سھتا

سھتا: سهتا، هڪ سماٽ راجپوت قبيلو آهن. مؤرخن جي چوڻ موجب: سنڌ جا سهتا، محمد بن قاسم جي آمد کانپوءِ مسلمان ٿيا، جڏهن تہ هندستان ۾ رهندڙ سھتا اڃا هندو آهن. سماٽ قبيلي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ: جادم کي يارهن (11) پٽ: گجپت، کر، منگر، ڀوڀٽ، سمون، هسپت، ڌاريجو، سهتو، سوڍو، صحرائي ۽ راٺوڙ هئا. سھتا جادم جي پٽ سهتي جو اولاد آهن. هندن جي داستانن ۾ لکيل آهي تہ: هندو قوم جا ست ورن آهن، جن مان هڪ ورن جو نالو ’سھتو‘، جنهن ورن (ورڻ) جي حسب ۽ نسب سان هي اڄ بہ سھتا سڏجن ٿا.
ايس. صادق عليءَ جي لکڻ موجب، سام جي هڪ پٽ جو نالو ’ٻڌا‘ هو، جنهن کي 16 پٽ هئا، تن مان هڪ جو نالو ’سھتو‘ هو. انهن سورهن پٽن کي مجموعي طور ’راٺوڙ‘ چوندا هئا. انهن راٺوڙن جي اولاد مان سھتا آهن.
610 ھہ/ 1313ع ۾ راڻو ڀنوئر سهتو، درٻيلي تي حڪـومت ڪندو هو، جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ سندس اولاد اڄ بہ هن عـلائـقي ۾ رهي ٿو.
ميان نيڪ محمد سهتي جي لکيل فارسي نسخي موجب، راجا موڙاسنگهہ کي 7 پٽ، ڌارو، شورو، ڪونئرو، سهتو، راهو، مڱڻ ۽ اڄڻ هئا. انهن مان سهتي جي اولاد پاڻ کي ’سھتا‘ سڏايو. راجا موڙا سنگهہ، مخدوم بن قاسم آڏو اسلام قبول ڪيو. راجا موڙاسنگهہ پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي پٽ سهتي کي نوشهري فيروز، موري ۽ ڪنڊياري وارو علائقو جاگير طور عطا ڪيو هو. انهن ٽنهي تعلقن کي گڏي ’ساهتي‘ پرڳڻو چوندا هئا. اهو ساهتي نالو ’سھتا‘ قبيلي تان پيل آهي، جنهن تي سھتا قبيلي جا ماڻهو حڪومت ڪندا هئا. حڪمراني ۽ سرداري جي ڪري سھتا ’ڄام‘ بہ سڏجن ٿا.
ڪن تاريخي حوالن موجب خانواهڻ، راڻيپور، ۽ درازا شھر سهتن جا ٻڌايل آهن.
سهتن جي خاص پاڙن جو ذڪر هن ريت آهي: (1) آبن (اَبنَ)،
(2) بلال جا، (3) بهڻجاڻي، (4) بيگاڻي، (5) ڀريجا، (6) ترڻا،
(7) کڳر، (8) توڪا، (9) جماڻي، (10) جمڙا، (11) جهيجا، (12) ڄاماڻي، (13) ڇٽاڻي، (14) هُليا، (15) خليفا، (16) خميساڻي، (17) ڏهيا،
(18) ڏيپارجا، (19) ڍوڍا، (20) رڪڻاڻي، (21) رڪڻ پوٽا، (22) ساهل،
(23) ساهيجا، (24) سڌوپوٽا، (25) سڌوجا، (26) سوائي، (27) سيٺر،
(28) شمس، (29) شورا، (30) صدرجا، (31) عليم جا، (32) غيب الدين پوٽا،
(33) کپرجا، (34) مڱڻيجا، (35) موٿڀارجا، (36) موڌيجا، (37) مهرابجا، (38) هنڱورا پوٽڙ.


لفظ سھتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو