سڳن آهوجا

سڳن آهوجا

سڳن آهوجا

سڳن آهوجا: هند سنڌ جي نامياري شاعر ۽ نقاد سڳن آهوجا، پهرين ڊسمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءِ 1937ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتان 1941ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. پاڻ شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ تي سٺي دسترس حاصل ڪري چڪو هو. کيس اسڪول جا دوست گهمندڙ لئبرري سڏيندا هئا. ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي جن نوجوانن ترقي پسند تحريڪ شروع ڪئي هئي، سڳن آهوجا به انهن مان اڳڀرو هو. ان وقت سندس تخليقون ’سنڌو‘ ۾ شايع ٿينديون هيون، جيڪي تمام گهڻيون پڙهيون وينديون هيون. ورهاڱي کانپوءِ سڳن آهوجا پنهنجي والدين ۽ مٽن مائٽن سان گڏ ڀارت هليو ويو، اتي سندس وڏن خانگي بسون هلائڻ شروع ڪيون، پر ان ڪاروبار ۾ کين لکين رپين جو نقصان پيو. سڳن آهوجا، بيروزگاري ۽ غربت سان مهاڏو اٽڪائيندي مزدوريون ڪيون، کٽمٺڙا کپايا، هڪ هوٽل ۾ نوڪري به ڪئي، ڪيترو وقت ماستر ۽ ڪجهه مهينا ليڪچرر رهيو، پر پوءِ به آخر تائين مفلسي واري زندگي گذاريائين.
سڳن آهوجا هڪ سٺو نقاد ۽ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار پڻ هو. سندس لکڻين ۾ سچ جو عنصر هوندو هو. سڳن آهوجا، ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر هو. موهن ڪلپنا سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي.
سندس شاعريءَ لاءِ موهن ڪلپنا لکيو آهي ته: ”جتي فـڪر ۽ گهـرائيءَ جـو واسطـو آهـي، اتـي اڃا تائيـن اهـڙو سـنڌي شـاعـر ظاهــر نـه ٿيو آهي، جو سڳن کان گوءِ کڻي سگهي.“ سندس شاعريءَ بابت موتي پرڪاش لکيو آهي ته، ”سڳن جي شخصيت کي سندس شاعريءَ کان الڳ نه ٿو ڪـري سگهجـي. هـو نهـايت گهرو شاعـر هو. هن گهٽ لکيـو، پر نهايت سٺو لکيو.“
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) بي آگ جلن ٿا پروانا (ڪهاڻيـون)، (2) ارمان (ناول) ۽ (3) پياري چيز (شاعري ۽ مضمون) سنڌي ادب ۾ چڱو واڌارو آهي.
سڳن آهوجا، 10 فيبروري 1966ع تي وفات ڪئي.


لفظ سڳن آهوجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.12.01  عيسوي

هند سنڌ جي نامياري شاعر ۽ نقاد سڳن آهوجا، پهرين ڊسمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1966.02.10  عيسوي

سڳن آهوجا، 10 فيبروري 1966ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ناشاد رضوان
ارشاد عباسي
حافظ حامد ٽکڙائي
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
صابر ٿارياڻي
پٺاڻ محمد علي
ساره شگفته
پرسوز بخاري
رمز علي فقير
پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون