سک مت
سک مت
گـولـڊن ٽـيـمـپـل‘ گردوارو
سک مت
سک مت (مذهب): قديم ’سناتن ڌرم‘، جيڪو ’هندو ڌرم‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اُن جِي جڏهن برهمڻن پنهنجن مفادن پٽاندر تشريح ڪئي ۽ ماڻهن جي مختلف ورڻن ۾ ورهاست ڪئي ته اُن غير مساوي تفاوتن ۽ روين مان بغاوت طور هڪ وقت ٻڌمت ۽ جين مت جون ٻه شاخون ڦُٽي نڪتيون، جن اڳتي هلي باضابطه مذهبن جي صورت اختيار ڪري ورتي. اهڙيءَ ريت تاريخي طور سک مت پڻ سناتن ڌرم تي برهمڻن جي قبضي خلاف بغاوت ۽ احتجاج جي صورت ۾ ڦُٽي نڪتل هڪ شاخ آهي، جنهن اڳتي هلي هڪ مت ۽ ڌرم جي صورت اختيار ڪري ورتي.
سک مت پندرهين صديءَ جي پوئين دور ۾ هندستان جي پنجاب خطي ۾ پيدا ٿي، جنهن جو باني مشهور بزرگ ۽ شاعر گرونانڪ (1469ع-1539ع) هو. سک مت جي بنيادي اصول موجب هن دنيا جو چرخو هلائيندڙ هڪ ئي هستي آهي، جيڪا حق آهي.
سک ’اڪ اون ست نام‘ يعني هڪ ئي ذات اعلى ۽ حقيقي خدا تي يقين رکندڙ آهن. سندن عقيدي موجب دنيا حق لاءِ خلقي وئي آهي ۽ مسلسل قائم رهڻي آهي.
سک مت جو باني گرونانڪ ديو آهي، ليڪن کانئس پوءِ سک مت جي پرچار جاري رکندڙ ٻيا نوَ گُرو ٿي گذريا آهن. اهڙيءَ ريت سک مت جي ’ڏهن گرُن‘ جي تعليمات جو دور هيٺينءَ ريت وڃي بيهي ٿو:
(1) گرو نانڪ: 1507ع کان 1539ع تائين
(2) گرو انگد: 1539ع کان 1552ع تائين
(3) گرو امرداس 1552ع کان 1574ع تائين
(4) گرو رامداس 1574ع کان 1581ع تائين
(5) گرو ارجن: 1581ع کان 1606ع تائين
(6) گرو هرگوبند: 1606ع کان 1644ع تائين
(7) گرو هرراءِ: 1644ع کان 1661ع تائين
(8) گرو هرڪشن: 1661ع کان 1664ع تائين
(9) گرو تيغ بهادر سنگهه: 1664ع کان 1675ع تائين
(10) گروگوبندسنگھه 1675ع کان 1708ع تائين.
سک مت پنجين گرو ارجن تائين اهنسا (عدم تشدد: Non Violence) جي پرچارڪ رهي. گرو ارجن ديو اهو پهريون شخص هو، جنهن گرو گرنٿ سان گڏ اڳين سمورن گُرن جي تعليمات توڙي هندو ۽ مسلم بزرگن جي تعليمات کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. 1606ع ۾ جهانگير بادشاهه هن کي حڪم ڪيو ته هو گرنٿ صاحب جي تعليمات مان هندن ۽ مسلمانن جي تعليمات جا حوالا خارج ڪري ڇڏي. گرو ارجن ديو جي انڪار تي مغل بادشاهه کيس موت جي سخت سزا ڏني. اهڙيءَ ريت جڏهن گرو ارجن ديو کي موت جي سزا ملي ته سک مت جي پوئلڳن امن پسنديءَ واري نظريي کي ڇڏي هنسا (تشدد) کي پنهنجو متو بڻايو. اهو سلسلو ڏهين گرو گرو گوبند تائين جاري رهيو. هن ’خالصا‘ نالي مذهبي فرقي جو بنياد وڌو، جنهن هيٺ سک مت جي اصلوڪن ۽ بنيادي اصولن کي برقرار رکيو ويو.
سک مت جا عقيدتمند مرد پنهنجي نالي پٺيان سنگھه لفظ جو واڌارو ڪندا آهن، جنهن جي معنى ’شينهن‘ آهي. اهڙيءَ ريت سکن جون عورتون به پنهنجي نالي پٺيان ’ڪور‘ لفظ شامل ڪنديون آهن، جنهن جو مطلب شينهڻ آهي.
سکن جو لاڙو مذهب جي ظاهري ۽ رسمي طريقن کان هٽي روحاني عقيدت قائم رکڻ طرف آهي. سک گڏيل لاڳاپن، برادري ۽ خاندان ۾ پيار، امن ۽ ڀائپي سان رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
سک مت ۾ گڏجي رهڻ ۽ سٺي معاشرت جي تشڪيل لاءِ ڪي رهنما اصول بيان ٿيل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) حقيقي ذات جي عبادت: سک عقيدي موجب هڪ خدا جي عبادت ڪندا آهن، جيڪو زمان، مڪان ۽ شڪل شبيهه کان بالاتر آهي. هو هر شيءِ کان اتم ۽ هر وقت هر هنڌ موجود آهي. سک مت ۾ دعا گهرڻ جو ڪو خاص وقت ۽ ڪا خاص جڳهه مقرر نه هوندي آهي، پوءِ به اڪثر سکن جو خيال آهي ته گردواري ۾ دعا گهرڻ سان سندن عقيدي جي سگهه ۾ اضافو ٿئي ٿو. انڪري هر روز صبح ۽ شام گردواري ۾ مقرر وقت ۾ اجتماعي عبادت سان گڏ دعائون گھريون وينديون آهن.
(2) محنت ۾ عظمت: سک مت ۾ اصولي طور محنت کي عبادت جو درجو مليل آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ بهتر زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ سک مت جي عقيدتمندن کي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي.
(3) انساني برابري: سک مت ۾ سمورن انسانن کي برابريءَ جو درجو حاصل آهي. ذات، پات، رنگ ۽ نسل جي فرق کي ننديو ويو آهي. سک مت جي تعليمات مطابق حقيقي ذات (خدا) هر انسان ۾ موجود آهي، انڪري سڀ انسان هڪجهڙا ۽ برابر آهن. مردن توڙي عورتن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، ان ڪري هر ماڻهو مذهبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ جو حقدار آهي.
(4)خدمت: سک گروگرنٿ پڙهڻ ۽ سک برادريءَ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ کي فرض سمجهندا آهن. سک مت ۾ خدمت کي خاص اهميت حاصل آهي، جنهن موجب هر ماڻهوءَ کي پاڻ کان ڪمزور ماڻهوءَ جي خدمت جي تلقين ڪئي وئي آهي.
(5)برادري: گڏيل سهڪار ۽ باهمي تعاون سک مت جي عقيدي جو عملي اظهار آهي. سک دنيا جي هر خطي ۾ رهندي پاڻ کي هڪ خاندان تصور ڪندا آهن. هو بنا رنڊ روڪ جي ٻين مذهبن جي ماڻهن، دوستن توڙي ڌارين جي خدمت لاءِ پاڻ کي تيار رکندا آهن.
گرو نانڪ سک مت جو بنياد ٽن ڳالهين تي رکيو هو: (1) سيوا،
(2) لنگر، (3) سنگت.
(1) سيوا: رضاڪارانه خدمت جي عمل کي سيوا چئبو آهي، سک مت ۾ سيوا کي اولين حيثيت حاصل آهي. هن مت موجب سيوا ذريعي اناپرستيءَ کان نجات حاصل ڪري انسانيت کي فروغ ڏئي سگھجي ٿو. سيوا صدين کان سک مت جو لازمي جز پئي رهي آهي. ان ڏس ۾ مذهبي ڪتابن، گرو گرنٿ جي سار سنڀال، گروئن جي مزارن جي صفائي، کاڌو تيار ڪري لاچارن کي کارائڻ، عبادت لاءِ ايندڙ عقيدتمندن جي جتين ۽ سامان جي حفاظت ڪرڻ، گردواري ۽ مقدس جاين جي صفائيءَ جو خيال رکڻ جا عمل سيوا ۾ شمار ٿين ٿا. اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ اسڪول، اسپتالون ۽ سماجي ڀلائيءَ جا ادارا قائم ڪرڻ هن مذهب جي تعليمات ۾ شامل آهي.
(2) لنگر: سک مت ۾ لنگر، کاڌي ۽ کاڌي تيار ڪرڻ واري جاءِ کي چئبو آهي. لنگر جو مقصد سماجي برابريءَ کي واڌ ڏيڻ آهي. هن اصول هيٺ سک مرد، عورتون ۽ ٻار گڏجي کاڌو تيار ڪندا ۽ کائيندا آهن. هنن جي کاڌي ۾ گوشت کانسواءِ هر قسم جون ڀاڄيون ۽ داليون موجود هونديون آهن. کاڌي جي تياريءَ کانپوءِ بنا ڪنهن فرق جي ڊگھي قطار جي صورت ۾ پنگت تي ويهي ماني کائيندا آهن.
(3) سنگت: سکن جي هر ننڍي گڏجاڻيءَ کي سنگت چيو ويندو آهي. ڀائي گرداس موجب سک مت ۾ سنگت جو ماحول گرو نانڪ جي دور کان هلندو اچي. گرو نانڪ سفر دوران جنهن هنڌ به رهندو هو، اتي ڀرپاسي جا ماڻهو وٽس ايندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت اهو ميڙ سنگت جي شڪل اختيار ڪري وٺندو هو. ان روايت جي آڏو رکندي سکن جي مذهبي جاين ۽ گردوارن ۾ روزانو صبح ۽ شام جو سک مت جا پوئلڳ اجتماعي عبادت لاءِ سنگت جي صورت ۾ گڏ ٿيندا آهن.
ان کانسواءِ سک مت ۾ خالصي بنجڻ جا بنيادي پنج رڪن آهن، جن جي پوئواري هر سک تي لازمي آهي. (1) ڪنگو (ڦڻي)، (2) ڪيس (وار)، (3) ڪڇو، (4) ڪڙو ۽ (5) ڪرپان شامل آهن.
سکن تي وار نه ڪترائڻ جو شرط لاڳو آهي. سک مردن جي مٿي تي هر وقت هڪ خاص قسم جي پڳ ٻڌل هوندي آهي، جنهن ۾ سندن وينڊو ٿيل وار لڪل هوندا آهن.
سکن جو ڌرمي ۽ مقدس ڪتاب گرو گرنٿ آهي، جيڪو گرونانڪ جي 974 ڀڄنن، گرو انگد جي 62 دوهن (ٻه سٽا بيت)،
گرو امرداس جي 907 ڀڄنن، گرو رامداس جي 638 ڀڄنن، گرو ارجن جي 2218 ڀڄنن، گرو تيغ بهادرسنگهه جي 59 ڀڄنن ۽ 56 دوهن تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ ٻين ڀڳتن ۽ صوفي سنتن جا ڀڄن ۽ دوها به گرو گرنٿ ۾ شامل آهن، جن ۾ ڀڳت ڪبير، بابا فريد، نامديو، رويداس، جئديو، بيني، تريلي خان، پرمانندا، ساڌنا، رامانندا، ڌانا، سائين، ڀڪن، سورداس، مرداڻا، ستا، بلوند ۽ ڀٽ وغيره جا نالا ذڪر جوڳا آهن. سکن جي مقدس جاين کي گردوارا چيو ويندو آهي. گردواري جي معنى آهي ’گروءَ جو در‘.
هـنـدسـتـان جـي ريـاسـت امـرتـسـر ۾ قـائـم ’گـولـڊن ٽـيـمـپـل‘ (The Golden Temple)کي سکن جي عبادت جي حوالي سان مرڪزي حيثيت آهي. سکن جون اڪثر مذهبي ۽ سماجي رسمون ۽ عبادتون هن گردواري ۾ ادا ڪيون وينديون آهن. هي گردوارو 1577ع ڌاري
گرو رامداس تعمير ڪرايو هو ۽ ان جو بنياد مشهور صوفي بزرگ ميان مير سنڌيءَ لاهور واري رکيو هو.
ان کانسواءِ امرتسر جي مختلف هنڌن تي موجود ’پنج تخت‘ پڻ مذهبي حوالي سان مقدس جايون شمار ٿين ٿا: (1) اڪل تخت، (2) پٽنا صاحب، (3) ڪيشڳڙهه صاحب، (4) شري حاضر صاحب ۽ (5) دمدما صاحب.
سکن جي مذهبي تهوارن ۾ بيساکي، مختلف گُرن جا جنم ڏينهن، گرو تيغ بهادر ۽ گرو ارجن جي شهادت جا ڏينهن، ديوالي، راکي ٻنڌڻ، بسنت ۽ هولي شامل آهن، جيڪي عقيدت ۽ احترام سان ملهايا ويندا آهن.
هن وقت دنيا ۾ اڍائي ڪروڙن جي لڳ ڀڳ سک رهن ٿا. سک، ڀڳتي ڌارا ۽ تصوف کان متاثر آهي. سکن جو راهبانه طريقو هندن جي ترڪ واري تصور جي ابتڙ سرگرم رهڻ ۽ خدمت ڪرڻ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ وفاداري ۽ عدل اهميت رکن ٿا. وٽن منشيات ۽ نشو واپرائـڻ منع آهي. سک مت، ذات پات واري نظام ۽ مورتي پوڄا کي ته ترڪ ڪيو آهي، پر آواگون (پنرجنم) ۽ ڪرياڪرم وارن عقيدن کي برقرار رکيو آهي.
’گرو گرنٿ صاحب‘ کي ’آدي گرنٿ‘ ۽ ’گُورواڻي‘ به چيو ويندو آهي. ان جو اڌ حصو روحاني حڪمت سان ڀرپور آهي، جيڪو ڏهن سک گُـرن ۽ مختلف زبانن جي صوفي شاعرن جي روحاني ۽ ڀڳتي شاعريءَ تي مشتمل آهي. گرو گرنٿ، مذهبي عبادتگاهن/ گردوارن ۾ رکيل هندو آهي.
گرواڻيءَ جي قديم پنجابيءَ ۾ سنڌيءَ جو ساءُ موجود آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم پنجابي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي ويجهڙائي هئي. مثال طور:
حڪمي جي ٻجهي، ته مومئي ڪهي نه ڪوءِ.
-
امرت ويلا سچ ناءُ، وڏائي ويچار،
-
موتي ته مندر اُسرهه، رتني نه هوءِ جڙاءُ،
ڪستور ڪُنگو اگر چندن، ليپ آوي چاءَ،
مت ديک ڀُولا وسرئي، تيرا چت نه آئون ناءُ.
-
سلطان هووا ميل لشڪر، تخت را کا پاءُ،
حڪم حاصل ڪري بنئا، نانڪا سڀ واءُ.
بابا گرونانڪ ۽ ٻيا سک گرو، اوائلي سنڌي شاعريءَ کان متاثر هئا، جن ۾ قاضي قادن جو نالو مٿانهون آهي، جنهن جو سنڌي ڪلام اوڀر ۾ وچ هندستان ۽ اتر ۾ پنجاب تائين مشهور هو. قاضي قادن جي ڪلام جو وڏو حصو راڻيلا، گجرات جي هڪ مَٺ (مڙهيءَ) مان هيري ٺڪر هٿ ڪيو هو.
تاريخي لحاظ سان ڏسبو ته سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ سان گڏ سک مت جا اثر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سک مت جو اثر پهرين اتر سنڌ ۾ ٿيو، پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ان جو ڦهلاءُ ٿيو. سکر، روهڙي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي هندن گردوارا قائم ڪيا. گورواڻيءَ جي تعليم لاءِ گرمکي لپي سيکاري ويندي هئي، ۽ عام ماڻهن کي لنگر کارايو ويندو هو، جيڪو اڃا تائين سنڌ جي مندرن، گردوارن ۽ مڙهين ۾ هلندو آهي. سنڌ جي سنت شاعر ساميءَ پنهنجي گرو سوامي ميگهراج کان سنسڪرت سکي هئي. ساميءَ پنهنجا سلوڪ گرمکيءَ ۾ لکيا هئا. سامي امرتسر به ويو هو ۽ اتان چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ موٽيو هو. ان دوران هن امرتسر جي سادن، سنتن سان صحبتون ڪيون هيون، مٿس سک مت جو گهڻو اثر ٿيو هو، جنهنڪري هن پنهنجي سنڌي واڻيءَ ۾ گورواڻيءَ وارو طريقو اختيار ڪيو ۽ ويدانت ۽ تصوف جا ٻئي مضمون نروار ڪيا. اهو اثر کانئس پوءِ روحل، دلپت، آسورام جي ڪلام ۾ به ملي ٿو.
سک مذهب ۾ ٻين مذهبن مان ماڻهن کي شامل ڪري سگهبو آهي، جنهن لاءِ ’پاهل‘ (بپتسما) نالي هڪ رسم ادا ڪئي ويندي آهي. هن رسم کي ’رنگ ڇڙڪاءُ‘ واري رسم به چئبو آهي.
جڏهن سک هڪ ڌار مذهبي برادري بڻجي ويا، تڏهن هندو راجائن ۽ مسلم مغل بادشاهن جي جبر کان تنگ اچي هن هٿيار کنيا. مغلن جي ظلمن خلاف ڏهين گرو گوبندسنگهه، 1699ع ۾ ’خالصه‘ نالي جماعت کي تشڪيل ڏنو. مغلن جي زوال واري دور ۾، سکن مهاراجا رنجيت سنگهه جي قيادت هيٺ پنجاب ۾ 1800ع ڌاري هڪ طاقتور رياست جو وجود وڌو، جيڪا برطانوي قابضن لاءِ خطرو بڻجي وئي. اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ ٻن جنگين کانپوءِ 1849ع ۾ انگريزن، پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ سک حڪومت جو خاتمو آيو. 1857ع جي جنگ آزاديءَ دوران سکن جي وفاداريءَ جي عيوض کين وڏيون جاگيرون ڏنيون ويون ۽ کين فوج ۽ پوليس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سندن جٿن کي خالصا سڏيو ويو. 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ سکن کان اڳيون رعايتون کسيون ويون، سندن وطن پنجاب، پاڪستان ۽ هندستان ۾ ورهائجي ويو. هزارين سک/ خالصا هجرت ڪري اوڀر هندستان هليا ويا. 1966ع ۾ هندستاني حڪومت پنجاب کي هڪ رياست جو درجو ڏنو. اڳتي هلي سک علحدگي پسندن جي دهشتگرد ڪاررواين جي نتيجي ۾ هندستان سرڪار 1984ع ۾ امرتسر ۾، گولڊن ٽيمپل تي حملو ڪري ڪيترن سکن کي گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ سکن انتقام جو منصوبو رٿيو. اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي ذاتي گارڊن ۾ شامل ڪجهه سکن، 31 آڪٽوبر 1984ع تي فائرنگ ڪري اندرا گانڌيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو. 1985ع ۾ هندستاني حڪومت پنجاب کي وسيع ڪرڻ جو معاهدو ڪيو، جنهن کانپوءِ سک دهشتگردن پنهنجون ڪارروايون بند ڪيون ۽ انهن هڪ خالص سک رياست جو مطالبو ڪيو، پر 1992ع ۾ هندستاني حڪومت، فوج ۽ پوليس جا دستا مقرر ڪري پنجاب ۾ ٻيهر پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي.
هن وقت هندستان ۾ هڪ ڪروڙ سٺ لکن کان وڌيڪ سک، پنجاب (اوڀر پنجاب) ۾ رهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان جي پنجاب ۾ به سکن جا هزارين گهر آباد آهن.
پاڪستان ۾ لاهور ڀرسان نانڪاڻه صاحب ۽ پنجه صاحب (حسن ابدال) سکن جا مقدس تيرٿ آهن، جتي هر سال هندستان ۽ سڄيءَ دنيا مان سک ياتري زيارت لاءِ ايندا آهن.