريو قسم جا آهن. پل جي هر هڪ دروازي تي 5 فوٽ ويڪرو چارو ٺهيل آهي، جنهن تي هڪ ئي وقت ٻہ ڪرينون (Cranes) هلي سگهن ٿيون. اهي ڪرينون مٿان لڙهي ايندڙ بنڊن، ٻوڙن، وڻن جي ٽارين ۽ دروازن ۾ اچي ڦاسندڙ ٻئي گند ڪچري کي ڪڍڻ جو ڪم ڏينديون آهن. ان چاري تي هڪ ننڍڙي ٽرالي بہ هلي سگهندي آهي. جنهن تي ويهي انجينئر دروازن جي چڪاس ڪندا آهن.
ڪنٽرول آفيس: ڪنٽرول آفيس ۾ پاڻيءَ جي ماپ رڪارڊ ڪندڙ خودڪار برقي اوزار موجود آهن. اهي اوزار چوويھہ ڪلاڪ ئي پاڻيءَ جي سطح هيٺ ٿيڻ سان هيٺ ۽ مٿي ٿيڻ سان مٿي ٿيندا آهن، جڏهن تہ پاڻيءَ جي سطح مٿي ٿيندي آهي تہ رڪارڊ جي هڪ پاسي کان برقي رابطو ٿيندو آهي، جنهن وسيلي ڊائل ۾ لڳل ڪانٽو مٿي کڄي ويندو آهي ۽ پاڻي جي سطح گهٽجڻ سان ڪانٽو هيٺ لھي ويندو آهي. اهڙي طرح اهو رڪارڊ ماپ ۾ ڦيرڦار جو هڪ رڪارڊ رکندو آهي. سال 39-1938ع ۾ ٿيل ور وڪڙن ڪري سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارن ڪئنالن وٽ تمام گهڻو لٽ پئجي ويو آهي. اهو لٽ ڪڍڻ لاءِ ڪجهہ تجربا ڪيا ويا ۽ پوءِ لٽ ڪڍيو ويو، جنهن تي ان وقت 14 لک روپيا خرچ آيو هو. ان ڏس ۾ دروازا 6 کان 14 نمبر ۽ 23 نمبر بند ڪيا ويا هئا. انهن دروازن جي بند ٿيڻ ڪري پل جي مٿان واري پا سي کان هڪ ٻيٽ ٺھي ويو آهي، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اپروچ چينل مان وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جو نيڪال 45000 ڪيوسڪ آهي. ان مان 18000 ڪيوسڪ پاڻي ساڄي ڪناري جي ڪئنالن ۾ ويندو آهي، جڏهن تہ باقي ڪيوسڪ پاڻي اٺن دروازن، يعني 15 کان 22 مان هيٺ نديءَ ۾ وهي ويندو آهي. جڏهن بئراج ٺاهيو پئي ويو تہ ان مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي نيڪال جي گنجائش رکي وئي هئي. جڏهن ٽريننگ ورڪس شروع ڪيو ويو تہ ان جي نتيجي ۾ اها گنجائش 15 لک مان گهٽجي 9 لک ڪيوسڪ وڃي بيٺي. ريگيوليشن لاءِ کڏي وارو سرشتو اڃا تائين رائج آهي ۽ مـوريءَ جا دروازا عام ريگيوليشن لاءِ ڪتب نہ آندا ويندا آهن، پر تنهن هوندي بہ موريءَ جي دروازن مان پاڻي ڪن مخصوص حالتن ۾ ايگزيڪيٽو انجينئر سکر بئراج جي حڪم تي وهايو ويندو آهي. پُل جي مٿان نديءَ ۾ پيل وڪڙ ۽ ٻيٽ ٺھي وڃڻ ڪري، کاٻي پاسي جي دروازن مان ساڄي پاسي جي دروازن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پاڻي نيڪال ٿيندو آهي. ان وهڪري کي توازن ۾ رکڻ لاءِ 42 کان 59 نمبر دروازن کي 24 کان 41 نمبر دروازن جي ڀيٽ ۾ هڪ فوٽ گهٽ رکيو ويو آهي. آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ بئراج جا دروازا 0.2 فوت وڌيڪ کوليا ويندا آهن تہ جيئن دروازن وٽ مٽي گـڏ نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح آبڪلاڻيءَ ۾ روزانو دروازن کي صاف ڪيو ويندو آهي. جڏهن تہ کاٻي پاسي کان پاڻيءَ جو وهڪرو 3.5 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويندو آهي تہ 61 کان 64 نمبر دروازا کوليا ويندا آهن تہ جيئن وهڪري جي سطح هڪ جيتري رهي سگهي سواءِ ڪنهن هنگامي صورتحال جي، ڪئنالن جي پاڻيءَ جي سطح 0.5 فوٽ کان وڌيڪ گهٽائي يا وڌائي نہ ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن دروازن جي ڀرسان وڏين ڇولين يا وڏن ڪنن جي ٺھڻ جو امڪان هوندو آهي. تنهن ڪري اهڙي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ دروازا ڪجهہ اهڙي نموني کليل رکيا ويندا آهن تہ جيئن پاڻي تيزي سان خارج ٿي وڃي. پل مٿان ندي ۾ وڪڙ پئجي وڃڻ ڪري ۽ 10 دروازا بند ٿيڻ ڪري پاڻيءَ کاٻي پاسي تي گهڻو جهڪاءُ رکيو . ان ڪري خيرپور فيڊر ويسٽ جي سلامتيءَ کي وڏو خطرو لاحق ٿي ويو. تجربا ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح رٿا ڏني وئي تہ جهل ٻڌا وڃن تہ جيئن پاڻي توازن ۾ رهي. ان رٿا مطابق 1957ع ۾ جهل نمبر 2، 4 ۽ 5 ٻڌا ويا. 1960ع 2N ۽ 3N جهل، 1962ع ۾ جهل نمبر 1 ۽ 1963ع ۾ جهل نمبر I.A (آءِ. اي) ٻڌا ويا. بئراج ۾ خاص ڪري پـٿـر اسـتـعـمـال ڪـيو ويـو آهـي، جـنـهـن جـا هيٺيان قسم آهن:
(الف) ڪيمپو پٿر: سمورا پيل پاوا، پشتا ۽ ديوارون هن پٿر مان ٺاهيون ويون آهن. انهن تي واري 4/3 انچ ٿلهو تھہ بہ انهيءَ پٿر جو لڳايو ويو آهي.
(ب) رينڊم ڪيمپو پٿر: بئراج جي بنيادن ۾ رينڊم ڪيمپو پٿر ڪتب آندو ويو آهي. بنيادن ۾ ان پٿر جا جيڪي بلاڪ لڳايا ويا آهن. تن جي سائيز مختلف آهي.
(ت) ڪٽ پٿر: سمورا پلويڙا، ڪنگرا، پيل پاون جون چوٽيون يا نديءَ جي ٻنهي ڪنارن جي هيڊ ريگيوليٽر جون ڪمانيون ڪٽ پٿر مان ٺهيل آهن. اهو ئي پٿر آفيس جي عمارتن ۽ ميوزيم ۾ ڪتب آندو ويو آهي.
(ث) سيٽس پٿر: هيڊ ريگيوليٽرن جي فرش بنديءَ لاءِ سيٽس پٿر ڪتب آندل آهي.
بئراج جون ڪمانيون: بئراج جي روڊ وارين پلين کي آر. سي. سي جي ڪمانن جي ٽيڪ ڏنل آهي. اصل منصوبي مطابق اهي ڪمانيون سوئرس پٿر مان ٺهيون هيون، پر بعد ۾ اهو فيصلو تبديل ڪيو ويو. بئراج ۽ ڪئنال جا پيل پاوا ٻن الڳ پلين کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. بئراج جي دروازي واري پل، جتان دروازن کي هلايو ويندو آهي، روڊ واري پل جي سطح کان 25 فوٽ مٿي آهي. ان کي ٻن الڳ الڳ ڪمانين جي ٽيڪ مليل آهي. اهي ڪمانيون مٿين پاسي کان 8 فوٽ ۽ هيٺين پاسي کان 5 فوٽ ويڪريون آهن. ٻنهي جي وچ وارو فاصلو 13 فوٽ آهي.
هيٺاهينءَ پاسي وارا پيل پاوا روڊ جي پل جي هيٺين سطح کي جهل ڏيو بيٺا آهن. اهي 25 فوٽ ويڪرا ۽ ٻوڏ جي سطح کان مٿي آهن. پل جو روڊ 16 فوٽ 6 انچ ويڪري آهي. هيٺين پاسي جي فوٽ پاٿ کي گهٽائي روڊ جي ويڪر 18.5 فوٽ ڪئي وئي آهي. تنهنڪري ان پاسي کان رڳو هڪ فوت روڪ چار بئراج وانگر، سڀني ڪئنال هيڊ ريگيوليٽرن تي بہ ڌار ڌار پليون هڪ ٻئي سان لڳو لڳ ۽ ساڳين ئي پيل پاون تي ٺاهيون ويون آهن. سڀني ريگيوليٽرن جا منهن 25 فوٽ آهن. جڏهن تہ پشتن اور اپيل پاوا 10 فوٽ ٿلها ۽ وچ تي هنيل آهن. پل ۾ وزن جهلڻ جو حساب ان ريت رکيو ويو آهـي تہ ڪا بہ سموري جيئن 10 فوٽن تائين 16 ٽن وزن رکي سگهي. ان کانسواءِ دروازي واري پل ۾ هڪ ئي وقت 10 فوٽن تائين 40 ٽن وزن برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي وئي آهي.
بئراج جي مرمت: بئراج ۾ هيڊ ريگيوليٽرن جي بناوت ۾ جيئن تہ ڪو بہ تعميراتي نقص ڪونهي، تنهنڪري ان ۾ ردوبدل يا خاص مرمت جي ضرورت بنھہ گهٽ پيش آئي آهي. 1933ع ۾ رڳو ٻانڌن جي کڏن مان 15 فوٽ ٿلهو بجريءَ جو تھہ ڪڍيو ويو هو، پر پوءِ وري اهو تھہ وڌيڪ ٿلهو ڪري چاڙهيو ويو. 49-1948ع ۾ بئراج جي پيل پاون ۽ ڪمانين ۾ ڪجهہ ڏار پئجي ويا. انهن کي بند ڪرڻ لاءِ سيمنٽيشن ڪمپني لميٽڊکي ٺيڪو ڏنو ويو. ٺيڪي نمبر 1 مطابق 9 پيل پاون جي مرمت ڪئي ويئي. انهن پيل پاون جو نمبر 11 ۽ 33 کان 40 هئا.
انهن پيل پاون جي مرمت لاءِ 64-43 ٽن سيمنٽ ڪتب آيو. اهو مرمت جو ڪم 11 ڊسمبر 1950ع تي شروع ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 1951ع جي آخري هفتي ۾ پورو ڪيو ويو. ان سموري ڪم تي 3،25000 روپيا خرچ آيو. ٺيڪي نمبر 2 مطابق باقي رهيل 58 پيل پاون جو ڪم شروع ڪيو ويو. اهو ڪم 19 نومبر 1951ع تي شروع ٿيو ۽ ٻہ آگسٽ 1953ع تي ختم ٿيو. ٺيڪو نمبر 3 بئراج جي ٻنهي پاسن کان ڪئنالن جي هيڊ ريگيوليٽرن جي مرمت متعلق هيو. اهو ڪم 19 آگسٽ 1952ع تي شروع ٿيو ۽ سمورا خرچ 1001015 روپيا خرچ آيو. مذڪوره ڪمپنيءَ پاران ڪجهہ ٻيا ننڍا ڪم بہ ان ئي عرصي دوران ڪيا ويا. تازو 2010ع ۾ آيل وڏي ٻوڏ سبب هن بئراج کي ڪجهہ خطرو پيش آيو هو، پر ضروري مرمت کانپوءِ هن بئراج پاڻيءَ کي منهن ڏنو.
لائيڊ بئراج ميوزيم: هيءُ ميوزم بئراج جي کاٻي ڪناري جي تعمير ڪيو ويو آهي. هن ميوزيم جي عمارت کي سروس بلڊنگ پڻ سڏيو وڃي ٿو. ميوزم ٺاهڻ جو مقصد هن بئراج جي تعمير ۾ ڪتب آندل سامان محفوظ ڪرڻ هو. هن ميوزم ۾ تصويرون، بئراج جا ماڊل، نقشا، چارٽ وغيرہ رکيا ويا آهن تہ جيئن مهمان بئراج جي لقميري ڪم کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن.
هن بئراج کي ڪئناڊا، آمريڪا، برطانيه، سعودي عرب، جرمني ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ آيا آهن. 1996ع ۾ هن بئراج جي انجينئر مسٽو جون ٻہ ڌيئر بہ هن عظيم بئراج کي ڏسڻ آيون هيون ۽ پيءُ جي ڇڏيل هن عظيم شاهڪار جي هڪ هڪ شيءَ کي پيار ۽ پاٻوھہ سان ڏسنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون رهيون.
لائيڊ برج، جنهن کي ورهاڱي کانپوءِ سکر بئراج سڏيو وڃي ٿو، ،دنيا جي عظيم بئراجن ۾ شمار ٿئي ٿو. سونهن ۽ سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن بئراج جو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو حصو آهي. سنڌي ماڻهن جي جياپي جو دارومدار هن بئراج تي آهي.


لفظ سکر شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو