صحرائي سهو

صحرائي سهو

جھنگلي سهو

جھنگلي سهو

هندستاني سهو

هندستاني سهو

راس سهو

راس سهو

عربي سهو

عربي سهو

لنڊو سهو

لنڊو سهو

افغان پائڪا سهو

افغان پائڪا سهو

سھو

سھو: سهو، پشم دار کل وارو، ٻلي جي قد جيترو، سھڻو ۽ اڇي رنگ جو مماليه جانور آهي. سهو، سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ٿيندو آهي. سھي جي کل ايتري نرم ملائم ٿيندي آهي، جو ڪمزور ماڻهوءَ لاءِ اصطلاحن ’سھي جي کل‘ تشبيھہ استعمال ڪئي ويندي آهي. پالتو سھن جي خوراڪ نباتاتي هوندي آهي، پر هنن ۾ خوراڪ ذخيرو ڪرڻ جي عادت نہ هوندي آهي. خطري جي وقت سھا لوڙهن ۽ چراگاهن ۾ لڪي ويندا آهن. سھن وٽ پنھنجي بچاءُ لاءِ ڊڪڻ کانسواءِ ڪا بہ شيءِ نہ هوندي آهي. هيءُ کليل ميدان تي 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهن ٿا. سھن ۾ ٻہ قوتون آهن: هڪ ٻُڌڻ جي قوت ۽ ٻي سُنگهڻ جي قوت جنهن ذريعي هو خطرن کان باخبر ٿي ويندا آهن. سھي جي مادي سال ۾ ڪئي دفعا ٻچن کي جنم ڏيندي آهي. حمل جو عرصو 28-47 ڏينهن تائين هوندو آهي. هي 2-8 کان 15 تائين ٻچا پيدا ڪندي آهي. ٻن سالن جي عرصي ۾ سھو جنسي طور بالغ ٿي ويندو آهي.
حڪيمن موجب سھي جو گوشت، فالج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. هن جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي انهيءَ ۾ سنڌن جي سور، نقرس واري کي وهنجاريندا آهن ۽ انهيءَ پاڻيءَ جي ٻاڦ ڪن جي سور، وهڻ ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري ٿي. سھي جو پِتو زيتون جي تيل سان ملائي کارائجي تہ دم ڪشي ۽ کنگهہ ۾ فائدو ڏيندو. هن جي کل مان ٽوپي ٺهرائي پائبي تہ نزلي ۽ مٿي جي سُور لاءِ مفيد آهي.
صحرائي سھو Desert Hare/Lepus Nigricollis Dayanus: هي ننڍڙو خوبصورت ۽ پشمي جانور سڄي سنڌ پنجاب ۽ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ عام آهي. هن جي اک وڏي گول ۽ ڪاري هوندي آهي. ٽنگون سنهيون، ڊگهيون، ڪن اُڀا ۽ ڊگها ٿين. هن جي پشم معمولي ڳاڙهسري وارياسي ڀوري ۽ پڇ ننڍڙو، ۽ ناسي رنگ جو هوندو آهي. هي سھو جڏهن ڊوڙندو آهي تہ پڇ هيٺ هوندو اٿس، جنهنڪري ان جو هيٺيون اڇو رنگ نظر نہ ايندو آهي. جوان صحرائي سھي جو قد سراسري طور 48 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ان جو پڇ 7 يا 8 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ان جو پويون ٽنگون 10.2 سينٽي ميٽر ٿين. هن جي جسم جو وزن عام طور 1.4 ڪلوگرام ٿئي ٿو.
سھو سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ گهٽ ڳتيل علائقن ۾ رهندو آهي. چولستان ۽ ٿر ۾ بہ جام آهي. هي ٽاهڙ ۽ ڊڄڻو جانور غيرآباد علائقا پسند ڪندو آهي، پر هن کي پالڻ کانپوءِ گهريلو جانور ٿي ويندو آهي ۽ هن مان ڊپ جو احساس ختم ٿي ويندو آهي. سھو گاھہ خور جانور آهي، صبح جو سوير ۽ شام جو گاھہ کائڻ لاءِ نڪرندو آهي. سھو گاھہ ۽ سنهڙيون ٽاريون کائيندو آهي. خطري کان هر وقت هوشيار نظر ايندو آهي. هن ڪٽنب جي جانورن ۾ هاضمي جو خاص نظام ٿئي ٿو. هن سھي ۾ بہ هيٺيون اوجهہ هوندو آهي، جنهن جي وسيلي سائي گاھہ جي ريشن کي هضم ڪندو آهي. ان عمل کي ’اوڳر‘ چئبو آهي. صحرائي سھا اڪثر لومڙين ۽ عقابن جو شڪار ٿيندا آهن.
جهنگلي سھو (Hare): جهنگلي سھو (Hare) عام طور ڌاريل سھن کان وڏو هوندو آهي. هن جي مٿين چپن جي شڪل انگريزي ليٽر Y جهڙي هوندي آهي. جهنگلي سھي جا ڪن ڊگها ۽ موڪرا هوندا آهن. جهنگلي سھي جون اڳيون ڄنگهون پوين ڄنگهن کان ڊگهيون هونديون آهن ۽ ڊوڙڻ لاءِ بھترين هونديون آهن. هن جي پيرن جي چنبن ۾ پنج پنج آڱريون هونديون آهن. جهنگلي سيهڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندو آهي. گرميءَ جي موسم ۾ پنھنجي جسم ۾ پاڻيءَ جي مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ ٻوٽن جا گؤنچ کائيندا آهن.
سھي جا هيٺيان قسم ٿيندا آهن:
هندستاني سھو (Indian Hare or Black-Napped Hare): هندستاني سھي جا ڪن وڌيڪ موڪرا ۽ ڊگها هوندا آهن ۽ ن جي کَلَ تي ڪاري رنگ جون پٽيون هونديون آهن. هنن جي عام رنگ ڀورو هوندو آهي، پر ٽنگون وڌيڪ تيز ڀوريون هونديون آهن. هنن جي جسم جي کل زردي ۽ ملائي رنگ جهڙي هوندي آهي. هن جا چنبا مضبوط هوندا آهن. هن قسم جا جانور پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ ملندا آهن.
راس سھو (Cape Hare): راس سيهڙ هندستاني سيهڙ جھڙا هوندا آهن ۽ کين ننڍا سليٽي وار هوندا آهن. هنن جي ڪنن جا ڪنارا ۽ پُڇ جي پُٺي ڪاري رنگ جي هوندي آهي. هنن جي جسم جو رنگ ڀوري ٿيڻ جي بجاءِ سليٽي هوندو آهي. هي پاڪستان جي ريگستاني علائقن ۾ ملندا آهن. گلگت، چترال ۾ آرٽيميسيا (Artemisia) جي جهنگ ۾ رهندا آهن. هي سھو 450 ميٽر جي بلندي تائين ملندو آهي. ان کانسواءِ پنجگور، قلات، چمن، وزيرستان ۽ ڪرم وادي وغيرہ ۾ بہ ملي ٿو.
عربي سھو (Arabian Hare): عربي سهو، بلوچستان ۾ راس سھي سان گڏ ملندو آهي. راس سھي سان ان جي ظاهري مشابهت ايتري وڌيڪ آهي، جو ان کي الڳ قسم جو قرار ڏيڻ ۾ ماهرن ۾ اختلاف آهن.
لنڊو سھو (Pikas): پائڪا جنس جو ننڍڙن ڪنن، چوٽين ۽ بيضوي شڪل جو لُنڊو سنهو پائڪا سھو مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي، جھڙوڪ: ٽاڪرو سھو (Rock Rabbit) ۽ ڪوئو سھو (Mouse Hare) آهن. هي قدبت جي حساب سان ٻلي جي ٻلونگڙي جيترا ٿيندا آهن. بالغ پائڪا جي جسم جي ڊيگهہ 20 سينٽي ميٽر ۽ وزن 200 کان 300 گرام ٿيندو آهي. هن پائڪا جو پُڇ نظر بہ ايندو آهي ۽ ڪن ڪوئي وانگر ننڍا گول هوندا آهن. هن کي ڪتريندڙ ڏندن جا ٻہ جوڙا ٿيندا آهن. هن جا وار گهاٽا ۽ ڊگها نرم هوندا آهن، جيڪي سال ۾ ٻہ دفعا ڪرندا آهن. هن سھي جون ٽنگون ننڍيون هونديون آهن. ان جي چئني پيرن جي ترين ۾ وار گهٽ هوندا آهن. هن جي پيرن ۾ پنج پنج آڱريون هونديون آهن. لنڊو سھو خوش مزاج جانور آهي. هي ڏينهن جو ٽپندا، ڪڏندا آهن. اڪثر ننڍين ٽڪرين تي ڪڏندي نظر ايندا آهن. هي جڙي ٻوٽين، وڏن وڻن جي پنن، گُلن ۽ گاھہ کي سُڪائي ٽڪري يا زمين اندر ٺهيل ٻِرَ ۾ ذخيرو ڪري رکندو آهي، جڏهن سياري ۾ ڪا ٻي خوراڪ نہ ملندي اٿس تہ ان تي گذارو ڪندو آهي. هي سھو سيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿو، تڏهن بہ هي Hibernation يعني سياري جو آرام نہ ڪندو آهي. هن جي نسلي واڌ اونهاري ۽ بھار جي موسم ۾ ٿيندي آهي. ماديءَ جي حمل جو عرصو 30 ڏينهن هوندو آهي. مادي هڪ وقت ۾ 4 کان 10 ٻچا ڏيندي آهي. ٻچا پيدائش وقت وارن بنا هوندا آهن ۽ سندن وزن 9 گرامن جي لڳ ڀڳ هوندو آهي. فلڪ (1986ع) مطابق پائڪا جي خاندان (Ochotonidae) ۾ صرف هڪ جنس اوڪوٽونا (Ochotona) آهي، جنهن جا دنيا ۾ 14 قسم آهن.
پاڪستان ۾ هن جا ٽي قسم ملن ٿا، جن مان ٻہ عام آهن:
افغان پائڪا/ گول نشانن واري پائڪا (Afghan Pika or Collared Pika or Reddish Pika): افغان پائڪا ۾ اڳين پيرن ۾ 5 آڱريون هونديون آهن ۽ پوين پيرن ۾ 4 آڱريون هونديون آهن. هن جا چنبا تيز ۽ چهنباريا هوندا آهن، جن جو رنگ ڪارو هوندو آهي. هن جا وار ڳاڙها سليٽي، نرم ملائم هوندا آهن. ڪنڌ کان اڳيان ريتيءَ جهڙن ڀورن وارن جو دائرو هوندو آهي، جنهنڪري اُن جو هي نالو پيو آهي. گول نشانن/ دائرن واري پائڪا جي سر ۽ ڌڙ جي گڏيل ڊيگهہ تقريباً 196 سينٽي ميٽر هوندي آهي. افغان پائڪا جي ملڻ بابت رابراٽس (1977ع)، وي پي، سي، سي (1981ع) ۽ نيچرا (1988ع) ۾ لکيو تہ هي ڏکڻ پاڪستان جي جبلن ۾ 3000-12000 فوٽ بلنديءَ تي ملندا آهن. هي صنوبر ڪوهي (جونيپر) جي جهنگن ۽ فصلن جي ڪنارن تي ملندا آهن. چلتن ۽ بولان جي غيرآباد جبلن تي بہ ملندا آهن. قلات ۾ گهٽ ملندا آهن. وادي ڪرم، وزيرستان ۾ بہ ملندا آهن.
هي سھو گهر جهنگلي وڻن جي پاڙن ۾ ٺاهيندو آهي. ان کانسواءِ ٻنين جي ڪناري، ٽڪرين جي ڏارن ۽ پٿرن ۾ گهر ٺاهيندو آهي. زير زمين گهر 2 فٽ جي لڳ ڀڳ اونهو ٺاهيندو آهي. هي گرمين جي موسم ۾ صبح شام ٽپندا، ڪڏيندا آهن، پر جهڙالي موسم ۽ سياري جي موسم ۾ اُس جو سيڪو وٺندا آهن، پر گهڻي گرمي برداشت نہ ڪندا آهن. پائڪا جا ٻيا قسم تيز آواز واري سيٽي ڪڍندا آهن، پر افغان پائڪا جو آواز ڪمزور هوندو آهي.


لفظ سھوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو