سھرو: سھرو سنڌ جو لوڪ ثقافتي ڳيچ/ ڳاچ آهي، جيڪو شادين جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. سھرو سٽاءُ ۾ سادو هوندو آهي. ان جي مصرعن ۾ زيورن ۽ عضون جو بيان نہ ٿيندو آهي، پر مٽن مائٽن، پيءُ، چاچن، مامن، ڀائرن، سوٽن ۽ ماساتن جا نالا وٺي انهن جي گهوٽ سان قرب ۽ خوشيءَ کي بيان ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ گهوٽ جي سواريءَ لاءِ موٽر، اٺ، گهوڙي، گهوٽ جي ڪپڙن، واچ ۽ سندن خوبصورتيءَ کي بيان ڪيو/ ڳايو ويندو آهي. ان موقعي تي آيل ڄاڃين ۽ مهمانن جي مرحبا، شان ۽ وڏائي بيان ڪرڻ لاءِ بہ سھرو چيو ويندو آهي. سھرو گهوٽ جي خاندان جون عورتون توڙي آيل مهمان عورتون گڏجي ڳائينديون آهن. سهري جي معنيٰ تازو توانو آباد ۽ سدابهار آهي. موڙ کي بہ ’سھرو‘ چيو ويندو آهي. ان ڪري سھرو موڙ ٻڌڻ کانپوءِ ڳايو ويندو آهي.
هندستاني ڪلچر ۾ شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ کي ڪنهن شاعر طرفان لکيل سھرو پيش ڪرڻ جو رواج رهيو آهي، جيڪو اردو شاعريءَ جي هڪ صنف طور لکيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ پڻ اهڙا اردو سهرا ڪيترائي چيا ويندا آهن.